ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

لا حاصل جي پڄاڻي!

وقت گذرندو رهيو هو..... ها! وقت گذرندو ئي رهيو هو...
نه ڄاڻ ڪيترو عرصو گذري ويو. نه ڄاڻ ڪيترا صدين جيڏا سال وهامي ويا! پر ان سموري عرصي دوران هن جي ڪا خبر ئي نه پئي! ان اڄاتي عرصي دوران، نه مون ڪڏهن کيس پڪاريو، ۽ نه هن ڪڏهن مون کي آواز ڏنو! نه هوءَ مون ڏي آئي، ۽ نه آئون هن ڏي ويس! ان سموري عرصي دوران، آئون مونن ۾ منهن وجهي ويٺو رهيس. هن سان آخري ملاقات ۾ ئي مون اهو ڄاڻي ورتو هو ته عشق ۾ آئون ڪنهن امير جي ٻار جيان نه هئس جو بازار مان پنهنجي پسند جو رانديڪو خريد ڪري سگهان ها! محبت جي مامري ۾ مان ڪنهن غريب جي ٻار وانگر هئس، جيڪو هميشه پنهنجي پسند جي رانديڪي کان محروم ئي رهندو آهي، پوءِ بس اهو غريب جو ٻار پنهنجي دل کي وندرائڻ خاطر مٽي مان، ڪاٺين مان، ڪاڳرن مان يا اهڙين ڪن ٻين شين مان پنهنجو رانديڪو پاڻ ئي ٺاهيندو آهي! ۽ پوءِ ان سان کيڏندو رهندو آهي! ها! سو شبنم جڏهن مون کان آخري ڀيرو موڪلائڻ کان پوءِ هميشه جي لاءِ هلي وئي هئي تڏهن هوءَ پاڻ به مون کي اهو ئي چئي وئي هئي ته ”هاڻي پنهنجي پر ۾ ئي مون کي پوڄيندو رهجان! هاڻي پنهنجي تصور سان ئي منهنجي تصوير کي تراشي ڇڏجان!“ ها پوءِ بس مون به بلڪل ائين ئي ڪيو هو! آئون هن جي ڳولا ۾ رڻ جو راهي نه ٿيو هئس! آئون هن جي پٺيان ڪنهن ويراني ۾ وڃائجي نه ويو هئس. هن کان پوءِ مون هن جي تلاش کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو! هن پڄاڻان آئون مونن ۾ منهن وجهي اتي ئي ويهي رهيو هئس؛ جتي هن آخري ڀيرو مون کي الوداع چيو هو! ان سموري عرصي ۾ آئون کيس پنهنجي ئي پر ۾ پوڄيندو رهيو هئس! مون پنهنجي تصور جي طاقت سان هن جي تصوير تراشي ڇڏي هئي! مون هن جي تصور سان پنهنجي دل جي دنيا کي ائين آباد ڪري ڇڏيو هو جيئن خدا جي تصور سان هي دنيا آباد آهي! مون خود کي هن ۾ اهڙي طرح حل ڪري ڇڏيو هو جو محبت ۾ پوءِ مون کي غربت وارو احساس به باقي نه رهيو هو! مون عشقِ حاصل _ لا حاصل جو مشاهدو ماڻي ورتو هو! هن پڄاڻان مون سيد جي اها سٽ هينئين سان هنڍائي ڇڏي هئي ته؛ ’ وڃين ڇو وڻڪار! هت مَ ڳولين هوت کي!‘.........
