ناول

هئا اڳهين گڏ

”هئا اڳهين گڏ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار حسيب ڪانهيو جو لکيل ناول آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
”هيءُ ناول ”هئا اڳهين گڏ...“ نوجوان ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار حسيب ڪانهيو جو پهريون ناول آهي ۽ ان کاهوڙي مڻيادار مڙس منجهان اهڙي آس رکي سگهجي ٿي ته هو کڙڪڻا ناهي سمهي نه پوندو... هميشه نئين نڪور اوج ۽ موج جا پيرا کڻندي هو اسان کي نيون نڪور دنيائون پسائيندو هلندو... ۽ سنڌي ادب کي ناول جي مد ۾ مالامال ڪرڻ واري چرپر ۾به هميشه اڳيان اڳيا رهندو...“
Title Cover of book هئا اڳهين گڏ

ڀٽائي، قلم ۽ تون!

............ هڪ رات هن ڏاڍي جهيڻي آواز ۾ چيو، ”ان رات ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ننڊ اچي وئي جوڳي!“
کيس چيم، ” ڳالهيون؛ سمهاري ڇڏينديون آهن!“ ڪجهه ترسي چيم، ”.... ڳالهيون؛ جاڳائي ڇڏنديون آهن!“
ڪا رات اهڙي نه آئي، جنهن اسان کي هارايو. ڪا رات اهڙي نه آئي، جنهن اسان تي پنهنجي هلائي! هر رات کي اسان ئي هارايو. هر رات تي اسان پنهنجي ئي هلائي! راتيون ته اسان جون غلام رهيون، محڪوم رهيون! راتين تي اسان پنهنجي بادشاهي ڄمائي، اسان راتين تي راڄ ڪيو! ننڊ ڇا ٿيندي آهي؟ اسان وٽ ته ان سوال جواب ئي پنهنجو هو. اسان وٽ ته ننڊ جي وضاحت ئي الڳ هئي، يا ائين کڻي چئجي ته اسان وٽ ته ننڊ ئي پنهنجي جدا هئي! اسان ته ڪا هڪڙي رات به ائين نه ستا سين جيئن جهان سمهندو آهي! اڪثر ته ائين ئي ٿيندو هو جو ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪنهن پل اکيون پورجي وينديون هيون ۽ اسين آرامي ٿي ويندا هئاسين..... ۽ آرامي به اهڙي طرح ٿي ويندا هئاسين، جهڙي طرح معصوم ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويندو آهي! جهڙي طرح معصوم پکي پنهنجي آکيرن ۾ آرامي ٿي ويندا آهن! ها! جهڙي طرح ڪو شهيد پنهنجي قبر ۾ آرامي ٿي ويندو آهي! اڪثر ڳالهين جي ئي ڳهر ۾ اسان جون اکيون پورجي، اهڙي سڪون جي ننڊ سمهي پونديون هيون، جو لاشعوري طور ته دل جي اها تمنا هوندي هئي ته اهي اهڙي ريت پوريل اکيون ته شال قيامت جي ڏينهن به نه پٽجن! اهائي اها ننڊ هئي شايد، جنهن جي باري ۾ ڀٽائي چيو هو، ’سي سُتا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي!‘ عجب خمار هو انهي ننڊ ۾! حقيقت هيءِ آهي ته ماءُ جي لوليءَ کان پوءِ، هيءَ ئي اها ٻولي هئي، جنهن جي مڌرتا، بکيو پيٽ به ڀري ڇڏيندي هئي! ۽ اسان بنا کائڻ پيئڻ جي به سمهي رهندا هئاسين. ......... ها! اڪثر ته اسان کي اهي ڳالهيون، اهي بي ترتيب ڳالهيون ئي سمهاري ڇڏينديون هيون، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو اهي ئي بي ترتيب ڳالهيون اسان کي جاڳائي به ڇڏينديون هيون. ڪنهن ڪنهن رات ته ننڊ ايندي ئي نه هئي! گهڻو ئي اسان اکيون پوريندا هئا سون پر اکيون نه پوربيون هيون. اکيون هروڀرو پٽجي وينديون هيون. بس پوءِ ائين رات گذري ويندي هئي پر اکيون آڻ نه مڃينديون هيون! اکين جي ارڏائي جي آڏو چئن پهرن واري رات چار لمحا ٿي گذري ويندي هئي! بس پوءِ رڳو اسان لوڪ لڄا کان اسُر ويل اکيون ڇنڀي اٿندا هئاسين! زمانو اسان کي پاڻ سان گڏ اٿندي ڏسندو هو ته ڪو پتو ئي نه پوندو هئس! اسان جا رازدار، اسان جا گواھ ته رڳو چنڊ ۽ ستارا هئا!
