بيخودي، برھ ۽ بارشون!
”هاڻي توکي وري بارشن کان ڊپ نه لڳندو شبنم!“ کيس چيم.
”برساتون ڏاڍيون ڪنيون ٿينديون آهن جوڳي!“ هن چيو.
”تون هاڻي ڪڏهن ائين نه چوندين شبنم!“ چيم.
”مون کي بارشن ۾ عجب الجهن ٿيندي آهي!“ هن چيو، ”منهنجو ساھ منجهندو آهي بارشن ۾ جوڳي!“
”هاڻي ائين نه ٿيندو چري!“ چيم، ” هاڻي برساتن ۾ عجب لطف ايندو شبنم!“
آسمان ۾ گهرا گهرا بادل هئا. بادلن ۾ ڄڻ ته شبنم جي لهجي جي گهرائي ڀرجندي ٿي وئي. شبنم اکيون کڻي مٿي نهاريو، هوءَ دير تائين بادلن کي تڪيندي رهي؛ تڪيندي تڪيندي بادل شبنم جي اکين ۾ ڀرجي آيا! شبنم گهٽائن جهڙا گهرا نيڻ کڻي مون ڏي نهاريو ۽ پوءِ اکيون جهڪائي ڇڏيون.
مون شبنم جي اکين کڄڻ جو گهڻو ئي انتظار ڪيو پر دير تائين جڏهن شبنم جو منهن مٿي نه ٿيو ته چيم، ”بارشن کان مون کي به ڊپ لڳندو آهي شبنم!“ چيم، ”برساتون مون کي به ڏاڍيون ڪنيون لڳنديون آهن. مون کي به عجيب الجهن ٿيندي آهي! سانوڻ ۾ منهنجو به ساھ منجهڻ لڳندو آهي!“ چيم، ”پر شبنم! هاڻي ائين نه ٿيندو!“
”جوڳي! جڏهن به بادل ڀرجڻ لڳندا آهن، مان خود کان ڳري ٿيڻ لڳندي آهيان!“ شبنم ڪنڌ مٿي ڪري ڳالهائڻ لڳي، ”جوڳي! مون کي سانوڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي الئه ڇو!؟“
هن چيو، ”مان دري کولي جڏهن برسات کي ڏسندي آهيان ته باھ ٿي پوندي آهيان! وڏ ڦڙو مون کي آتش فشان لڳندو آهي جوڳي!“ هوءَ چوندي رهي، ”مان جڏهن وڏ ڦڙو وسندي ڏسندي آهيان ته پٿر ٿي پوندي آهيان. منهنجون اکيون ڦاٽل ئي رهجي وينديون آهن! منهنجي اندر وجود ۾ عجيب ڀڃڊاھ شروع ٿي ويندي آهي! مان خود سان وڙهي پوندي آهيان! مان ڪمري جي دري تي بيٺي بيٺي پنهنجيون چوڙيون ڀڃي ڇڏيندي آهيان جوڳي!“ شبنم چيو، ”خبر ناهي ڇو جوڳي! مان جڏهن ڌرتي کي ڌوپجندي ڏسندي آهيان ته ڌوڙ ٿي ويندي آهيان! مون کي ائين لڳندو آهي جيئن منظرن جي سموري مٽي، منهنجي مٿي ۾ اچي پوندي آهي! منهنجا هار سينگار ڦٽي ويندا آهن! منهنجا وار اڻڀا ٿي الجهي پوندا آهن جوڳي!“ شبنم چيو، ”جوڳي! الئه ڇو برساتن ۾ جڏهن ڌرتي ڪنوار جهڙي ٿي پوندي آهي، تڏهن مان بيواهه..........!!“ منهنجو هٿ شبنم جي وات تي اچي ويو. هوءَ چپ ٿي وئي!
آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنبا ٿي ويا. ماحول آگم جي زد ۾ هو. اسين ٻئي دير تائين چپ رهجي وياسين. سانوڻ سانباها ٿي ڪيا. مون پنهنجا چپ چوريا، چيم، ”شبنم!.... پاڻ ٻيئي هڪجهڙا آهيون!“
شبنم ڪجهه نه ڳالهايو. آگم، هڪ ٻاهر هو، ۽ هڪ اندر! اسين ٻيئي ٻري رهيا هئاسين! اسين ٻيئي جلي رهيا هئاسين! ”شبنم! جڏهن به اتر پار کان ڪارا ڪڪر ڪر کڻندا آهن، تڏهن منهنجي حالت به تو وانگر ئي ٿي ويندي آهي! آئون به تو وانگر ئي خود سان وڙهي پوندو آهيان شبنم!“ چيم، ”شبنم! جڏهن به وڏ ڦڙو وسندو آهي تڏهن ڦڙو ڦڙو ڪنڊا بڻجي منهنجي جسم ۾ چُڀڻ لڳندو آهي!....... پوءِ مان زخمي ٿي پوندو آهيان! رتو رت ٿي پوندو آهيان!“ چيم، ”شبنم! جڏهن ڪارا گهرا ڪڪر گجڻ لڳندا آهن، تڏهن ائين لڳندو اٿم، ڄڻ ڪارن ڪارن ڪڪرن جي انهي ڪاري پردي پٺيان ڪا قيامت برپا آهي! ڄڻ انهي ڪاري پردي جي پٺيان ڪا انتهائي فيصله ڪن جنگ هلي رهي آهي! ڄڻ ويڙھ پنهنجي عروج تي آهي شبنم!“ ...... ”شبنم! منهنجي دل ان وقت ائين چوندي آهي ته مان هڪ دم اهو پردو چيري ڦاڙي چٽ ڪري ڇڏيان! اکڇنڀ ۾ اهو کيل ختم ڪري ڇڏيان!“ کن ترسي چيم، ”شبنم! پلر جي پالوٽ تي پڄري پوندو آهيان! وسڪارو ٻرندي تي تيل ٿي وسندو آهي شبنم!“ چيم، ”....... پر هاڻي ائين نه ٿيندو!........ جواني جا ڪيئي سانوڻ قيامت جيئن گذاريا اٿم! پر هاڻي ائين نه ٿيندو شبنم!“
اسين ٻئي پڄري رهيا هئاسين. لڇي تڙپي رهيا هئاسين! جيئن جيئن بادل ڀربا ٿي ويا تيئن تيئن گهڙيون ناقابلِ برداشت ٿينديون ٿي ويون! ٻاهر جي موسم ۽ اسان جي اندر جي موسم يڪسان هئي! منظرن ۽ اسان جي وجودن تي ڄڻڪهِ صدين جي ڌوڙ ڇانيل هئي، جا ڌوپجڻ جي لاءِ آتي هئي! زمين جي ذري ذري وانگر اسان جي وجود جو وار وار به پياسو هو. مون اکيون کڻي شبنم ڏي نهاريو، هوءَ اڳ ۾ ئي مون ڏي نهاري رهي هئي! شبنم ڄڻڪهِ منهنجي اندر جي ئي عڪاسي ٿي ڪئي!
”هڪ ڳالهه چوان شبنم!؟“ چيم.
”چئو!“ هن چيو.
”پاڻ ۾ هڪڙي شيءِ ته صفا ساڳي ئي آهي شبنم!“چيم.
”ڪهڙي!؟“ شبنم پڇيو.
مون سندس اکين ۾ نهاريو ۽ ڪجهه دير ڪجهه ئي نه ڳالهايو. هن وري پڇيو، ”ڪهڙي شيءِ جوڳي؟!“
اکين سان سندس اکين ۾ لهندي چيم، ” اُڃ!“
شبنم جو مون واتان اها وراڻي ٻڌي ته اڃان به وڌيڪ اڃائجي وئي! چيم، ” پاڻ ٻنهي ۾ اڃ ساڳي ئي آهي!...... بيپناھ اڃ!....... ڪڏهن نه اجهامي سگهندڙ اڃ!!........ رُڃ جهڙي اُڃ شبنم!!!“
هن منهنجي انهن لفظن مان ڀرپور تاثير ورتي ۽ پوءِ مخمور لهجي ۾ وراڻي، ”ها جوڳي!“ هن ڄڻڪهِ رُڃ مان رڙ ڪئي!
