ڳولها...!
آئون پنهنجي پاڻ سان وڙهي وڙهي ٿڪجي پيو هئس. آئون پنهنجي پاڻ سان وڙهي وڙهي ڦٽجي پيو هئس. اها ويڙهه، اڄ يا ڪالهه جي نه هئي. اها ويڙھ، ازل کان به اڳ جي ويڙھ هئي. مون کي خبر ناهي ته اها ويڙھ ڪڏهن کان شروع ٿي هئي، مون کي بس ايترو ياد آهي ته مون اها ويڙھ تڏهن کان شروع ٿيندي ڏٺي هئي، جڏهن کان پهريون ڀيرو منهنجي هڪ تمنا پوري ٿيندي ٿيندي حسرت بڻجي پئي هئي! جڏهن کان پهريون ڀيرو منهنجي هڪ تصوير، ٺهندي ٺهندي ڊهي وئي هئي! اها ويڙھ تڏهن کان شروع ٿي هئي، جڏهن پهريون دفعو، آئون کٽيندي کٽيندي هارائي ويو هئس!.......... آئون آهون ڀري ڀري ٿڪجي پيو هئس! آئون مسلسل ڊهي ڊهي ٿڪجي پيو هئس!! آئون لاڳيتو هارائي هارائي ٿڪجي پيو هئس!!!
ارتقا جي قانون جي قدرتي تقاضا اها آهي ته هر شيءِ ننڍي ٿي، پوءِ وڏي ٿيندي آهي، مگر مون هر ڀيري الئه ڇو ائين ئي ڀانيو آهي ته جسماني طرح ته آئون خود به واقعي انهي ارتقا جي قانون تحت ئي پروان چڙهيو آهيان. زمانو شاهد آهي ان ڳالهه جو! پر پوءِ به مون کي خود کي اها ڳالهه مڃڻ ۾ ئي نٿي اچي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آئون (constant) يڪسان ئي پئدا ٿيو آهيان! آئون هڪجهڙو ئي پئدا ٿيو آهيان، مان پئدائش کان وٺي هيل تائين ذرو به تبديل نه ٿيو آهيان، مان نه وڌيو آهيان نه گهٽيو آهيان. مان ازل کان جهڙو هئس، تهڙو ئي آهيان!
خاموشي منهنجو باطن آهي! مان درحقيقت ماٺ جو مظهر آهيان! دنيا ۾ جيترا به سوال آهن، انهن سڀني سوالن جو جيڪڏهن ڪو هڪ ئي مثبت جواب آهي ته اهو آهي ماٺ! ماٺ ۾ سڀڪجهه آهي، ايتريقدر، جو جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ شور به اگر آهي ته اهو ماٺ ۾ ئي آهي! ها، سو مون اهو شروع کان ڏٺو آهي ته ماٺ منهنجي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي! مان اڪثر ماٺ ئي رهندو آهيان. مون کي ياد آهي مان جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته سڀئي ٻار ڏاڍو شور ڪندا هئا. استاد کين ”ماٺ ڪريو.“ ”ماٺ ڪريو!“ چئي چئي ٿڪجي پوندا هئا پر ٻار ماٺ ڪندا ئي نه هئا. رسيس ٿيندي هئي يا موڪل ٿيندي هئي ته هوڪرا مچي ويندا هئا، پر مان هميشه ماٺ ئي رهندو هئس. مان شور ڪري نه سگهندو هئس! مون کي ياد آهي جيئن ئي صبح جو ڪلاس ۾ وڃي ويهندو هئس ته پوءِ موڪل کان اڳ پنهنجي جاءِ تان نه اٿندو هئس. آئون موڪل تائين اتي جو اتي ئي ويٺو رهندو هئس. رسيس ۾ به پنهنجي جاءِ تان نه اٿندو هئس. ٻيا ٻار منهنجي اهڙي حالت ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندا هئا! سوچيندا هئا، هي آهي ڪهڙو؟ جو سڄو ڏينهن هڪ ئي جاءِ تي ويهي ويهي ٿڪجي ئي نٿو! هُو رسيس ۾ مون کي گهڻو ئي پاڻ سان گڏ گهليندا هئا پر مان پنهنجي جاءِ تان اٿندو ئي نه هئس. ائين به نه هو ته ڪو مان پنهنجي مرضي سان انهي حالت ۾ خوش هوندو هئس! سچ ته مان پاڻ ته ڪنهن پل گهڻو ئي چاهيندو به هئس ته ٻين ٻارن سان گڏجي مان به شور ڪريان، رسيس ۽ موڪل ۾ هوڪرا ڪريان پر مان چاهيندي به ائين ڪري نه سگهندو هئس. مان پنهنجا چپ چورڻ چاهيندو به هئس پر پوءِ به ماٺ مون کان وڌيڪ طاقتور هوندي هئي! مان ماٺ کي مات ڏئي نه سگهندو هئس! مان پنهنجا چپ چوري نه سگهندو هئس، مان شور ڪري ئي نه سگهندو هئس. شروع شروع ۾ ته ٻين ڪلاسن جا ٻار ته مون کي گونگو سمجهندا هئا! ها سو انهي ماٺ، انهي خاموشي جيڪري مان ازل کان يڪسان رهيو آهيان. مان ازل کان هڪجهڙو ئي رهيو آهيان. (گهڻو اڳتي هلي مون تي هڪ راز فاش ٿيو ته دنيا جي هر شيءِ ارتقا جي عمل مان گذرندي آهي، سواءِ عشق جي!)
