ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

  ڳالهيون ۽ ڳوڙها......!

عشقِ حاصل _ لا حاصل واري خواب جي حقيقت، مون کيس هڪڙي سمجهائي هئي، پر هن ٻي سمجهي هئي. مون کيس گهڻو ئي اهو سمجهايو هو ته آئون هر جنم ۾ پهرين تنهنجي ڪمي دريافت ڪندو آهيان، پوءِ تنهنجي ڳولا ۾ پاڻ وڃائي نيٺ توکي دريافت ڪندو آهيان. ۽ پوءِ آخر ۾ نئين جنم ۾ توکي ٻيهر ڳولهڻ جي لاءِ وري وڃائجي ويندو آهيان. آئون هر جنم ۾ پاڻ وڃائي توکي ئي ڳوليندو رهيو آهيان. پر هن ائين نه سمجهيو هو. هوءَ عورت هئي، هوءَ ڏاڍي ڪمزور هئي. محبت جي معاملي ۾ مرد ته مان به نه هئس، پر پوءِ به هوءَ مون کان به وڌيڪ ڪمزور هئي. هن کي ڪيئي وهم وڪوڙي ويا هئا. هن کي بس خبر ناهي ڇو پاڻمرادو اهو خوف ورائي ويو هو ته آئون کائنس هميشه جي لاءِ وڇڙي ويندس. اوچتو ئي اوچتو اهڙو ڪو واءُ گهلندو جو منهنجو هٿ کائنس ڇڏائجي ويندو. ڏسندي ئي ڏسندي آئون ويندس وڃائجندو.....گم ٿيندو........ دور....دور..... صفا دور ٿيندو........ ۽ هوءَ ويراني ۾ مون کي ائين ئي وڃائي ويهندي.........!
” تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“ شبنم ڳنڀير لهجي ۾ پڇيو.
شبنم جو لهجو ئي ڪجهه اهڙو هو جو آئون سمجهو هوندي به بي سمجهه ٿي پيس! منهنجا هماليه جيڏا حوصلا ڊهي پٽ پئجي ويا! عشقِ حاصل _ لا حاصل جي وچ وارو اهو ’لا‘، جيڪو ڪجهه گهڙيون پهرين مون کي محبت جو معراج لڳو هو سو هڪ ڀيرو وري ڀالو لڳڻ لڳو! آئون صفا ريزه ريزه ٿي پيس. خبر ناهي ڪٿان ڪا اداسي جي لهر آئي ۽ سڀ مرڪون لوڙهي وئي. دردن جا ڪي ياجوج ماجوج ڪاهي پيا هئا، سڀ ئي خوشيون ڄڻ چٽجي چٽ ٿي ويون هيون. مون کي ياد آهي ان کان گهڻو اڳ هڪ ڀيري پهرين به شبنم منهنجي سيني ۾ سمائجي اهو پڇيو هو ته ،” تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“
ان ڀيري جڏهن شبنم واتان اهو ٻڌو هوم ته سراپجي ويو هئس. اهو ٻڌي هيڪر ته ڏاڍو اداس ٿي پيو هئس. ڪجهه ڳالهائي ئي نه سگهيو هئس. مون کي خاموش ڏسي شبنم پنهنجو سوال وري ورجايو هو،” تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“
منهنجي ماٺ تي شبنم هڪ ڀيرو وري جڏهن مون کي ڌونڌاڙي اهو پڇيو هو ته ڏاڍي ڳوري آواز ۾ چيو هوم،”مان تو کي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!“
هوءَ اهو ٻڌي مون منجهه گم ٿي وئي هئي! آهستگي آهستگي سان منهنجي سيني منجهان ٻيهر آواز ٻُريو هو، ”تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“
ساڳي ئي آهستگي آهستگي سان مون به وراڻيو هو، ”مان توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!“
ان کان پوءَ رکي رکي شبنم اهو ساڳيو ئي سوال ورجائيندي رهي هئي ۽ شبنم جي انهي سوال جي جواب ۾ آئون به رکي رکي اهو ساڳيو ئي جواب دهرائيندو رهيو هئس. اسان جي اها نغمگي مڌم مڌم هلندي رهي هئي. چنڊ لهي ويو هو، ستارا ٿڪجي پيا هئا. رات کٽي وئي هئي، باک ڦٽي وئي هئي. نيٺ اکين جي ڇنڀ کان اڳ، مون شبنم کي چيو هو، ”مون تي ڪو شڪ اٿئي ڇا شبنم!؟“
”............“ شبنم چپ چوري نه، اکيون کڻي ڪجهه چيو هو.