”پاڻ عشق ۾ انتها پسند آهيون شبنم!“ چيم.
” ها!......... آهيون!“ هن اقرار ڪيو.
مون هڪ اونهو گهرو ساھ کنيو ۽ پوءِ وراڻيو، ”شال! اها اڃ سدا سلامت رهي شبنم!“
اهو ٻڌي شبنم چيو، ” اها اڃ ته پاڻ کي ماري ڇڏيندي جوڳي!“
”اها اڃ ته پنهنجي زندگي آهي شبنم!“ چيم، ” اها اڃ پاڻ کي مرڻ نه ڏيندي شبنم!“ هوءِ عجب اچرج وارين نگاهن سان مون کي ڏسندي ئي رهجي وئي، مون چيو، ” دل ۽ دوزخ ڪڏهن ڀربا ناهن شبنم!“ کيس چيم، ”اها اڃ ڪڏهن نه اجهامندي شبنم!........ اها اڃ اجهائڻ سان ويتر وڌندي!“
”جوڳي!......“ شبنم ڏاڍي ڳوري لهجي ۾ وراڻيو، ”....... پوءِ!؟“
چيم، ”اهو ڪم جيڪو ڪڏهن پورو نه ٿئي، سو اڌورو ئي رهڻ ڏجي! ان جي اڌوري رهڻ ۾ ئي ڀلائي هوندي آهي!“ چيو مانس، ” اهو ڪم، جيڪو پوري ڪرڻ سان ويتر وڌي وڃي، سو ڪم اڌورو ئي پورو هوندو آهي شبنم!“
....... پيمانو لبريز ٿي چڪو هو! پيمانو هاڻي پلٽڻ تي هو! زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ آگم کي جيتري به آڳ لڳائڻي هئي سا هو لڳائي چڪو هو. منهنجي ۽ شبنم جي وچ ۾ بيتابي کي جيتري به باھ ڀڙڪائڻي هئي سا هو ڀڙڪائي چڪي هئي! منهنجي ۽ شبنم جي حالت بلڪل زمين ۽ آسمان جهڙي هئي. زمين ۽ آسمان جڏهن تڙپي تڙپي ڇيهه ڪري چڪا ته اوچتو ئي اوچتو تيز تيز هوا شروع ٿي وئي. تيز!....... تمام تيز!....... جهڪ شروع ٿي وئي! هوا، ڏکڻ جي به ٿيندي آهي! هوا، اتر جي به ٿيندي آهي! پر اهڙي مدهوش هوا ڪا ٻي نه ٿيندي آهي! ڏکڻ جون لُڪون ۽ جهولا جهٽي ڇڏيندا آهن، اتر جي لُهري به صفا ساڙي سٽي ڇڏيندي آهي، پر برسات جي آمد کان پهرين واري جهڪ جهڙي بيخود هوا ڪا ٻي نه ٿيندي آهي! ڏاڍي اجهل ۽ انتها پسند ٿيندي آهي هي هوا!