اهڙين ئي راتين مان هڪ رات اکين اسان جي آڻ نه مڃي! گهڻو ئي پوريون سين پر نه پوريون، پٽجي ويون. شبنم ان رات جي پوئين پهر ۾ پڇيو هو، ”جوڳي! ننڊ ته ڪونه اٿئي!؟“
”نه ته!“
”ڪٿي تون منهنجي ڪري ته ڪونه ٿو جاڳين!؟“ هن پڪ ڪندي پڇيو.
مان مرڪي پيو هئس. هن جي ڄاڻي واڻي جي اڻڄاڻائي تي ڏاڍو پيار آيو هئم. مون سندس پيشاني تي پنهنجا چپ رکيا هئا ۽ گهڻي دير تائين ماٺ ڇائنجي وئي هئي!
هڪ ڊگهي ماٺ کان پوءِ چيو هوم، ”هڪ ڳالهه چوان شبنم!؟“
”چئو جوڳي!“
” ٽن جاين تي مان، مان نه رهندو آهيان شبنم!“ هوءَ متوجه ٿي ته ڏاڍي طاقتور ۽ ڳوري لهجي ۾ چيو هوم، ” هڪ ڀٽائي وٽ، ٻيو قلم وٽ ۽ ٽيون............ تو وٽ!!“
اهو ٻڌي شبنم مرڪي پئي هئي. چنڊ لهي ويو هو. مان وضاحت ڪرڻ لڳي ويو هئس، ” مان بيخود ٿي پوندو آهيان، مان مدهوش ٿي پوندو آهيان، مان پنهنجي کل ۾ نه رهندو آهيان؛ آئون پنهنجي پاڻ مان نڪري ويندو آهيان شبنم!“ مان وجد ۾ هئس، ”شبنم! آئون جڏهن اوهان ٽنهي وٽ ايندو آهيان ته ائين لڳندو اٿم، جيئن منهنجي سامهون ڪو سمنڊ آهي جو موجون ٿو ماري! مون کي ٿو پُڪاري! لهرون آهن جي مون تي للڪار ٿيون ڪن! منهنجي غيرت تي يلغار ٿيون ڪن!......... ڪا گهرائي آهي جا غوطو ٿي گهري! ڪو پاتال آهي جو پيشاني ٿو گهري! ڪا سربُلندي آهي، جا سجدو ٿي گهري!“ مان بيخودي جي آخري گهرائي تي پهتل هئس، ڪجهه ترسي پيو هئس ۽ پوءِ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو هوم، ”.....شبنم! سچ اهو ئي آهي ته پوءِ آئون سمنڊ کان سر بچائي نه سگهندو آهيان! پوءِ مان موجن کان منهن موڙي نه سگهندو آهيان! پوءِ مان پاتال کي پاڻ ارپي ڇڏيندو آهيان! لهرن کي لبيڪ چئي ڇڏيندو آهيان! مان سربُلندي جي آڏو سر به_سجود ٿي گهرائي ۾ غرق ٿي ويندو آهيان!........ ها شبنم! اوهان ٽنهي وٽ مان، مان نه رهندو آهيان!“
هوءَ بلڪل خاموش هئي، رات جي پوئين پهر وانگر ئي خاموش! هن جون پٿرايل اکيون، منهنجي پٿرايل اکين ۾ ئي کُتل هيون. منهنجا چپ چُري رهيا هئا، باقي آئون سمورو ساڪن هئس، سڄي ماحول ۾ منهنجي چپن کان سواءِ ٻي ڪا به چيز حرڪت ۾ نه هئي! اسان لاءِ ته ڄڻ وقت به هڪ هنڌ بيهجي ويو هو!..... ها! منهنجا چپ چُري رهيا هئا، مگر سچ پچ ته مان نه ڳالهائي رهيو هئس، خبر ناهي ته ڪير هو جو منهنجا چپ چوري رهيو هو! خبر ناهي ته ڪير هو جو