جهڙي طرح اوڻٽيهين اونداهي ۾ اک کي گوڏو به نظر نه ايندو آهي، تهڙي طرح مون کي ان سموري عرصي منجهه ڪجهه به نظر نه آيو هو؛ جهڙي نموني پاڻي جي اندر پنهنجو پاڻ هوا کان به هلڪو محسوس ٿيندو آهي، تهڙي نموني مون کي تقريباً پنهنجي هئڻ جو احساس به نه رهيو هو! آئون پنهنجي پر ۾ هن جي ايترو ته ويجهو ٿي ويو هئس جو مون کان پنهنجو پاڻ به پري ٿي پيو هو!........ ظاهري حقيقت هي هئي جو هن جي وڃڻ کان پوءِ آئون باقي رهجي ويو هئس، هو نه رهي هئي، يعني هن پڄاڻان آئون هئس، هوءَ نه هئي؛ پر آئون عشق ۾ ’پاڻ ارپڻ‘ تي عمل پيرا هئس سو مون پنهنجو ’هئڻ‘، هن جي ’نه هئڻ‘ کي ارپي ڇڏيو هو. مون پنهنجي ’هئڻ‘ سان، هن جي ’نه هئڻ‘ کي ميٽي ڇڏيو هو. مون جيت ۾ هار ۽ هار ۾ جيت ڳولي ڇڏي هئي! وقت گذرندو رهيو هو...... ها! ائين ئي وقت گذرندو رهيو هو!.........
..........وقت گذرندو رهيو هو، وقت واري جيان منهنجي وجود تي ورندو رهيو هو. آئون لٽبو رهيو هئس. ها! آئون لٽبو رهيو هئس. منهنجي ڇتن ۾ ڇائي پئجي ويئي هئي. منهنجا وار وکري ويا هئا، آئون دزجي صفا ڌوڙ ٿي ويو هئس. منهنجا حال فقيري بڻجي پيا هئا. منهنجي حالت اهڙي ٿي پئي هئي جو ڪنهن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ئي نه رهي هئي ته آئون جوڳي آهيان؛ آئون پاڻ سراپا جوڳي ٿي پيو هئس! ها! وقت واري جيان منهنجي وجود تي ورندو رهيو هو. ها! آئون لٽبو رهيو هئس پر، مون کي ان ڳالهه جو ذرا به احساس نه ٿيو هو. مون کي ڪا خبر ئي نه پئي هئي ته مان ڇا مان ڇا ٿي ويو آهيان! آئون پنهنجي دل جي دنيا ۾ ايتريقدر محو رهيس جو مون کي منهنجي ئي ڪا خبر نه پئي! مون کان منهنجو ئي وجود وسري ويو!
وقت پنهنجي ويڙھ وڙهندو رهيوهو. وقت منهنجي وجود تي وار ڪندو رهيو هو. وقت جي وارن جا نشان منهنجي پيشاني تي پڌرا ٿيندا رهيا هئا. پر مون کي ان ڳالهه جي ڪا ڪل ئي ڪانه پئي هئي! منهنجا ڪارا وار اڇا ٿي ويا هئا، منهنجو ڀريل بت ڀڄي ڀري پيو هو. منهنجو مضبوط جسم ڪمزور ٿي پيو هو. آئون جوپ جوان مان پيرسن پوڙهو ٿي پيو هئس. منهنجون اکيون اجهامي پيون هيون، منهنجا ڇپر ڳرا ٿي پيا هئا! منهنجي هٿن جون نسون ظاهر ٿي پيون هيون، منهنجا هٿ ڏڪي ڪنبي رهيا هئا! آئون فنا جي قريب اچي پهتو هئس! پر مون کي ڪو پتو ئي نه پيو هو! ....... وقت گذرندو رهيو هو! ها! ائين ئي وقت گذرندو رهيو هو!........
.......زندگي جو پويون پهر هو. زندگي جو سج هاڻي لهڻ تي هو. مون کي زندگي کان ڪا شڪايت نه هئي، نه ئي مون کي موت سان ڪو مسئلو هو! مان ان حوالي سان پوري طرح سان مطمئن هئس؛ ها مگر مون رڳو مرڻ کان پهرين هڪ ڀيرو، فقط هڪ ڀيرو هن کي ڏسڻ ٿي چاهيو. جهڙي طرح ابراهيمؑ کي خدا تي ايمان ته هو پر پوءِ به هن دل جي تسلي خاطر پرندن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڏٺو هو، سو اهڙي طرح پڪ ته مون کي به هئي ته هوءَ به مون وانگر ئي مطمئن هوندي پر پوءِ به دلِ بي ايمان جي تسلي خاطر مون به بس هڪ نظر کيس پاڻ جهڙو مطمئن ڏسڻ ٿي چاهيو. سو انڪري جيئن جيئن ضعيفي وڌندي ٿي وئي تيئن تيئن اها تشنگي چوٽ چڙهندي ٿي وئي! جيئن جيئن منهنجا ڇپر ڳرا ٿيندا ٿي ويا، تيئن تيئن مون کي هروڀرو به ائين ٿي لڳو جيئن ڪا خواهش هئي جا حسرت ٿيندي ٿي وئي! ڪا ڇيت هئي جا چڀندي ٿي وئي! وقت گذرندو رهيو! ها! وقت گذرندو ئي رهيو!............