” پوءِ بار بار اهو ڇو ٿي پڇين شبنم؟“ چيو هومانس؛ ” ته تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“
شبنم پنهنجيون اکيون منهنجي اکين ۾ اٽڪائي چيو هو،” اهو شڪ جي ڪري نٿي پڇان جوڳي!“ هن جون اکيون ازخود جهڪي ويون هيون، ”اهو بار بار ته انڪري ٿي پڇان جو آئون بار بار تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ٿي چاهيان ته،“ هن چيو هو،” .......آئون توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!“
شبنم جي اها ورندي ٻڌي خمارجي ويو هئس. مون تي محبت جو ڪيف طاري ٿي ويو هو. آئون پاتال ۾ پيهي ويو هئس. ڪجهه گهڙيون اڳ، آئون ڄڻڪهِ ڪناري تي بيٺل هئس، شبنم جي انهي ورندي مون کي ڪناري تان ڪُنن ۾ ڪيرائي ڇڏيو هو. مون کي محبت جو غوطو اچي ويو هو. آئون عشق جي انهي املھ غوطي ۾ ئي غرق هئس اڃان، جو منهنجي سيني ۾ سرسراهٽ ٿي هئي. شبنم جا چپ وري چريا هئا، ”...... تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“
آئون ويتر پاتال منجهه پيهي ويو هئس. گهرائي جي شايد آخري سرحد هئي، جيڪا شبنم جي انهي جملي کان پهرين اڃان به باقي هئي! شبنم جي انهي جملي کان پوءِ ڪا به گنجائش باقي نه رهي هئي. بس پوءِ، انهي ئي ڪري وري شبنم جڏهن اهو ساڳيو ئي سوال ورجايو هو ته آئون بنا ڪنهن وقفي جي، بنا شبنم جي ٻيهر سوال ورجائڻ جي، لاڳاتار اهو جملو اچارڻ لڳي ويو هئس، ”مان توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!......مان توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!....... ها! مان توکي.........“ ۽ آئون مسلسل اهو چوندو چوندو الوپ ٿي ويو هئس.......
ڪاش! آئون عشقِ حاصل_لاحاصل واري خواب واري حقيقت انهن ئي لمحن ۾ لهي وٺان ها! ڪاش! انهن ئي مقدس ساعتن ۾ آئون اهو سُٽ سلجهائي ڇڏيان ها. ها! ڪاش! انهن ئي انمول گهڙين ۾ مون کي گهڻو اڳ ڏٺل اهو خواب ياد اچي وڃي ها! ها! اگر ائين ٿي پوي ها، ته آئون شبنم کي ان ئي لمحي اهو چئي ڇڏيان ها ته، ”شبنم! مون گهڻو اڳ هڪ ڏاڍو پُراسرار خواب ڏٺو هو!“ جيڪڏهن انهن ئي لمحن ۾ خواب مون سان ڪجهه ڳالهائي ها ته آئون شبنم کي گهڻو اڳ ڏٺل اهو خواب ٻڌايان ها، ۽ کيس چوان ها، ”اڄ مون کي انهي خواب جي حقيقت معلوم ٿي وئي آهي شبنم!“ ها! جيڪڏهن ائين ٿي پوي ها ته جنهن وقت شبنم اهو چيو هو ته، ”اهو بار بار ته انڪري ٿي پڇان جو آئون بار بار تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ٿي چاهيان ته ...... آئون توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!“ ته تنهن وقت آئون کيس انهي خواب جي حقيقت سمجهايان ها! چوانس ها، ”هي ئي انهي خواب جي حقيقت آهي شبنم!“ ٻڌايانس ها، ”تون هر جنم ۾ مون کان فقط اهو ئي پڇندي آهين ته، ’ تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟‘ ۽ اهو فقط ۽ فقط انڪري ئي پڇندي آهين جو جو تون مون واتان اهو ٻڌڻ چاهيندي آهين ته، ’آئون توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!‘“ چوانس ها، ”شبنم! آئون هر جنم ۾ توکي اهو ئي ثبوت ڏيندي چوندو آهيان ته، ’آئون توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!‘“ ها! کيس انهي خواب جي حقيقت اهو چئي سمجهائي ڇڏيان ها ته، ”شبنم! هي جنمن جا ڦيرا آهن، جيڪي لمحن ۾ ڦري رهيا آهن!“
ها! ڪاش! ائين ٿي پوي ها! اگر ائين ٿي پوي ها ته شبنم جي اکين ۾ ڳوڙها نه ڀرجن ها! اڄ هوءَ ايتري اداس نه هجي ها! اڄ هوءَ ايتري ڊنل ڊنل نه هجي ها. ها! هوءَ ڀلي زندگي ڀر مون کان اهو پڇندي رهي ها ته، ” تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“ پر ائين ڪڏهن به نه پڇي ها، جيئن هن اڄ پڇيو هو. ها! ان ڀيري ۽ اڄ، انهي ساڳي ئي سوال ۾ ڪيڏو نه فرق هو. رات ڏينهن جو تضاد هو. نه آئون بدليو هئس نه شبنم بدلي هئي، نه ئي اهو سوال به بدليو هو. پر پوءِ به ڪجهه اهڙو هو جو بدلجي ويو هو! ۽ جنهن جي بدلجڻ سان اڄ اهو ساڳيو ئي سوال امرت مان زهر بڻجي پيو هو. اڄ جڏهن شبنم اهو سوال پڇيو ته اداس ٿي اجهامي ويس. شبنم جو چهرو جو زرد ڏٺم ته منهنجي وجود تي به هيڊ هارجي وئي!
” تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“
اڄ جڏهن شبنم پنهنجو اهو سوال ورجايو ته وڍجڻ لڳس!
شبنم جو لٿل منهن مٿي ڪيم. چيم، ”هي ڌرتي پنهنجي مدار ۾ گردش ڪري رهي آهي!“ ورائي پڇيومانس، ”ڇا هي ڌرتي پنهنجي مدار کي ڇڏي رهي سگهي ٿي شبنم!؟“
شبنم ماٺ ئي رهي، هن ڪجهه نه ڪڇيو. مون چيو، ”هر جاندار پنهنجي پنهنجي کل ۾ رهندو آهي شبنم!“ پڇيومانس؛ ”ٻڌاءِ..... ڪوئي پنهنجي پاڻ مان نڪري سگهي ٿو!؟“
شبنم چپ چاپ ٻڌي رهي هئي. اکيون سندس اکين ۾ کپائي چيم، ”تون منهنجو محور آهين مٺي! تون منهنجو بدن آهين شبنم!“ منهنجيون بي چيون اکيون اڄ ڀرجي آيون، چيم، ”مان توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!!“
اهو ٻڌي شبنم جون اکيون به ڇلڪي پيون. هن پنهنجو منهن هيٺ ڪري ڇڏيو. آئون ڪي گهڙيون ڄڻڪهِ ڪوما ۾ هليو ويس. پوءِ جڏهن پاڻ سنڀاليم تڏهن شبنم جو جهڪيل منهن مٿي ڪيم، ۽ پنهنجا هٿ رومال ڪري وراڻيم؛ ”تون جيڪا سهڻي جي تاريخ آهين! تون جيڪا دنيا جي دهشت ڀريي درياھ مان ريتن، رسمن، رنگ_نسل توڙي ذات پات جون سموريون لهرون لنگهي مون سان اچي ملندي آهين! تون جيڪا پنهنجي سر جو سانگو لاهي، منهنجي ٻانهن ۾ اچي پناھ ڳوليندي آهين!....... مان تو کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان شبنم!؟“
منهنجا لفظ هن جي لاءِ آڪسيجن ٿيندا ويا. هن جي حالت ايمرجنسي وارڊ جي ڪنهن مريض جهڙي هئي! ”تون جيڪا منهنجي انهي خواب جي مرتڪب بڻي آهين جيڪو حقيقت کان وڌيڪ حسين آهي! اهو خواب، جنهن مان اگر جاڳياسين ته مري وينداسين! اهو خواب، جيڪو منهنجي مڪملتا جي حقيقت آهي!.......ٻڌاءِ! مان توکي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان چري!“ هوءَ چپ چاپ ٻڌندي ئي رهي. ”...... مون تنهنجي عشق جو آغاز پنهنجي اختتام کان ڪيو آهي، مون ته طارق بن زياد جيان توکي ٻيڙيون ساڙي فتح ڪري ڇڏيو آهي شبنم!“ منهنجيون اکيون جل ٿل هيون. ڪلهن تي هٿ رکي کيس ڌنڌاڙيم. بس اهو چوندي چوندي آئون سندس ڪلهن کان قدمن تائين وکري ويس! شبنم منهنجي وکريل وجود کي سميٽڻ لڳي. هوءَ مون تائين جهڪي آئي. هن پنهنجيون ٻانهون پيار جون پناهون بڻائي ڇڏيون. آئون سندس ٻانهن ۾ ائين محفوظ ٿي ويس، جيئن لوحِ محفوظ ۾ هر شيءِ محفوظ آهي! ”تون منهنجي لوحِ محفوظ آهين شبنم!...... آئون توکان ٻاهر ٿي ئي نٿو سگهان!..... ها! آئون توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!“