ارتقا جي قانون جي مطابق انسان پهرين ٻار هوندو آهي پوءِ جوان ٿيندو آهي ۽ بعد ۾ پوڙهو ٿيندو آهي پر منهنجي نظر ۾ حقيقت هيءُ آهي ته آئون ٻار ته پيدا ئي نه ٿيو آهيان! حقيقت هيءَ آهي ته مون پوپٽ نه پڪڙيا آهن، مون ڀنڀوريون نه جهليون آهن. مون لِڪ لڪوٽيون نه کيڏيون آهن نه ئي مون مٽيءَ مان ڪڏهن رانديڪا ٺاهيا آهن! مون کي چڱي طرح سان ياد آهي ته گهڻو اڳ، ٻار جڏهن رانديون ڪندا هئا تڏهن آئون پنهنجي منهن پنهنجي ماٺ ۾ گم هوندو هئس، رانديون ڪندڙ ٻارن کان پري پنهنجن ئي ڪن چڪرن ۾ وڃايل رهندو هئس. ها! مون کي ياد آهي، ڪيئي دفعا ڳوٺ جي هڪ جيڏن مون کي پاڻ جيڏو ۽ پاڻ جهڙو ٻارڙو ڀانيي مون کي راند تي مجبور به ڪيو. هنن گهڻو ئي مون کي پاڻ سان گڏ رانديون کيڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آئون هنن سان گڏجي رانديون کيڏي نه سگهيس. اصل ۾ مون کي ان وقت به اهي ٻارن جون رانديون، ٻاراڻيون رانديون ئي لڳنديون هيون. اهو ئي سبب هو جو آئون ڪوشش جي باوجود به اهي ٻاراڻيون رانديون کيڏي ئي نه سگهندو هئس. ٻار ضد ڪري اگر کيڏائيندا به هئا ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو هو جو جنهن پاسي آئون هوندو هئس، اهو پاسو ئي هميشه هارائي ويندو هو! آئون جنهن به پاسي کيڏندو هئس، ان پاسي جي هار جو سبب بڻبو هئس. منهنجي ڪري ٻين جي به محنت تي پاڻي ڦري ويندو هو! مون سان گڏ کيڏڻ وارا هميشه هارائي ويندا هئا..... اهي ويچارا کٽيل بازيون به کٽيندي کٽيندي هارائي ويندا هئا!....... پر جلد ئي جڏهن ٻارن اهو ڄاڻي ورتو ته هُو هر ڀيري منهنجي ئي ڪري هارائي ويندا آهن، جڏهن کين اها پڪ ٿي وئي ته هُو نه هارائيندا آهن، دراصل آئون ئي هر ڀيري کٽيندي کٽيندي هارائي ويندو آهيان، ته پوءِ ان پڄاڻان ٻار پاڻ ئي مون مان جان ڇڏائي ڀڄي ويا! ٻارن جڏهن اهو راز ڄاڻي ورتو ته مون سان گڏ سواءِ هار جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي تڏهن وري هنن ڪڏهن مون کي پاڻ سان گڏ راند کيڏڻ جو نه چيو! ٻار مون سان ۽ آئون ٻارن سان ڪڏهن به گڏجي نه سگهيو هئس، جنهن جو خاص سبب ئي اهو هو جو هنن وٽ ٻاراڻو هو، انهن وٽ پنهنجو پنهنجو ٻالڪپڻو هو پر مون وٽ منهنجو ٻاراڻو نه هو! منهنجو ٻاراڻو، منهنجو ٻالڪپڻو، منهنجي پئدائشي روئڻ ۾ دٻجي ڪٿي وڃائجي ويو هو!