......... اگر ائين ئي مري وڃان ها ته شايد دل ۾ اها ڇيت قبر ۾ به چڀندي رهي ها ، ۽ لطيف چواڻي سسئي وانگر آئون به فرشتن کان به پوءِ شبنم جو ئي پڇان ها! اگر ائين ئي مري وڃان ها ته شايد تڪميل جي ديوار ۾ ڏار پئجي وڃن ها! ها! جيڪڏهن ائين ئي مري وڃان ها ته ڄڻ مفت ئي مري وڃان ها! پر لحد ۾ لهڻ کان اڳ، تڪميل جي ديوار ۾ ڏار پوڻ کان پهرين، ها! مفت ئي مري وڃڻ کان پهرين؛ هڪ ڏينهن هينئن ٿيو جو ڪنهن پل منهنجي ڏڪندڙ ڪنبندڙ، ڪمزور ۽ ڏٻرن هٿن تي ٻه ڏڪندڙ ڪنبندڙ، ڪمزور ۽ ڏٻرا هٿ رکجي ويا. انهن پوڙهن هٿن جي لمس سان منهنجي جواني موٽي آئي. انهن ڏڪندڙ ڪنبندڙ، ڪمزور ۽ ڏٻرن هٿن جي ڇهاءُ سان ڪليون کڙي پيون، گل ٽڙي پيا ۽ بهار اچي وئي! ۽ بهار به اهڙي اچي وئي، جو اهڙي بهار اڳ ڪڏهن نه آئي، اهڙي بهار ته جوڀن ۾ به نه آئي! اهڙي بهار ته زندگي ۾ تڏهن به نه آئي، جڏهن زندگي ۾ شبنم آئي هئي!....
مون پنهنجا ڳرا ڇپر مٿي ڪري نهاريو. منهنجي سامهون شبنم هئي....... مون وانگر ئي پوڙهي جهور ٿي ويل شبنم! وقت جي وارن جا نشان هن جي پيشاني تي به پڌرا هئا هن جا حال به مون جهڙا ئي ساڳيا هئا. هن جو ڀريل بدن به ڀُري صفا کنڊر بڻجي پيو هو! هن جي ڇاتين جو اڀار به لهوارو ٿي ڄڻڪهِ ختم ٿي ويو هو. هن جو تاڻيل جسم ساڻو ٿي پيو هو. مون هن جي جواني کي جانچي جونچي ڏٺو هو، هن جي جواني ائين هئي جيئن فولادي ديوار! اڄ هن جي چهري ۾ گهنج ڏٺم ته ائين ٿي لڳو، جيئن فولادي ديوار ۾ ڏار! شبنم جي جواني ۽ پيري موهن جي دڙي جي عروج ۽ زوال جي تاريخ لڳي رهي هئي. مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ مون کيس هزارين سال اڳ جوان ڏٺو هو! هزارين سال اڳ، مون کيس موهن جي دڙي جيان آباد ۽ شاد ڏٺو هو، ۽ هزارين سالن کان پوءِ اڄ جڏهن کيس وري ڏٺم ته ته هوءَ بلڪل موهن جي دڙي جهڙي ئي لڳي رهي هئي! آئون سندس چهري جي نقش و نگار کي موهن جي آثارن جيان ئي محسوس ڪري رهيو هئس. آئون دير تائين زوال ۾ عروج ڳوليندو رهيس. پيري ۾ جواني جانچيندو رهيس. هن جي چهري جي کنڊرن ۾ ماضي جا آثار ڦلهوريندو رهيس!.......