”آئون توکي ڇڏي ئي نٿو شبنم!“ اڄ مون پنهنجي انهي جملي جا ڪيئي جواز پيش ڪيا. انهي جملي جي تشريح ڪندي ڪيئي دليل ڏيندو رهيس، پر دير تائين دل ئي نه ڀري! ايترين ڳالهين جي باوجود به مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪجهه به نه ڳالهايم. ڳالهائيندي ڳالهائيندي منهنجو ڳلو خشڪ ٿي ويو. وسندي وسندي منهنجو دامن تر ٿي ويو. ڪو سمونڊ هجي ها ته صحرا ٿي پوي ها! ڪو صحرا هجي ها ته سمونڊ ٿي پوي ها! مگر شبنم جو عجب سوال هو! جو جيئن هو سو تيئن ئي رهيو! ماکيءَ جي لار مان وِھ جو وٽو بڻجي ويل شبنم جي انهي سوال جي شدت ڄڻڪهِ ذرو به زائل نه ٿي سگهي! رکي رکي شبنم جو اهو سوال پاڻمرادو منهنجي سماعتن ۾ گونجڻ ٿي لڳو ۽ رکي رکي مون وري ڳالهائڻ ٿي شروع ڪيو، ”.......ڇڏي ته ان کي سگهبو آهي، جنهن جي ڇڄڻ سان ڪجهه ڇڏڻو نه پوي!“ لفظ ’ڇڏڻ‘ تي ڇوھ ڇنڊيندي چيم، ” ڇڏي ته ان کي سگهبو آهي، جنهن جي هجڻ نه هجڻ سان ڪو به فرق نه پوي!“ چيم، ”ڇڏي ته ان کي سگهبو آهي، جنهن جي حاصلات جي لاءِ ڪجهه وڃائڻو نه پيو هجي!“ چيو هومانس، ”پر شبنم!....... جنهن جي حاصلات جي لاءِ پاڻ وڃائڻو پيو هجي، تنهن کي ڇڏي نه سگهبو آهي!“ چيم؛ ”مون پاڻ وڃائي توکي ڳوليو آهي شبنم!“ کيس ڳڙندڙ اکين سان گهوري چيم، ”تون جنهن ڇڏڻ جي ڳالھ ٿي ڪرين، تون جنهن ڇڏڻ تي روئي رهي آهين، آئون انهي ڇڏڻ جو ته تصور به نٿو ڪري سگهان شبنم!“ چيومانس، ”تون جنهن ڇڏڻ جو سوچي ڇلڪي پئي آهين، آئون انهي ڇڏڻ کي عشق جو ڪفر ٿو سمجهان!..... ها! آئون توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!“ ڳالهائي ڳالهائي لفظ کٽائي ڇڏيم، مگر منهنجيون اهي انيڪ ڳالهيون به شبنم جي انهي سوال جا چپ سبي نه سگهيون. مون ڪيئي ڳوڙها ڳاڙيا، مگر ڄڻڪهِ سمونڊ به سرڪو ئي نه ٿيو! شبنم ته گهڻو پهرين ئي خاموش ٿي وئي مگر سندس سوال دير تائين گونجندو رهيو، ”.......تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟..... تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟.......... تون مون کي...........!؟“
