لاحاصل جي شروعات
هن جي هٿن تي ميندي لڳل هئي. هن جي بدن تي ڳاڙهو جوڙو پهريل هو. هوءَ لال ڪنوار بڻيل هئي. هوءَ اڄ بيپناھ حسين پئي لڳي. سڀاڻي هن جي شادي هئي، هي رات آخري رات هئي، هي ملاقات، آخري ملاقات! بس، ان کان پوءِ هڪ عمر جي جدائي جو امڪان هو. ان کان پوءِ وري ملڻ جو ڪو آسرو نه هو.
مون کي ياد آهي محبت ۾ تمام جلد هڪ مقام اهڙو آيو هو، جتي پهچي اسان ٻئي هڪ ٿي پيا هئاسين، مون ۾ ۽ شبنم ۾ وار جيتري به وٿي باقي نه رهي هئي. هوءَ مان ۽ مان هوءَ بڻجي پيو هئس. ائين لڳو هو جو اسان ايتري قدر هڪٻئي جي روح ۾ سمائجي ويا هئاسين جو هاڻي ڪا به چيز اسان کي هڪٻئي کان الڳ نه ٿي ڪري سگهي. جدائي جو ته تصور ئي باقي نه رهيو هو. اسان جو عشق اتي وڃي پڳو هو جتي جسم به ديوارون بڻجي پوندا آهن. عشق ۾ اسان ايترو اڳتي نڪري ويا هئاسين جو اسان جا جسم به اسان کان گهڻو پٺتي رهجي ويا هئا. سچ! اتي پهچي ائين لڳو هو، جو توڙي جو اسان هاڻي هڪٻئي کان هڪ عمر جي لاءِ به دور ڇو نه ٿي وڃون مگر پوءِ به اسان درحقيقت هڪٻئي کان هڪ پل به پري نٿا رهي سگهون. يعنى هڪ عمر جي دوري به اسان کي درحقيقت هڪ لمحي لئه به دور نه ٿي ڪري سگهي! اسان هڪٻئي کي ايتريقدر پنهنجي ساهن منجهه سمائي ڇڏيو هو جو اسان دور هوندي به گڏ ئي هئاسين. اسان جتي هئاسين، اتي فراق توڙي وصال جي ڪا اوقات نه رهي هئي، ملڻ توڙي ڇڄڻ کي ڪا معنى نه رهي هئي، فرقت توڙي قربت ساڳي ئي ڳالھ بڻجي پئي هئي. اسان انهن سڀني ڳالهين کان گهڻو اڳتي نڪري ويا هئاسين. اهو مقام، عشق جو عروج هو. اهو مقام، محبت جو معراج هو، ان مقام تي پهچي اسان مڪمل ٿيا هئاسين. ان مقام تي پهچي اسان ازلي قرار ماڻيو هو! اهي سڀ ڳالهيون حقيقت هيون، ها! اهي سڀ ڳالهيون حقيقت هيون مگر اڄ جڏهن شبنم کي ڳاڙهي جوڙي ۾ ڏٺم ته اهي سڀ حقيقتون خواب بڻجي پيون؛ پاڻي تي حباب بڻجي پيون. شبنم کي لال ڪنوار ڏٺم ته ائين لڳو ڄڻ مان ته ڪو ڪوڙ جو طلسم هئس جو کن پل ۾ ڊهي پيس. اهو عشق، جيڪو ڪالهه تائين فولادي ديوار جهڙو مضبوط هو، سو عشق اڄ مکڻ جي ماڙي جيان ويو پگهرندو!!
