ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا!

”آءُ! ته گل پوکيون!“کليل اکين سان خواب ڏسندي چيو هوم.
”گل!؟“
”ها!...... گل!“
”گل ڪيئن پوکبا آهن جوڳي!؟“ شبنم پڇيو هو.
”خبر نه اٿئي شبنم!؟“ پڇيو هومانس ورائي.
”نه!“ هن چيو هو.
”آسمان جڏهن زمين تي وسندو آهي،” چيو هومانس، ”تڏهن بيابان به باغبان ٿي پوندا آهن شبنم!“
اهو ٻڌي شبنم شرمائجي وئي هئي. هو چُپ ٿي وئي هئي. ڪافي دير تائين هو ڪجهه ڳالهائي نه سگهي هئي؛ پر پوءِ ان کان اڳي جو آئون ڪجهه ڳالهايان ها، شبنم پُر ڪيف انداز ۾ پڪاريو هو، ”جوڳي!“
”جيءُ!“ چيو هوم.
”محبت ته هر ڪو ئي ڪندو آهي نه!“
”ها!“
” ڇا هر ڪو ئي ائين ڪندو آهي جوڳي،“ شبنم پڇيو هو، ”جيئن پاڻ ڪندا آهيون؟“ هوءَ خمارن ۾ هئي.
ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو هئس، ۽ پوءِ سندس چهري تان زلف هٽائيندي چيو هوم، ”ها! محبت ته هر ڪوئي ڪندو آهي پر.....“ چيو هوم، ”هر ڪوئي ائين نه ڪندو آهي جيئن پاڻ ڪندا آهيون شبنم!“
شبنم خاموش هئي، مون ڳالهايو هو، ”ڪو شرابي جڏهن شراب پيئندو آهي تڏهن دنيا جهان کان بيگانو ٿي ويندو آهي پر شبنم،......کيس انهي بيگانگي جي خبر نه هوندي آهي!“ چيو هوم، ”انهي بيگانگي جي خبر کيس تڏهن پوندي آهي جڏهن هو ٻيهر شعور ۾ واپس ايندو آهي شبنم!“......... ”بيگانگي جو لطف، بيگانگي کان وڌيڪ، بيگانگي جي احساس ۾ هوندو آهي شبنم!....... دورانِ مدهوشي وارين گهڙين کان، بعدِ مدهوشي وارين گهڙين دوران، دورانِ مدهوشي وارين گهڙين جي ياد ۾ وڌيڪ لطف هوندو آهي!“ اهو چئي ڪجهه ترسي پيو هئس، ۽ پوءِ وري ڳالهائڻ لڳو هئس، ”هڪڙو عمل شعوري ٿيندو آهي ۽ ٻيو لاشعوري!“ وضاحت ڪندي چيو هوم، ”لاشعوري عمل اهو هوندو آهي جنهن جي خبر نه هوندي آهي ۽ شعوري عمل اهو هوندو آهي جنهن جي مڪمل طرح سان خبر هوندي آهي.“ ڳالهائيندو رهيو هئس، ”پٽيل اکيون، پوريل اکين کان بهتر ٿينديون آهن شبنم،...... سو لاشعوري عمل کان شعوري عمل وڌيڪ پُر لطف ٿيندو آهي!“
ان جاءِ تي شبنم ڪجهه چوڻ چاهيو هو پر مون سندس وات تي هٿ ڏئي ڇڏيو هو. ”منهنجي ڳالهه اڃان پوري نه ٿي آهي شبنم!“ ۽ پوءِ اتان ئي شروع ڪيو هوم، ”...... اهي ته هيون ٿوري ۽ گهڻي لطف جون ڳالهيون! پر هڪ لطف اهڙو به ٿيندو آهي جيڪو ٿورو يا گهڻو نه ٿيندو آهي!“ چيو هومانس، ”اهو لطف، مڪمل لطف ٿيندو آهي! اهوئي لطف، لازوال لطف ٿيندو آهي شبنم!......“ سندس شرابي چهري ۾ چتائيندي چيو هوم، ”۽ اهو لطف، اهو مڪمل ۽ لازوال لطف هر ڪنهن جي مقدر ۾ نه هوندو آهي.....