دلڪش ۽ ملڻ جي اُڻتڻ
هن سکي ستابي گھراڻي ۾ اک کولي هئي. سندس ڏاڏو گجرات ڏانهن ڍڳن جو واپار ڪندو هو، اتان سون ۽ چاندي وٺي ايندو هو. ڏاڏس جي موت کانپوءِ، ڦوهه جوڀن ۾ ڪجھه وقت پيءُ قاسم به ان ڪاروبار کي جاري رکيو، پر ورهاڱي کانپوءِ هنن جي وڏي رقم اوڌر جي صورت ۾ ڪڇ گجرات ۾ رهجي ويئي ۽ هنن جو اهو ڌنڌو به رڪجي پيو. پر پوءِ به قاسم ۽ سندس ڀائرن وٽ زمين، چوپايو مال ۽ سون چانديءَ جي صورت ۾ ايتري ملڪيت ضرور هئي جو، اهي ڪنهن اڳيا هٿ ڊگھيرڻ بنا ئي آسان ۽ عزت ڀري زندگي گذاري، پنهنجو وارو وڄائي ويا.
والد جي حادثاتي موت کانپوءِ، دلڪش ٿري جي تعليم ڪجھه متاثر ضرور ٿي. پر سندس ماستر ڀاءُ تبسم جي دلچسپي باعث هن بي، اي تائين تعليم حاصل ڪري ورتي. سرڪاري نوڪرين تي بندش باعث آسپاس تمام گھڻي بيروزگاري پکڙيل هئي. ان ڪري هن گھريلو آمدنيءَ ۾ ڀاءُ تبسم سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ماءُ حڪيمه هن کي قاسم جي بچائي رکيل چانديءَ جي سڪن جي ننڍڙي ڳوٿري آڻي ڏني. جنهن کي رپين ۾ بدلائي هن لاڙ ۾ اچي زمين جو مقاطعو کنيو.
هن کي خبر هئي ته هن اهڙي وقت شعور جي واڳ ورائي هئي، جڏهن سندس گھراڻو، موروثي ڪاروبار ختم ٿيڻ سبب بدليل گھرجن ۾ پير کپائي نه پي سگھيو. ٿر ۾ آمدنيءَ جي ٻين ذرين جي اڻهوند ۽ لاڳيتو ايندڙ ڏڪارن سبب، هنن جو چوپايو مال تيزيءَ سان گھٽجي رهيو هو، مڊل مين واپارين جي من مانيءَ سبب سندن چوپائي جي قيمت اٺ حصا ڪريل هئي. جنس جي اگھن جو به ساڳيو حال هو. خانداني طور چڱ مڙسيءَ جي ڪري، سرشت ۾ آيل آرام پسنديءَ هنن کي محنت مشقت کان پُٺيرو ڪري ڇڏيو هو. اهڙين حالتن ۾ ٽنڊي باگي ڀرسان مقاطعو کڻي، هن رٺل قسمت کي وري آزمائڻ ٿي چاهيو. هن ۽ سندس خاندان لاءِ انهن مجبورين کان به وڌيڪ مجبوريون سماجي هيون، هي گھراڻو ست پيڙهياتو شاهوڪار ۽ ڀڳدار رهيو هو. نه رڳو ڳوٺ پر آسپاس جي راڄن ڀاڳن ۾ به چڱو چوکو اثر هو. ان ڪري ماڻهن وٽ هن گھراڻي لاءِ اميدون ۽ تصور اڃا به ساڳي هئا. شادي مرادي ۽ ڏڻ ڏهاڙي، ڏي وٺ وقت هن گھراڻي مان وڏيون اميدون رکبيون هيون. ساڳي طرح تبسم ۽ دلڪش جي ذاتي هلت چلت مان پڻ وڏن واري اُٿي ويٺيءَ جي اميد رکبي هئي. جڏهن به اهي پيادل هلندا ته هر ڪو کانئن پڇندو هو ته ”ابا اوها جا وڏا ته سدائين ڀلن گھوڙن ۽ اٺن تي چڙهيا، اوهين ٽنگون ٺوڪيندي، سٺا نٿا لڳو!“ انهن جهڙا ٻيا انيڪ زهريلا جملا ۽ سوال سندن ڪڍ لڳا ايندا هئا. اهڙن لمحن ۾ دلڪش جي دل چوندي هئي ته هو سڀن اڳيان ماڻهن جي آسماني تصورن کي زمين تي لاهي، اهو اعتراف ڪري ته سندن خاندان جون مالي حالتون ساڳي نه رهيون آهن. اسان ۾ اڳيون اميدون نه رکو، پر هن کي اهو به احساس هو ته ايئن ڪرڻ سان سندن گھڻگھرن کي صدمو رسندو ۽ مٺگھُرن کي اجايو ريچڪ چڙهندو. ان سان گڏ خاندان جا پڇ ڍاوا دشمن، مجبورين مان فائدو وٺي، نوان جھيڙا شروع ڪندا. ان ڪري هن ڀريل بندوق وارو ڀرم برقرار رکڻ ۾ ئي ڀلو ڀانئيو.