مان ڪجهه ڳالهائي نه سگهيس اڄ. هن گهڻو ئي منهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪيو مگر مون کي جڏهن ماٺ ئي ڏٺائين ته وراڻي، ”جوڳي!......“
مون ڪجهه نه ڳالهايو. مان خاموش ئي رهيس. هوءَ ڪجهه رکي وراڻي، ”جوڳي، اڄ مون وٽ وقت تمام گهٽ آهي!“
شبنم جو اهو جملو ٻڌي روح رهڙجي ويو. هن اڳ ڪڏهن به مون کي ائين نه چيو هو. هن اڄ پهريون ڀيرو ائين چيو هو. ها اڄ هن وٽ منهنجي لاءِ وقت تمام گهٽ هو. دل ته وڏيون دانهون ڪوڪون ٿي ڪيون مگر دل کي چيم، ”اڄ ته شبنم وٽ تمام گهٽ ئي سهي، پر ڪجهه وقت آهي ته سهي...... اڄ کان پوءِ ته اهو به ڪونه هوندو!“
شبنم دهرايو، ”جوڳي،....اڄ مون وٽ وقت تمام گهٽ آهي سچ!“
”........هلي وڃ ڀلا....!“
”جوڳي!.......“ شبنم جي ريھ نڪري وئي! هن جو به ڏوھ نه هو، هن به مون واتان اها وراڻي اڄ پهريون ڀيرو ٻڌي هئي. مون کي خبر آهي ته هن جي دل به مون واتان اهو ٻڌي ڦٿڪي پئي هوندي پر شايد ها! پوءِ هن به پنهنجي دل تي انهن لفظن جا پٿر رکي ڇڏيا هوندا ته، ”اڄ ته اهو چوڻ لاءِ به جوڳي آهي، پر اڄ کان پوءِ ته جوڳي جي اها وراڻي به نصيب نه ٿي سگهندي!“
شبنم ماٺ ٿي رهجي وئي. ڪي گهڙيون مان به چپ ئي رهيس. مون کي شبنم جي تمام گهٽ وقت جو تمام گهڻو قدر هو پر مان ڪوشش جي باوجود به ڪي گهڙيون ڳالهائي نه سگهيس.
”ڳالهاءِ جوڳي!“ شبنم چيو،
”ڇا ڳالهايان؟“
”..........“ هن کان به ڄڻ لفظ کسجي ويا.
”شبنم لفظ جڏهن حد کان وڌي ويندا آهن، تڏهن سچ! ته ڳولهيي نه لڀندا آهن!“ ڪجهه ترسي چيم، ”اڄ ڳالهيون ايتريون آهن جو ڳالهائڻ لاءِ هڪ عمر گهرجي!“ سندس اکين ۾ نهاريندي چيم، ”پر افسوس، جو اڄ ته تو وٽ وقت ئي تمام گهٽ آهي شبنم!“
شبنم جي اداسي ٻيڻي ٿي وئي، هن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو.
”اڄ لفظ حد کان وڌي ويا آهن شبنم،“ چيم، ”سو بس، اڄ ڳالهيون ڳولهيي به نه ٿيون لڀن!“ آئون اهو چئي چپ ٿي رهجي ويس.
حالت شبنم جي به مون واري ساڳي ئي هئي. ڳالهائڻ لاءِ اڄ ڳالهيون ته هن وٽ به گهڻيون ئي هيون پر اڄ لفظ کيس ڳولهيي نه ٿي لڌا!
هڪ گهرو اونهو ساھ کنيم، پوءِ چيم، ”تنهنجي ملڻ کان ڪجهه پهرين هڪ لمحي، جڏهن آئون توکي ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو هئس، جڏهن آئون بلڪل نااميد ٿي پيو هئس. تڏهن هڪ لمحي خيال آيو هو، ته مان تنهنجي ڳولها کي ترڪ ڪري تصوراتي طاقت سان توکي پنهنجي ذات ۾ ئي تخليق ڪري ڇڏيان!“ چيم، ”شبنم، مون کي خيال آيو هو ته ڇو نه مان پنهنجي دل جي دنيا تنهنجي تصوراتي وجود سان آباد ڪري ڇڏيان!........ جيئن خدا جي تصور سان دنيا آباد آهي!“ چيم ، ۽ ڪي گهڙيون چپ رهجي ويس.
شبنم چپ چاپ ٻڌندي رهي. مون وري هڪ اونهون گهرو ساھ کنيو، ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”اڄ سوچيان ٿو ڪاش! ائين ٿي پوي ها!“ چيم، ”اڄ الئه ڇو سوچيان ٿو ڪاش! تون ملين ئي نه ها شبنم! ڪاش! مان توسان محبت جو اظهار ئي نه ڪريان ها! .......پنهنجي تصور جي طاقت سان من ۾ موجود تنهنجي تصوير ۾ تحرڪ آڻي ڇڏيان ها! .......پوءِ بس پنهنجي ئي پر ۾ توسان پيار ڪندو رهان ها، توکي پوڄيندو رهان ها!“ آھ ڀريندي چيم، ”ڪاش! سيد جي’ وڃين ڇو وڻڪار؟ هت مَ ڳولهين هوت کي!‘ واري سٽ کي هينئين ۾ هنڍائي مان توکي زماني ۾ ڳولهڻ ئي ڇڏي ڏيان ها!........ ها شبنم! اڄ سوچيان ٿو، ڪاش! جيڪر ائين ئي ٿي پوي ها!“ اهو چيم ۽ ٻيهر خاموش ٿي ويس.
