ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

تڪميل

نالو هئس شبنم! اهو نالو مٿس مون ئي رکيو هو؛ رکيو ڇا هو بس ٻڌايو هو! مون کيس چتائي ڏٺو هو، هن جي انگ انگ تي لکيل هو شبنم! مون ته رڳو پڙهيو هو ۽ کيس پڙهي ٻڌايو هوم ته تون شبنم آهين! مون واتان اهو ٻڌي هن به ائين ئي ردِ عمل ڪيو هو، جيئن کيس اصلي حقيقت جي خبر ئي هاڻي پئي هئي! هن کي ائين لڳو هو ڄڻ کيس شناخت ئي اڄ ملي هئي! هيل تائين ته کيس ڄڻ غلط نالي سان ئي سڏيو ويو هو. هن کي ائين لڳو هو جيئن سندس ڇٺي ئي اڄ ٿي هئي! هوءَ آئينو ته روز ڏسندي هئي پر جنهن ڏينهن مون کيس شبنم چيو هو ان ڏينهن پهريون ڀيرو هن آئيني کي ائين ڏٺو هو، ڄڻ هن پهرين ڪڏهن آئينو ته ڏٺو ئي ڪونه هو! ان ڏينهن هن درحقيقت آئينو نه ڏٺو هو، بلڪهِ ان ڏينهن، آئينو ڏسندي ڏسندي هوءَ خود آئينو ٿي پئي هئي! ان ڏينهن اگر هوءَ آئيني کي اڳ جيان ڏسي ها ته ڀڃي ڀور ڪري ڇڏي ها پر ان ڏينهن آئينو کيس اڳ جيان نظر ئي نه آيو هو! ان ڏينهن هوءَ خود آئينو بڻجي خود کي ڏسندي رهي هئي. ان ڏينهن آئينو، آئينو نه رهيو هو، ان ڏينهن آئينو منهنجيون اکيون ٿي پيو هو! ۽ هوءَ منهنجي اکين سان پنهنجو پاڻ کي ڪافي دير تائين ڏسندي رهي هئي! دير تائين هوءَ پنهنجو انگ انگ، پنهنجي ادا ادا گهوريندي رهي هئي! ان ڏينهن هن پهريون ڀيرو پنهنجو پاڻ کي بيحد حسين ڏٺو هو. هوءَ خود تي خود ئي عاشق ٿي پئي هئي! ان ڏينهن هوءَ پاڻ ئي طالب، پان ئي مطلوب ٿي پئي هئي! پاڻ ئي عاشق، پاڻ ئي محبوب! هوءَ پنهنجي جلوه گري، منهنجي ديوانگيءَ سان جانچي رهي هئي! هوءَ پنهنجو انگ انگ، ادا ادا چتائي رهي هئي. انگ انگ، ادا ادا تي لکيل هو ’شبنم‘! منهنجو آواز مسلسل سندس دل و دماغ ۾ گونجندو رهيو هو، ” تون شبنم آهين!“....... ”تون شبنم آهين!“
اهو نالو، جيڪو ان ڏينهن هميشه جي لاءِ غلط ٿي پيو هو، اهو نالو، جيڪو غلطي سان مٿس رکجي ويو هو، سو نالو هو، شبانه! مون شبانه کي شبنم ڪري ڇڏيو هو. شبانه ۽ شبنم ۾ تمام ٿورو ئي فرق هو، پر مون جڏهن کيس شبنم چيو ته کيس ائين لڳو جيئن مون ڪنهن بي ترتيبي کي ترتيب ڏئي ڇڏيو! ڄڻ منجهيل سُٽ سلجهائجي ويو! شبانه ۽ شبنم ۾ هڪ لمحي جو مفاصلو هو، پر مون جڏهن اهو لمحو گذاري ڇڏيو ته هن کي ڄڻ اها جنت ملي وئي جنهن جي لاءِ هوءَ انهي هڪ ئي لمحي جي فاصلي تي ان ڏينهن تائين جهنم ۾ جلندي رهي هئي! ها! شبانه ۽ شبنم ۾ هڪ وار جيتري وِٿي هئي، پر سچ ته مون جڏهن کيس شبنم چيو تڏهن هن ائين ڀانيو ڄڻ هوءَ صدين جو سفر طئه ڪري وئي! بظاهر ته اها وار جيتري وٿي هئي، پر درحقيقت انهي ۾ صديون سمايل هيون! مون اها صدين تي محيط، وار جيتري وٿي ائين ڪڍي ڇڏي، جيئن مکڻ مان وار!