تبسم وٽ اٺ ۽ گھوڙي چڙهڻ لاءِ موجود هئا، پر تبسم ۽ دلڪش لاءِ انهن جي ٽهل ٽڪور به وڏو مسئلو هو. جھنگ مان ڪانا ۽ چارو آڻڻ، کوهن مان پاڻي ڇڪڻ جھڙا ڪم هنن جي آرام پسند طبعيت لاءِ مشڪل بڻيل رهيا. بدليل وقت ۾ اٺن گھوڙن تي ٿيندڙ محنت ۽ خرچ تي نظر رکڻ کانپوءِ ٻنهين ڀائرن انهن جي پالنا کي جاري رکڻ بدران سمورا جانور آڌيارا پيرائتا، پنهنجن هارين کي ڏيئي ڇڏيا ۽ ايئن پنهنجي اکين اڳيان ڌنار ملازمن کان چوپائي مال جي سنڀال وارو خانداني طريقيڪار، هاڻ نيٺ مال ڀائيواري تي، ٻين کي ڏيڻ ۾ بدلجي پيو. پرائمري ماستر تبسم جي پگھار گھريلو خرچن جي پورائي لاءِ موچارو وسيلو هو. ان کانسواءِ زمين ۽ چوپائي جي آمدني به سندن سهارو هو. هن گھراڻي جو ڪو به ڀاتي ٻني ٻاري يا چوپائي جي سنڀال جو ڪم نه ڪندو هو، ان ڪري ڪيئي ماڻهو سندن سکي ستابي زندگيءَ تي رشڪ ڪندا هئا ۽ سندن لاءِ وڏ ماڻهپي وارو خاڪو پڻ جڙيل هو.
دلڪش ٿري گھريلو آمدني جي انهن بنيادن مان مطمعن نه هو. کيس خبر هئي ته بدليل دؤر جي گھرجن پٽاندر آمدنيءَ ۽ خرچن ۾ توازن رکجي نه پيو سگھجي، ۽ نيٺ حقيقت جي اس ۾ برف جو اهو محل پٽ پئجي سگھي ٿو. ان ڪري هن لاڙ ۾ اچي زمين جو مقاطعو کنيو. اتي به منجهس ماڻهن طرفان مالي حيثيت کان وڌيڪ اميدن، کيس منجھائي وڌو هو، جتي جتي به هوندو، کيس مجبورن ملاوٽ ڪرڻي پوندي هئي. دل چاهيندي هئس ته هو ٻارن سان گڏ ڪرڪيٽ، بلور کيڏي، پر ايئن ڪندو هو ته ماڻهو چوندا هئس ”دلڪش ٻار آهين ڇا؟!“ ڪڏهن ڪڏهن پينٽ شرٽ پائيندو هو ته پڇندا هئس ”رانن کي لغام ڪڏهن کان چاڙهيو اٿئي!“. اکين تي چشمو رکندو هو ته پڇندا هئس ”انڌن جي ٽوليءَ مان ڪڏهن ٽٽو آهين؟“. اهڙا انيڪ سوال هئا، جن کيس ٻين جي پسند تحت زندگي گذارڻ جو پابند بڻائي رکيو هو! هن اُٺ ڪتاب پڙهيا هئا. سندس لکيل علمي ادبي پورهيو به لاڳيتو ميڊيا تي اچي رهيو هو. پر وقت جي ستم ظريفيءَ هن کي جنهن سوسائيٽي سان لهه وچڙ ۾ رکيو هو، ان جا قدر سندس اوليتن کان بلڪل مختلف هئا. هن کي پنهنجي فطري بيساختگي، مڙهيل ملاوٽ منجهه زخمي محسوس ٿي رهي هئي! سبب اهو هو ته پاڻ سماجي ارتقا جي جنهن هاڃيڪار موڙ تي موجود هو، اتي پراڻا طور طريقا ۽ قدر، تيزيءَ سان ٽٽي ۽ نوان جڙي رهيا هئا. نئون سماجي سيٽ اپ تبيديليءَ جي نالي ۾، سدا بهار پراڻن قدرن کي به ڳڙڪائي رهيو هو، جڏهن قدامت پرستي ڪن دقيانو سي قدرن مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هئي. رهڻي ڪهڻيءَ جي انهن ٻن متضاد ٽڪرائن ۾، اوليتن جي جوڙ جڪ هن لاءِ عزاب بڻجي پئي هئي!