هوءَ به مون کي مون جيان ئي ڏسي رهي هئي. شايد هوءَ به مون منجهه منهنجو ماضي ڳولهي رهي هئي! اسان جون اکيون دير تائين هڪٻئي ۾ اٽڪي رهجي ويون. اسان اکين جي ذريعي دلين تائين لهي وياسين. اسان اکين جي وسيلي اڄ وري اها دل جي دنيا آباد ڪري ڇڏي جيڪا هڪ عرصو اڳ، هميشه جي لاءِ اهڙي طرح آباد ٿيڻ ناممڪن ٿي پئي هئي! اسان اڄ وري ائين ملي پياسين جيئن ملڻ، گهڻو اڳ ممڪن ئي نه رهيو هو! اسان ننهن کان چوٽي تائين پٿرائجي وياسين. جيئن پهاڙن مان آبشارون وهنديون آهن، تيئن اسان جي پٿرايل اکين منجهان ڳوڙها وهڻ لڳا! اهي ڳوڙها نه خوشي جا هئا نه غم جا! نه چين جا هئا نه عذاب جا! اهي ڳوڙها، عدم جا ڳوڙها هئا! عدم، جتي ’هئڻ‘ ۽ ’نه هئڻ‘ هڪ ئي ٿيندو آهي! جتي ’سڀڪجهه‘ ۽ ’ڪجهه به نه‘ ساڳي ئي ڳالهه ٿيندي آهي!....
ڪافي دير جي پُرشور خاموشي کان پوءِ شبنم پڪاريو،”جوڳي!“
”جي!“
هوءَ ڪجهه ترسي وراڻي؛ ”مون کي پڪ ته پوري ئي هئي ته تون به مون جيان ئي مطمئن هوندين پر پوءِ به دلِ نادان جي تسلي خاطر موت کان پهرين توکي آخري ڀيرو پنهنجي اکين سان ڏسڻ هلي آيس!“
مون جڏهن اهي لفظ ٻڌا ته حيران رهجي ويس، چيم؛ ”اگر تنهنجي اچڻ کان پهرين موت اچي وڃي ها، ته منهنجي دلِ نادان جي تسلي به اڌوري رهجي وڃي ها شبنم!“
اسان جڏهن هڪٻئي واتان هڪ ئي ڳالھ ٻڌي ته اسان جي اطمينان جي انتها ٿي وئي. تڪميل جي تصديق جي ڪا گنجائش ئي باقي نه رهي. اسان ڪي گهڙيون پرسرور خاموشي جي حوالي ٿي وياسين. خاموشي جي انهن پُر خمار لمحن ۾ ڪنهن پل شبنم چيو، ”جوڳي خبر اٿئي اڄ Valentine’s Day آهي...“ هن چيو.
” محبتن جو عالمي ڏينهن........!“ ياد آيم.
”ها!“ هن چيو، ” اڄ مون تنهنجي لاءِ هڪ گلاب آندو آهي جوڳي!“
اسان ٻِئي عمر رسيد پوڙها هئاسين، پر شبنم جي انهي ڳالهه تي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر جوان ٿي پياسين. اسان جون اجهامندڙ اکيون ٻيهر ٻري پيون. پهاڙن جهڙا ڳرا ڇپر، وري هوا کان هلڪا ٿي پيا. چاهتون اسان جي چهرن تي هڪ ڀيرو وري چلولائڻ لڳيون. اسان جي دلين هم آواز اهو چيو، جسم پوڙها ٿيندا آهن، پر دليون ڪڏهن پوڙهيون نه ٿينديون آهن، دليون سدائين جوان رهنديون آهن! هر شيءِ، ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿي ويندي آهي پر عشق اهو آهي جو ٿيڻ کان پوءِ هر شيءِ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي پر اهو پاڻ ڪڏهن ختم نه ٿيندو آهي! عشق ڪڏهن ختم نه ٿيندو آهي، عشق لافاني ٿيندو آهي! آئون شبنم کي پُر تجسس نگاهن سان نهارڻ لڳس. هن آهستگي سان هڪ تصوير ابتي ڪري پنهنجي ڏڪندڙ ڪنبندڙ هٿن سان منهنجي ڪمزور ۽ ڏٻرن هٿن ۾ ڏني. مون