....... هر طرف مٽي ئي مٽي اڏامڻ لڳي! چهﺆ طرف مٽي ئي مٽي محوِ رقص هئي! زمين جو ذرو ذرو لرزان هو! زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ سواءِ بيخودي جي ٻيو ڪجهه به نه هو! زمين کان آسمان تائين ان وچ ۾ مدهوشي جو هڪ سمنڊ هو جو موجون ماري رهيو هو! تيز هوا ۾ هر پاسي فقط هڪ ئي صدا گونجي رهي هئي، ”مي رقصم! مي رقصم!!“ ائين ٿي لڳو ڄڻ قلندر جي ڌمال هئي، جنهن زمين کي آسمان سان ٿي ملايو! سچل جي سرمستي هئي، جنهن تيز تلوارن ۾ طوفان بڻجي ٿي جهوميو! ڀٽائي جو راڳ هو، جنهن فضا ۾ سُر سارنگ ٿي ڇيڙيو! ائين ٿي لڳو ڄڻ بابا بلهي شاھ جي روپ ۾ زمين ڪڃري بڻجي يار ٿي پرچايو! ها! شبنم به انهي رنگ ۾ رنگجي وئي هئي! هن به هر طرف گونجندڙ هڪ ئي صدا ”مي رقصم! مي رقصم!!“ کي لبيڪ چيو هو! هوءَ به محوِ رقص ٿي پئي هئي! هوءَ به بيخود ٿي پئي هئي، جهومي پئي هئي. شبنم پنهنجو پاڻ انهي تيز هوا کي ارپي ڇڏيو هو! ۽ پوءِ اها تيز طوفاني هوا، شبنم کي ڄڻڪهِ مشرق کان مغرب تائين اڏائي اڏائي نيٺ رولي ڳولهي مون سان اچي ملائي ڇڏيو هو! انهي هوا منهنجي امانت مون کي ڏني هئي! انهي هوا شبنم کي، بيخود ۽ مدهوش شبنم کي منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو هو!..... هاڻي هينئن هو، جو آسمان جي ٻانهن ۾ زمين هئي ۽ منهنجي ٻانهن ۾ شبنم!
”هاڻي پاڻ کي سانوڻ نه ستائيندو شبنم!“ چيم، ”هاڻي پاڻ بارشن کان نه ڊڄنداسين!“
شبنم جون اکيون بند هيون پر هوءَ ننڊ ۾ نه هئي! هوءَ جاڳي رهي هئي. هن جو وار وار جاڳي رهيو هو! هوءَ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، سمجهي رهي هئي، پر هوءَ چپ هئي. هن ڪجهه ڳالهائڻ ته چاهيو پئي، پر هوءَ چاهيندي به ڪجهه ڪڇي نه پئي سگهي! هن جا چپ ايترا ته ڀاري ٿي پيا هئا جو هوءَ ڪوشش جي باوجود به چوري نه سگهي! هن ڪجهه نه ڳالهايو، هوءَ بس ماٺ ئي رهي! شبنم جون اکيون بند هيون، هن پنهنجيون اهي بند اکيون به کولڻ ٿي چاهيون مگر هن جا ڇپر ايترا ته ڳرا ٿي ويا هئا جو هوءَ گهڻي همت کان پوءِ به مٿي کڻي نه سگهي! هن جون اکيون بند ئي رهيون! هوءَ بند اکين سان جاڳي رهي هئي!
” خبر اٿئي هيستائين پاڻ بارشن کان ڇو ڊڄندا رهياسين شبنم!“ چيم.
شبنم خاموش ئي رهي، هن ڪجهه نه ڳالهايو. مون ئي وراڻيو، ”پاڻ تنها تنها هئاسين تنهنڪري!“ چيم، ”بارشون تنها وجودن کي ڏنگينديون آهن شبنم!“......... ”بارشون محفلن جون متقاضي ٿينديون آهن، بارشون تنهائي جون مخالف ٿينديون آهن! بارشون تنهائيون برداشت نه ڪنديون آهن، انڪري ئي، بارشون تنها وجودن جي لاءِ ويل بڻجي وينديون آهن شبنم!...... هر تنها وجود کي بارشن کان ڏاڍي وحشت ٿيندي آهي، اهي بارشن کان ڏڍو ڊڄندا آهن!“
”خبر اٿئي، هيستائين سانوڻ پاڻ کي ڇو ستائيندو رهيو شبنم!؟“ بس ائين ئي پڇيم.
