ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

تڪميل جي تصديق

”هڪ ڳالهه چوان؟“
”چئو شبنم.“
هن هڪ ٿڌو اونهون ساهه کنيو. منهنجي اکين ۾ نهاريو ۽ چيو؛ ”پهرين هڪ واعدوڪر جوڳي.“
”ڪهڙو واعدو؟“ اداس ٿي پيس.
”جوڳي، واعدو ڪر ته اڄ مان جيڪا به ڳالهه پڇنديس، سا سچ سچ ٻڌائيندين،“ هن چيو؛ ”لڪائيندين ڪونه ڪجهه به جوڳي.“
مان زخمي ته ڏاڍو ٿيس، دل ته چاهيو ته قيامت برپا ڪري ڇڏيان مگر الئه ڇو ڪک به نه چوريم؛ بس اکيون جهڪائي صرف اقرار ڪيم، چيم؛ ”ها شبنم، پڇ.“
هو ڪجهه ترسي، هن منهنجو اداس چهرو پڙهيو ۽ پوءِ پڇڻ کان پهرين چيائين، ”ناراض ته ڪونه ٿيندين جوڳي؟“
شبنم، جنهن جون ڳالهيون شراب هونديون هيون، اڄ انهيء شبنم جون ڳالهيون شيهو ٿي لڳيون؛ گهڻو ئي ڪجهه چوڻ چاهيو هيم، پر بس وري به الئه ڇو ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيم، فقط ايترو ئي چيم؛ ”نه.“
شبنم پڇيو؛ ”جوڳي، ڇا آئون تنهنجي پهرين محبت آهيان؟“
”نه!“ ڪجهه ترسي کيس چيم؛ ”تون منهنجي آخري محبت آهين شبنم.“
هن جي چهري تي گمان جون ريکون اڀري آيون. چيومانس ”محبت فقط محبت ٿيندي آهي. محبت پهرين يا آخري نه ٿيندي آهي؛ سو منهنجي اها محبت تون آهين!“
شبنم جي دل ۾ ڳالهه ئي اهڙي هئي، جو جنهن تي منهجي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به اثر نه ٿيو. هن اکيون کڻي مون ڏي نهاريو پر هوءَ گهڻي دير منهنجي اکين سان اکيون ملائي نهاري نه سگهي؛ نيٺ هن پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪري دل جي ڳالهه زبان تي آندي؛ ”جوڳي، تنهنجي زندگي ۾ مون کان پهرين ڪا ڇوڪري آئي؟“
نيٺ شبنم اڄ اهو سوال پڇي ئي ورتو، جيڪو هڪ نه هڪ ڏينهن کيس پڇڻو ئي هو.هو ڀلي اهو سوال سـﺆ ڀيرا پڇي ها، هزار ڀيرا پڇي ها؛ مگر گهڻو اڳ پڇي ها، اڄ نه پڇي ها! هن کي جيڪڏهن پڇڻو ئي هو ته پهرئين ڏينهن ئي پڇي وٺي ها. ڪاش! هو اهو سوال مون کان پهرئين ئي ڏينهن پڇي وٺي ها! ان ڏينهن، جنهن ڏينهن اظهارِمحبت ٿيو هو؛ ته مان کيس ان ئي ڏينهن سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيان ها. جيڪڏهن هن ان ڏينهن اهو سوال نه پڇيو هو ته پوءِ ڀلا عشقِ حاصل _ لا حاصل واري خواب کان پهرين ڪنهن به هڪ ڀيري کڻي پڇي وٺي ها! مون سندس ان سوال جو هڪ عرصي تائين ته پاڻ به ڏاڍي اشتياق سان انتظار پئي ڪيو هو! مون ته پاڻ به ڪيئي ڀيرا اها ڪوشش ڪئي هئي ته ساڻس پنهنجي ان دربدري جو سمورو درد اوريان، ۽ ڪيترو ئي وقت سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي بس رئندو رهان؛ ۽ روئي روئي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ڇڏيان! پر آئون هڪ عرصي تائين ائين ڪري نه سگهيو هئس. ڪريان به ڪيئن ها؟ هڪ عرصي تائين ته شبنم ڪڏهن اهڙو موقعو ئي نه ڏنو هو ۽ نه ئي وري هن پاڻ به پڇيو هو. هڪ عرصي تائين ته اهڙو انداز رهيو هو جو مون کان جواب ته ڇا پر اهو سوال به وسري ويو! مون کان ته سڀ ڪجهه وسري ويو. شبنم منهنجي زندگي کي نئون جنم ڏنو هو. هن پنهنجي محبت سان منهنجو سمورو ماضي ڄڻ ته ميٽي ڇڏيو هو. هن ته مون کي بلڪل ئي نئين سر ترتيب ڏنو هو. اها ئي ڳالهه ٻڌائيندي کيس چيم؛ ”سچ اهو آهي ته مان شروع ئي توکان بعد ۾ ٿيو آهيان! سچ ته اهو ئي آهي ته تون ئي منهنجي ابتدا آهين ۽ تون ئي منهنجي انتها آهين شبنم!“
”پوءِ ڀلا جيڪو ڪوڙ آهي اهو ٻڌا جوڳي!“ شبنم ائين چيو.