هن جو ڳوٺ ٿر جي ڀٽن ۾ جديد سهولتن کان پرڀرو هو. جتي لاڳيتو رهندڙ ڏڪارن باعث غذائي اڻهوند اڳيان هئي. کير مکڻ جي عدم دستيابي ۽ ٽرانسپورٽ جي نه هجڻ سبب ساين ڀاڃين کان اڻواقف ڏٻرا چهرا غربت جي تصوير بڻيل هئا. اهو ته ٿرين جو صبر، شڪر ۽ حوصلو هو جو، هنن ٿر ۾ رهي ان سماجي چوڻي کي جياريو پئي ته ”ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان!“
پنهنجي خاندان ۾ به پسند جو فرق سندس سامهون اڀري رهيو هو. هن جي ماءُ حڪيمه، پنهنجي پسند مطابق هن لاءِ رشتو ڳولي رهي هئي. سنهڙي، سيپڪڙي، وڏو نڪ ۽ ڊگھي ڳچي، ننڍا چپ، اُلهي ڪُلهي اڇا چُوڙا، سڀوٽ ڪنجرو! شرميلي اهڙي جو ماڻهن اڳيان مٿي تان چُني لهيس ته ٻه ٽڪ ماني نه کائي! ٻه ٽي ڀيرا پڇڻ کان پوءِ رڳو هڪ لفظ ها، نه ۾ ورندي ڏي. ڪم جي اهڙي سويچار جو مال جي ڇيڻي مان اڳڻ راڳيندي دير ئي نه ڪري. ڪپڙا ۽ گج سبي! اهي ئي معيار هئا، جن مطابق حڪيمه هن جي لاءِ ڪنوار ڇوڪري ڳولي رهي هئي. جڏهن ته هن جي پسند جا معيار مختلف هئا. مضبوط ۽ متوازن جسم، ڪڻڪائون رنگ، شرارتي اکيون، چقمقي ٻانهون، کليل ڊگھا وار، جديد فيشني لباس، هر موضوع تي کلي ڳالهائيندڙ بيباڪ عورت! ظاهر هو ته اهڙي ڪنوار حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي پڙهيل لکيل ڇوڪرين مان انتخاب ڪرڻو هو. پر انهن شهري معيارن تي هيءُ پاڻ به پورو لهي نه پئي سگھيو گاڏي بنگلو ۽ بينڪ بيلنس نه ئي سهي، پر نوڪري، الڳ گھر ۽ شهر ۾ مستقبل رهائش جهڙا شرط هن لاءِ به اڻ ٿيڻا هئا! جڏهن ته سرڪاري نوڪريءَ لاءِ هن جو چڙهيل پارٽيءَ سان تعلق ۽ بااثر سان واسطو
ضروري هو، ٿري اين جي اوز جا باس وري اقربا پروريءَ ۾ پورا هئا يا وري ڳالهائيندڙ ۽ خوددار بدران کين ماٺيڻن ۽ جي حُضوري ڪندڙ ملازمن جي ضرورت هئي، ان لاءِ دلڪش غير موزون ماڻهو هو!
دلڪش ٿري ان اڻجهل جوڀن جا پيچرا لتاڙي رهيو هو، جتي ڪنهن جي ڀاڪر جي گرمي ڇڪيندي آهي. جوڙ کان خالي بسترن جا چلولا احساس راتين جي ننڊ ڦٽائيندا آهن ۽ اڌ رات جا ڪچڙا خواب، جوڀن کي انهن مخمور وادين ۾ آڻي بيهاريندا آهن، جتان ممنوع جوڀن پنهنجا رستا پاڻ گھڙيندو آهي!
چوويهن ورهن جي دلڪش ٿري جا پويان پنج سال ڏاڍا بيقرار گذريا هئا. جنهن ۾ کيس گداز وجود جي شديد گھرج باوجود شديد کوٽ محسوس ٿي هئي. هن جي ڳوٺ ۾ سندس برادريءَ جا رڳو ٻه ٽي گھر هئا، جڏهن ته باقي برادري وارا پري پري جي ڳوٺن ۾ پکڙيل هئا. جتي سندس روز مرهه جو اچڻ وڃڻ ٿي نه سگھندو هو. هن سان ٻي مشڪل اها هئي جو ٻي ڪنهن هنڌ هن سهارو ڳولڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته برادريءَ جو فرق آڏو اچي بيٺو ٿي!
6 سال اڳ جھڙڦُڙ جھڙالي منجھند ويل، گھمڻ لاءِ پنهنجي ٻنيءَ تي پهتو هو ته ٻاجهر جي گھاٽن ۽ ڊگھن سلن ۾ سنگھه لڻيندڙ سندس هارياڻيءَ، هن کان چرچي ۾ سنگھه لُڻائڻ جي حجت ڪئي ته هن ٻاجهر جو ڊگھو سنگھه لڻي سندس ڪانبي ۾ وجھندي پڇيو :”سوني تنهنجي پڙي ۾ ايترا ڀُرٽ ڪيئن ڦاٿا آهن!“ سونيءَ نخري مان وراڻيو: ”پڙو ريشم جو آهي، تڏهن گھڻا ڀرٽ لگا آهن، پر تون ڀرٽ چنڊائڻ ۾ مدد نه ڪندين!“ ڍاٽڪي لهجي ۾ ڍاٽياڻيءَ جي اها ڍاٽڪي هُجت کيس نسوري نيئنڊ محسوس ٿي هئي. پر نا تجربيڪاريءَ جي لڄاري ڪيفيت ۾ ڪجھه ڪڇي نه سگھيو هو. سوني ٻاجهر جي ساون سلن منجھه ڀنل واريءَ تي ويهي پڙي جي پلاند مان ڀرٽ چنڊڻ لڳي ته هن جون لڄاريون نظرون ريشمي پڙي جي آسپاس اٽڪي پيون! تڏهن سونيءَ هن کي هُجت ۾ ٻانهن مان جھلي لابارو ڪرايو هو! سانوڻي رُت جي ان منجھند ويل انوکي تجربي مان گذريو هو. پهريون ڀيرو هن جي آشنائي اندر ۾ لڪيل ان ڪيفيت سان ٿي هئي، جتي هن پاڻ ۽ سونيءَ کي هڪئي وجود ڀانيو هو! ان ويل هن هوا ۾ لڏندڙ ٻاجھر جي ٻُوڙن ۾ فطرت جا محبوب رقص ڏٺا هئا! ڏُور ڪنهن ڀٽ تي ڌنار جي وڄايل بانسري، هن کي زندگيءَ جو گيت لڳي رهي هئي. جڏهن هن ڀنل واري تان اٿي ڪپڙا ڇنڊي پگھر اگھيو هو ته ڀنل واري هن کي گداز پلنگ لڳي هئي، جنهن تي هن وري ليٽڻ چاهيو هو!