” تنهنجو نالو تمام پيارو آهي!......... شبنم!!“ هڪ ڀيري کيس چيم.
”ها!“ ڪجهه ترسي هن چيو، ”منهنجو هڪ نالو ٻيو به آهي!“
اهو ٻڌم ته ڇرڪي پيس! منهنجي من ۾ عجب آنڌ مانڌ ٿي پئي! ڪي لمحا ته ڪجهه ڳالهائي نه سگهيس، پر پوءِ آهستگي سان پڇيم، ”ڪهڙو!؟“
”رابيل!“ شبنم چيو.
خبر ناهي ڇو، اهو ٻڌي مان پرزا پرزا ٿيڻ لڳس، ڳرڻ لڳس، برف جيان ويس رجندو....... ميڻ جيان ويس پگهرندو! ائين لڳو ڄڻ شديد حادثو ٿيو هو. هڪ ڀڃ ڊاھ ٿي پئي هئي منهنجي اندر!
”ڇا ٿيو جوڳي!؟“ شبنم منهنجي حالت ڏسي پڇيو.
منهن ٻئي طرف ڪري چيم، ”ڪجهه نه شبنم!“
”نه!“ شبنم چيو، ”ڪجهه ته ٿيو آهي!“
ڪجهه دير تائين مان ماٺ ئي رهجي ويو هئس. هن ڪافي ڌونڌاڙيو ۽ بار بار پڇيو پر مان پٿر ٿي پيس. ڪجهه نه ڪڇيم. هوءَ جڏهن پڇي پڇي ٿڪجي پئي ۽ چپ ٿي ويهي رهي ته ڪجهه ترسي کيس چيم، ”هڪ ڳالهه چوان شبنم!؟“
”ها!“ هن چيو، ”چئو!“
”خبر اٿئي شرڪ سڀ کان وڏو گناھ ڇو آهي؟“ پڇيم.
هوءَ چپ ئي رهي، شايد هن ماجرا سمجهڻ پئي چاهي.
”ٻڌايانءِ؟“ چيم.
شبنم اکيون کڻي مون ڏي نهاريو. مون ڏٺو، شبنم جون اکيون نه هيون، سوال هئا!
”ٻيائي خدا کي به گوارا ڪانهي شبنم!........ ڇو ته هو پنهنجي بندي کي بيپناھ چاهي ٿو!“ چيم، ” اهو ته خدا کي به قبول ڪونهي ته هو جنهن کي بيپناھ چاهي، سو وري ڪنهن ٻئي کي چاهي!“ کيس چيم، ”مان ته انسان آهيان شبنم!“
شبنم ڏاڍي هوشيار هئي! مون کي سندس ذهانت تي رشڪ ايندو هو. هن منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ۽ سڀ ڪجهه سمجهي وئي! هوءَ سمجهي وئي ته مان ڇو زرد ٿي پيو هئس! هن پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪيو ۽ شرارتي انداز ۾ چيائين، ” منهنجو هڪ ٽيون نالو به آهي جوڳي!“
بس، هن جي انهي ڳالهه مون کي مدار ۾ آڻي ڇڏيو! مان هوش ۾ اچي ويس. منهنجي چهري تان زرد رنگ اڏامي ويو. منهنجي منهن تي مرڪون ڦهلجي ويون. شبنم وري ورجايو، ”منهنجو هڪ ٽيون نالو به آهي جوڳي!“ هن چيو، ”خبر اٿئي ڪهڙو؟“
”نرگس!“ مسڪرائي چيم.
اهو ٻڌي شبنم کان ٽهڪ نڪري ويو. مون کيس چيو، ”تنهنجو هڪ چوٿون نالو به آهي!“ مون ئي چيو، ”چنبيلي!“
شبنم کلندي ئي رهي، مان چوندو ئي رهيس، ”تنهنجو هڪ پنجون نالو به آهي! .............. موتيو!“چيم، ”تنهنجو هڪ ڇهون نالو به آهي!............ گلاب!“ کيس چيم، ”تنهنجو هڪ ستون نالو به آهي!................. شراب!“ ڪجهه ترسي چيومانس، ”اهي سڀ تنهجا نالا آهن! ......... تنهنجا انيڪ نالا آهن شبنم!“
” ۽ مون کي اهي سڀ نالا تو ڏنا آهن جوڳي!“ شبنم چيو.