ڳالهائي رهيو هو ۽ مسلسل ڳالهائيندو ٿي ويو! جيڪي ڳالهيون هلي رهيون، مون ته ڪڏهن اهي ڳالهيون سوچيون به نه هيون! اهي ڳالهيون ته منهنجي ذهن ۾ ئي نه هيون! چپ، خود به خود چرندا ٿي ويا، ڳالهيون خود به خود ٿينديون ٿي ويون! ”شبنم! مان جڏهن اوهان ٽنهي وٽ هوندو آهيان، ته ائين لڳندو آهي جو ڪو آڙاھ آهي جو ابراهيمؑ جذبو ٿو گهري! ڪو حسن آهي جو عشق ٿو گهري!“ چپ ازخود چُري رهيا هئا، ”شبنم! پوءِ مان جڏهن آڙاھ ڏسندو آهيان ته ڪُڏي ڪاهي پوندو آهيان! آئون جڏهن حسن ڏسندو آهيان ته سراپا عشق ٿي پوندو آهيان!“ منهنجا چپ مسلسل چُري رهيا هئا، ”شبنم! يقين ڄاڻ ته مان جڏهن اوهان ٽنهي وٽ هوندو آهيان ته ائين لڳندو اٿم، ڄڻ آئون راءِ ڏياچ آهيان، ڄڻ منهنجي سامهون ڪو ٻيجل آهي جو سُرندو ٿو وڄائي!........ مون کي ائين لڳندو آهي جيئن ڪو راڳ آهي جو روڳ ٿو گهري! ڪا تند آهي جا ڪنڌ ٿي گهري! ڪو سُر آهي جوسِر ٿو گهري!“ چپ بيخودي وچان چوندا ئي رهيا، ”شبنم! پوءِ مان راڳ کي روڳ ڏئي ڇڏيندو آهيان! تند تي ڪنڌ رکي ڇڏيندو آهيان! سُر تان سِر کي گهوري گهمائي ڇڏيندو آهيان!......... شبنم! مان راءِ ڏياچ جي تاريخ ورجائيندو آهيان!“
چپن کي الاءِ ته ڪهڙي آڳ لڳي! جو چُپ ئي نه ٿي ٿيا، ” مان جڏهن ڀٽائيءَ تي ويندو آهيان ته پوءِ يا ته منهن مونن ۾ وجهي ويهي رهندو آهيان، يا ته وري اکيون تنبوري جي تارن ۾ اٽڪائي ڇڏيندو آهيان! تنبوري جو آواز ۽ ڀٽائي جو راڳ گڏجي مون کي خود کان آزاد ڪري ڇڏيندا آهن! مان، مان نه رهندو آهيان! منهنجي اندر ۽ ٻاهر، منهنجي هستي ۾ هڪ رقص شروع ٿي ويندو آهي! هر شيءِ مدهوش ٿي محوِ رقص ٿي جهومي پوندي آهي! وجود جي ويڙهه وارو کيل ئي ختم ٿي ويندو آهي! الوهيت جو سمنڊ سڀڪجهه لوڙهي ٻوڙي ڇڏيندو آهي! مان لانگوٽي جي لال جي گودڙي جا گلاب سنگهندو آهيان ۽ الوپ ٿي ويندو آهيان!.....“
ڪجهه لمحن جي خاموشي جي لهر آئي ۽ وري هلي وئي، چپ وري چُرڻ لڳا، ”شبنم! مان جڏهن قلم کڻندو آهيان تڏهن به پاتال ۾ پيهي ويندو آهيان! هي قلم منهنجو ڀرم آهي! هي قلم منهنجو تقدس آهي! هي قلم منهنجو امر وجود آهي! هي قلم منهنجي ’مان‘ آهي! مان جڏهن هن قلم کي کڻندو آهيان تڏهن به پنهنجي پاڻ مان نڪري پوندو آهيان! مان پنهنجي پاڻ مان نڪري هن قلم ۾ پئجي ويندو آهيان!........... شبنم! مان، مان نه رهندو آهيان، مان مس ٿي هن قلم ۾ ڀرجي ويندو آهيان! مان لفظ لفظ ٿي لکجي ويندو آهيان!