مون جڏهن شبنم واتان اهو ٻڌو ته منهنجي پيشاني تي پگهر اچي ويو. آئون پڄري پيس. تڙپي چيم؛ ”مس مس ته پاڻ سنڀاليو اٿم شبنم! مس مس ته مون اڃان هڪ زخم ڀري بس ڪيو آهي! مس مس ته اڃان ڳوڙها بيٺا آهن شبنم! مس مس ته اڃان سڏڪن ۾ سانت آئي آهي!“
شبنم کي الئه ڇو منهنجا ڳوڙها نظر نه آيا؛ ”ڏس جوڳي، تو واعدو ڪيو هو.“ هن چيو؛ ”سچ سچ ٻڌا“ هن پنهنجو سوال ورجايو، ”مون کان پهرين به تنهنجي زندگي ۾ ڪا ڇوڪري آئي؟“
”نه!“ چيم؛ ”توکان پهرين منهنجي زندگي ۾ ڇوڪري ته ڪا آئي ئي ڪانه خدا جو قسم!“ کيس چيم، ”توکان پهرين جيڪي به آيون، .....ديوارون آيون شبنم!“ ڪجهه ترسي چيم؛ ”ديوارون! جن کي دل نه ٿيندي آهي. ديوارون! جن کي فقط ڪن ئي ٿيندا آهن. ها! ديوارون شبنم! جن ۾ احساس نالي ڪا شيءِ نه ٿيندي آهي.“ چيم، ”پر مون کي هاڻي انهن سان ڪا شڪوه شڪايت ئي ڪانهي، هنن جو ڪو ڏوھ ئي ڪونه هو، ڇو ته انهن ۾ ڪا شبنم ته هئي ئي ڪانه!“
”.......“ شبنم خاموش رهي پر هن جي انگ انگ تي اهو ئي ساڳيو نه پڙهڻ جهڙو بي وقتائتو سوال ئي تحرير ٿيل هو.
مون کائنس ڪجهه لڪائڻ هرگز نه پئي چاهيو مگر اصل ڳالهه هي هئي جو ان سوال جو وقت گهڻو اڳ گذري چڪو هو، سو مون کيس هاڻي ڪجهه ٻڌائڻ نه پئي چاهيو. دراصل هاڻي مون کي اهو سوال گوارا ئي نه هو؛ اهو ئي سبب هو جو مان اهو ڪجهه ٻڌائڻ کان مسلسل لنوائيندو رهيس جيڪو اڄ شبنم ٻڌڻ پئي چاهيو، ها مگر مان جيڪو ڪجهه کيس اڄ ٻڌائي رهيو هئس سو به سچ ئي هو. سورنهن آنا سچ! بلڪِ سچ ته هو ئي اهو! چيم؛ ”توکان پهرين محبت نه هئي.“ چيم، ”توکان پهرين رڳو انڌي وارا چڪ هئا شبنم.“ کيس چيم؛ ”توکان پهرين تنهنجي ڳولا ئي هئي در حقيقت!“ ...... . ”منهنجي منزل تون ئي هئين شبنم. باقي سڀ ته راھ جا پٿر هئا سو هٽي ويا! مان ازل کان تنهنجو ئي هئس، سو ٿڙندو ٿاٻڙجندو نيٺ تو تائين ئي اچي پهتس.“.........”شبنم مون کي ڪٿي به چين نه آيو، اهو ئي سبب هو جو مان ڪٿي به گهڻي دير رڪجي نه سگهيس. مان بس هلندو رهيس، هلندو ئي رهيس؛ ڪافي ٿڪل هئڻ جي باوجود به شبنم، مان بس هلندو ئي رهيس!“
شبنم جي چهري تي ساڳي ئي بي اطميناني ڇانيل رهي. مون ڏٺو، منهنجي ڳالهين جو مٿس ڪو به اثر نه ٿي سگهيو. بهرحال مون ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو؛ ”بس هيئن هو ته شبنم، مون وٽ هڪ تصوير هئي! منهنجي آئڊيل جي تصوير! منهنجي وڃائجي ويل اڌ جي تصوير! منهنجي مڪملتا جي تصوير!“ چيم؛ ”مان پنهنجي آئڊيل جي حاصلات جي لاءِ، پنهنجي وڃائجي ويل اڌ جي ڳولها جي لاءِ، پنهنجي مڪملتا جي تڪميل جي خاطر، اها تصوير کڻي زماني ۾ ڪاهي پيس. شبنم، پوءِ مون سان جيڪو به مليو؛ مون ان کي اها تصوير ڏيکاري!