ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

مهاڳ : محبت جو يادگار تحفو

”تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ اهو اُهو سوال آهي جيڪو تقريباً هر ٻار کان اسڪول ۾ يا ٻاهر ڪٿي پڇيو ئي ويندو آهي. انهي سوال جي جواب ۾ ڪو چوندو آهي ته، ”آئون وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس!“ ”آئون وڏو ٿي انجنيئر ٿيندس.“ ”آئون الاڻو ٿيندس!“ ” آئون فلاڻو ٿيندس“ وغيره وغيره. ها! سو ساڳي ئي طرح سان آئون به جڏهن اڃان وڏو نه هئس تڏهن مون کان به ڪيئي ڀيرا اهو سوال پڇيو ويو ته، ” تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“
موڳو ته مان هونئن ئي هوندو هئس پر جڏهن به مون کان اهو سوال پڇيو ويندو هو تڏهن آئون ويتر منجهي پوندو هئس، آئون ڪجهه ڪُڇي نه سگهندو هئس، پڇڻ وارو مون کي موڳو مٽر ئي سمجهي مون کان اڳتي گذري ويندو هو. مون کان جڏهن به ڪو آسان سوال به پڇيو ويندو آهي تڏهن به مان الئه ڇو منجهي پوندو آهيان پر ان سوال جي جواب ۾ آئون ڪنهن خاص سبب جيڪري ئي منجهي پوندو هئس، ۽ اهو خاص سبب اهو هوندو هو جو مون کي ان ڳالههه تي اڃان به ڪجهه شڪ هو ته آئون وڏو ٿي استاد ٿيندس پر مون کي ان ڳالهه جي پوري پڪ هئي ته آئون بهرحال عاشق ضرور ٿيندس! اڃان به ائين چئجي ته ٿيندس ڇا، بس مان هئس! حقيقت هي آهي ته آئون محبت جي معاملي ۾ pre-mature هئس. عشق ازل کان منهنجي رڳ رڳ ۾ شامل هو. آئون ان عشق کي ignore ڪري ئي نه سگهندو هئس اهو ئي سبب هوندو هو جو جڏهن به مون کان اهو سوال پڇيو ويندو هو ته، ”تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ تڏهن آئون ماٺ ٿي رهجي ويندو هئس، ڪجهه ڪڇي نه سگهندو هئس.
پرائمري واري اسڪول ۾ مون پنهنجي رف ڪاپي تي شاھ جو پهريون بيت اهو لکيو هو ته،
اکر پڙھ الف جو ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪـــيتـرا!
۽ ان کان پوءِ مون شاھ جو ٻيو بيت جيڪو پنهنجي پرائمري جي رف ڪاپي تي لکيو هو، سو هو،
اکــــــــــين ۾ ٿي ويـــھ، ته واري ڇــپـر ڍڪيان،
توکي ڏسي مَ ڏيــــھ، آئون مَ پسان ڪي ٻيو!
عشق جي حوالي سان منهنجي زندگي جي حقيقت شاھ جي انهن ٻن بيتن ۾ ائين ئي بند آهي جيئن قطري ۾ قلزم! مون کي ائين ٿو لڳي جيئن، پهريون بيت منهنجي هن زماني کان پهرين ۽ پوءِ واري حالت آهي ۽ ٻيون بيت هن زماني جي حقيقت! مون کي ائين ٿو لڳي جيئن پهريون بيت منهنجو عدم ۽ ٻيون بيت منهنجو عشق آهي! منهنجي حقيقت فقط هيءُ آهي ته آئون عدم مان عشق ۾ آيس ۽ عشق مان وري واپس عدم ۾ موٽي ويس. آئون جتان شروع ٿيس، اتي ئي ختم ٿي ويس.
ڀٽائيؓ جا اهي ٻيئي بيت جيڪي مون اڻڄاڻائي جي عمر ۾ پنهنجي هڪ رف ڪاپي تي لکيا، قدرت واري شايد گهڻو اڳ اهي ازل کان منهنجي فطرت جي لوح و قلم تي لکي ڇڏيا هئا. انهن ٻن بيتن ۾ ٻه اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي منهنجي فطرت ۾ غير معمولي رهيون. هڪ وحدانيت ۽ ٻي وجدانيت! ’اکر پڙھ الف جو‘، واري بيت واري وحدانيت منهنجي فطرت ۾ ايتريقدر شامل رهي جو اگر ڪڏهن ڪنهن سفر دوران به ڪا ڇوڪري جيڪڏهن اکيون چار ڪندي هئي ته پهرين آئون آسپاس نظر ڦيرائي اها پڪ ڪندو هئس ته متان ڪنهن دوست دشمن جي اک ۾ ته ڪانهي! اگر ائين هوندو هو ته مان کيس مُڙي به نه ڏسندو هئس. ماڻهو هڪ ئي وقت يارن دوستن سان گڏجي راتيون رنگين ڪندا آهن، پر مان ڪڏهن ڪوشش جي باوجود به ائين ڪري نه سگهيس. اهو سڀڪجهه وحدانيت جي قائل فطرت جيڪري هو. ۽ ان کان پوءِ ’اکين ۾ ٿي ويھ ته واري ڇپر ڍڪيان.‘ واري وجدانيت ته نه رڳو عشق پر منهنجي زندگي جي هر پهلوءَ تي حاوي رهي! ان ڳالهه ۾ ته مان سچل جي انهي سٽ جو قائل هوندو هئس ته ’سو ئي ڪم ڪريجي بندا، جس وچ ا آپ بڻيجي!