ڏاڍي تجسس وچان شبنم جي ڏنل اها تصوير آهستي آهستي سنئين ڪئي. ڏٺم ته اها تصوير هڪ ڳڀرو جوان جي هئي. مون اها تصوير ڏٺي ۽ ڏسندو ئي رهجي ويس....... مون جڏهن ان تصوير ۾ تڪيو ته منهنجي اکين اڳيان اها تصوير ڦرڻ لڳي جيڪا گهڻو اڳ مون ۽ شبنم کليل اکين واري هڪ خواب ۾ ڏٺي هئي! اهو خواب، جيڪو حقيقتن کان وڌيڪ حسين هو! اها تصوير، جيڪا اسان جي تڪميل جي تعبير هئي! اها تصوير، جيڪا اسان جي مڪملتا جي تصوير هئي! اها تصوير، جنهن ۾ اسان پنهنجو منڍ ۽ ڇيڙهو ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيا هئاسين! اها تصوير، جنهن منهنجي ۽ شبنم جي رشتي جي تشريح ڀٽائي جي انهي سٽ سان ڪئي هئي ته ’هئا اڳهين گڏ _ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا!‘ ها! اها تصوير، جنهن ڏي اشارو ڪري مون شبنم کي چيو هو،” هي منهنجي عدم جي تصوير آهي شبنم!“
مون اڄ جڏهن شبنم جي ڏنل اها تصوير پنهنجي پوڙهن هٿن ۾ پڪڙي ته منهنجا پوڙها هٿ پل ۾ جوان ٿي پيا! مون جڏهن اڄ اها تصوير ڏٺي ته پڪ ڄاتم ته هي ئي اها تصوير آهي جيڪا مان مدتن کان ٺاهيندو رهيو هئس! هي ئي اها تصوير آهي جيڪا هر ڀيري مون کان ٺهندي ٺهندي ڊهي ويندي هئي. اها هر ڀيري ٺهندي ٺهندي ڊهي ويندڙ تصوير اڄ جنهن پل مون مڪمل ٺهيل ڏٺي ته سچ مون ان ئي پل ۾ پاڻ کي ڪامل ٿيندي محسوس ڪيو. اها تصوير ڏسي مون کي شبنم جو اهو پهريون ئي سوال ياد اچي ويو هو، جيڪو هن پهرين ئي ملاقات ۾ مون کان پڇيو هو. پڇيو هئائين، ”توهان کي وڃائجي ويل زندگي جي ڳولها آهي ۽ مون کي وڃائجي ويل وجود جي!....... ٻڌايو ته پاڻ ۾ فرق ڪهڙو آهي!؟“ اها تصوير شبنم جي انهي سوال جو جواب لڳي رهي هئي! اها تصوير، منهنجي وڃائجي ويل زندگي ۽ شبنم جي وڃائجي ويل وجود جي گڏيل تصوير ٿي لڳي! انهي ڳڀرو جوان جو جسم جوڳي ۽ روح شبنم ٿي لڳو! آئون ڪافي دير تائين انهي تصوير ۾ گم رهيس، ان تصوير ۾ نه ڄڻڪهِ پنهنجي پاڻ ۾ ئي گم رهيس..... پوءِ ڪنهن گهڙي مون اکيون کڻي شبنم ڏي نهاريو..... اسان جون اکيون مليون ۽ اسان جي اکين منجهان وري عدم جا ڳوڙها ڳڙڻ لڳا.......
”توکي ياد آهي هڪ ڀيري سانوڻ ۾ پاڻ زمين ۽ آسمان جي پيروي ڪئي هئي!.... توکي ياد آهي جوڳي مان زمين بڻي هئس ۽ تون آسمان!“
”ها!“ ڳڙندڙ اکين سان وراڻيم.
ڪجهه پل خاموش رهي هن وري ڳالهايو؛ ”توکي ياد آهي جوڳي، پاڻ کليل اکين سان هڪ خواب ڏٺو هو!.... حقيقت کان وڌيڪ حسين خواب!“
”ها شبنم!“ چيم.
”توکي ياد آهي پاڻ آڳ ۾ گل پوکيا هئا جوڳي!“ هوءَ چوندي؛ وئي رجندي! ” توکي ياد آهي جوڳي، ٽانڊا جڏهن گلاب بڻيا هئا، تڏهن پاڻ هڪ گلاب کنيو هو!“
”. . . . . .“ آئون ڪجهه ڪڇي نه سگهيس.