شبنم خاموش ئي رهي.
منهنجو تن بدن ٽٽڻ لڳو، ڏاڍي ڳوري لهجي ۾ چيم، ”دل ٻار ٿيندي آهي شبنم!“ چيم، ”دل تي ڪنهن شاھ شهنشاھ جو به حڪم نه هلندو آهي. محبت جي معاملي ۾ ته دل صفا دادلي ٿيندي آهي. محبت جي مامري ۾ ته صفا بي چئي ٿيندي آهي دل!“ ڪجهه ترسي چيم، ”مون کي ٻڌاءِ شبنم! هاڻي اگر دل دانهن ڪندي ته ڪنهن طرف ڪاهيندس؟ ڪٿي ڳوليندس توکي هاڻي؟“ تڙپي پيس، ”هاڻي دل جيڪڏهن ضد ڪندي ته پوءِ ڪيئن ڪندس؟......... ڪيئن ڪندس شبنم!؟“
شبنم پنهنجيون اجهاميل اکيون کڻي وراڻي، ”جوڳي..... ائين ئي ڪجان جيئن تو گهڻو اڳ سوچيو هو!“ هن چيو، ”سيد جي اها سٽ هينئين سان هنڍائي ڇڏجان، ’وڃين ڇو وڻڪار؟ هت مَ ڳولين هوت کي!‘“ منهنجو منهن مونن ۾ هليو ويو، هن چيو، ”جوڳي! مون کي ڳولهڻ کان پهرين تو جيڪو سوچيو هو،....... منهجي وڃڻ کان پوءِ هاڻي سو ڪجان.........!“ هوءَ وراڻي؛ ”... هاڻي پنهنجي پر ۾ ئي مون کي پوڄيندو رهجان!.... هاڻي پنهنجي تصور سان ئي منهنجي تصوير کي تراشي ڇڏجان!“
”هڪ ڳالهه چوان شبنم؟“ ڏاڍي اداس لهجي ۾ وراڻيم.
”چئو.“
ڪي لمحا ترسي چيم، ”منهنجي دل جي حالت اگر ڪڏهن سمجهڻ چاهين نه،“ ڳوري لهجي ۾ چيم، ”ته عمر ڀر جي لاءِ نه!...... سال يا مهيني جي لاءِ نه!.......... صرف چند لمحن جي لاءِ...... صرف ۽ صرف چند لمحن جي لاءِ شبنم!!“ پنهنجي سموري قوت سنڀالي چيم، ” ڪنهن ٻار کان ان جو رانديڪو ڦري ڏسجان!“
شبنم روح تائين تڙپي پئي. چيم، ”ها شبنم! عمر ڀر جي لاءِ نه!..... سال يا مهيني جي لاءِ نه!....... صرف چند لمحن جي لاءِ!.... ها! صرف ۽ صرف چند لمحن جي لاءِ شبنم!!“
عورت اگر پنهنجي تي اچي وڃي ته منجهس بلا جو ضبط به ٿيندو آهي پر منهنجي انهن ڳالهين تي شبنم جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو، هن سڏڪندي سڏڪندي چيو،” جوڳي، ڇا دل فقط تو وٽ ئي آهي؟....“ هن چيو، ”منهنجي سيني به پٿر ناهي جوڳي! اهڙي ئي هڪ دل آهي!“
شبنم جو اهو جملو ٻڌي مان هارائي ويس. مان چپ رهجي ويس. مون کي تالا لڳي ويا. شبنم منهنجا چپ سبي ڇڏيا. اصرافيل اڃا صور ۾ ڦوڪيو نه هو، پر پوءِ به ان ويل مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ قيامت برپا ٿي پئي هئي، ڄڻ مشرق ۽ مغرب هڪ ٿي پيا هئا، ڄڻ پهاڙ ڪپھ جون ذرڙيون ذرڙيون ٿي اڏامڻ لڳا هئا، سج سوا نيزي تي اچي ويو هو، ڄڻ ڌرتي ٽامو بڻجي پئي هئي! هوءَ منهنجي تڙپندڙ سيني سان چنبِڙيل هئي، اسان ٻنهي جا ڳوڙها زور جي ميندي کي ڊاهڻ لڳا. اسان جا ڳوڙها دير کان ڳڙندا رهيا هئا، اسان جي ڳوڙهن گهڻو ئي ڪوشش ٿي ڪئي مگر اسان جا ڳوڙها سماج جي لڳل زور جي ميندي لاهي نه سگهيا. اسان جا ڳوڙها ناڪام ئي رهيا. مونکي پڪ ٿي وئي ته زور جي ميندي ڳوڙهن سان لهي نه سگهندي. دل گهڻوئي چاهيو ته ڪو ٻيو دڳ وٺجي مگر شبنم منهنجي پيرن ۾ نير وجهي ڇڏيا هئا، هن مون کي روڪي ڇڏيوهو. ان ۾ به هن جو ڪو ڏوھ نه هو ان جو سبب هيءُ هو جو هن اهو ٿي ڄاتو ته اسان جا سر ته لهي سگهن ٿا پر زور جي ميندي لهي نٿي سگهي!