هر ٻار، پئدا ٿيندي ئي روئندو آهي، پر پوءِ جلد ئي چُپ ٿي ويندو آهي. مگر آئون اڄ تائين چُپ ٿي نه سگهيو هئس. پهريون روئڻ، زندگيءَ جي علامت ڄاتو ويندو آهي. جي ها! جنم وٺندڙ هر ٻار روئندو ايندو آهي پر جلد ئي زندگيءَ جو احساس سندس روئڻ کي روڪي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ٻار مسڪرائڻ سکندو آهي. پر مون سان ائين نه ٿيو هو. آئون اڄتائين روئندو رهيو هئس، آئون اڄتائين مسڪرائي نه سگهيو هئس. آئون جو پئدائشي روئڻ کان پوءِ يڪو ماٺ ٿي نه سگهيو هئس ته ان جو مطلب صاف اهو ئي هو ته درحقيقت اڄتائين مون کي زندگيءَ جو احساس ٿي ئي نه سگهيو هو! آئون ڪائنات ۾ ته اچي ويو هئس پر زندگي مون کان هميشه هڪ فاصلي تي ئي رهي هئي! آئون زندگيءَ تائين پهچي ئي نه سگهيو هئس، آئون زندگي کي ڪڏهن جِي ئي نه سگهيو هئس. مون زندگيءَ کي گهڻو ئي جيئڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر جِي نه سگهيو هئس. آئون گهڻو ئي ڊوڙيو هئس پر پُڄي نه سگهيو هئس. زندگيءَ جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي آئون مرڻ جهڙو ٿي پيو هئس مگر جي نه سگهيو هئس! ها! مون گهڻو ئي رُنو هو مگر منهنجو روئڻ، زندگيءَ جي علامت بڻجي نه سگهيو هو! حقيقت رڳو هيءُ ئي آهي ته مون رڳو جيئڻ چاهيو هو. مون پنهنجي زندگيءَ کي جيئڻ چاهيو هو! مون کي اڄتائين اها ئي هڪڙي تمنا روئاريندي رهي هئي، زندگيءَ کي جيئڻ جي تمنا! اِها ئي اُها تمنا هئي، جنهن جي حسرت بڻجڻ مون کي مون سان ئي ويڙهائي وڌو هو. اها زندگيءَ جي ئي تصوير هئي، جيڪا ٺهندي ٺهندي ڊهي ويندي هئي! منهنجو روئڻ جڏهن زندگي جي آمد جو باعث بڻجي نه سگهندو هو، تڏهن آئون کٽيندي کٽيندي هارائي ويندو هئس!.... ۽ اهو ڪيئي ڀيرا ٿيو هو!
چند خواب، هميشه پاڇي جيان گڏ گڏ رهيا. اهي خواب مون سان بار بار ملڻ ايندا رهيا. اهي خواب بار بار منهنجي ننڊ ڦٽائيندا رهيا. انهن چند خوابن مان هڪ خواب، جنهن جو ذڪر هتي ضروري آهي سو خواب ته ڄڻ پنهنجو هڪ الڳ وجود رکندو هو! اهو خواب ڪيئي ڀيرا ويس مٽائي ايندو رهيو ۽ منهنجيون ننڊون ڦٽائي ويندو رهيو. ان خواب ۾ آئون ڇا ڏسندو هئس؟! انهي سوال جو جامع ۽ مستند جواب اهو ئي آهي ته انهي خواب ۾ آئون موت ڏسندو هئس. انهي خواب ۾ مون کي هر ڀيري هڪ هار جو چهرو نظر ايندو هو. هار! ها! مون هار کي اکين سان ڏٺو آهي! مون هار جو چهرو بار بار ڏٺو آهي! هار ڇا ٿيندي آهي؟ ان سوال جو جواب ته ڪو ئي مون کان پُڇي!...... ها سو ڳالهه پئي هلي خواب جي! ته آئون انهي خواب ۾ هر ڀيري هار کي ڏسندو هئس. انهي خواب ۾ آئون هڪ پٿر کي هڪ شيشي تي ڪِرندي ڏسندو هئس. شيشي جي نازڪ فريم تي!...... اهو خواب مون سان ڪيئي ڀيرا ويس مٽائي ملندو رهيو، پر هر ڀيري مقصد ساڳيو ئي هوندو هو!....... پٿر....... شيشو.....!...... شيشو....... پٿر.....!