۽ پوءِ ان موسم جا ڪيئي دلربا لمحا، سونيءَ جي صحبت ۾، ٻاجھر جي ٻوڙن ۽ ڄار جي پوٿارن ۾ لڪي ويا هئا. تڏهن هن وٽ اڃان مقدار تي معيار حاوي نه ٿيو هو!سونيءَ کان پوءِ هن جي زندگيءَ ۾ چند عورتون ٻيون به آيون، پر ڪا به هن کي ڊگھي رفاقت ڏئي نه سگھي. مڙس سان گڏ محنت مزدوري لاءِ بئراج ويل سوني، جڏهن کان هڪ زميندار جي قرضي بڻجي نجي جيل حوالي ٿي، هن کان وڇڙي هئي، تڏهن کان ساٿ ۾ آيل هر وجود، اڳٺ جي ٻڌ ڇوڙ کان اڳتي سندس دل ۾ جاءِ جوڙي نه سگھيو. ڪنهن ملاقات جو احسان جتائي هن کي دور ڌڪيو، ته ڪنهن وري سماجي رڪاوٽن سبب ناتو ڇنو. پر ڏيڍ سال اڳ جڏهن کان لاڙ جي ڳوٺڙي ۾ رهڻ لڳو هو ته، تازو ئي اتي بدلي ٿي آيل ماسترياڻي سلمه، هن کي زندگيءَ سان ڀرپور محبت کان آشنا ڪيو هو. ٻنهي جا قلمي لاڙا هڪ جهڙا هئا. شروع شروع ۾ هڪٻئي کان ڪتاب رسالا کڻي پڙهڻ، رسالن ۽ ريڊيو لاءِ مواد موڪلڻ سان ئي منجهن ويجھڙائي وڌي هئي، پر اڳتي هلي سندن طبيعتن جي هڪجھڙائيءَ، کين مضبوط ذاتي تعلق ۾ جڪڙي ڇڏيو هو. پوءِ هڪ ڏينهن ڪمري جي اڪيلائيءَ ۾ ٻنهين جي هڪٻئي جي لڪيل صلاحيتن سان واقفيت ٿي هئي. ٻنهين احساسن جي رستن تي، محظوظات جا ڪيترائي ٻير ڇاڻيا هئا ۽ ايئن هڪٻئي کان آشنائيءَ جو اهو سفر، خود شناسيءَ جو به انوکو تجربو بڻيو هو ۽ ايئن لاڳيتو سندن ملاقاتون، اسڪول جي چوديواريءَ ۾ ڀتين جي ڪنن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪنديون هيون. سلمه هن جي هر محبت کي قبول ڪيو هو، سهسين راز رکيا هئا، ۽ سندس وجود کي پيار ۽ پنهنجائپ جي خوشبوءِ سان ايئن واسي ڇڏيو هو، جيئن نازبوءِ جي سرهاڻ ڀرسان گھُلندڙ هوا جي خوشبوءِ، نڪن کي معطر بڻائي ڇڏيندي آهي!
هڪ سال تائين سلمه سندس زندگيءَ ۾ ڀرپور طرح سان شامل رهي. پر گذريل ڇهن مهينن کان جڏهن سلمه پنهنجي ڳوٺ بدلي ٿي هئي، تڏهن کان سندن تعلق ماٺو ٿيڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن سلمه جي گھر وڃڻ ٿيندو هئس، پر سلمه جي ماءُ هن کي ڏٺي نه وڻندي هئي، ڇو ته اها پوڙهي هر وقت کانئس ملڪيت ۽ آمدنيءَ متعلق سوال پڇندي هئي ۽ هرهر رومال ۾ ويڙهيل سندس اهو پيغام هوندو هو ته هن جي مالي مدد ڪئي وڃي. ڏوڪريءَ جي هر ڳالهه مان کيس مڪاري ۽ چالبازيءَ جي بدبوءُ محسوس ٿيندي هئي. آهستي آهستي ڏوڪريءَ کي به هن کان بُڇان ٿيڻ لڳي. جنهن شخص جون اسان کي ڳالهيون نه وڻنديون آهن، ان کي نيٺ اسان کان نفرت ٿي پوندي آهي! ايئن دلڪش جو وجود به، ڏوڪريءَ جي اکين ۾ ڪٽر بڻجي هُٽڪڻ لڳو هو، ڇو ته هي نه رڳو ڏوڪريءَ جي اميدن تي پورو لهي نه پئي سگھيو، پر هُن جون ڳالهيون ٻڌڻ کان به لنوائيندو هو.