اهو ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آهي!“ هوءَ خاموش ٻڌندي ئي رهي، ” اهو لطف، شعور توڙي لاشعور، ٻنهي کان بينياز ٿيندو آهي! هوش ۽ مدهوشي، ٻنهي کان مٿانهون ٿيندو آهي!...... انهي دوران خبر هوندي به ڪا خبر نه هوندي آهي ۽ ڪا خبر نه هوندي به سڀ خبر هوندي آهي!....... انهي دوران هوش ۽ مدهوشي، ٻيئي برابر هوندا آهن!“ ڪي پل چپ رهجي پوءِ چيو هوم، ”پاڻ محبت جي مدهوشي ۾ ان مقام تي آهيون جتي لطف، ٿورو يا گهڻو نه آهي، وڌيڪ يا گهٽ نه آهي، بلڪهِ جتي مڪمل ۽ لازوال لطف آهي! ڀرپور لطف!“ چيو هومانس، ”۽ اهو هر ڪنهن کي نصيب نه ٿيندو آهي شبنم!“ ڪن ۾ هٿ پڪڙي ڏاڍي شرارتي انداز ۾ چيو هومانس، ”....... سو محبت ته هر ڪوئي ڪندو آهي، پر هر ڪوئي ائين نه ڪندو آهي چري!..... جيئن پاڻ ڪندا آهيون!“
شبنم ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو هو، ”جوڳي.........“ پر مون ٻيهر سندس وات تي هٿ ڏئي ڇڏيو هو ۽ چيو هوم، ”منهنجي ڳالهه اڃان پوري نه ٿي آهي شبنم!“
شبنم هڪدم پنهنجي جان ڇڏائي هئي ۽ ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي وراڻي هئي، ”تنهنجا اهي گهرا فلسفا مون کان زور آهن جوڳي!“
شبنم جي انهي ڳالهه تي آئون مرڪي ماٺ ٿي ويو هئس. پوءِ ڪي گهڙيون خاموشي ڇائنجي وئي هئي. اسين ٻئي ڄڻا پُر لطف خاموشي جي پاتال ۾ پيهي ويا هئاسين.
ڪافي دير کان پوءِ مون ڏاڍي حساس لهجي ۾ پڪاريو هو، ”شبنم!...“
هوءَ جڏهن مون ڏي متوجه ٿي هئي ته مون وري ورجايو هو، ”آءُ! ته گل پوکيون شبنم!“
شنبم هيڪر ٻڌو پر پوءِ اڻٻڌو ڪري ڇڏيو هو. مون ٻيهر چيو هو، ٽيهر چيو هو ۽ چوندو ئي رهيو هئس،” آءُ! ته گل پوکيون شبنم!“ نيٺ ڪنهن ڀيري شبنم مون ڏي شرارتي انداز سان نهاريو ۽ پوءِ چيو هو، ”پر تو ته چيو هو ’عشق آڳ آهي!‘“
”ها! چيو هوم!“ مڃيو هوم.
”پوءِ......“ هن چيو هو، ”آڳ ۾ گل ڪيئن پوکبا جوڳي!“
اهو ٻڌي آئون ڪجهه لمحا خاموش رهجي ويو هئس. مون کي ماٺ ڏسي شبنم وري ورجايو هو، ”ٻڌاءِ جوڳي!“ هن پڇيو هو، ”آڳ ۾ گل ڪيئن پوکبا!“
شبنم جو اشتياق ڏسي مسڪرائي ڏنو هوم. گهڻو ئي اک جي پڪائي ڪئي هئم مگر مرڪون ازخود منهنجي چپن تي ڦهلجي ويون هيون. اکيون اکين ۾ وجهي شبنم کي ڪي گهرا فلسفا نه ٻڌايا هئم. مون ڪا وڏي تقرير نه ڪئي هئي، مون کيس ڪجهه به نه چيو هو. ان سوال جي جواب ۾ مون بس رڳو کيس علامه اقبال جو هي شعر ٻڌايو هو؛
گر آج بهي هـو براهيــمؑ ڪـــا ايمـــان پيدا!