ها! مگر هڪ ڳالهه، جيڪا جهڳڙي جي بار بار ٿيڻ جو، ويڙھ جي نه کٽڻ جو باعث بڻي رهي، سا اها هئي ته جڏهن به اهو خواب ايندو هو، تڏهن موت کان چند لمحا پهرين، هار کان ڪجهه ئي گهڙيون پهرين پهرين، شيشي جي نازڪ فريم تي ڀاري پٿر جي ڪِري پوڻ کان رڳو بس ڪجهه ئي پل پهرين، منهنجيون اکيون کلي پونديون هيون. هر ڀيري ان فريم واري تصوير جي چُور چُور ٿيڻ کان پهرين آئون ٽپ ڏئي جاڳي پوندو هئس! هر ڀيري هار کان اڳ ۾ آئون ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهندو هئس! بس خاص ڳالهه اها ئي هئي ته ان خواب ۾ هر ڀيري آئون موت ڏسندو ته هئس مگر مري نه سگهندو هئس. مرڻ کان پهرين منهنجي اک کلي ويندي هئي ۽ خواب ٽٽي ويندو هو! هر ڀيري آئون مرندي مرندي بچي ويندو هئس! اهو خواب، ڏاڍو عجيب خواب هو. اهو خواب ايترو ته عجيب خواب هو جو، جيڪڏهن رڳو هڪ ڀيرو ئي اچي ها ته آئون ڪڏهن وساري نه سگهان ها، پر اهو خواب ته سدائين منهنجي وجود جو تعاقب ڪندو رهيو! حقيقت جي ابتڙ انهي خواب جي بار بار اچڻ مون کي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيهاري ڇڏيو هو. سچ! ته آئون صفا اڙجي پيو هئس. خواب ۽ حقيقت هڪٻئي جي بنهه ابتڙ هئا. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي جو هڪ پاسي هر ڀيري آئون موت کان ڪجهه فاصلي تي رهجي ويندو هئس ۽ ٻئي پاسي وري هر ڀيري زندگي مون کان ڪجهه فاصلي تي رهجي ويندي هئي! موت مون کي ماري نه سگهي هئي ۽ نه ئي هڪ عرصي تائين زندگي کي آئون جي سگهيو هئس! آئون وچ تي هئس، منهنجي پٺيان موت ۽ منهنجي اڳيان زندگي هئي! ڪڏهن به موت مون کي رسي نه سگهي ۽ ڪڏهن به زندگي کي آئون پُڄي نه سگهيس! هميشه موت منهجي پٺيان ۽ آئون زندگي جي پٺيان ڊوڙندو رهيس. مون کي خبر آهي ته اهو تماشو گهڻو اڳ ختم ٿي چڪو هجي ها، گهڻو اڳ آئون فنا ٿي ويو هجان ها، موت گهڻو پهرين مون کي ڳڙڪائي وڃي ها، پر انهي سموري هوڏ، انهي سموري ڊوڙ ۾ انهي خواب جو ئي مرڪزي ڪردار هو! هار کان پهرين اکين جو ڇرڪ سان کلي پوڻ، ان خيال کي هر هر هوا ڏيندو رهيو ته جيت يقيني آهي! مرندي مرندي زندھ ٿي پوڻ مان مون کي پڪ ٿيندي رهي ته زندگي تمام قريب آهي! شيشي جي نازڪ فريم تي ڀاري پٿر جي ڪِري پوڻ کان ڪجهه ئي پل پهرين هوش سنڀالڻ، مون کي بار بار اهو ٻڌائيندو رهيو ته اڃان ڪجهه لمحا باقي آهن! تصوير محفوظ ٿي سگهي ٿي! تصوير بچي به سگهي ٿي! بس مختصر ايترو ته اهو خواب بار بار مون کي ٻڌائيندو رهيو ته منهنجو ٻاراڻو، منهنجو ٻالڪپڻ، منهنجي زندگي منهنجي آسپاس اتي ئي ڪٿي گم ٿي پئي آهي! آئون ان کي ڳولهي سگهان ٿو. آئون زندگي کي جي سگهان ٿو. نه صرف اهو، پر مون کي الئه ڇو ائين به لڳندو هو ته ڄڻ مون وانگر منهنجي وڃائجي ويل زندگي به منهنجي لاءِ منهنجي آسپاس ئي تڙپي رهي آهي! وڃائجي ويل منهنجو ٻالڪپڻ مون کي ڳولهي رهيو آهي! اهو خواب، منهنجي وڃائجي زندگي جو پاڇو هو! اهو خواب ڳولها جو مرتڪب بڻيو. انهي خواب مون کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته منهنجي ذات جي تڪميل، انهي وڃائجي ويل زندگي سان مشروط آهي! اها وڃائجي ويل زندگي منهنجي وجود جي ڪمي هئي! مون جڏهن پهريون ڀيرو اهو خواب ڏٺو هو تڏهن اها ڪمي دريافت ڪري ورتي هئي! بس پوءِ آئون جڏهن به اهو خواب ڏسندو هئس ۽ اوچتو ڇرڪ ڀري اٿندو هئس ته هڪدم انهي وڃائجي ويل زندگي جي ڳولها کي لڳي ويندو هئس.......... گهڻو ئي ڳولهيندو هئس..... گهڻو ئي ڳولهيندو هئس....... ڳولهي ڳولهي صفا ٿڪجي پوندو هئس پر الميو اهو هو جو وڃائجي ويل زندگي مون کي لڀندي ئي نه هئي! انهي وڃائجي ويل زندگي جي تلاش ۾ آئون ايتريقدر سرگردان رهيس جو مون کي موت به ڪڏهن پُڄي نه سگهيو! انهي وڃائجي ويل زندگي جي ڳولها ۾ هر ڀيري آئون پاڻ وڃائجي ٿي ويس!........