“ کيس چيم؛ ”شبنم پوءِ ڇا ٿيو جو ڪو به ان تصوير تي پورو نه لٿو. ڪنهن جي به تصوير ان تصوير جهڙي نه هئي. بس اهڙي طرح آئون اڌورو ئي رهيس. بس ائين ئي مون کي ڪير به مڪمل ڪري نه سگهيو.“ مون سندس اکين ۾ اکيون وجهي چيو؛ ”اها تصوير تنهنجي هئي شبنم! .... تون ئي منهنجي آئڊيل آهين شبنم! تون ئي منهنجو اهو وڃائجي ويل اڌ آهين! تو ئي مون کي مڪمل ڪيو، تون ئي منهنجي تڪميل آهين شبنم!“ کيس چيم؛ ”سو حقيقت اها ئي آهي ته منهنجو ڪو به ماضي ناهي. منهجو ماضي، منهنجو حال توڙي منهنجو مستقبل سڀ تون ئي آهين.“
ها! منهنجيون اهي ڳالهيون ڪوڙ ته هرگز نه هيون، پر ان وقت شبنم ڪجهه ٻيو سچ ٻڌڻ جي لاءِ بضد هئي؛ ”جوڳي، مان دل ۾ نه ڪنديس.“ هن چيو، ”تون گهٻراءِ نه. سچ سچ ٻڌا مون کي. “
”تون جيڪو سچ ٻڌڻ ٿي چاھين؛ سو سچ هاڻي ڪوڙ ٿي چڪو آهي شبنم.“ چيم.
”نٽائين ڇو ٿو جوڳي؟“ هن ٻڌڻ جي لاءِ ڪاوڙ ڪندي چيو، ”نه ٻڌا بس.“
جڏهن ڪو به حيلو نه هليو ته چيم، ”تون کان پهرين منهنجي زندگي ۾ ڪيئي ڇوڪريون آيون“ هڪدم چيم، ”پر.....بس آيون ۽ ويون ھليون“
”...........“ شبنم ڪجهه نه ڳالهايو، هوءَ فقط ٻڌڻ جي لاءِ متوجه ٿي.
”هڪ ته گهڻو اڳ آئي هئي. شروع شروع ۾، جڏهن مون تازو ئي پنهجي وجود ۾ تنهنجي ڪمي دريافت ڪئي هئي. مون کي ان ڇوڪري جو چهرو به ياد ناهي، مون کان سڀ ڪجهه وسري ويو آهي؛“ چيم، ”مون کي فقط ايترو ياد آهي ته ڪجهه ئي عرصو هن سان رشتو رهيو. مگر اهو رشتو به زور جي ميندي جيان هو سو بس گهڻي دير رهي نه سگهيو.“
شبنم خاموش ٻڌندي رهي. هن ڪجهه نه ڳالهايو.
”پوءِ ڪافي عرصي تائين مان ائين ئي تنهنجي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيس. منهنجو وجود، دڙي تي هارجي ويل دِلي جيان هو. ڪيترين ئي هٿن مون کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪئي مگر انهن سڀني هٿن ۾ پروڻ هئا شبنم! ڪو به مون کي سميٽي نه سگهيو .... آئون وکرندو رهيس، ..... ويتر وکرندو ئي رهيس....!“ مان ڳالهائيندو رهيس، ”تنهجي ملڻ کان ڪجهه عرصو پهرين هڪ ڇوڪري آئي ۽ وراڻي؛ ”مان تنهنجي بي ترتيبي کي ترتيب ڏينديس. مان تنهنجي ڇتن جي ڇائي ڇنڊينديس. مان تنهنجي صحرا بڻجي ويل وجود کي سيراب ڪنديس. مان ئي تنهنجو وڃائجي ويل اڌ آهيان جوڳي. مان توکي مڪمل ڪرڻ آئي آهيان!“ هن دعوى ڪئي؛ ”آئون ئي اها ڇوڪري آهيان جوڳي، جنهن جي ڳولها ۾ تو جهرجهنگ جهاڳيو آهي. مون وٽ ئي اهي هٿ آهن، جن جي تنهنجي هٿن کي ضرورت آهي. ها! آئون ئي اها ڇوڪري آهيان جوڳي؛ جنهن جو ذڪر تون پنهنجي تحريرن ۾ ڪندو رهندو آهين. تنهنجون تحريرون منهنجو آئينو آهن. آئون تنهجي تحريرن ۾ پنهنجو عڪس ڏسي تو وٽ هلي آئي آهيان جوڳي!“
”پوءِ....“ شبنم پاتال مان وراڻي.
