وڃائڻ ۽ لاحاصل
”جوڳي!“ ان رات هن ڏاڍي ڳنڀير لهجي ۾ پڪاريو.
”جيءُ.“
”هڪ ڳالهه چوان!“ هن اداس ٿيندي پڇيو، ”اداس ته نه ٿيندين جوڳي؟“
الئه ڇو، مان اهو ٻڌي، باقي ڪجهه ٻڌڻ کان پهرين ئي اداس ٿي پيس. پر پوءِ به منهن ٻئي طرف ڦيري چيم، ”نه!.......چئو.“
هن ڪوشش ڪئي پر ڪجهه چئي نه سگهي. مان ويتر ڀڄڻ ڀرڻ لڳس، اڄ شبنم جي چهري جا آثار ئي ڪجهه اهڙا هئا جو مون کي عجب خوف ورائڻ لڳو، پر پوءِ به پاڻ تي ضبط ڪندي وراڻيم، ”چئو شبنم، ڇا ڳالهه آهي؟“
شبنم پنهنجي پوري طاقت يڪجا ڪري، وڏي مشڪل سان چيو، ”جوڳي.......منهنجا ڏينهن ٻڌجي چڪا آهن!“
شبنم جو اهو جملو وڄ جيان منهنجي وجود تي اچي ڪريو هو آئون سڄو سڙي رک ٿي پيو هئس! مون کي ائين لڳو هو ڄڻ منهنجي زندگي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا هئا!
گهڻو ئي دل کي ’ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.‘ واري سٽ سمجهائي هئم. گهڻو ئي دل کي هڪ عرصي تائين عشقِ حاصل _ لاحاصل جا قصيدا ٻڌايا هئم. ها! گهڻو ئي دل کي امر جليل جو اهو جملو ياد حافظ ڪرايو هئم ته، ’محبت شادي جي محتاج نه ٿيندي آهي.‘ پر اهو لمحو اهڙو آيو جو منهنجي اها سموري ڪئي ڪمائي پروڻ ۾ پاڻي ثابت ٿي. دل کان اهي سمورا سبق وسري ويا. سالن جون پڙهايل پٽيون منٽ ۾ ميٽجي ويون. دل کي ڪجهه ياد ئي نه رهيو. دل، ان وقت منهجي ساري وجود تي حاوي ٿي وئي. منهنجا چپ به منهنجي چئي ۾ نه رهيا. گهڻو ئي ڀيڪوڙيم پر ڀيڪوڙيا نه ٿيا. دل جي چوڻ تي چري پيا.
”شبنم.“
”جيءُ.“
”تون، مون سان شادي ڪر.“ منهنجي چپن چيو.
شبنم کي اهو ٻڌي ڏاڍي حيراني ٿي. هن ڪي گهڙيون منهنجي منهن ۾ نهاريو، پوءِ هن مون کي ڪافي دير اهي سڀ ڳالهيون ياد ڏياريون؛ جيڪي دل جي دستاويز تي پهرين ڏينهن پڪيون ٿيون هيون. هن اهو سڀ ڪجهه ياد ڏياريندي آخر ۾ پڇيو، ”توکان اهو سڀ ڪجهه وسري ويو جوڳي؟“
مان ڏاڍو لڄي ٿيس، مون وٽ ڪي لفظ ئي نه هئا. مان ڪجهه ڳالهائي ئي نه سگهيس. مون پنهنجي دل جي اڳيان دير تائين وري ساڳيا ئي سبق دهرايا، پر ان ڀيري منهنجي دل منهنجي دشمن ٿي پئي هئي، ان ڏينهن دل منهنجي هڪ به نه ٻڌي، منهنجا چپ بي ساخته وراڻيا، ”اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن شبنم.“ چپن چيو، ”اهي، جيڪي ڪجهه ڪري نه سگهندا آهن، سي پنهنجي دل کي اهڙا دلاسا ڏئي مطمئن ڪندا آهن.“
شبنم جڏهن اهڙو جواب ٻڌو تڏهن لاجواب ٿي وئي. منهنجا چپ ٻيهر چريا، ”تون، مون سان شادي ڪر شبنم.“
نيٺ هوءَ بيوسي منجهان وراڻي، ”اها ڳالهه منهنجي وس ۾ ئي ناهي جوڳي.“
”ها ان ڪري ئي ته چيم،“ منهنجا چپ چريا، ”جيڪي ڪجهه ڪري ئي نه سگهندا آهن، سي ئي پنهنجي دل کي اهڙا دلاسا ڏئي مطمئن ڪندا آهن.“ منهنجي دل وراڻي، ”اهي جيڪي شادي ڪندا آهن، سي ڪڏهن به اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن شبنم!“