هار.... هار..... هار! بار بار جي انهي هار، مون کي هڪ ڏينهن مون کان ئي هارائي ڇڏيو! آئون هارائي هارائي ٿڪجي پيو هئس.... آئون پاڻ سان وڙهي وڙهي ٿڪجي پيو هئس!...... ايتريقدر جو هاڻي مون ۾ وڌيڪ ٿڪجڻ جي به گنجائش باقي نه رهي هئي!
هڪ puzzle هو جو حل ڪرڻو هو! هڪ بي ترتيبي هئي، جنهن کي ترتيب ڏيڻو هو. هڪ تصوير هئي، جيڪا مڪمل ڪرڻي هئي پر مدتن کان اها تصوير مون کان مڪمل نه پئي ٿي سگهي! هر ڀيري اها تصوير ٺهندي ٺهندي ڊهي ٿي وئي! هر ڀيري، جڏهن به اها تصوير ٺهندي ٺهندي ڊهي ويندي هئي، تڏهن منهنجي تمنا، پوري ٿيندي ٿيندي حسرت بڻجي ويندي هئي. هر ڀيري جڏهن آئون کٽيندي کٽيندي هارائي ويندو هئس، تڏهن خود کي صبرِ ايوب جا قصا ٻڌائي ٻڌائي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هئس. حاصل کي نظر انداز ڪري هميشه لاحاصل جي وڪالت ڪندو هئس. ها! اگر جڏهن اهي سڀئي وسيلا ناڪام ٿي ويندا هئا تڏهن آئون ڀٽائي جي ڀر جهليندو هئس ۽ ’ڳولهيان ڳولهيان، مَ لهان_ شال مَ ملان هوت!‘ واري ڳالهه کي ڳنڍ دل کي چوندو هئس، ’تصوير جي تمنا ئي اجائي آهي! ملڻ کان نه ملڻ جي محبت وڌيڪ طاقتور ٿيندي آهي. وصال کان فراق وڏي شيءِ آهي! هئڻ، نه هئڻ جيڪري آهي! اظهار، ڪچائي آهي، بينيازي ئي سڀ ڪجهه آهي! لاحاصل ئي حقيقي حاج آهي!‘ ها! پنهنجي پاڻ سان جنگ دوران مون ڪيئي ڀيرا انهن دليلن ۽ دلاسن کي خود جي خلاف طاقتور هٿيارن طور استعمال ڪيو، پر ان ڏينهن، آئون خود کان به هارائي ويو هئس، جنهن ڏينهن خيال آيو، ’اگر اظهار جي ڪا اوقات ئي ناهي ته پوءِ هي ڪل ڪائنات ڇو آهي ۽ ڇا آهي!؟‘ انهي خيال ڪنگرا ئي ڪيرائي ڇڏيا ته، مدتن جي ماٺ کان پوءِ نيٺ ا به اظهار چاهيو! خدا به پنهنجي هستي جو ظهور چاهيو ۽ اکڇنڀ ۾ سارو جهان جوڙي وڌائين! خدا ته هر شيءِ کان بينياز آهي! آئون ته ڪجهه به ناهيان! آئون ته محتاج آهيان!!....... بس انهي کان پوءِ وري پوءِ ڳولها.............ڳولها..... ڳولها......!