‘ مون هر ڪم جي، انتها چاهي! خوشي ته ڇا غم جي به انتها چاهي! مان پاتال ۾ پيهي وڃڻ جو عادي رهيس. وجدانيت، انتهاپسندي، سرفروشي جو سمونڊ منهنجي وجود جي وار وار ۾ ڇوليون هڻندو رهيو. عشق ته مون شروع ئي اختتام کان ڪيو! منهنجي نزديڪ، محبت جو مختصر مفهوم آهي، ’پاڻ ارپڻ‘! مون جيترو به چاهيو، مون جنهن کي به چاهيو، مان ته ائين ئي سمجهان ٿو ته اهو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چاهيو ويو. مون کي پيار ۾ ڪو به پڇتاءُ ناهي! مان محبتن ته ڇا پر انهن نفرتن تي به سرخرو آهيان، جيڪي مون کي عشق جي عيوض ارپيون ويون! ها، اهي نفرتون به انمول آهن! لازوال آهن! ننڍپڻ واري هُن سکيءَ کان ويندي جواني جي هِن سانئڻ تائين مون عشق جي اڏيءَ تان ڪڏهن به ڪنڌ نه کنيو! جڏهن به عشق، ٻيجل بڻجي آيو، تڏهن مون به راءِ ڏياچ جي ئي تاريخ ورجائي! اهڙي طرح، عشق مون کي انيڪ ڀيرا ماريو، ماري وري جياريو ۽ جياري وري ماريو. اهڙي طرح عشق مون کي پنهنجي قابل ڪيو، پوءِ آئون جڏهن عشق جي قابل ٿيس ته عشق مون تي مهربان ٿي پيو! ۽ مون تي سانئڻ جو نزول ٿي پيو! هي سانئڻ، مون تي عشق جي عنايت آهي. هن سانئڻ ۾ منهنجي عشق جو هر اهو لمحو محفوظ آهي، جيڪو مون زندگي ۾ ڪڏهن عشق کي ارپيو! هن سانئڻ جي چهري ۾ هر اهو چهرو موجود آهي جنهن کي مون زندگي ۾ ڪڏهن هڪ پل، هڪ لمحي جي لاءِ به چاهيو!
هن فضا ۾ انيڪ لهرون محوِ گردش آهن، پر اوهان رڳو اهڙي ئي قسم جون لهرون ڪار آمد ڪري سگهو ٿا، جهڙي قسم جو اوهان وٽ رسيوَر هوندو! آسان لفظن ۾ هينئن ته، جيڪڏهن اوهان وٽ رڳو ريڊيو ئي آهي ته اوهان ان ذريعي ڪڏهن به ڊش ٽي_وي ڏسي نٿا سگهو! سو ساڳي ئي طرح سان منهنجي من ۾ به محبت جون انيڪ اهڙيون لهرون محوِ گردش هيون، جن کي محبت جي Matching رسيوَر جي ڳولا هئي! اهو رسيوَر سانئڻ وٽ هو. هي ناول، سانئڻ جي رسيوَر جي دريافت آهي. هي لفظ، منهنجا لکيل ناهن، هي لفظ منهنجي من ۾ موجود محبت جون لهرون آهن. جيڪڏهن مون تي عشق جي عنايت نه ٿئي ها، جيڪڏهن مون تي سانئڻ جو نزول نه ٿئي ها ته آئون پنهنجي من ۾ موجود محبت جون لهرون ڪڏهن به ڪاغذ تي اتاري نه سگهان ها! ها، آئون ڪڏهن به هي ناول لکي نه سگهان ها!
عجيب اتفاق جهڙي ڳالهه ٿي، جو مون جڏهن هي ناول لکي پورو پئي ڪيو تڏهن ڪنهن چينل تي خبر هلي رهي هئي ته، ’تاج محل جو هڪ مينار چار سينٽي ميٽر لهي/ جهڪي ويو آهي!‘ ماهرن اهي به خدشا ظاهر پئي ڪيا ته اگر اها ئي صورتحال رهي ته پوءِ محبت جي يادگار تاج محل ۾ ڏار به پئجي سگهن ٿا! مون جڏهن اها خبر ٻڌي ته مون کي اردو جو اهو شاعر ڏاڍو ياد آيو، جنهن کي اهو تاج محل هڪ امير عاشق جي، غريب عاشقن جي عشق تي ٺٺولي ٿي لڳو هو! آئون هن ناول جي وسيلي اردو جي انهي شاعر ۽ هر غريب عاشق کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته نه رڳو هي ناول، پر محبت تي لکيل هڪ هڪ سٽ محبت جي انهي يادگار کان گهڻي مهانگي ۽ مهان آهي!
ساڳي ئي طرح سان آئون هاڻي آخر ۾ پنهنجي سانئڻ کي به اهو چوان ٿو ته، ”جيڪڏهن آئون شاهجهان هجان ها، ته يقيناً تنهنجي لاءِ تاج محل جوڙائي ڇڏيان ها، پر شڪر آهي جو آئون شاهجهان ناهيان! آئون ليکڪ آهيان! آئون تنهنجي لاءِ محبت جي يادگار طور ڪوئي تاج محل نه جوڙائي سگهيس ته مون کي ان ڳالهه جو ڪو به غم ڪونهي! ڇو ته تاج محل ۾ ڪڏهن ڏار به پئجي سگهن ٿا! تاج محل ڪڏهن ختم به ٿي سگهي ٿو. آئون توکي محبت جي يادگار طور هي ڪتاب ارپيان ٿو، هي ڪتاب ڪڏهن ختم نه ٿيندو! هن ڪتاب ۾ ڪڏهن ڏار نه پوندا! هي ڪتاب تاج محل کان هزار ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي! ها، هي ڪتاب شاهجهان جي تاج محل کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي!“

حسيب ڪانهيو
ميرپورخاص
2012-02-10