شبنم جا ڄڻڪِه چپ ئي سبجي ويا. هوءَ چپ رهجي وئي. مگر منهنجي دل ماٺ نه رهي، ان کيس چيو، ”زندگي فقط هڪ ڀيرو ئي ملي آهي شبنم، وري نه ملندي! ۽ اها زندگي به، ڪنهن به لمحي ختم به ٿي سگهي ٿي .......... هينئر، هن لمحي به!“ دل وراڻي، ”پوءِ هن ۾ گنجائش ئي ڪهڙي آهي جو خوامخواه وڃائي ڇڏجي. اجاين ريتن رسمن ۽ فضول فرسوده رواجن جي ور چاڙهي ڇڏجي!“ منهنجا چپ چرندا رهيا، ”هن هڪڙي ۽ مختصر زندگي کي ته مڪمل طور تي پنهنجي مرضي سان ئي گذارجي .... زندگي جو ته لمحو لمحو جي ڀري جيئڻ گهرجي!“ منهنجا هٿ شبنم جي چهري ۾ چنبڙي ويا، ”...... زندگي جيئڻ جي لاءِ هوندي آهي، مرڻ جي لاءِ نه! مري مري جيئڻ، زندگي جي توهين آهي؛ اهڙي جيئڻ کان ته موت بهتر آهي شبنم!“
شبنم وٽ چوڻ لاءِ ڪي لفظ ئي نه هئا، سو هوءَ بس ماٺ ئي رهي. مگر منهنجي دل وٽ ڀاڻا ڀريل هئا، سو منهنجي دل ماٺ نه ٿي، ”۽ هڪ ڳالهه هي به ياد رک شبنم، ته خودڪشي رڳو اها ناهي جو زهر پي ڇڏجي، پکي تي لٽڪي پئجي يا واھ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏجي.“ ڪجهه ترسي دل وراڻي، ”پنهنجي هي حسين زندگي پرائي مرضي تي پامال ڪري ڇڏڻ به خودڪشي آهي شبنم! جيئري جاڳندي خودڪشي! ۽ اها خودڪشي ته سڀ کان بدتر آهي شبنم!“
”جوڳي........!“ شبنم حيراني ۾ ٻڏي وئي.
”ها شبنم! مون سان شادي ڪر بس.“
شبنم چيو، ”اڄ توکي ڇا ٿي ويو آهي جوڳي؟“
”ڇو؟“
”اڄ تون ايترو ڪمزور ڇو ٿي ويو آهين جوڳي؟“ هن پڇيو.
”مان ڪمزور ناهيان شبنم.“
”آهين ڪمزور.“ شبنم چيو، ”مون اڳ ڪڏهن توکي ايترو ڪمزور نه ڏٺو آهي جوڳي.“
”نه شبنم ائين ناهي.“
”ائين ئي آهي.“
ڪجهه لمحا منهنجا چپ چُپ رهيا، ان وچ ۾ مون خود تي ضبط آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، مون دل جي ديوانگي تي سبقت کڻڻ ٿي چاهي پر عقل عشق کان هر ڀيري هارائيندو آهي سو هن ڀيري به ائين ئي ٿيو، دماغ کان پهرين دل وراڻي، ”مان سمجهي ويس!......تنهنجي ڳالهه مان سمجهي ويو آهيان شبنم.“
”ڇا سمجهيو آهين تون؟“
”مون کي خبر آهي شبنم،“ دل دعوى ڪئي، ”هاڻي تون مون کي ازلي عشق جو ترانو ٻڌائيندين، پوءِ وري اهي ساڳيا ئي پراڻا سبق ياد ڪرائيندين.“ ڪجهه ترسي دل وراڻي، ”پر شبنم، اڄ مون اهي سمورا سبق وساري ڇڏيا آهن. الئه ڇو بس اڄ مون کي انهن سڀني ڳالهين تي چڙ ٿي اچي شبنم.“
شبنم اڄ مون کي بنھ بدليل ڏٺو، اهو ڏسي هوءَ ڏاڍو پريشان ٿي پئي. هن گهڻو ئي ڪجهه چوڻ پئي چاهيو پر منهنجي چپن کيس ڪجهه چوڻ جو موقعو ئي نه ٿي ڏنو، ”مون کي اهي سڀ اجايا دلاسا ٿا لڳن. مون کي الئه ڇو اهي سڀ هٿراڌو اطمينان جا طريقا ٿا لڳن بس!“
شبنم جڏهن منهنجين انهن ڳالهين کي پڄي نه سگهي ته بيوسي منجهان وراڻي، ”گهر...؟“
”ڇڏي ڏي گهر......!“
”پر.........!“
”پر ڇا؟“