خبر هئم ته شبنم نه ڳالهائي سگهندي. هوءَ چاهيندي به پنهنجا چپ چوري نه سگهندي، مان پاڻ ئي ڳالهائيندو رهيس، ”ان ڪري جو پاڻ الڳ الڳ هئاسين!..... ان ڪري جو پاڻ اڌورا اڌورا هئاسين شبنم!“ هوءَ صفا ساڪن ٿي رهجي وئي هئي. چيم، ”شبنم! سانوڻ هر اڌوري وجود کي ستائيندو آهي! هر اڌوري وجود لاءِ سانوڻ اعذاب بڻجي پوندو آهي!“
انهن گهڙين ۾ سچ پچ ائين لڳي رهيو هو جيئن عشق پنهنجي عروج تي هو! جيئن محبت پنهنجي معراج تي هئي! ها! ائين لڳي رهيو هو ڄڻ آسمان پيرن ۾ هو! وصال جا عجيب لمحا هئا اهي! وجود، وجود سان رقصان هو! جسم، جسم سان هم ڪلام هو! انگ انگ، انگ انگ تي مسجود هو! هڪ خمار هو! هڪ وجد هو! هڪ شيءِ ٻي شيءِ ۾ ضم ٿي چڪي هئي! اسان ٻيئي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي پيا هئاسين! اسان جڏهن ٻن مان هڪ ٿي پياسين ته ائين لڳو، جيئن ٻيائي کي ٻن اچي ويو ۽ هر طرف هيڪڙائي جو هُل مچي ويو هو! ڪثرت وحدت ۾ وڃائجي وحدت ٿي پئي هئي!!
هوا تيز......... اڃان به وڌيڪ تيز ٿيندي ٿي وئي! انهي هوا سان گڏ اها اُڃ به وڌيڪ...... اڃان به وڌيڪ ٿيندي ٿي وئي!...... اُڃ!......اُڃ!!....... بس اُڃ!!!
”خبر اٿئي سانوڻ ڇا آهي شبنم!؟“ سراپا اڃ بڻجي پيل شبنم کان پڇيم، پر شنبم جو اکيون بند هيون. هن جا چپ چُپ هئا. هوءَ ڪجهه نه ڪُڇي!
”سانوڻ، ميلاپ جو نالو آهي شبنم!“ شبنم کي ماٺ ڏسي مون ئي وراڻيو، ”سانوڻ، زمين ۽ آسمان جي ميلاپ جو نالو آهي!“چيم، ”سانوڻ سان ئي زمين زرخيز ٿي پوندي آهي!........ آسمان جڏهن ڌرتي تي بيخود ٿي وسندو آهي، ته ڌرتي اميد سان ٿي پوندي آهي! مٽيءَ، پوءِ ماءُ بڻجي پوندي آهي شبنم!“ اسان تي عجب خمار هئا. اسان کي هوش هو به ۽ نه به! منهنجا چپ چرندا رهيا، ”سانوڻ، عشق آهي شبنم! محبت جو مظهر آهي مينهن!“ چيم، ”سانوڻ بيخودي آهي! ديوانگي آهي!............ سانوڻ ڪا عام شيءِ ناهي چري! سانوڻ تڪميل آهي! مڪملتا آهي!....... ٻن کي هڪ ڪرڻ واري موسم آهي سانوڻ!!“ چوندو رهيس، ”سانوڻ جهڙي مستاني موسم ڪا ٻي آهي ئي ڪانه! سانوڻ درحقيقت آسمان ۽ زمين جي سهاڳ رات آهي شبنم!!“