”پوءِ ڇا شبنم......!“ چيم؛ ”هوءَ به بس آئي ۽ هلي وئي!“ ........ ”هوءَ منهنجي زندگي جو منجهيل سُٽ ويتر منجهائي وئي.“ شبنم کي ٻڌايم، ”هڪ ڏينهن اهڙو آيو شبنم، جو مون کيس گهڻو ئي پنهنجون پهرئين ڏينهن واريون دعوائون ياد ڏياريون، مان کيس ڌونڌاڙي ڌونڌاڙي ٿڪجي پيس مگر هن کي ڪجهه به ياد نه آيو. ان ڏينهن ائين لڳو، هوءَ عورت نه هئي، ديوار هئي ڄڻ! عورت ته ڏاڍي ڪمزور ٿيندي آهي. عورت ته صفا حساس ٿيندي آهي. عورت کي ته چئبو ئي صنفِ نازڪ آهي! پر هوءَ ته صفا ڀت بڻجي پئي هئي! ان ڏينهن آئون ان ڀت سان مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي ٿڪجي پيس؛ نيٺ منهنجو مٿو ٻه اڌ ٿي پيو پر ڀت، ........ ڀت ئي رهي!“ چيم، ”...... اهو ڏينهن آخري ڏينهن هو شبنم!“
”آخر ڇو ڇڏي وئي؟“ شبنم حيرت مان پڇيو.
ڪجهه ترسي ٻڌايومانس؛ ”هن کي فقط منهنجي تحريرن سان محبت هئي. مون سان نه!“ چيم، ”هن کي آئون پسند نه هئس؛ هن کي رڳو منهنجي ڪنهن ڪهاڻي جو ڪردار ٿيڻ پسند هو!“ مون شبنم جي آغوش ۾ سر رکي روئڻ چاهيو، پر اڄ مان ائين ڪري نه پئي سگهيس. بس انهي ئي لاءِ ته مون اهو سڀ ڪجهه کيس اڄ ٻڌائڻ نه پئي چاهيو!
هڪ ڏينهن شبنم ٻڌايو هو ته، عورت ڪيڏي ئي طاقتور ڇو نه هجي پر عورت محبت ۾ حصيداري برداشت ڪري نه سگهندي آهي. عورت اگر پنهنجي انا تي اچي ته ڪنهن جي آڻ نه مڃيندي آهي، ها مگر عورت جو عشق جيڪڏهن ٻه اڌ ٿي پوي ته عورت پاڻ به ٻه اڌ ٿي پوندي آهي! سو مون کي به اڄ اهو ئي خوف هو ته منهنجو مدي خارج ماضي ٻڌي ڪٿي منهنجي شبنم جو عشق به ٻه اڌ نه ٿي پوي! مون کي ڏاڍو خوف هو، اهو ئي سبب هو جو شبنم اڃان ماٺ ئي هئي جو مون کيس پڪاريو؛ ”شبنم!“
”جيءُ.“
”هڪ ڳالهه چوان شبنم؟“
”چئو.“
”اهي ماڻهو، جيڪي هڪ عرصي تائين بتن جي پوجا ڪندا رهيا، پر پوءِ هنن ايمان آندو ۽ هڪ خدا جي عبادت ڪئي، سي ڪافر ته نه ٿيا نه شبنم!“ چيم، ”اهي ماڻهو ته مسلمان ئي ٿيا نه!؟“
شبنم منهنجي ڀرجي آيل اکين ۾ نهاريو، هن جون به اکيون ڀرجي آيون؛ شبنم ڀرجي آيل اکين سان وراڻيو، ”ها جوڳي ....... اهي ته بيشڪ مسلمان ئي ٿيا!“
شبنم جي اها وراڻي ٻڌم ته سڪون اچي ويم. اهڙو سڪون، ڄڻ صدين جي مسافر کي لمحن جي ساھي ملي هجي! منهنجو تن بدن ٺاپرجي ويو. ڪي پل انهي سڪون جي سحر ۾ رهيس، پوءِ وري پڪاريم؛ ”شبنم.“
”جيءُ.“
”خبر اٿئي، هڪ ئي خدا جي عبادت لاءِ ڇو چيو ويو آهي شبنم؟“ چيم.