تو آگ بهي ڪر سڪتي هي اندازِگلستان پيدا!
.....۽ پوءِ منظر ئي بدلجي ويو هو!....۽ پوءِ شبنم سراپجي وئي هئي!....۽ پوءِ مان به مان نه رهيو هئس!.....۽ پوءِ ڪا چڻنگ ٻري هئي!.......۽ پوءِ ڪي جذبا دُکيا هئا!...... ۽ پوءِ ڪا باھ ڀڙڪي هئي!......۽ پوءِ اها آڳ ڏسندي ئي ڏسندي ڄڻ آتشِ نمرود بڻجي پئي هئي!...... ۽ پوءِ اسان مچ ڏسي نه موٽيا هئاسين!....... ۽ پوءِ اسان خود کي انهي آڙاھ منجهه اڇلائي ڇڏيو هو!.... ۽ پوءِ اسان اهڙي طرح آڳ ۾ گل پوکيا هئا........!!!
......... ۽ جڏهن شعلا شبنم ٿي پيا هئا!...... ۽ جڏهن باھ پاڻي ٿي پئي هئي!....۽ جڏهن ٽانڊا گلاب بڻجي پيا هئا!...... تڏهن مون ۽ شبنم گڏجي هڪ گلاب کنيو هو!
ان گلاب جو نالو؛ شبنم چيو هو، ”تون رک!“ پر مون چيو هو، ”تون رک!“ ۽ پوءِ شبنم ان گلاب جو نالو رکيو هو، ”مصور!“
آئون ۽ شبنم پوءِ دير تائين مصور جي منهن ۾ گهوريندا رهيا هئاسين! اسان ٻنهي ڄڻن گهڻو ئي ڳالهائڻ چاهيو هو، پر دير تائين اسان ڪجهه ڳالهائي ئي نه سگهياسين. ڳالهائڻ لاءِ اسان کي لفظ ئي نه ٿي لڌا! ڳالهائڻ جي اسان وٽ همت ئي نه رهي هئي! اسان ۾ جرئت ئي نه رهي هئي! اسان ڪافي دير تائين ساڪن ٿي رهجي ويا هئاسين! اسان خوشي وچان بي اختيار ٿي پيا هئاسين. اسان جي اختيار ۾ ڪجهه به باقي نه رهيو هو. اسان پاڻ پنهنجي اختيار ۾ نه رهيا هئاسين! نه اسان جا هٿ اسان جي اختيار ۾ رهيا هئا، نه اسان جون اکيون اسان جي اختيار ۾ رهيون هيون. نه اسان جي دل اسان جي اختيار ۾ هئي، نه اسان جي زبان اسان جي اختيار ۾ هئي! اسان جي وس ۾ ڪجهه به نه رهيو هو. اسان ننهن کان چوٽي تائين ’نه‘ ٿي پيا هئاسين! اسان انهن لمحن ۾ اسان ته رهيا ئي نه هئاسين! اسان ڪافي دير تائين بُت بڻجي مصور ۾ گهوريندا رهيا هئاسين. ها! ڪافي دير گذري وڃڻ کان پوءِ نيٺ مون وڏي مشڪل سان پنهنجا چپ چوريا هئا، چيو هوم، ” شبنم!......“ هوءَ مون ڏي متوجه ٿي هئي ته چيو هوم، ” هاڻي پاڻ ٻن مان ٽي ٿي ويا آهيون!“
”نه!“ شبنم جا چپ به چري پيا هئا، ”پاڻ ٻن مان ٽي نه ٿيا آهيون!“
اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو عجب لڳو هو. سوال بڻجي شبنم ڏي نهاريو هوم. مون ڏي ڏسي شبنم هڪ زبردست جملو ڳالهايو هو. هن چيو هو، ”هاڻي پاڻ ٻن مان هڪ ٿي ويا آهيون جوڳي!“
شبنم جي انهي جملي منهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا! شبنم جي انهي وراڻي تي اسان ٻنهي جا ڪنڌ جهڪي پيا هئا! ڪجهه گهڙين کان پوءِ اسان ٻيهر ڪنڌ کڻي هڪٻئي ڏي نهاريو هو! هن ڀيري اسان ٻيئي هڪ ٻئي کي ڏسي حيران رهجي ويا هئاسين. اسان هڪٻئي کي اڳ ڪڏهن ائين نه ڏٺو هو، جيئن هاڻ ڏٺو هوسين! اسين روز ملندا هئاسين، اسين هڪٻئي کي روز ڏسندا هئاسين؛ پر هي ڏسڻ ان ڏسڻ جهڙو نه هو. هن ڀيري ائين پئي لڳو ڄڻ اسان نوان ڄاوا هئاسين. ڄڻ نئين سر تخليق ٿيا هئاسين. اسان جا فقط نالا ئي ساڳيا رهيا هئا. باقي سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو! اسان جو تعارف ئي تبديل ٿي ويو هو! جوڳي هاڻي رڳو جوڳي نه رهيو هو، شبنم هاڻي رڳو شبنم نه رهي هئي!......