ڏوڪريءَ ٻن وڏين ڌيئرن مان پنهنجن ڏهٽين ۽ ڏهٽن جي پوري ٽيم پاڻ سان گڏ رهائي هئي، جنهن ڪري درجن کن ماڻهن کان وڌيڪ ڪٽنب لاءِ، سلمه جي پگھار ناڪافي بڻجي پيئي هئي. ڏوڪريءَ دلڪش مان نااميد ٿيڻ کان پوءِ، تر جي وڏي زميندار ڪريم بخش سان واسطو وڌايو هو. جنهن جي اچ وڃ وڌڻ ڪري، دلڪش کي پنهنجو وجود بيمعنيٰ محسوس ٿيڻ لڳو هو، ويتر ڏوڪري سلمه جي اڻموجودگيءَ مان فائدو وٺندي، رومال ۾ ويڙهي طعنن جا تير هڻندي هئس. ”ٿريو ۽ نانگ سامهان اچن ته پهرين ٿريي کي مارجي!“ جملي جي زهر کي مذاق جي ڪيپسول ۾ لڪائڻ لاءِ وڏو ٽهڪ ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪنهن سان مخاطب ٿي چوندي هئي. :”دشمنن جي در تي بيهارڻ لاءِ ڏڪار جي ماريل ٿريي کان وڌيڪ موزون ٻيو ڪو ٿي نٿو سگھي!“. ڏوڪريءَ جا اهي جملا، هن لاءِ نه اچڻ جي سگنل طور ڪافي هئا. هن ڪيئي ڀيرا سلمه سان ڏوڪريءَ جي انهن روين جون شڪايتون به ڪيون پر ڏوڪري مٿس ايترو ته حاوي هئي جو، سلمه چاهڻ باوجود به ڏوڪريءَ کي ڪجھه چئي ڪونه سگھي. ويتر دلڪش کي صبر ۽ شڪر جي تاڪيد ڪندي رهي ۽ ايئن دلڪش جي دل ۾ ويڇا وڌندا رهيا. چئن مهينن کان سلمه سان سندس تعلق ٽٽل رهيو هو، چند هفتا اڳ سلمه طرفان شاديءَ جي پيشڪش کي رد ڪندڙ خط لکڻ پچاڻا سلمه جو بس آخري خط آيو هو.
جڏهن دلڪش ٿري منٺار جي گھر اڳيان ٻٻر جي وڻ هيٺيان کٽ تي ويٺل هو، تڏهن موٽر سائيڪل تي شهر ڏانهن ويندڙ منٺار هن کي شهر هلڻ لاءِ صلاحيو. چند لمحا سوچڻ کان پوءِ هن ڪمري ۾ رکيل ٿيلهو کنيو ۽ موٽر سائيڪل تي چڙهي ويٺو. منٺار ۽ ٻين حيرت مان ٿيلهو کڻڻ جو سبب پڇيو ته هن وراڻيو: ”ڳوٺ وڃان ٿو، سگھوئي موٽي ايندس، زمين جي نظرداري ڪجو!“ پوءِ جڏهن ٽنڊي باگي مان ٿر ويندڙ بس ۾ چڙهي ويٺو ته ٿر وڃڻ جي پيارڙي تصور سان گڏ، ياسمين جي شهر اسلامڪوٽ مان گذرڻ جو کينچلو احساس به، سندس دل جي ڀٽ تي سينڊُون هڻندو رهيو. بس جڏهن اسلامڪوٽ جي حدن ۾ داخل ٿي ته ياسمين جي موجودگيءَ جي خوشبوءِ پري کان سندس سواڳت ڪيو. هن خالي خالي نظرن سان آسپاس نهاريو، پر ڪٿي به هوءَ نظر ڪونه آئي! اسلام ڪوٽ هن لاءِ ڪو نئون شهر نه هو. ٻالڪپڻ ۾، والد قاسم سان گڏ اٺ يا گھوڙي تي چڙهي هن شهر ۾ ايندو هو. هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هتي ڪيتريون ئي رانديون ڪيون هئائين. نمن هيٺيان هن ڪيترائي خواب پوکيا هئا، ۽ هن شهر جي رستن تي هڪ جيڏن سان گڏ، هن جون ڪيئي رولاڪيون پکڙيل هيون، پر اڄ الاءِ ڇو؟ هن شهر ۾ ياسمين جي موجودگيءَ جو احساس، هن لاءِ عجيب اُڻ تُڻ بڻجي پيو. هن کي پنهنجي لکيل گمنام خطن جا ڪيئي جملا، يادن جي رمجھم ڏانهن ڇڪيندا رهيا. روڊ ڪناري عمارتن جي ديوارن مان، ياسمين جي هُجڻ جو گمان، هرهر کيس شيشن مان ٻاهر نيهارڻ تي مجبور ڪندو رهيو ۽ سندس اندر ۾ اٽڪيل اتاولائي، ياسمين کي ڏسڻ لاءِ، شهر مٿان اڏندڙ پکين سان گڏجي کيس اڏامڻ جو خيال ارپيندي رهي! هن سوچيو: ”اهي پکي هينئر هينئر ياسمين کي ڏسندا هوندا“. هن انهن گھرن ڏانهن نهاريو، جتي سندس خيال موجب ياسمين جو گھر ٿي سگھيو ٿي. سوچيائين :”هينئر هتي ياسمين موجود هوندي، پر الاءِ ڇا ڪري رهي هوندي؟!“
آخري اسٽاپ تي “گاڏي خالي ڪريو“ جي آواز کيس خيالن جي هجوم مان ٻاهر آندو. بس مان لهڻ کان پوءِ هن هڪڙي جھوپڙا هوٽل تي چانهن پيتي ۽ پوءِ ڳوٺ ويندڙ ڇڪڙي ۾ سوار ٿيو. گھر پهتو ته سندس ٻڍڙي ماءُ حڪيمه ڀاڪر ۾ ڀريندي چيس ”چئن مهينن کان پوءِ گھر آيو آهين. تنهنجون اهي ديرون هاڻ گھڻو هلڻ ڪونه ڏينديس، سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿم. صبح ته ٿئي!“ دلڪش حيرت مان پڇيو ”صبح جو ڇا ڪنديئن امان!؟“ حڪيمه رازداريءَ واري نوع ۾ وراڻيو :”محسن جي ڇوڪري جنت جو سنڱ گھريو اٿم. ڇوڪري اٺ درجا پاس آهي، سڀاڻي منڱڻي ڪنداسين“. دلڪش ماءَ جي ڳالهه کي ٺڪرائيندي چيو :”امان اهو رشتو مونکي قبول ناهي. مونکي چند مهينا موڪل ڏي، آئون پاڻ ئي تو لاءِ ننهن ڳولي ايندس“حڪيمه کي ٿورڙو صدمو پهتو، پر پٽ جي ڳالهه کي رد ڪري نه سگھي، چيائين سڀاڻي محسن وارا مڱڻيءَ لاءِ زور ڀريندا، کين ڇا چوان؟“ دلڪش صلاح ڏيندي چيو ”کين ٻه ٽي مهينا انتظار ڪرڻ جو چئجان، هروڀرون تڪڙا هجن ته سندن مرضي“ حڪيمه دلڪش جي ڪن ۾ سڙٻاٽ ڪندي پڇيو”پر اهو ٻڌائي ته تو ڪهڙي ڪنوار ڳولي آهي!“ دلڪش ماءُ جي دل رکڻ خاطر وراڻيو ”بس آهي هڪڙي مڊهم (ڊاڪٽرياڻي)، ٻه ٽي مهينا انتظار ڪرڻو پوندو!“ حڪيمه گدگد ٿيندي چيو ”آئون صدقي وڃان، دير جو ڪجھه ڪونهي، مڊهم ننهن ملي، اهڙا نصيب ڪٿي. “ حڪيمه دير تائين پٽ دلڪش کان مڊهم جي حوالي سان سوال پڇندي رهي ۽ موٽ ۾ دلڪش مختلف جواب گھڙي کيس مطئمن ڪندو رهيو.