شبنم ڪجهه چوڻ چاهيو مگر چئي نه سگهي. پر منهنجا چپ منهنجي چئي ۾ نه هئا سو شبنم کي چپ ڏسي وري وراڻيا، ”پر ڇا شبنم؟“
شبنم اهو نه چيو، جيڪو هن پهرين چوڻ چاهيو، هوءَ وراڻي، ”جوڳي تو ته چيو هو گهر ڇڏڻ خراب آهي! تو ئي ته مون کي سو ڀيرا سمجهايو هو ته شبنم، ڏس ڪڏهن به منهنجي لاءِ گهر نه ڇڏجان! ها تو ئي ته چيو هو جوڳي، تون ڪڏهن پيار جي پاڳلپڻي ۾ اچي منهنجي ڪري هن گندي سماج ۾ رسوا نه ٿجان!“ هن مون کي ڌونڌاڙيندي چيو، ”اڄ تو کان اهو سڀ ڪجهه ڇو وسري ويو جوڳي؟“
”ها اڄ مون کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويو آهي شبنم!“ منهنجا چپ چوڻ لڳا، ”چيم نه ته اڄ مون کي انهن ڳالهين تي چڙ ٿي اچي شبنم!“ منهنجي دل دهرايو، ”اهي سڀ اجايا دلاسا آهن. ڪوڙي اطمينان جا طريقا آهن بس!“ .......... ”تنهنجي ۽ منهنجي هڪ الڳ دنيا آهي، دل جي دنيا! ان دل جي دنيا ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي، ان دل جي دنيا ۾ فقط تون آهين، فقط مان آهيان! ان دل جي دنيا ۾ دور دور تائين هن گندي سماج جو نالو نشان نه آهي!“ منهنجا بيخود چپ وراڻيا، ”اچ ته پنهنجي اها دل جي دنيا آباد ڪريون! ......... پاڻ هن سماج کي پٺتي مڙي نهارينداسين ئي ڪونه، ته پوءِ رسوا وري ڪهڙا ٿينداسين شبنم!“
شبنم جون اکيون ڀرجي آيون، ڳلو خشڪ ٿي ويس، ڳنڀير لهجي ۾ وراڻي، ”پر جوڳي......“ لفظ هن جي نڙي منجهه اٽڪي پيا. هن ڳيت سان نڙي آلي ڪئي، پوءِ ٻيهر وراڻي، ”پر جوڳي .......... گهر ڇڏڻ سان به ڪجهه حاصل نه ٿيندو!“ هن اداس ٿيندي چيو، ”ناممڪن ڪڏهن ممڪن نه ٿيندو جوڳي! ....... “
”ڇو شبنم؟“
شبنم جي اداسي ويتر وڌي وئي، هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”جوڳي، سچ اهو ئي آهي ته چاهيان ته مان به اهو ئي ٿي جيڪو تون ٿو چاهين.“ هن چيو، ”پر جوڳي، پاڻ ڏاڍا مجبور آهيون. پاڻ ٻئي بيوس آهيون جوڳي!“
”اگر تو ۾ ڪجهه همت هجي ته شبنم......“ منهنجا چپ ڪجهه چوندي چوندي چپ ٿي ويا.
”ڳالهه منهنجي همت جي ناهي جوڳي!“ شبنم وراڻي.
”ته پوءِ؟“
”ڳالهه هي آهي ته،“ شبنم ڪنڌ جهڪائي وراڻي، ”مان توکي وڃائڻ نٿي چاهيان جوڳي بس!“
”اهو وڃائڻ ناهي ته ڇاهي؟“
”اهو وڃائڻ ناهي جوڳي!“ شبنم آلوده اکين سان منهنجين اکين ۾ نهاريندي چيو، ”اهو لاحاصل آهي!“هن ڏاڍو طاقتور جملو اچاريو، ”.......لاحاصل جو مطلب وڃائڻ هرگز نه هوندو آهي، لاحاصل ۾ ۽ وڃائڻ ۾ وڏو فرق ٿيندو آهي جوڳي!“
يقيناً شبنم جو اهو جملو ڏاڍو طاقتور هو، جيڪڏهن دل اهو جملو سمجهي ها ته دم ڏئي وڃي ها مگر دل اها ڳري ڳالهه تڏهن سمجهي نه سگهي سو آئي وئي ڪري وري به ساڳي ئي ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي بيٺي، ”اهو ته وري به دلاسو ئي ٿيو شبنم!“
”.........“ هوءَ ڪجهه ڪڇي نه سگهي، منهنجي دل ته ڄڻ سندس لفظ ئي کٽائي ڇڏيا.