”هن جون اکيون تو جهڙيون آهن جوڳي!“ مصور جي مکڙي ۾ چتائيندي شبنم چيو هو.
” هن جا چپ تو جهڙا آهن شبنم!“ چيو هوم.
” هن جا وار تو جهڙا آهن!“
” هن جا ڪن تو جهڙا آهن!“
” هن جا هٿ تو جهڙا آهن جوڳي!“
” هن جا پير تو جهڙا آهن شبنم!“
” مصور جو آواز تو جهڙو هوندو جوڳي!“ شبنم چيو هو.
” مصور جو انداز تو جهڙو هوندو شبنم!“ چيو هوم.
اسين ڳالهائيندي ڳالهائيندي ماٺ ٿي ويا هئاسين، دير تائين ماٺ ئي رهيا هئاسين. ماٺ رهي رهي وري ڳالهايو هو سين!
” هن جو نڪ تنهنجي نڪ جهڙو آهي جوڳي!“ شبنم چيو هو.
منهنجي ڳالهائڻ جو وارو هو پر آئون ماٺ ٿي ويو هئس. شبنم منهنجي وراڻي جو انتظار ڪيو پر مون کي ماٺ ڏسي هوءَ به ماٺ ٿي وئي هئي. ڪي پل رکي مون ڪنهن پل چيو هو، ”شبنم!“
”جي!“ شبنم چيو هو.
” اڄ کان پهرين، آئون پنهنجي هستي جي اندر تنهنجو منڍ ۽ ڇيڙهو ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پوندو هئس، پر شبنم مون کي اها خبر پئجي نه سگهندي هئي ته تون منهنجي هستي ۾ ڪٿان کان شروع ٿيندي آهين ۽ ڪٿي ختم ٿيندي آهين!“ ڀرپور لطف منجهان شبنم کي چيو هوم، ”۽ اڄ وري مصور جي وجود ۾ آئون ڪافي دير کان پاڻ ٻنهي جو منڍ ۽ ڇيڙهو ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو آهيان پر مون کي خبر نٿي پوي شبنم ته مصور جي وجود ۾ پاڻ ٻيئي ڪٿان کان شروع ٿا ٿيون ۽ ڪٿي ختم ٿيون ٿا!“
اهو ٻڌي شبنم مون ڏي نهاريو هو ۽ ڪي پل نهاريندي ئي رهي هئي! پوءِ هوءَ مرڪي پئي هئي، ”جوڳي!“
”جي!“چيو هوم،
” اڄ کان پهرين آئون پنهنجي هستيءَ جي اندر تنهنجو منڍ ۽ ڇيڙهو ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پوندي هئس، پر جوڳي، مون اها خبر پئجي نه سگهندي هئي ته تون منهنجي هستي ۾ ڪٿان کان شروع ٿيندو آهين ۽ ڪٿي ختم ٿيندو آهين!“ شبنم فقط نالو ئي بدلايو هو، هن ساڳيا ئي لفظ پنهنجا ڪري پيش ڪيا هئا، هن به مون وانگر ئي چيو هو، ” ۽ اڄ وري مصور جي وجود ۾ آئون ڪافي دير کان پاڻ ٻنهي جو منڍ ۽ ڇيڙهو ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پئي آهيان پر مون کي خبر نٿي پوي جوڳي ته مصور جي وجود ۾ پاڻ ٻيئي ڪٿان کان شروع ٿا ٿيون ۽ ڪٿي ختم ٿيون ٿا!“