”مون ڏنا ناهن!“ چيم، ”مون فقط ٻڌايا آهن توکي!“
شبنم جي هر سوال جو جواب هئم، سو هوءَ ماٺ ٿي وئي. ها! مگر مان ماٺ نه ٿيس، مان ڳالهائيندو رهيس، ” هي سڄي ڪائنات تنهنجي وجود جي وکريل صورت آهي شبنم!“ چيم، ”ڪائنات جي ذري ذري ۾ تنهنجو حسن پنهان آهي! ڪائنات جا سمورا نظارا تنهنجا عضوا ۽ ادائون آهن!.... هر چيز ۾ تنهنجي جلوي جي جادوگري آهي شبنم!“ شبنم جون اکيون بند ٿي ويون هيون. هن جو ڪنڌ منهنجي گوڏي تي هو. مان مسلسل ڳالهائي ئي رهيو هئس، ”راتيون، تنهنجا وار آهن! ڏينهن، تنهنجو چهرو آهن! اکيون، صبحون ۽ شامون آهن! ادائون، بادل ۽ بجليون آهن! ڌرتي، تنهنجو بدن آهي! ساوڪ، تنهنجو لباس آهي! آسمان تنهنجو آنچل آهي!“ چيم، ”ماڻهو ته الائي ڇا ڏسندا آهن، پر آئون هر طرف توکي ئي ڏسندو آهيان! هي ڪائنات مون کي تنهنجو ئي وسيع روپ نظر ايندي آهي، هر شيءِ ۾ مان، تنهنجي ئي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جو اولڙو ڏسندو آهيان شبنم!........“
۽ پوءِ ڪافي دير تائين مان خبر ناهي ته ڇا ڇا چوندو رهيو هئس !......... ۽ پرھ ڦٽي وئي هئي!........
*
”تون ڪڏهن ڪڏهن ته صفا مدهوش ٿي ويندو آهين جوڳي!“ هن چيو.
”ڪڏهن ڪڏهن ته مدهوش ٿي ئي وڃڻ گهرجي شبنم!“ چيم، ”درياھ جي ڪناري تي بيهي درياهه جو سير ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، پر مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته جڏهن لهرون آواز ڏين ته پوءِ دير نه ڪرڻ گهرجي!“ کيس چيم، ”مڃان ٿو ته ٻڏڻ وارا بچندا ناهن، پر هميشه جي لاءِ اهي به هتي نه رهندا آهن جيڪي ڪناري تي بيٺا رهندا آهن شبنم!“ مان چوندو ئي رهيس، ”ڪو مرڻ به سجايو ٿيندو آهي ته ڪو جيئڻ به اجايو ٿيندو آهي!............ سُڪي مرڻ کان پوءِ به ٻڏي مرڻ بهتر آهي شبنم!“ سندس عميق اکين ۾ هڪ گهرو غوطو هڻندي چيم، ”جڏهن حسن جي آذان اچي تڏهن عشق جو سجدو ڪري ئي ڇڏڻ گهرجي!.......... ها! سو ڪڏهن ڪڏهن ته مدهوش ٿي ئي وڃڻ گهرجي پاڳل!“
*
هر شيءِ ارتقا جي عمل مان گذرندي آهي، سواءِ عشق جي! هر شيءِ ننڍي ٿي پوءِ وڏي ٿيندي آهي، پر عشق نه ننڍو ٿيندو آهي نه وڏو! عشق جهڙو هوندو آهي تهڙو ئي رهندو آهي! عشق constant آهي! عشق ازل کان اڳ ۾ به عشق هو ۽ عشق ابد کان پوءِ به عشق ئي رهندو! شيون پيدا ٿينديون آهن پر منهنجي دل چوي ٿي عشق پيدا نه ٿيندو آهي، عشق عيان ٿيندو آهي! ها، عشق پيدا نه ٿيندو آهي، عشق ته بس ظاهر ٿيندو آهي! انسان، پهرين ٻار ٿيندو آهي، پوءِ جوان ٿيندو آهي، ۽ پوءِ وري پوڙهو به ٿيندو آهي، پر عشق نه ٻا ر ٿيندو آهي، نه جوان ٿيندو آهي ۽ نه ئي پوڙهو! اهو عام طور تي اگر چيو ويندو آهي ته عشق هميشه جوان رهندو آهي ته ان جو مطلب به درحقيقت اهو ئي آهي ته عشق هميشه هڪ جهڙو ئي رهندو آهي، عشق سدائين تازو توانو ئي رهندو آهي، عشق ڪڏهن ضعيف نه ٿيندو آهي، عشق ڪڏهن آڻ نه مڃيندو آهي!...........