آئون انهي سوال جي سرگوشي جي زد ۾ ئي هئس. پر مون وٽ لفظ ئي باقي نه بچيا هئا. ان ڀيري مون ساھ جي آخري هڏڪي تائين ڳالهائيندي ئي رهڻ چاهيو هو، مگر لفظ ترو ڏئي ويا هئا. لفظ کٽي ويا هئا. مون کي لفظن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سوچڻ لڳو هئس، ڪاش! اظهار، لفظن جو محتاج نه هجي ها! ڪاش! دنيا ۾ لفظ هجن ئي نه ها! ڏند ڪرٽيندي سوچڻ لڳس، جذبن جي اظهار جو ڪو ٻيو ذريعو هجي ها، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ لفظن جيترو ڪمزور ۽ محدود نه هجي ها! پنهنجي ساءِ دل ئي دل ۾ چيم، دنيا ۾ درحقيقت سڀ کان وڌيڪ رنجشون، توڙي غلطفهميون ماڻهن جي وچ ۾ ئي ٿينديون آهن. ڏٺو وڃي ته ايترو ته حيوان به هڪٻئي سان نه وڙهندا آهن، جيترو انسان پاڻ ۾ وڙهندا آهن! انهي جو هڪ تمام اهم ڪارڻ لفظ به آهن. حيوان ڳالهائي نه سگهندا آهن، انسان ڳالهائي سگهندا آهن. مون کي ائين لڳو ڄڻ لفظن ئي رنجشون ڦهلايون آهن، لفظن ئي غلطفهميون پکيڙيون آهن. ها! مون کي هڪ لمحي جي لاءِ ته ائين ئي لڳو پر ٻئي لمحي خيال آيو، لفظن جو ته ڪو قصور ئي ڪونهي! مون کي وري پهرين جي اُبتڙ ائين پئي سمجهه ۾ آيو ته، انسان پنهنجي نوع ۾ درحقيقت حيوان کان به وڌيڪ وحشي ٿيندو آهي! اهي ته لفظ ئي آهن جن کيس روڪي رکيو آهي، اگر لفظ نه هجن ها ته شايد انسان گهڻو اڳ هڪٻئي سان وڙهي مري ختم ٿي وڃن ها! آئون پنهنجن ئي خيالن ۾ پاڻ سان ئي وڙهي پيو هئس. سوچيم ڪير ٿو چوي ته لفظ ناڪافي آهن، لفظ تمام محدود آهن. شبنم به ته چند لفظ ئي اچاريا هئا! ڪيترا نه ڀاري هئا اهي چند لفظ! آئون لاشعوري طور تي رڳو پنهنجي پاڻ سان ئي وڙهي رهيو هئس. اهو سڀ ڪجهه انهي لاشعوري ويڙهه جو ئي نتيجو هو! لفظن جو ته ڪو به ڏوھ نه هو. ڳالھ فقط ايتري ئي هئي جو آئون بيوسي منجهان پاڻمرادو ڀڃڊاھ جو شڪار ٿي پيو هئس. سوچيم پئي، ڪيترا نه وسيع هئا شبنم جا اهي چند لفظ ۽ ڪيترا نه محدود هئا منهنجا انيڪ لفظ! شبنم جا اهي چند لفظ به ڪيترا نه قداور هئا جو منهنجيون اڻڳڻيون ڳالهيون ۽ ڳوڙها به گڏجي سڏجي شبنم جي انهن چند لفظن جي برابر ٿي نه پئي سگهيا!
”هڪ ڳالھ چوان جوڳي!؟“ شبنم طويل خاموشي ٽوڙيندي چيو.
”چئو.“ چيم.
ڪجهه ترسي شبنم چيو، ”.........مون کي مردن کان ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي جوڳي!“
اهو ٻڌي شبنم ڏي ڏٺم، ڪجهه دير ڏسندو ئي رهيس. پوءِ چيومانس، ”مان مرد نه آهيان شبنم!“
”.........“ شبنم خاموش سوال بڻجي چتايو.