”...........“ شبنم ڪجهه نه ڳالهايو. هوءَ فقط مون ڏي متوجه ٿي.
”ان ڪري جو ايمان ڪامل رهي!“ کيس چيم؛ ”هڪ خدا جي عبادت سان انسان جو ايمان به هڪ ئي رهي ٿو، جيڪڏهن ڏهه خدا ڪبا ته ايمان جا به ڏهه ٽڪرا ٿي پوندا!“ چيم، ” ۽ ها شبنم، ايمان جي ڪمال لاءِ به اهو ئي لازمي آهي ته ايمان آڻجي به انهي تي جو هڪ هجي!......خدا جو تصور انڪري ئي سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي جو اهو هڪ آهي!“
هوءَ چپ چاپ ٻڌندي رهي. هوءَ ڪجهه نه ڪڇي.
”عشق ا جو مظهر آهي شبنم ...... سو عشق به ائين ئي آهي.“ مون وري ڳالهايو، ”دل خدا جو گهر آهي، سو انڪري دل به اها ئي سلامت رهندي جنهن ۾ هڪ حبيب هوندو. هزار بتن جي حوالي ٿيل دل ڪڏهن ڪامل ڪعبو بڻجي نه سگهندي!اها ايستائين بت خانو ئي رهندي!“
شبنم منهنجي ڳالهين جي ڳهر ۾ ئي رهي. مان بي ساخته الاءِ ته ڇا ڇا ڳالهائيندو رهيس. چيم، ”عشق عجب کيل آهي شبنم. بلڪل الٽو کيل! عشق ۾ جيت هار ٿيندي آهي ۽ هار جيت.“ ....... ”عشق جا انيڪ رنگ ٿيندا آهن شبنم! ......... جيڪڏهن هر رنگ جي پٺيان ڀڄبو ته عمر گذري ويندي مگر رنگ نه کٽندا! سو هر رنگ جي پٺيان ڀڄڻ واري کي ڪو به رنگ هٿ نه ايندوآهي، اهو بي رنگ ئي رهجي ويندو آهي!“ کيس چيم؛ ”عشق ۾ ڪامياب اهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو ڪنهن به هڪ رنگ ۾ رنگبو آهي.“ چيم، ”ها! پوءِ انهي هڪ ئي رنگ ۾ عشق جا سمورا رنگ سمائجي ويندا آهن! عشق وحدت ۽ ڪثرت جو عجب امتزاج آهي شبنم.“ چيومانس ”عشق ايڪتا جي دليل آهي. عشق ئي توحيد جي ترغيب آهي.“
ڪجهه دير چپ رهجي وياسين. هڪٻئي کي ڏسندا ئي رهياسين. ڪجهه دير کان پوءِ شبنم آهستگي سان چپ چوريا، ”جوڳي.“
”جيءُ.“
”مان توکي پنهنجي ماضي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان؟“ هن چيو.
”نه.“ چيم.
”ڇو؟“ هن کي ڏاڍي حيراني ٿي.
”نه بس.“
”پر ڇو؟“ هن جي حيراني ويتر وڌي وئي.
”مون کان پهرين تنهنجو به ڪو به ماضي ناهي.“ چيم، ”تنهنجو ماضي، حال توڙي مستقبل مان ئي آهيان شبنم.“
اهو ٻڌي هوءَ منهنجي اکين ۾ ئي نهاريندي رهجي ويئي.
”اچ ته اڄ گڏجي اهو سچ وساري ڇڏيون، جيڪو هاڻي ڪوڙ ٿي چڪو آهي........ اچ ته اڄ گڏجي اهو ماضي ڌوئي ڇڏيون شبنم، جيڪو هاڻي درحقيقت مدي خارج ٿي چڪو آهي.“
”ها جوڳي.“ شبنم منهنجي روح جي آخري گِهِرائي تائين لهندڙ لهجي ۾ وراڻي.
کيس چيم؛ ”سچ فقط ايترو ئي آهي ته پاڻ ٻئي درحقيقت هڪٻئي کي ئي ڳوليندا رهياسين شبنم!......“ ”....باقي سڀ ڪوڙ آهي جوڳي!“ شبنم منهنجو جملو بلڪل ائين پورو ڪيو جيئن هن منهنجي ذات کي مڪمل ڪيو.
اسان ٻنهي اهڙي طرح هڪٻئي کي مڪمل ڪري ڇڏيو.........