عشق، لمحي لمحي جي سچائي آهي، عشق ذري ذري جي حقيقت آهي! ڪائنات جي هر چيز ۾ عشق پنهان آهي! ڪا به شيءِ، ڪا به گهڙي انهي عشق کان خالي ڪانهي! هر شيءِ، هر گهڙي ۾ عشق موجود آهي. انسان تي جڏهن اهو عشق عيان ٿيندو آهي تڏهن هوءَ ان کي پنهنجي نفسيات، پنهنجي فطرت جي مطابق سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي! مون تي جڏهن اهو عشق عيان ٿيو ته مون به کيس پنهنجي نفسيات، پنهنجي فطرت تحت سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي! پنهنجي نفسيات، پنهنجي فطرت تحت آئون پهرين اهو سمجهندو هئس ته عشق پهريون به ٿيندو آهي، عشق ٻيو به ٿيندو آهي، عشق ٽيون به ٿيندو آهي، عشق چوٿون به ٿيندو آهي! پر پوءِ مون اهو ڄاتو ته عشق نه پهريون ٿيندو آهي، نه ٻيو ٿيندو آهي، نه ٽيون ۽ نه چوٿون، عشق بس عشق ٿيندو آهي، پهريون، ٻيون، ٽيون توڙي چوٿون انسان پاڻ ٿيندو آهي! ساڳي ئي نموني آئون پهرين سمجهندو هئس ته عشق ٻار به ٿيندو آهي عشق جوان به ٿيندو آهي پر پوءِ ڄاتم ته عشق نه ٻار ٿيندو آهي نه جوان! ٻار، جوان توڙي پوڙهو انسان پاڻ ئي ٿيندو آهي، عشق بس عشق ئي هوندو آهي ۽ عشق هميشه عشق ئي رهندو آهي!
..........تڏهن، جڏهن عشق ۾ آئون اڃان ٻار ئي هئس، هڪ رات هوءَ آئي ۽ وراڻي،”سوري!sorry“
منهنجو منهن لٿل هو سو اهو لٿل ئي رهيو! ان وقت منهنجي حالت اهڙي هئي جو منهنجي لاءِ رڳو هڪ لفظ sorry ڪافي نه هو! شبنم کي منهنجي ڪيفيت جو اندازو ٿيو ته هوءَ منهنجي قريب آئي ۽ منهنجي سامهون بيهي ڏاڍي ڳنڀير لهجي ۾ وراڻي، ” سوري جوڳي!“ هن چيو، ”ٻه گهڙيون دير ٿي وئي اڄ!“
مان صفا ختم هئس، عشق ۾ عليل هئس، شبنم ڏي ڏٺم، هوءَ مون ڏي ڏسي نه سگهي. هن کان به وڌيڪ ڳنڀير لهجي ۾ کيس چيم، ”شبنم! اهي ٻه گهڙيون ئي گڏجي گڏجي ٻه ڏينهن، ٻه هفتا، ٻه سال ۽ ٻه صديون بڻجي پونديون آهن!“ چيو مانس، ”مان انهن ٻن گهڙين کان ڏاڍو ڊڄان ٿو شبنم!“
اها رات ته جيئن تيئن ڪري گذري ويئي پر گهڻين راتين کان پوءِ اها ساڳي ئي رات هڪ ڀيرو وري موٽي آئي! پر هاڻي منهنجو عشق ٻار نه رهيو هو! انهي وچ واري عرصي دوران عشق ۾ آئون وڌي ويجهي جوان ٿي ويو هئس، آئون هاڻي پچي راس ٿي پيو هئس. هاڻي منهنجي ڪيفيت ٻاراڻي نه رهي هئي. هڪ عرصي کان پوءِ اها ساڳي ئي رات جڏهن واپس موٽي آئي، ۽ ساڳئي ئي نموني شبنم کي اچڻ ۾ ٻه گهڙيون دير ٿي وئي ته هوءَ ساڳئي ئي نموني آئي ۽ وراڻي، ”sorry!“
پر جيئن ته منهنجو منهن اڳي جيان لٿل نه هو، منهنجي حالت پهرين جيان اجڙيل نه هئي، هاڻي آئون گهڻو بدليل هئس. ان وچ ۾ آئون گهڻو سڌري ويو هئس. ايتريقدر جو هاڻي جڏهن شبنم sorry چيو ته جواب ۾ رڳو ’ڪا ڳالهه ناهي.‘ چوڻ به ڪا ڳالهه نه سمجهيم. مون کي ماٺ ڏسي هن ٻيهر sorry ورجايو ته چيم، ”ڪا ڳالهه ناهي!.........سوري ڇا جي شبنم!“
”ٻه گهڙيون دير ٿي وئي اڄ!“ هن چيو.