سڪون منهنجي مڪمل وجود ۾ سراعيت ڪري رهيو هو. رڳن ۾ رت نه هو، ڄڻڪهِ انگور جو پاڻي هو جو گردش ڪري رهيو هو! شبنم کي چيو هوم، ”شبنم!“ مصور ۾ گهوريندي چيو هومانس، ” هي منهنجي عدم جي تصوير آهي شبنم!“ مدهوش لهجي ۾ چيو هوم، ” مصور منهنجي پئدائش کان اڳ واري تصوير آهي شبنم!“ چيو هومانس، ”منهنجي پئدائش کان اڳ واري زندگي آهي مصور!“
مان اهو چئي ڪي گهڙيون چپ رهجي ويو هئس. مون چاهيو هو ته شبنم ڪجهه ڳالهائي، پر شبنم ماٺ ئي رهي! هن کي ماٺ ڏسي مون وري ڳالهايو هو، ”هي منهنجي امرتا آهي! جاوداني آهي شبنم! مصور جو وجود منهنجي مڪملتا جو مظهر آهي!“
شبنم خاموش هئي، هن ڪافي دير کان ڪجهه نه ڳالهايو هو، کيس چپ ڏسي چيو هوم، ”شبنم! تون چپ ڇو آهين!؟ ڳالهائين ڇو نٿي!؟ .......ڳالهاءِ شبنم!“
”مان ڇا ڳالهايان جوڳي!؟“ هن وراڻيو هو، ”مون کي ته اڄ ائين ٿو لڳي جيئن، مان پنهنجو پاڻ کي ئي ٻڌي رهي آهيان!“ چيو هئائين، ”جوڳي! تون منهنجا ئي لفظ اچاريندو ٿو وڃين! تون منهنجا ئي جملا ڳالهائيندو ٿو وڃين! مان ڇا ڇا ورجايان جوڳي!“ هوءَ ڪجهه ترسي وراڻي هئي، ” هي پاڻ ٻنهي جو امتزاج آهي جوڳي!...... مصور، شبنم ۽ جوڳي جي انڊلٺي رنگن جي مصوري آهي!“
”شبنم!“ چيو هوم، ”هيءَ ئي اها تصوير آهي جيڪا مون کان هر ڀيري ٺهندي ٺهندي ڊهي ويندي هئي! جيڪڏهن تون نه ملين ها ته هي تصوير مڪمل ئي نه ٿي سگهي ها! ۽ ان تصوير جي مڪمل نه ٿيڻ جيڪري در حقيقت منهنجي ذات، منهنجي هستي به اڌوري ئي رهي ها!“ کن پل رکي هڪدم وري چيو هوم، ”پر تنهنجو نه ملڻ ممڪن ئي نه هو شبنم!..... تنهنجو مون سان ملڻ ته ازل کان به اڳ ۾ لکجي چڪو هو!........ هي مصور ان سچائي جو ثبوت آهي شبنم!“ من مندر ۾ ماضي جي دري کلي پئي هئي، شبنم کي چيو هوم، ” اڄ مون کي اهو خواب ياد اچي رهيو آهي جيڪو آئون ننڍي هوندي کان وٺي تنهنجي آشنائي تائين وقفي وقفي سان مسلسل ڏسندو رهيو هئس! هار......هار...... ۽ مسلسل هار وارو خواب! ..... شيشي..... پٿر..... پٿر....... شيشي وارو خواب!“ چيو هوم، ”اڄ مون کي اها هار ياد اچي رهي آهي! جنهن هار کي آئون هيل تائين هارائي نه سگهيو هئس! اڄ مون کي اها بازي ياد اچي رهي آهي، جيڪا آئون هر ڀيري کٽيندي کٽيندي هارائي ويندو هئس شبنم!