“ ها! چپ پاڻمرادو چُرندا ئي رهيا، لفظ گونجندا ئي رهيا، ”.......... ۽ شبنم! تو کي ته مون پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو آهي! مان جڏهن تو سان ملندو آهيان تڏهن به مان مان نه رهندو آهيان! مان تو وٽ پهچي، ’تون‘ ٿي ويندو آهيان!“ مان ته مڪمل ساڪن هئس! منهنجو ذهن دماغ به خاموش هو! مان ڪجهه به سوچي سمجهي نه رهيو هئس، بس چپ هئا جيڪي چُري رهيا هئا، ”ڀٽائي، قلم ۽ شبنم، منهنجي عدم جو رستو آهن! عدم، جتي سڪون آهي، اطمينان آهي! عدم، جنهن جو تصور ئي آزادي آهي! آئون جڏهن زماني جي ذلتن کان تنگ ٿي پوندو آهيان، آئون جڏهن خود کان به بيزار ٿي پوندو آهيان، ها! آئون جڏهن جيئڻ بدران مرڻ چاهيندو آهيان ته ٽن طرفن جو رُخ ڪندو آهيان؛........ ڀٽائيءِ جي ڀر جهليندو آهيان، پين جو پاسو وٺندو آهيان، يا ته وري تنهنجي در تي اچي دستڪ ڏيندو آهيان شبنم!“
بس ائين ئي چپ بي ساخته چرندا رهيا ۽ ڳالهيون هلنديون رهيون؛ بنا سوچيل، بنا سمجهيل ڳالهيون! رات جو پويون پهر هارائڻ لڳو، تارا ۽ ڪتيون هارائڻ لڳا. ا جا نيڪ ٻانها عبادت لاءِ اٿڻ وارا ٿيا. پرھ ڦٽڻ لڳي، پکي پُکڻ ٻولڻ وارا ٿيا ته پوءِ اسان به لوڪ لڄا کان رڳو اکيون ڇنڀي اٿي پياسين!
ان رات کان پوءِ جيڪا رات آئي تنهن رات مان ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيس. شبنم ڪيئي ڀيرا چيو، ”ڪجهه ڳالهائي جوڳي!“ هوءِ ائين چوندي چوندي الوپ ٿي وئي، هن جون اکيون پورجي ويون کيس ننڊ اچي وئي پر مان ڪوشش جي باجود به ڪجهه ڳالهائي نه سگهيس. مان شبنم جي چهري ۾ چتائيندو رهجي ويس. ٻي رات هن پڇيو، ”تون آهين ڪيئن جوڳي!؟“
”آئون ائين ئي آهيان شبنم!“ چيم.
هن چيو، ”ڳالهائيندو آهين ته چپ نه ڪندو آهين، ۽ چپ ڪندو آهين ته ڳالهائيندو ئي نه آهين!“
اهو ٻڌي مان مرڪي پيس، کيس گهوريندي چيم، ”ڪڏهن ڪڏهن مان گهڻو پٺتي رهجي ويندو آهيان ۽ لفظ گهڻو اڳتي نڪري ويندا آهن! ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري لفظ گهڻو پٺتي رهجي ويندا آهن ۽ آئون گهڻو اڳتي نڪري ويندو آهيان“ ڪجهه ترسي چيم، ”شبنم! جڏهن لفظ گهڻو اڳتي نڪري ويندا آهن تڏهن مان چپ رهي نه سگهندو آهيان ۽ جڏهن مان گهڻو اڳتي نڪري ويندو آهيان تڏهن ڪجهه ڳالهائي نه سگهندو آهيان!!“