...... جهڪ جڏهن ڀرپور هئي. جهڪ جڏهن عروج تي هئي. تڏهن ان ئي لمحي، اکڇنڀ ۾ وڏڦڙو وسڻ شروع ٿي ويو! برسات جا ڦڙا ڌرتي جي گهرائي ۾ لهندا ويا! مغرور هوا جو غرور پل ۾ ٽٽي ويو! اهڙو ته وڏ ڦڙو وُٺو جو هر طرف رڳو اڇ ئي اڇ ٿي وئي! ڪجهه گهڙيون پهرين مٽي ئي مٽي هئي ۽ هاڻي رڳو پاڻي ئي پاڻي هو! پاڻي مٽيءَ سان ملي ويو هو ۽ مٽيءَ پاڻي سان ملي وئي هئي! مون اکيون کڻي وسندڙ آسمان ڏي ڏٺو. بادل بيخود برسي رهيا هئا. گوڙن جا گڙگاٽ هئا. کنوڻن جا چمڪاٽ هئا. آسمان ڄڻڪهِ منهنجي ئي ڳالھ مون کي سمجهائي رهيو هو. آسمان جو اهڙو عالم ڏٺم ته پنهنجا ئي لفظ منهنجي دل دماغ ۾ گونجڻ لڳا! ”اهو ڪم، جيڪو ڪڏهن پورو نه ٿئي، سو اڌورو ئي رهڻ ڏجي! ان جي اڌوري رهڻ ۾ ئي ڀلائي هوندي آهي!.......... اهو ڪم، جيڪو پوري ڪرڻ سان ويتر وڌي وڃي، سو ڪم، اڌورو ئي پورو هوندو آهي!“
پوءِ بس مون آسمان جي اها ڳالهه سمجهي ورتي! ان ئي اکڇنڀ واري جهٽڪي دوران منهنجا هٿ خود مان ازخود نڪري ويا هئا! مان ان ئي لمحي خود کان ڇڏائجي ويس! ها! مان به ڄڻڪهِ آسمان ٿي پيس! سراپا بادل بڻجي پيس! صفا بيخود ٿي برسي پيس! اڃ، جيڪا عروج تي هئي، تنهن اڃ جو ڪنڌ ڪپجي ويو! مغروري جو غرور ٽٽي پيو! انهن چند لمحن جي جهڙي تهڙي تشريح جي لاءِ به انيڪ عمريون گهرجن! انهن چند لمحن جي وضاحت هر ڪنهن وٽ انفرادي هوندي. مون کي خبر ناهي ته باقي جوڳي پنهنجي پنهنجي شبنم سان گهاريل اهڙين مقدس گهڙين دوران ڇا محسوس ڪندا آهن، پر مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ پردن پٺيان انيڪ پردا هئا، جيڪي تيزي سان هڪ هڪ ٿي ڊهندا ٿي ويا! پهاڙن جا پهاڙ هئا، جيڪي پل پل ۾ پرزا پرزا ٿيندا ٿي ويا! صدين جا ٿڪ انهن لمحن ۾ لهندا ٿي ويا! مان جيڪو بادلن جيان ڀرجي ڀرجي ڀاري ٿي پيو هئس، سو برسي برسي هاڻي صفا هوا ۾ حل ٿي، هوا جيان هلڪو ٿيندو ٿي ويس! مون انهن پُر ڪيف گهڙين ۾ اچرج جي انتها کي ڇُهيو! بظاهر ته پاڻي مٽي کي ڌوئيندو آهي پر مون ڏٺو، مٽي پاڻي کي ڌوئي رهي هئي!....... پاڻي ۽ مٽي هڪ ٻئي کي ڌوئي رهيا هئا! مون ڏٺـو، هڪ ٻئي کي ڌوئيندي ڌوئيندي مٽي پاڻي ٿي وئي هئي ۽ پاڻي مٽي ٿي ويو هو! ها! مٽي ۽ پاڻي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا هئا! مٽي ۽ پاڻي جي وچ مان ’۽‘ ختم ٿي وئي هئي! مون ڪنهن پل شبنم جي ڪليجي مان ڪنڌ کڻي جڏهن مٽي ۽ پاڻي جو اهو لقاءُ ڏٺو ته مون کي مٽي ۽ پاڻي به شبنم ۽ جوڳي ئي نظر آيا! انهن عظيم لمحن مان ئي هڪ لمحي مون کي ائين به نظر آيو ته پاڻي پيءُ آهي ۽ مٽيءِ ماءُ! ها! انهن ئي يادگار لمحن مان هڪ لمحي مون کي الئه ڇو ائين به لڳو ته پاڻي آدم آهي ۽ مٽيءِ حوا! ها! انهن ئي لاجواب لمحن مان هڪ لمحي مون کي اها ڳالهه به بنا سمجهائڻ جي سمجهه ۾ اچي وئي ته پاڻي ۽ مٽيءِ پاڪ ڇو آهن!؟ ۽ اهي ٻئي پاڪائي جي واسطي ڪتب ڇو ايندا آهن!؟