“ کيس چيو هوم، ”ها شبنم! اڄ مون کي اهو خواب ڏاڍو ياد اچي رهيو آهي،....... شيشي ۽ پٿر وارو خواب!!...... زندگي ۽ موت وارو خواب! جيت ۽ هار وارو خواب! وڃائجي ويل زندگي وارو خواب! اهو خواب، جيڪو ڳولها جو سبب بڻيو! جيڪو وجود جي ويڙھ جو مرتڪب ٿيو! ها، اهو خواب، جنهن ۾ آئون شيشي جي هڪ نازڪ فريم تي هڪ ڀاري پٿر کي ڪِرندي ڏسندو هئس!“ اهو چئي هڪ اونهون گهرو ساھ کنيو هوم. انهي ساھ ۾ ڄڻڪهِ صدين جا ٿڪ هئا. ساھ کنيو هوم ۽ صدين جا ٿڪ لهي ويا هئا! چيوهوم، ”مصور ان خواب جو انجام آهي!........ مون کي اڄ ائين ٿو لڳي ڄڻ مون اها تصوير محفوظ ڪري ورتي آهي، جنهن جي چُور چُور ٿيڻ جو مون کي سدائين خوف رهندو هو!...... هي ئي اها تصوير آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ کان پهرين مون مرڻ نه ٿي چاهيو! اهوئي سبب آهي جو خواب ۾ به شيشي تي پٿر جي ڪِرڻ کان پهرين ڊپ کان منهنجي اک کلي ويندي هئي!“ مصور ڏانهن ڏسندي چيو هوم، ” هي ئي اها بازي آهي، جيڪا آئون هر ڀيري کٽيندي کٽيندي هارائي ويندو هئس!......... اڄ مون انهي هار کي هارائي ڇڏيو آهي شبنم! جيڪا هر ڀيري مون کان هارائيندي هارائيندي کٽي ويندي هئي!“
خاموشي جو هڪ پُر سرور وقفو ٿيو هو...........
شبنم جي مک تي مرڪون وکريل هيون، مون ڪنهن پل وري ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، مصور ڏي چتائيندي چيو هوم، ” شبنم! پاڻ ٻيئي ڪافي دير کان هن جي پنهنجو پاڻ جانچي رهيا آهيون، پر مون کي ائين ٿو لڳي ته هي به ڪافي دير کان پاڻ ٻنهي جي هستي ۾ پنهنجو پاڻ کي ئي جانچي رهيو آهي شبنم!“ چيو هوم، ” مون کي الئه ڇو ائين ٿو لڳي شبنم ته هيءُ به پاڻ ٻنهي کي ڪافي دير کان ائين گهوري رهيو آهي، جيئن پاڻ ٻيئي سندس ئي وجود جا ٻه ٽڪرا آهيون!!“ اهو ٻڌي شبنم کي به اچرج وٺي ويو هو. مون چيو هو، ”سچ پچ! مون کي ته خبر ئي نٿي پوي ته هي پنهنجي تخليق آهي يا پاڻ هن جي تخليق آهيون!؟“
مان ڳالهائي ڳالهائي ماٺ ٿي ٿي ويس مگر وري ڪنهن پل ماٺ رهڻ به مشڪل ٿي لڳو، سو بس وري وري ٿي ڳالهايم، مان لاشعوري طور تي اصل ۾ مصور جي تشريح جي ڪوشش ڪري رهيو هئس پر ڪري نه پئي سگهيس! جيترو به ٿي ڳالهايم، ايترو گهٽ ٿي لڳو! مون چاهيو هو ته شبنم به ڪجهه ڳالهائي، سو شبنم کي پُڪاريو هوم،” شبنم!“
شبنم ڪا ورندي نه ڏني هئي، مون کيس وري پڪاريو هو، ”شبنم!“ چيم، ”تون چپ ڇو آهين؟...... ڪجهه ڳالهاءِ!“