”ٻه گهڙيون، ٻه ڏينهن، ٻه هفتا، ٻه مهينا، ٻه سال توڙي ٻه صديون به رهي سگهان ٿو هاڻي شبنم!“ چيومانس.
”سڪ نه لڳندئي!؟“
”اها ٻاراڻي ڳالهه آهي!“ چيم.
”جوڳي!“ هن کي تعجب ٿيو، ”انتظار، اوجاڳا، يادون، سوچون.......“
”اهي سڀ هاڻي مون کي ٻاراڻيون ڳالهيون ٿيون لڳن شبنم!“ چيم، ”منهنجي سڀ کان وڏي حاصلات تنهنجي دريافت آهي! يعنى تون آهين!........ تون ڪٿي به سهي، مگر هن دنيا ۾ ڪٿي آهين ته سهي!....... بس هاڻي تنهنجي انهي هجڻ جو احساس ئي منهنجي جيئڻ جي لاءِ ڪافي آهي شبنم!“ کيس چيم، ” شبنم! هاڻي حقيقت هيءُ آهي ته مان تنهنجي فراق توڙي وصال کان به بينياز آهيان! سچ اهو آهي ته هڪ حوالي سان هاڻي تنهنجي دوري مون کي اڳ جيان تڙپائيندي ئي ناهي!.... ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو محبت گهٽجي وئي آهي! بلڪهِ ان جو سبب اهو آهي جو محبت ايتريقدر وڌي وئي آهي جو هاڻي دوري جو احساس ئي ختم ٿي ويو آهي!“ سندس ڄاڙي کي پنهنجي هٿ سان مٿي ڪيم ۽ اکيون سندس اکين ۾ کپائي چيم، ”شبنم! توسان رڳو محبت اٿم! صرف ۽ صرف محبت! ڪا شڪوه شڪايت نه اٿم! ڪا آرزو ڪا تمنا نه اٿم!“ڪجهه ترسي چيم، ” شبنم! محبت هڪ فن آهي! ۽ جنهن کي به ان فن تي عبور حاصل ٿي ويندو آهي تنهن کي پنهنجي محبوب جي هر چيز سان، ان جي وجود سان وابسته هر جذبي، هر احساس سان محبت ٿي ويندي آهي!“چيم، ” شبنم! مون کي تنهنجي دوري سان به محبت آهي! تنهنجي انتظارن، تنهنجي اوجاڳن، تنهنجي يادن، تنهنجي سوچن سان تنهنجي هر شيءِ سان، تنهنجي وجود سان وابسته هر جذبي، هر احساس سان مون کي محبت آهي شبنم! صرف ۽ صرف محبت!“ شبنم جي چهري ڏي چتائيندي چيم، ”شبنم! مون کي الئه ڇو ائين ٿو لڳي جو عشق به هڪ ڏات آهي! عشق به هڪ ڏانءُ آهي! سو جنهن کي به اها ڏات ۽ ڏانءُ عطا هوندي آهي تنهن وٽ صرف ۽ صرف محبت باقي رهندي آهي! ان وٽ سواءِ محبت جي ڪنهن ٻي شيءِ جي گنجائش ئي نه هوندي آهي سچ!“
مان ڪي گهڙيون ماٺ ٿي رهجي ويس. مون چاهيو ته شبنم ڪجهه ڳالهائي مگر هوءَ ٽڪ ٻڌي مون کي ڏسندي ئي رهي ۽ منهنجيون ڳالهيون ٻڌندي ئي رهي. مون وري ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”مان محبت ۾ ان بلندي تي آهيان جتي ميلاپ توڙي جدائي کي ڪا به معنى ڪانهي. مون کان تنهنجي دوري ۾ تڙپڻ، تنهنجي ياد ۾ لڇڻ، تنهنجي تمنا ۾ ڳرڻ جهرڻ گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي! جتي آئون آهيان، اتي فقط محبت ئي محبت آهي شبنم!........ اتي بس تون ئي تون آهين!“ کيس چيم، ”آئون عشق جي عدم ۾ آهيان! عدم، جتي سڀ ڪجهه برابر ٿيندو آهي! جتي ويجهي ۽ پري وارو تماشو نه آهي! ملڻ ۽ ڇڄڻ جي مذاق نه آهي! ها عدم! جتي رڳو سڪون ۽ اطمينان آهي! جتي بس آرام ئي آرام آهي شبنم! آئون عشق جي عدم ۾ آهيان!“ اصل ڳالهه تي ايندي چيم، ”شبنم! تڏهن مان ٻار هئس جڏهن تون اگر ٻه گهڙيون دير سان ملندي هئين، ته اهي ٻه گهڙيون به ٻه صديون لڳنديون هيون!“ چيم، ”هاڻي مان ٻار نه آهيان! هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان!...... هاڻي منهنجو عشق جوان ٿي ويو آهي شبنم!“
شبنم اهو ٻڌي مرڪي پئي!
*
” مون خود کي تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي شبنم!“چيم، ”مان تنهنجي سپرد آهيان!“ڳنڀير لهجي ۾ چيم، ”مون کي ڪڏهن وکرڻ نه ڏجان.... مون کي سنڀالي وٺجان!“ زبان سان نه، اهو ٻڌي شبنم اکين سان وراڻي، ”مان توکي ڪڏهن وکرڻ نه ڏينديس!........ مان توکي سڀنالي وٺنديس جوڳي!“
هن رڳو اهو چيو ئي ڪونه، پر هن اهو ڪري به ڏيکاريو. ۽ ڪري به اهڙو ڏيکاريو، جو هڪ ڏينهن کيس بي ساخته چيم، ”هاڻي مون کي پنهنجو ڪو به فڪر ڪونهي!“ چيم، ”آئون خود کان بي فڪر ٿي ويو آهيان! ........ مان هوا کان به هلڪو ٿي ويو آهيان شبنم!“
آئون دل جي هر معاملي ۾ انتها پسند هوندو هئس، پر هن منهنجي من ۾ نينهن جا نير وجهي ڇڏيا! هن پيار جو پارو ڪڏهن به هيٺ مٿي ٿيڻ نه ڏنو. هن مون کي ڪڏهن به پنهنجي مدار کان ٿڙڻ نه ڏنو. هن هميشه مون کي پنهنجي دائري ۾ ئي رکيو. هوءَ مون کي وکرڻ کان پهرين سنڀالي وٺندي هئي! مون کي ياد آهي، هڪ ڏينهن خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تان مان جڏهن حد کان وڌيڪ اداس ٿيڻ لڳو هئس، تڏهن هوءَ منهنجي قريب آئي ۽ منهنجو نڪ پڪڙي زور سان ڌوڻي چوڻ لڳي، ”تنهنجي مٿي ۾ مجنون ڀرجي ويو آهي مسٽر!“
شبنم جي انهي شرارتي انداز تي منهنجي اداسي اڏامي وئي هئي ۽ مون کان زور دار ٽهڪ نڪري ويو هو. پنهنجو پاڻ ڇڏائي چيو هومانس، ”مجنون کي مجال ناهي ميڊم!“
” هل ڙي هل!” هن چيو، ”مجنون کي مذاق ٿو سمجهين!“
شبنم جڏهن مجنون جو پاسو ورتو ته مون کي الئه ڇو مجنون مرحوم تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. مون ڪجهه دير چپ رهي شبنم کي چيو، ”خبر اٿئي، هڪ ڀيري مون ليلا مجنون خواب ۾ ڏٺا!“ کيس چيم، ”ويهه ته ٻڌايانءِ. “
هوءَ ويهي رهي، ”چڱو ٻڌاءِ ڀلا ڇا ڏٺئي؟!“ هن پڇيو.