بادل برسي برسي بس ٿي چڪا هئا. گهاٽو، گهرو ۽ ڳرو جهُڙ هلڪو ٿي هوا ٿي ويو هو! پوءِ سج نڪتو هو. صفا نئون ۽ نڪورو سج! تازي نڪتل سج جا ڪرڻا، جڏهن جل_ٿل زمين تي پيا هئا، ته ڌرتي جو هر منظر، منظورِ نظر ٿي پيو هو! ساري ڌرتي چمڪي پئي هئي! مٽيءِ مهڪي پئي هئي! سچ پچ! ڌرتي، ڌرتي نه هئي، ڄڻڪهِ تازي پرڻيل ڪنوار هئي، جيڪا لائون لهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو وهنجي سهنجي سنبري سنوري اچي پنهنجي ورُ جي سامهون ويٺي هئي! هن جي انگ انگ ۾ نئون رنگ رچيل هو! آئون ۽ شبنم به ان دوران آسمان ۽ زمين جي پاڻمرادو پيروي ڪندا رهياسين! آئون آسمان جيان بادلن جهڙي بار کان بلڪل آجو ٿي مڪمل آرام ۾ اچي ويو هئس، ۽ شبنم به زمين جيان زرخيز ٿي پئي هئي! هن جي گوشي گوشي منجهان سونهن جا نوان سلا ٿي ڦٽا! ڌرتي جيان ڀنل ڀنل شبنم، منهنجي سامهون بيهي پنهنجا آلا آلا وار ٿي ڇنڊيا! مون سندس وارن ۾ انڊلٺ جا سمورا رنگ ڏٺا! مون انهن وارن جي ڇنڊن ۾ ڪائنات جو سمورو حسن پسي ڇڏيو! مون انهن ڇنڊن ۾ ڏٺو ته هي ڪائنات ڪڏهن به اجائي ناهي! مون انهن ڇنڊن ۾ هن ڪائنات کي سجايو ٿيندي ڏٺو! بس! مون پنهنجو پاڻ کي نئون ڄمندي ڏٺو! مون خود کي ٻيهر تعمير ٿيندي ڏٺو! ها! مون انهن وارن جي ڇنڊن ۾ الئه ته ڇا ڇا ڏٺو! مون گناهن کي ثواب ٿيندي ڏٺو، جهنم کي جنت ٿيندي ڏٺو! مون انهن ڇنڊن ۾ ذري ذري کي پُر نور ٿيندي ڏٺو! مون انهن وارن جي ڇنڊن ۾ بيخودي ڏٺي! برھ ڏٺو! بارشون ڏٺيون!....... مون انهن انڊلٺي ڇنڊن ۾ بيخودي، برهه ۽ بارشون برابر ڏٺيون! سچ پچ! ته مون برھ جي پُلصراط تي بارشن جي موسم ۾ خوديءِ کان بيخوديءِ ۽ بيخوديءِ کان عدم تائين جو طويل سفر انتهائي قليل گهڙين ۾ طئه ڪيو! ............. عدم!..... جتي ازلي ابدي اطمينان آهي!
”هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي شبنم!“ سڀ ڪجهه کان پوءِ چيم.
”ڪهڙي ڳالهه جوڳي!؟“ پُر لطف لهجي ۾ هن پڇيو.
”هميشه اڌ ۽ اڌ ملي هڪ مڪمل ڪندا آهن.“ چيم، ”هميشه ٻه اڌوريون شيون ملي ڪا به هڪ شيءِ مڪمل ڪنديون آهن،............ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڻ ٻيئي اڌورا ملي، ٻئي ڄڻا ڪيئن مڪمل ٿي ويندا آهيون شبنم!!؟“
اهو ٻڌي شبنم ڪي گهڙيون ماٺ ٿي وئي هئي، پر پوءِ هن مسڪرايو هو ۽ وراڻيو هو، ”سال کان پوءِ سمجهي ويندين جوڳي!“