دلچسپ ۽ منفرد ترين ناول!
شروعاتي صفحن وارا خط، ٿي سگهي ٿو، مطالعي جي ٻاڙ تي نه هِريل ۽ اڻ شاعراڻي مزاج جي مالڪ پڙھندڙن کي گهٽ involve رکن، پر شروعاتي ڪجھ صفحا لتاڙڻ بعد آخر تائين حيرت ۽ تجسس کي ڦُلوريندو، هي ناول پڙھندڙ کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پنا پورا ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو(پساه پورا نه. !)
ٿر، لاڙ ۽ ناري جي پس منظر ۾ رچيل سمورا ڪردار ۽ واقعا انوکا پر حقيقتن سان همڪنار لڳن ٿا. ناشاد جي مخصوص رومانوي اسلوب ۽ سهڻي نثر، انهن کي چار چنڊ لڳايا آھن. ٿر جي فطري ماحول جا رنگ جڏھن به ناشاد جي قلم مان نڪرن ٿا ته ٿري ڏڪار، بک ۽ بدحالي پڙھندڙ کان وقتي طور وسريو وڃن ۽ ليکڪ وارو گليمرائيزڊ ٿر، پنهنجي فطري ۽ تهذيبي حسن سميت سامهون اچي بيهي ٿو!
هن ناول وارو دلڪش، ڪٿي عاشق، ڪٿي فلسفي، ڪٿي مظلوم ته ڪٿي وري قابل رشڪ لڳي ٿو. عورتاڻي ڪيفيت جي رنگينين کان ويندي گهريلو مسئلن جي تلخين تائين، خود غرض طبيعتن جي قباحتن کان ويندي دل جهوريندڙ حسن جي ادائن تائين، هن ناول جا ڪردار اسانجا پنهنجا ۽ اسانجي آسپاس جا لڳن ٿا، پر قيمتي قلمي پوشاڪ ان کي نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏيئي ڇڏيو آھي. راول، گلاب، حڪيمه، سلمه، ماهپاره دلڪش، ڌونئر، قاسم ۽ نازيه ۽ نصرت تائين ڀلوڙ ڪردارن جي قهقشان ۾، ”وڌيڪ سٺو ڪهڙو “ وارو سوال لاجواب ٿي پوي ٿو!
هن ناول ۾ ڪٿي به نعريبازي، وڌاءُ يا وري خيالي وهڪرا ناهن بلڪه ھر هنڌ حقيقت نگاريءَ جا رنگ نظر اچن ٿا، البته ناشاد جي آرٽسٽڪ ۽ دلڇُھندڙ نثر ان کي قلم جا سورنهن سينگار ضرور ڪرايا آھن.
پاڻ دعوائن ۽ رد دعوائن واري کٽراڳ کان هيستائين بچيل رهيا آھيون. ڪنهن تخليق کي شاهڪار يا ردي چوڻ جو حق به پاڻ کي ناهي. پر بحيثيت پڙھندڙ ھي ناول مونکي سنڌي ادب جو دلچسپ ترين ۽ منفرد ترين ناول ضرور لڳو. آئون يونيورسٽي لائيف ۾، ”رهجي ويل منظر“ ۽ ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ کي وري وري پڙھندو هئس، پر هن ناول به مونکي اڄڪلھه جي ذميوار مصروف زندگيءَ باوجود وري وري پڙھڻ تي مجبور ڪيو!
مغرب ۾ ناول پاپولر ۽ اهم صنف ليکيو وڃي ٿو. نوبل پرائيز جي هسٽري به هن صنف جي اهميت ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي، پر اسان وٽ شارٽ ڪٽ، سکڻي جذباتيت ۽ ابهام پسنديءَ سبب ميڊيا، سوشل ميڊيا، ادبي ميڙاڪن، ۽ فيسٽيولس ۾ شاعريءَ کي ايترو ته اڇاليو ويو آھي، جو ايئن لڳندو آھي ڄڻ رڳو شاعري ئي ادب آھي، بلڪه ڪڏھن لڳندو آھي ڄڻ اسانجي سڀني مسئلن جو حل به شاعريءَ ۾ لڪيو پيو آھي! اهڙي ادبي ماحول ۾ ناشاد ناول جهڙي محنت طلب ۽ صبر آزما صنف سان دوستي رکي، ان سان ڀرپور انصاف ڪيو آھي-اهو قابل تحسين ڪم آھي!
ناول جي ڪن جملن مونکي گهڻو ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪيو. ڪيترن ئي جملن جي کراڙ مان ٻه ٽي ڪڻا حاضر آھن:
”ٻن ڪيفيتن ۾ انسان ڪوڙ ڳالهائي نه سگهندو آھي، هڪ موت جو خوف ۽ ٻيو جنسي انتهائن جي آسپاس“
”سامهون نظر ايندڙ روشنيون ڏسي لڳي ٿو، ڄڻ ڪاري ڪري ماريل عورتن جي ڪنن جا سونا جهومڪ، هوائن جي دوش تي لٽڪيل آھن!“
”درد جو درياءُ پي وڃڻ ۽ لڙڪن جا ڪيئي مينهن وسائڻ کانپوءِ، هڪ سطح اهڙي به ايندي آھي، جڏھن انسان چاهڻ جي باوجود روئي ناهي سگهندو! “
مصطفيٰ هنگورجو ايڊوڪيٽ
مٺي ٿرپارڪر 16/5/2016