منهنجي دل اڄ مون کي ضدي ٻار وانگر بڻائي ڇڏيو هو، شبنم گهڻو ئي ماءُ جيان مون کي ريجهائي رهي هئي مگر اڄ هن جي هڪ به نه ٿي هلي. هوءَ ڪي گهڙيون خاموش رهجي وئي. انهي خاموشي جي دوران، بيوسي شبنم جي چهري تي اداسي ڦهلائي ڇڏي، هن جو چهرو زرد ٿيندو ويو؛ کيس اداس ڏٺم ته مان خود ملول ٿي پيس، مون ڪي ساعتون چپ نه چوريا. مان به ڪي گهڙيون ماٺ ٿي رهجي ويس. خاموشي جي انهي وقفي کان پوءِ منهنجا چپ ٻيهر چريا، پر مون کي ائين لڳو، جيئن، منهنجا چپ، ڪي چپ نه هئا، جي چُريا، منهنجا چپ، ڪي چاڪ هئا، جي چِڪي پيا! ”اهو ڏوھ، جيڪو پاڻ ڪيو ئي ناهي، ان ڏوھ جي سزا پاڻ ڇو ڀوڳيون؟ ........ پرائي ڏوھ جي سزا!“ شبنم واري بيوسي، شبنم واري اداسي منهنجي وجود کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙيندي وئي، ”هي ريتون رسمون، هي ذاتيون پاتيون، هي رنگ نسل، هي اوچ نيچ؛ هي سڀ ڪجهه پاڻ ته ناهي ٺاهيو شبنم!“ لاشعوري طور تي بيوسي سان ناڪام ويڙھ وڙهندي دل وراڻي، ”پوءِ پاڻ ڇو انهي گهاڻي ۾ پيڙهجون؟ .... ڇو؟ .... آخر ڇو شبنم!!!؟“ دل جو مٿو ديوار ۾ هو ڄڻ!
شبنم پاڻ رجي رهي هئي، اهي سڀ سوال، جيڪي مان ڪري رهيو هئس، سي سڀ سوال شبنم جا به هئا. مان جڏهن ڳالهائي ڳالهائي چپ ٿي ويس ته شبنم شروع ٿي، ”شروع ۾ انسان پهرين آيو، اصول پوءِ آيا! پر هاڻي انسان جي پيدا ٿيڻ کان پهرين ئي اصول پيدا ٿيا پيا آهن! هر ايندڙ انسان لاءِ اصول پهرين ئي آيل آهن!“ هوءَ وراڻي، ”اصول زماني جون زنجيرون آهن. پاڻ سڀئي انهن جنجيرن ۾ پئدائشي جڪڙيل آهيون جوڳي!“ هن جون اکيون وڏ ڦڙو ٿي وسي پيون.
”ڇا توکي ڪوئي مون جيان چاهي سگهندو؟“منهنجي دل تڙپي پئي، ”ڇا توکي ڪوئي مون واري محبت ڏئي سگهندو شبنم؟“
”نه!“ شبنم پڄري پئي، ”نه جوڳي! اهو ممڪن ئي ناهي!“
”ته پوءِ منهنجي مڃ!“
هن پنهنجيون بيوس اکيون کڻي مون ڏي نهاريو.