***
دلڪش ٿري اسلام ڪوٽ جي پوسٽ آفيس ۾ پنهنجي دلبر دوست، رمضان وٽ ويٺل هو. اسلامڪوٽ ۾ هن جو گھڻو وقت، گھاٽي يار رمضان پوسٽ ماسٽر سان گڏ گذرندو هو. اڄ چار مهينن کان پوءِ رمضان سان ملڻ ٿيو هئس، جيڪو کيس ڏوراپو ڏيئي چئي رهيو هو ”يار دلڪش توکي ٽنڊو باگو، اهڙو ڀانءُ پيو آهي، جو اسان کي مورڳو وساري ڇڏيو اٿئي!“ دلڪش وراڻيو :”ٽنڊي ۾ مصروفيتون وڌيل هيون، جنهن ڪري ٿر تان ڀيرو ڀڃڻ ۾ دير ٿي ويئي. “ رمضان مرڪندي وراڻيو: ”تنهنجين وڌيل مصروفيتن جي ته اسان کي خبر پئجي ويئي، پر اهو ٻڌائي ته گمنام خطن وارو ايڊونچر ڪٿي پهتو؟“ رمضان جي پوئين جملي کيس ڇرڪائي وڌو. هونئن ته رمضان سندس همراز دوست هو ۽ هنن هڪٻئي کان ذاتي زندگيءَ جا ڪيترائي پوشيده موضوع شيئر ڪيا هئا، پر دلڪش ياسمين کي لکيل خطن وارو معاملو هيستائين، رمضان کان ڳجھو رکيو هو. ان جو سبب اهو هو جو معاملو شروع ٿيڻ کانپوءِ رمضان سان ملاقات نه ٿي هئس. اڄ ساڻس ملڻ لاءِ ايندي، هن سوچيو هو ته اهو موضوع رمضان سان شيئر ڪندو. پر رمضان جي آخري جملي ۾، معاملي کان واقفيت واري اشاري، کيس منجهائي وڌو. هيستائين اهو راز سندس اندر ۾ ئي لڪيل هو، پوءِ رمضان کي خبر ڪيئن پيئي؟! هن کي پڪ ٿي پيئي ته سڄو معاملو گڙٻڙ جو شڪار هو، ۽ ياسمين طرفان ئي گمنام خطن تي ٿيندڙ جارحانه رد عمل جو نتيجو هو، جو ڳالهه سڄي شهر ۾ مشهور ٿي، رمضان تائين پهتي هئي. هن اڻڄاڻ ٿي رمضان کان پڇيو:”ڪهڙو ائڊونچر؟ ڇا مطلب؟؟“ رمضان رازداريءَ واري انداز ۾ کانئس پڇيو”معاملو اڳتي نڪري چڪو آهي. عورت کي تنگ ڪرڻ جي شڪايت حد جي ايس، ايڇ، او تائين به پهتل آهي. مون اوهان جي انوالمينٽ سمجھي مسئلي کي ڪجھه ٿڌو ڪيو آهي. اگر اوهان ان ۾ شامل ناهيو ته آئون روڪيل معاملي کي ڍر ڏيان“. دلڪش تجسس مان پڇيو ”پر اوهانجو هن مسئلي سان تعلق ڪيئن جڙيو؟“ رمضان مصنوعي مرعوبيت مان وراڻيو:”جيڪو به تعلق هجي، آئون چاهيان ته هينئر جو هينئر اوهان سان ڏچو ٿي سگھي ٿو. “ پنهنجي پيارڙي يار رمضان جي واتان پهريون ڀيرو ڌمڪي آميز دُوري محسوس ٿيئس. اوچتو هن ۾ بيپناه ارڏائي ۽ اعتماد جا اثر اڀرڻ لڳا. لاپرواهيءَ مان چيائين :”ڊيئر اوهان جي مهرباني جو اوهان هيستائين مونکي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هاڻ اوهان اها تڪليف نه ڪجو!“ رمضان پهريون ڀيرو پيار، پنهنجائپ ۽ همرازيءَ مان چيو: ”پيارا آئون تنهنجو سڄڻ آهيان، هيستائين توکي پريشان ڪرڻ لاءِ ڊرامو ڪري رهيو هئس. تون اجايو سنجيده ٿي وئين. “ دلڪش کي پنهنجي چڙ ۽ جارحيت تي شرمندگي محسوس ٿي، هو چور جي مٿي تي چڙي هجڻ جيان پنهنجي وهم جي گپ ۾ ترڪي رهيو هو،. رمضان هجت مان پڇيس: ”سچ ٻڌائي خط ڪنهن لکيا؟“