”هي اهو ئي گلاب آهي جوڳي!“ شبنم جون اکيون آبشارون بڻجي پيون.
مون پنهنجيون اکيون هڪ ڀيرو ٻيهر تصوير ۾ کپائي ڇڏيون. ۽ منجهنس گهوريندي، ٽٽل ڦٽل اکرن ۾ اچاريم،”... مُ......صـ......و......ر......!“
”ها!.......“ شبنم چيو.
شبنم جي انهي ’ها‘ سان ازلي قرار جي لهر ڊوڙي وئي. اسان ٻنهي جا ڪنڌ هيٺ ٿي ويا، اسان ٻنهي جون اکيون مصور جي تصوير ۾ کپي ويون، ”هن جون اکيون تو جهڙيون آهن جوڳي!“
”هن جا چپ تو جهڙا آهن شبنم!“
”هن جا وار تو جهڙا آهن!“
”هن جا ڪن تو جهڙا آهن!“
” هن جا هٿ تو جهڙا آهن جوڳي!“
” هن جا پير تو جهڙا آهن شبنم!“
” مصور جو آواز تو جهڙو آهي جوڳي!“
” مصور جو انداز تو جهڙو آهي شبنم!“
مون کي ياد آهي گهڻو اڳ کليل اکين واري، حقيقت کان وڌيڪ حسين، ان خواب ۾ به مصور جو چهرو چتائيندي اسان اهي ئي جملا ڳالهايا هئا! ها! گهڻو اڳ اسان کيس ان خواب ۾ به بلڪل اهڙو ئي ڏٺو هو، جهڙو هو اڄ حقيقت ۾ نظر ٿي آيو. اڄ جڏهن ان خواب کي حقيقي روپ ۾ ڏٺم ته ائين لڳو جيئن اسان ته کيس پئدائش کان اڳ ئي پسي ڇڏيو هو!. . . . اسان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ماٺ ٿي وياسين. خاموشي جي مختصر وقفي کان پوءِ شبنم شروع ٿي، ”تون مون کان جدا ٿيو ئي ناهين! تون مون سان پل پل گڏ ئي رهيو آهين!“ تصوير ڏي تڪيندي هن چيو، ”..... هن مون کي تو کان الڳ ٿيڻ ئي نه ڏنو جوڳي! هن ڪڏهن مون کي اداس ٿيڻ نه ڏنو! هن ڪڏهن مون کي تنها ٿيڻ نه ڏنو. . . . .!“
شبنم جون اهي ڳالهيون منهنجي روح جي آخري گهرائي تائين لهي ويون. اها ڇيت جيڪا منهنجي دل ۾ باقي رهجي وئي هئي، سا هاڻي باقي نه رهي! آئون ننهن کان چوٽي تائين مڪمل طرح مطمئن ٿي ويس. منهنجي من ۾ هاڻي ڪا به تمنا باقي نه رهي. هاڻي مان اتي هئس، جتي نه خوشي هئي نه غم! نه ڪا خواهش هئي نه ئي ڪا حسرت! اتي ڪجهه به نه هو. ها! اتي ڪجهه به نه هو مگر اتي سڀ ڪجهه به هو! اتي سڀڪجهه ۽ ڪجهه به نه، ساڳي ئي ڳالهه هئي. اتي الف توڙي ي ٻيئي حرف اهوئي هيڪ هو. مون ان ڏينهن شبنم کي هميشه هميشه جي لاءِ الوداع چئي ڇڏيو. مون کيس مسڪراهٽن سان کائنس آخري ڀيرو موڪلائي ڇڏيو. هوءَ جڏهن وڃڻ لڳي ته مون کيس مڙي به نه ڏٺو. منهنجي چهري تي عجب اطمينان ڦهلجي ويو. شبنم کي آخري ڀيرو الوداع چئي مون پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي ڇڏيو... منهنجيون اکيون مصور جي تصوير ڏسندي ڏسندي بند ٿي ويون....... آئون عدم ۾ هليو ويس.... ننڊ..... ننڊ.......اگهور ننڊ....
***