”ها شبنم!“ منهنجي بي چئي دل چيو، ”تون مون سان شادي ڪر.... فقط مون سان شبنم!“
شبنم جون اکيون جهڪي ويون، هن نه چاهيندي به چيو، ”نه جوڳي! اهو به ناممڪن آهي!“
شبنم جيڪو چئي رهي هئي سو سڀ سچ هو. هوءَ شاھ هئي ۽ آئون گدا هئس. اسان جو الميو اهو هو جو اسان جنهن سماج ۾ هئاسين، تنهن ۾ شاھ ۽ گدا جي شادي واقعي به ناممڪن هئي! پر دل ڪنهن به سماج جي ڇو نه هجي ،دل سماج سان ٻڌل نه ٿيندي آهي. دل جتي ڪٿي پاڳل ئي ٿيندي آهي، سو منهنجي پاڳل دل انهي ناممڪن کي ممڪن جي بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي وراڻي، ”تون منهنجي آئيڊيل آهين شبنم. تون منهنجو وڃائجي ويل اڌ آهين تون منهنجي ذات جي تڪميل آهين شبنم! تون منهنجي ئي مٽي مان تراشي وئي آهين، تون منهنجي وجود جي وار وار سان وابسته آهين شبنم.“ ها! دل پاڳل هئي، اهوئي سبب هو جو وس ۾ ئي نه رهي، ”تون انهي خواب جي مرتڪب آهين شبنم، جو حقيقت کان وڌيڪ حسين آهي!“ دل اگر منهنجي دسترس ۾ هجي ها ته خدا جو قسم! آئون شبنم کي ڪڏهن ائين نه ڳالهايان ها، ”ڇا تون مون کي ڇڏي ويندين؟.... ڇا تون مون کي پرزا پرزا ڪري هلي ويندين؟... اهو خواب، جيڪو حقيقت کان به وڌيڪ حسين آهي، ڇا تون اهو خواب هاڻي ريزه ريزه ڪري هلي ويندين شبنم؟؟؟!“
ان ڀيري منهنجي حالت، هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي ٿي وئي هئي، جهڙي گهڻو اڳ عشقِ حاصل _ لا حاصل واري خواب ڏسڻ کان پوءِ منهنجي ٿي هئي، جهڙي ڪجهه ڏينهن پهرين، اهو ساڳيو ئي خواب ڏسڻ کان پوءِ شبنم جي ٿي هئي! ها! اڄ منهنجي حالت بلڪل اهڙي ئي ٿي وئي هئي! گهڻو اڳ جڏهن عشقِ حاصل _ لا حاصل واري خواب ڏسڻ کان پوءِ منهنجي حالت اهڙي ٿي هئي تڏهن آئون تنها هئس! تڏهن مون کي سنڀالڻ وارو ڪير به نه هو! سو اهوئي سبب هو جو تڏهن انهي حالت مون کي لاشعوري طور تي اها ڳالهه سمجهائي ڇڏي هئي ته زهر جو علاج زهر سان ئي ٿيندو آهي! آئون زخم کي زخم سان ئي ڀرڻ سکي ويو هئس! ڪجهه ڏينهن پهرين، اهو ساڳيو ئي خواب ڏسڻ کان پوءِ جڏهن شبنم جي اهڙي حالت ٿي هئي، تڏهن شبنم به صفا بي سمجهه ٻارڙي ٿي پئي هئي! ۽ اڄ، هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي حالت اهڙي ٿي پئي هئي، ته اڄ آئون به پنهنجي دل هٿان صفا بي سمجهه ٻار بڻجي پيو هئس! شبنم جو دامن پڪڙي کيس چرين جيان چنبڙي پيس! چيم؛ ”شبنم شيشا ته لتاڙي ويندي!...... ڪنڊا ته لتاڙي ويندي!...... ها! مگر شبنم ڪڏهن جوڳي جا ڳوڙها نه لتاڙي سگهندي!“
شبنم جڏهن منهنجا اهي لفظ ٻڌا، هن جڏهن منهنجي اهڙي حالت ڏٺي، ته هن جو به ضبط جواب ڏئي ويو. هوءَ عرش تان فرش تي ڪري پئي، هوءَ چيخي پئي، ”وٺي هل مون کي جوڳي!.....مان توسان گڏ هلڻ جي لاءِ تيار آهيان!“ هوءَ لرزي پئي، ”ها جوڳي! مان سڀ ڪجهه ڇڏڻ جي لاءِ تيار آهيان!... هينئر ئي وٺي هل! جيڏانهن تون چاهين جوڳي!“ هوءَ بيوسي منهنجان ڇلڪي پئي!
بس ان ئي لمحي، ها! ان ئي پل، مون کي الئه ته ڇا ٿي ويو. ان ئي گهڙي آئون بي سمجهه مان ڦري با سمجهه ٿي پيس. دل، شبنم جي ڳوڙهن ۾ غرق ٿي وئي! آئون شبنم جا ڳوڙها ڏسي نه سگهيس. مون شبنم کي ڀاڪر ۾ ڀريو، کيس سميٽيم. کيس سيني منجهه سمايم، ڏاڍو شرمنده ٿيس، ”مان پاڳل آهيان شبنم! مان چريو آهيان.“ کيس چيم؛ ”تون صحيح آهين، تون بلڪل صحيح آهين شبنم!“ ......... ”اهو وڃائڻ ناهي!......... اهو لا حاصل آهي!“ مون کي شبنم جي ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ آئي هئي، سندس تائيد ڪندي چيم، ”ها! وڃائڻ ۽ لاحاصل ۾ وڏو فرق ٿيندو آهي شبنم!“