”مون ڏٺو ته ليلا مجنون کي پئي چيو ’ مون سان پيار ڪر!‘“ ڪجهه ترسي چيم، ” ان تي مجنون چيو، ’ ڪندو ته آهيان!‘“
”پوءِ ڇا ٿيو جوڳي؟“ شبنم ڏاڍي چاھ سان ٻڌڻ لڳي.
”پوءِ وري ڇا!“ شبنم کي چيم، ”ليلا چيو، ’ مون سان ائين پيار نه ڪر مجنون!‘“ چيم، ”ليلا مجنون سان ڪاوڙجي پئي!“
شبنم انتهائي غور سان ٻڌڻ لڳي، چيم، ” ليلا جي ڪاوڙجڻ تي مجنون ويچارو پريشان ٿي پيو، پريشان ٿيندي مجنون ويچاري ليلا کان پڇيو، ’ ته پوءِ ڀلا ڪيئن ڪريان پيار توسان!؟‘“ شبنم جو تجسس وڌائڻ خاطر ڪجهه ترسي چيم، ” خبر اٿئي پوءِ ليلا ڇا چيو مجنون کي!؟“
” ڇا چيو؟!“ شبنم ڏاڍي اشتياق منجهان پڇيو.
”چري! پوءِ ليلا پنهنجي مجنون کي چيو،“ شبنم جي ڪن ۾ هٿ وجهندي چيم، ”مون سان ائين پيار ڪر، جيئن جوڳي شبنم سان پيار ڪندو آهي!“
شبنم ذري گهٽ پاڳل ٿي وئي!
* * *
”او منهنجا راڻا!“ هڪ ڀيري هن چيو.
” او منهنجي مومل!“ چيم.
”او منهنجا ڄام!“ هن چيو.
”او منهنجي نوري!“
” ميهار!“
” سهڻي!“
شبنم مون ڏي ڏسي مسڪرايو. شبنم شرمائجي ويئي. دير تائين نه هن ڪجهه ڳالهايو ۽ نه مون! خاموشي ڇائنجي وئي! فولادي ديوار جهڙي خاموشي ۾ ڏار وجهندي ڪنهن پل شبنم چيو، ”پنهنجو پيار انهن سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهي جوڳي!“
آئون ماٺ رهيس، ڪجهه نه پڇيم، ڪجهه نه ڪڇيم. منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي شبنم وري ڪنهن پل وراڻي، ” جوڳي! زمانو پنهنجي پيار جا مثال ڏيندو!“ هن چيو، ”پاڻ هزارين سالن تائين به زماني کي ياد رهنداسين جوڳي!“
”پاڻ هزارين سالن کان پهرين به هئاسين ۽ هزارين سالن کان پوءِ به رهنداسين!“ شبنم کي چيم.
”جوڳي! اگر ڀٽائي هجي ها ته پنهنجو داستان ضرور ڳائي ها!“ شبنم چيو، ”مان شاھ جي پهرين سورمي هجان ها جوڳي!“
مون کي شبنم جي انهي ڳالهه تي عجب پيار آيو! آئون بي اختيار ٿي پيس، مٿو سندس مٿي تي ٽيڪيندي چيم، ”شبنم! ڀٽائي پاڻ کي اڄ کان گهڻو اڳ ڳائي هليو ويو آهي!“ چيومانس، ”چري! پاڻ سيّد جي هر سُر ۾ سمايل آهيون!“
”..........“ شبنم ڪجهه نه ڳالهايو.
شبنم جو جهڪيل ڪنڌ مٿي ڪيم، سندس چهرو پنهنجي هٿن ۾ ڪري، اکيون سندس اکين ۾ کپائي ڇڏيم ۽ چيم، ” خدا، تنهنجا ست ٽڪرا ڪري شاھ جون ست سورميون بڻائي ڇڏيون ۽ وري پوءِ شاھ جون اهي ست ئي سورميون ملائي توکي بڻائي ڇڏيو شبنم!“