بس مان هارائي ويو هئس. بس مون پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا. حسرت ڀريل نگاهن سان شبنم ڏانهن ڏٺو هئم. هوءَ منهنجي کٽيل بازي هئي جا آئون هارائي رهيو هئس! هوءَ منهنجي اها تصوير هئي جا ٺهندي ٺهندي ڊهي رهي هئي! مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هار ازل کان منهنجي مقدر سان سلهاڙيل هئي. منهنجي وس ۾ ڪجهه به نه هو سو بيوسي منجهان پنهنجي هٿن جي لڪيرن ڏي ڏٺم ۽ تقدير تي ايمان آڻي ڇڏيم. مون مقدر کي تسليم ڪيو، ۽ هار کي ڳلي ۾ وجهي ڇڏيم. مون وٽ ٻيو ڪو چارو ئي نه هو سو بس پنهنجو علاج پاڻ ڪيم، زخم کي زخم سان ڀري ڇڏيم. ڳالهائڻ جي همت ته نه هئي، مگر پوءِ به ان کان پهرين جو شبنم وري اهو چوي ها ته، ”اڄ مون وٽ وقت تمام گهٽ آهي جوڳي!“ سو ان کان اڳ ڳالهايم، کيس پڪاريم، ”شبنم!“
شبنم ڏاڍي زخمي هئي، هوءَ ڪجهه ڪڇي نه سگهي. زخم کي زخم سان ڀرڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو آهي! درد کي درد سان ميٽڻ ڪو آسان نه ٿيندو آهي! آئون شبنم جي نزاڪت کان واقف هئس، مون کي خبر هئي ته هوءَ اهو گهاءُ سهي نه سگهندي سو انڪري، اکيون وسي وسي اڃان ٿڪيون ته نه هيون، دل جو بار اڃان هلڪو ته نه ٿيو هو پر پوءِ به مون پنهنجا ڳوڙها ڳهي ڇڏيا ۽ شبنم جا ڳوڙها اگهندي چيم، ” تو مون کي فقط محبت نه ڏني آهي شبنم!“ سندس زخم ڀريندي چيم، ”ها شبنم! تو مون کي فقط محبت نه ڏني آهي!........ مون کي خبر ئي ناهي ته تو مون کي ڇا ڏنو آهي؟........ سچ! مون کي ڪا خبر ئي نه آهي شبنم!“ مان شايد اڳتي نڪري ويس، لفظ شايد پٺتي رهجي ويا. اظهار جي ترتيب وکري وئي، ڪجهه لمحا چپ رهجي ويس. لفظن ڏي واپس موٽي ويس ۽ بي ترتيبي کي ترتيب ڏيندي چيم، ”ها محبت تمام وڏي شيءِ آهي شبنم. ها محبت جو قد تمام اوچو آهي پر پوءِ به......“ پر پوءِ به ترتيب ڏئي نه سگهيس، چيم، ”مون کي بس ايتري خبر آهي ته تو مون کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي سو محبت کان گهڻو مٿانهون آهي!“ شبنم جا ڳوڙها اگهندي چيم، ”ها شبنم! تو مون کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، ان جي سامهون ته محبت به تمام ننڍڙي شيءِ آهي!“ کيس سيني سان لڳايم، ”ها شبنم! تو مون کي فقط محبت نه ڏني آهي سچ.......!“
منهنجا لفظ، لفظ نه هئا، لوري هئا ڄڻ! لوري، جيڪا خالي پيٽ به ڀري ڇڏيندي آهي! شبنم جي حالت به غريب جي ڪنهن پيٽ بکايل ٻار کان گهٽ نه هئي. منهنجا لفظ سندس روح جي گهراين تائين لهندا ٿي ويا. هوءَ خاموش ٻڌندي رهي، چيومانس، ”شبنم، تو مون تي ايتري ته عنايت ڪئي آهي، تو تمام ٿوري عرصي ۾ مون کي ايترو ته گهڻو ڪجهه ڏئي ڇڏيو آهي شبنم، جو يقين ڪر؛ هاڻي اگر مان سڄي زندگي به تنهنجي راهن ۾ رلي رلي مري به وڃان ته به اجايو نه آهي!“ چيومانس، ”اهو سڀ ڪجهه سجايو آهي شبنم!“
”رلڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي جوڳي؟“ شبنم جهيڻي آواز ۾ وراڻي، ”مان توسان گڏ ئي آهيان...... هر پل........ هر لمحي.........!“ هن منهنجي وکريل وارن منجهه آڱريون ڦيريون، ”منهنجي انهي هئڻ جو احساس توکي ڪڏهن رلڻ نه ڏيندو جوڳي!“
”........“ مان ماٺ ئي رهيس.