”عاشق، نه مرد ٿيندو آهي نه ئي عورت!“ چيم، ”عاشق بس عاشق ٿيندو آهي!“
منهنجي انهي ڳالھ جو شبنم تي ڪو خاص اثر نه ٿيو. هن جهڪيل چهري سان مون کي ڏٺو پئي. مون هن ڏانهن ڏٺو. هن جي چهري تان سڀئي سوال ڌنڌلا ٿيندا ٿيندا ختم ٿي ويا ۽ آهستي آهستي سندس چهري تي ساڳيو ئي جملو ڦهلجي ويو ته، ”.....مون کي مردن کان ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي جوڳي!“
”شبنم! تون انهن مردن جي ڳالهه پئي ڪرين، جن جا ڪارناما روز جي اخبارن ۾ ڇپبا آهن!“ چيم، ”اهي، جيڪي مظلوم ماين کي مڙسي ڏيکاري مردانگي جي دعوى ڪندا آهن. اهي جيڪي خدا جي خوبصورت ترين تخليق کي پنهنجي پيرن جي جتي سمجهندا آهن! اهي، جيڪي عزت ۽ غيرت جي نالي تي پنهنجي سموري وحشت رڳو عورت تي ظاهر ڪندا آهن!“ چيومانس، ”تون انهن مردن جي ڳالهه ٿي ڪرين، جيڪي مائي کي ملڪيت ٿا سمجهن!“ چيم، ”اهي، جيڪي عورت کي ٽشو پيپر ٿا سمجهن!“ منهنجا جذبات اڀري پيا هئا. آئون جذباتي ٿي پيو هئس. ٿڙڪندي شبنم کي چيو هوم، ”اهي مرد نه، نامرد ٿيندا آهن!“ منهنجي لهجي ۾ تلخي اچي وئي هئي، ڪروڌ مان چيم، ”شبنم! عورت کي رڳو رانديڪو سمجهڻ وارا مرد، مرد نه ٿيندا آهن. منهنجي نظر ۾ اهي مرد نه بلڪهِ مُردا ٿيندا آهن!...... مردار ٿيندا آهن!“ چيم، ”شبنم آئون اهڙو مرد ناهيان.....!“
شبنم ٻڌندي رهي. هن ڪجهه نه وراڻيو. آئون جڏهن ماٺ ٿي پيس ته هر طرف خاموشي ڇائنجي وئي! دير تائين اها خاموشي برقرار رهي! اها خاموشي ڄڻڪهِ اداسي جي ماءُ هئي. اداسي وڌندي وئي. اهڙي اداسي اسان تي اڳ ڪڏهن نه ڇانئي هئي! ڏاڍي پُر وحشت اداسي هئي. سارو عالم سوڳوار ٿي پيو هو. شبنم جو اداس چهرو مون کان ڏٺو ئي نه ٿيو. کيس چيم، ”ڪجهه چهرا، مرڪن جي لاءِ مخصوص ٿيندا آهن شبنم!“ شديد اداسي برپا هئي مگر دل تي پٿر رکي چيم، ”شبنم! تنهنجو چهرو، مرڪن جي فصل جي لاءِ زرخيز ترين زمين آهي!“ چيم، ”تنهنجو هي مقدس چهرو ته زندگي جي علامت آهي شبنم! تنهنجي چهري جي اداسي زندگي جي توهين آهي!.......شبنم! تون اداس نه ٿي پليز.....!“
مان دير تائين ائين ئي ڳالهائيندو رهيس. مون پنهنجي اداس چهري سان گهڻو ئي مرڪن جي وڪالت ڪئي. گهڻو ئي کيس چيم، ”مرڪون تنهنجي چهري جون محتاج آهن، مرڪون تنهنجي چهري تي وکرڻ جي لاءِ بيتاب آهن شبنم!!“ مگر پوءِ به شبنم جي چهري تي مرڪون وکري ئي نه سگهيون. هوءَ اداس ئي رهي!
ان ڀيري شبنم تمام گهٽ ڳالهايو. ان ڀيري هن ڳالهائڻ ته گهڻو ئي ٿي چاهيو، پر ڪيئي ڀيرا لفظ سندس نڙي ۾ ئي اٽڪي ٿي پيا! لفظ سندس زبان تائين ايندي ايندي دم ٿي ڏئي ويا! ها مگر تنهن هوندي به ان ڀيري هن جيڪو به ڪجهه ڳالهايو، تنهن جي پسِ منظر ۾ فقط هڪ ئي سوال هو. اهو ئي ساڳيو سوال! هن جيڪو به ڪجهه ڳالهايو سو درحقيقت، انهي ساڳي ئي سوال جو ورجاءُ هو. لفظ بدليا ٿي، جملا بدليا ٿي، مگر سوال اهو ئي ساڳيو هو ته، ”.......تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين جوڳي!؟“
ان ڀيري مون تمام گهڻو ڳالهايو. مون ان کان پهرين، اڳ ڪڏهن ساڻس ايترو نه ڳالهايو. ڪيئي ڀيرا ڳالهائيندي ڳالهائيندي ٿڪجي ٿي پيس، پر ٿڪجي ٿڪجي به وري وري ٿي ڳالهايم! ها مگر ان ڏينهن مون جيڪو به ڪجهه ڳالهايو، تنهن جي پسِ منظر ۾ به جملو فقط هڪ ئي هو! اهو ساڳيو ئي جواب! ڳالهيون ڳچ هيون مگر اهي سڀ درحقيقت، ان ساڳي ئي جواب جو ورجاءُ هيون ته، ”مان توکي ڇڏي ئي نٿو سگهان شبنم!!!“