”اڄ ڏاڍي شدت سان اهو احساس ٿي رهيو آهي پنهنجا رڳو نالا الڳ الڳ آهن! پنهنجا رڳو جسم جدا جدا آهن جوڳي! ورنه پاڻ هڪ ئي آهيون!“ شبنم وراڻي، ”تون منهنجيون ئي ڳالهيون ڳالهائي رهيو آهين!....... لفظ منهنجا ۽ چپ تنهنجا آهن جوڳي!“
”چري!....... پاڻ هڪ ئي آهيون! پنهنجو نالو به هڪ ئي آهي! پنهنجو جسم به هڪ ئي آهي شبنم!“ چيو هومانس، ”شبنم ۽ جوڳي جو هڪ هئڻ آهي مصور!..... شبنم ۽ جوڳي جو هڪ نالو آهي مصور!...... شبنم ۽ جوڳي جو هڪ جسم آهي مصور!“
شبنم منهنجي انهي وراڻي ۾ ويڙهجي وئي هئي. مون کيس چيو هو، ”شبنم! توسان ازلي ناتو اٿم! پاڻ ٻه نه، پاڻ درحقيقت هڪ ئي آهيون!“ چيو هومانس، ”اڄ آئون جڏهن پاڻ ٻنهي کي مصور جي هستيءَ ۾ هڪ ٿو ڏسان ته هينئين تي سيد سڳوري جي هي سٽ ٿي هُري ته،’هئا اڳهين گڏ! ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا!‘“
سيد جي انهي سٽ ۾ لفظ نه هئا لهرون هيون ۽ انهن لهرن ۾ اسان ائين لڙهي ويا هئاسين، جيئن سهڻي سير ۾ لڙهي وئي هئي! اسين پاتال منجهه پيهي ويا هئاسين! پاتال مان شبنم پُڪاريو هو، ”جوڳي!“
”جيءُ!“
توکي ياد آهي سانوڻ جي ڀرپور وسڪاري کان پوءِ تو مون کان هڪ ڳالهه پڇي هئي.“
” ڪهڙي!؟“
”جوڳي! تو پڇيو هو،“ شبنم ياد ڏياريندي چيو هو، ”ڪي به ٻه اڌ پاڻ ۾ ملي ڪا هڪ شيءِ مڪمل ڪندا آهن، پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پوءِ آخر پاڻ ٻيئي اڌورا هڪ ٻئي سان ملي، ٻيئي ڄڻا مڪمل ڪيئن ٿي پوندا آهيون!؟“
”ها شبنم!“ مون کي ياد اچي ويو هو.
” سمجهايانءِ اڄ!؟“ شبنم مرڪي چيو هو.
”نه بس!“ کيس چيو هوم، ”اڄ مان پاڻ ئي سمجهي ويس شبنم!“
رات پنهنجي پڄاڻي کي پهچي رهي هئي. اسان کُليل اکين واري انهي حسين خواب ۾ ٻيئي ڄڻا زماني جي ڪوجهين حقيقتن کان ڪوهين ڏور پناھ وٺي ويٺا هئاسين. پرھ ڦُٽڻ کان پهرين شبنم جا زلف سنواريندي چيو هوم، ” شبنم!..... ڪيڏو نه حسين خواب آهي هي......!“
” ها جوڳي!“ اڌ پوريل ۽ اڌ پٽيل اکين سان نهاريندي شبنم چيو هو، ”حقيقت کان به وڌيڪ حسين!“
”پاڻ هن خواب مان ڪڏهن به نه جاڳنداسين شبنم!“ نيم پاڳل ٿي پيو هئس.
”هن خواب مان جاڳياسين ته مري وينداسين جوڳي!“ شبنم ته صفا پاڳل ٿي پئي هئي!
اسان ٻيئي هڪ ٻئي ۾ ويڙهجي هڪ ٿي ويا هئاسين.........!