”جوڳي، ڪڏهن دل اگر دسترس ۾ نه رهي ته رڻ جو راهي نه ٿجان! منهنجي ڳولا ۾ تون ڪنهن ويراني ۾ وڃائجي نه وڃجانءِ“ هن چيو، ”جوڳي دل جيڪڏهن دانهون ڪري ته پنهنجي پاڻ منجهه پيهي وڃجانءِ؛ مون کي پنهنجي من ۾ ڳولجان جوڳي!“ شبنم وراڻي، ”سيد سڳوري جي اها سٽ هينئين سان هنڍائي ڇڏجان جوڳي؛ ’وڃين ڇو وڻڪار؟،هت مَ ڳولين هوت کي!‘“
الئه ڇو شبنم جي اها آٿت هينئين کان هضم نه ٿي سگهي. منهنجو گهاءُ ايترو ته گهرو هو جو مرهم به برداشت نه ٿي ڪري سگهيس! هوءَ جڏهن اهو چئي ماٺ ٿي وئي سمون اداسائي جي انتها مان وراڻيو؛ ”هڪڙا ٿيندا آهن اميرن جا ٻار، ۽ ٻيا ٿيندا آهن غريبن جا ٻار!“ شبنم کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان ڇا چوڻ وارو هئس، هو مون ڏي متوجه ٿي، چيم؛ ”اميرن جا ٻار ته بازار ۾ ويندا آهن ۽ پنهنجي پسند جو رانديڪو وٺي ايندا آهن؛ پر غريبن جا ٻار ائين ڪري نه سگهندا آهن، اهي بازار مان پنهنجي پسند جو رانديڪو وٺي نه سگهندا آهن شبنم!“ شبنم تجسس منجهان ٻڌندي رهي، ”پوءِ خبر اٿئي غريبن جا ٻار ڇا ڪندا آهن؟“
”........“ شبنم خاموش ئي رهي.
”پوءِ غريبن جا ٻار ڇا ڪندا آهن جو مٽي مان، ڪاٺين مان، ڪاڳرن مان،........ اهڙين اهڙين شين مان، اهي پنهنجي پسند جو رانديڪو پاڻ ٺاهيندا آهن شبنم!“ چيم، ”..... ۽ پوءِ اهي ان سان کيڏندا رهندا آهن!“ اهو چوندي چوندي منهنجو ڳلو خشڪ ٿي ويو. ڳيت سان نڙي آلي ڪيم، چيم، ”برھ جي بازار ۾ آئون غريب جو ٻار آهيان شبنم!“
هن ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر ڳالهائي نه سگهي، ۽ مون خود کي گهڻو ئي روڪيو پر روڪي نه سگهيس، ”ها شبنم! ڪڏهن دل اگر دسترس ۾ نه رهي ته آئون رڻ جو راهي نه ٿيندس، ڪنهن ويراني ۾ وڃائجي نه ويندس.......... آئون پنهنجو رانديڪو پاڻ ٺاهي ڇڏيندس شبنم!...... ۽ پوءِ کيڏندو رهندس!“
خاموشي ڇانئجي وئي. نه هن ڳالهايو، نه مون. پوءِ ڪنهن پل هوءَ وڏي مشڪل سان وراڻي، ”مون وٽ اڄ وقت تمام گهٽ آهي جوڳي..... ڳالهاءِ.“
”مون وٽ اڄ ڳالهيون تمام گهڻيون آهن شبنم!“ چيم، ”......ڇا ڳالهايان؟“
ٻيهر خاموشي ڇانئجي وئي. نه ڳالهايو نه مون! پوءِ نيٺ ڪنهن پل هوءِ موڪلائڻ جي لاءِ اٿي بيٺي، مون اداس اکيون کڻي کيس الوداع ڪيو......... ۽ پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي ڇڏيو.....!