ان وقت هن کي رمضان بنهه پيارڙو ۽ سٻاجھڙو لڳو. هن به ساڻس ڊرامو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، سندس پوئين سوال جي ورندي ڏيندي چيائين ”گھٽ ۾ گھٽ مون ته نه لکيا آهن“ رمضان حيرت مان ڏسندي چيو ”مونکي تنهنجي سنڌي رائيٽنگ ڏسڻ جو گھڻو موقعو ته نه مليو آهي، پر تنهنجيون لکڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهيون اٿم. گمنام خطن ۾ لفظن ۽ خيالن جي آميزش، تنهنجي ئي لڳي ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته خط ٽنڊي باگي مان ئي لکيل آهن. تون به اتي هُئين!“ دلڪش پراعتماد لهجي ۾ وراڻيو: ”اهو رڳو اتفاق آهي“ رمضان کيس ننهن کان چوٽيءَ تائين ڏسندي پڇيو:”ڇا اهو به اتفاق آهي ته خطن جو لکاري اصل ۾ ٿريو آهي ۽ سندس لکڻين ۾ جابجا ٿر جو ذڪر ملي ٿو؟“ دلڪش ڪجھه سوچيندي وراڻيو ”مونکان سواءِ به کوڙ ٽنڊي باگي ۾ ليکڪ ۽ شاعر آهن ۽ قلمڪار لاءِ ڪنهن به علائقي جي تشبيهه ڳولڻ ڪو مسئلو نه آهي. “ رمضان گھري سوچ ۾ چپ ڀڪوڙي ڇڏيا، پنهنجي ساءِ چيائين ”عجيب ڳالهه آهي!“ دلڪش مصنوعي تجسس مان چيو. ”ٽنڊي باگي جي سمورن قلمڪارن کي آئون ويجهي کان سڃاڻان. پر توکي خط ڪنهن ڏيکاريا؟!“ رمضان ٽيبل جو خانو کوليندي ڳالهايو”عورتاڻي ائڊرس تي لاڳيتو ڳرا لفافا آيا ته شڪي ٿي پيئس، احتياط سان لفافا کولي چند خطن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون پاڻ وٽ رکيم ۽ وري کونئر لڳائي لفافا ساڳي حالت ۾ لکيل ائڊريس تي موڪلي ڇڏيم“ رمضان کيس ٽن خطن جون فوٽو ڪاپيون ڏيندي چيو: ”مون وٽ ٽن خطن جون ڪاپيون آهن، ڌيان سان پڙهي ڏس، جيئن ڪو رستو نڪري سگھي“. دلڪش ڏيکاءُ واري تعجب مان خط ڏسڻ لڳو. چند لمحن کان پوءِ ٻهه ٻهه ٿيندي چيائين: ”بس هاڻي مون چور سڃاتو. “ رمضان دلچسپيءَ مان پڇيو “ڪير!؟“ دلڪش وراڻيو : ”رائٽنگ عثمان جي لڳي ٿي“ رمضان بيتاب ٿيندي پڇيو ”ڪهڙو عثمان؟“ دلڪش وراڻيو:”عثمان ٽنڊي جو صحافي آهي، مونسان تمام گھڻو هجتي آهي. خطن جون ڪاپيون، مونکي ڏي جيئن، ايندڙ ڀيري لاڙ وڃڻ وقت کيس تنگ ڪريان“ دلڪش سک جو ساهه کنيو جو، سندس رشتيدارن جي ذڪر تي مشتمل پوين خطن مان ڪنهن به خط جي ڪابه ڪاپي نه هئي. ٻئي دوست ڪجھه دير ساڳي موضوع تي ڳالاهيندا رهيا. نيٺ دلڪش وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو ”شروع شروع ۾، تو مونسان ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ مون توکان وڌيڪ ڪامياب ايڪٽنگ ڪئي ۽ ايئن مون پوئين ملهه ماري بازي کٽي ورتي“
رمضان پڇتاءُ واري مرڪ مرڪندي چيو: ”تنهنجين ڳالهين تي يقين ڪرڻ جو سبب اهو هو جو مون هن کان اڳ ڪڏهن به تنهنجي واتان غلط بياني ناهي ٻڌي ۽ ٻيو ته تون حساس معاملا به بي ججھڪ مونسان شيئر ڪندو رهيو آهين. سو مونکي تنهنجي اداڪاريءَ تي حقيقت جو گمان ٿيو. ”ٻئي دوست وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندا رهيا ۽ گمنام خطن جي امڪانن تي ڳالاهيندا رهيا. ٻنهين کي اهو ڄاڻڻ جي شديد خواهش هئي ته گمنام خطن ياسمين تي ڪهڙو اثر ڇڏيو هو؟ اهو اثر معلوم ڪرڻ لاءِ، گھڻي سوچ ويچار ۽ بحث مباحثي کان پوءِ ٻن طريقن تي متفق ٿيا، جن تي بهتر عمل ٿيڻ جي صورت ۾، دلڪش جي ياسمين تائين رسائي ٿي سگھي ٿي يا وري ياسمين جو موڊ معلوم ٿيڻ ممڪن هو. پهرين منصوبي مطابق دلڪش جي ٻن ڳوٺائي دوستن نياز ۽ ملهار کي، ڪنهن مريضه جي بيماريءَ جو بهانو ڪري ياسمين وٽ پهچڻو هو. تڪليف جي فرضي نوعيت ٻڌائي پرپٺ علاج جي پرچي لکائڻ لاءِ چوڻو هو. ياسمين جي موجودگيءَ ۾ نياز اچڻو هو. هن کي ئي ملهار کي بيچين ساگر نالي دوست جا سلام ڪجھه اهڙي انداز سان پهچائڻا هئا، جيئن ياسمين جي سماعتن تائين بيچين ساگر نالو چٽائي سان پهچي سگھي. ان کان پوءِ ياسمين جي چهري جي تاثر ۽ باڊي لينگويج مطابق ئي عمل ڪرڻو هو. نالو ٻڌڻ کان پوءِ مثبت دلچسپي ۽ ٿڌي مزاج جي صورت ۾، بيچين ساگر متعلق وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻا هئا. جڏهن ته ياسمين جي ڪاوڙ يا آڏي پڇا جي صورت ۾ ملهار ۽ نياز کي بيچين ساگر سان رڳو قلمي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻي هئي ۽ اهو ٻڌائڻو هو ته بيچين ساگر جي ائڊريس کين رسالي مان ملڻ کان پوءِ ساڻس قلمي دوستي جڙي هئي. کين چوڻو هو: ”هڪ ئي ڳوٺ سان تعلق هجڻ ڪري، بيچين ساگر هڪ کي خط لکندو آهي ته ٻي کي سلام ضرور لکندو آهي“. ٻي منصوبي مطابق رمضان کي سندس پاڙيسرڻ دائي سلامت کان ياسمين تي ٿيندڙ خطن جي رد عمل متعلق پڇڻو هو ۽ دائي سليمت وسيلي بيچين ساگر جو نينهن نياپو اماڻي، ياسمين جي موٽ معلوم ڪرڻي هئي.
دلڪش ۽ رمضان ٻنهين منصوبن جي مختلف پاسن تي گفتگو ڪندا رهيا، ياسمين جي سخت روئيي جي صورت ۾، هن ۽ سندس وارثن جي سخت ردعمل کان وڌيڪ، سماجي رسوائي جو خطرو موجود هو. ڇو ته لڪڙ تاڙ باعث ڪنهن عورت سان بدفضيلتي حرڪت جي خبر، ڪلاڪن ۾ آسپاس پکڙجي سگھي ٿي ۽ کين ٽرڙا، هلڪڙا ۽ ٻيا قابل نفرت لقب ملڻ جو خطرو هو، بلڪه اهو ڪم، سندن وارثن لاءِ پڻ بيعزتي ۽ مهڻو بڻجي ڪنڌ جھڪائڻ جو سبب بڻجي سگھيو ٿي. دلڪش کي ايندڙ هفتي ۾، پهرين منصوبي تي عمل ڪرائڻو هو، نه ٿيڻ جي صورت ۾ رمضان کي منصوبي نمبر2 تي عمل ڪرڻو هو.
***
دلڪش ٿري پوسٽ آفيس ۾ رمضان جي سامهون ڪرسيءَ تي موجود هو. هن ٻه لفافا کيسي مان ڪڍيا ۽ مٿن ڌنڌلا ٺپا هڻڻ لاءِ چيو. رمضان لفافن تي ڪجھه ايئن ميرانجھڙا ٺپا هنيا. جو ڏسڻ واري کي اها خبر پئجي نه سگھي ته لفافا ڪهڙي شهر مان پوسٽ ڪيل آهن. دلڪش جا هي ٻه خط، ٻن هفتن جي وڇوٽيءَ پڇاڻا، ياسمين ڏانهن وڃي رهيا هئا دلڪش لاڳيتن خطن ۾ وڇوٽي وجھڻ نه ٿي چاهي، بلڪه هن ياسمين جي سوچ کي هر حال اپڊيٽ رکڻ چاهيو ٿي، جيئن نئين نينهن جي چارم کي سرد مهري نه ڀيلي! هن نه ٿي چاهيو ته ياسمين کي اسلام ڪوٽ ۾ سندس موجودگيءَ جو پتو پئجي، ۽ هوءَ آسپاس جي ڪنهن وهم ۾ وچڙي نه پوي. ان ڪري هن لاڙي ڪيفيت ۾ لکيل ٻن خطن تي ميرانجھڙا ٺپا لڳرائي، ٽپاليءَ هٿان ياسمين ڏانهن اماڻي ڇڏيا.
خط موڪلڻ کان پوءِ رمضان کانئس پڇيو ”پلان نمبر1 جو ڇا ٿيو؟“ دلڪش مايوسيءَ مان وراڻيو: ”اهو ناقابل عمل ٿي پيو آهي. “رمضان تعجب مان پڇيو: ”سو وري ڪيئن؟“ دلڪش ٻڌايو ”نياز ۽ ملهار کي مون ريهرسل ڪرائيندي محسوس ڪيو ته، ٻئي نه رڳو خود اعتماديءَ جي کوٽ جو شڪار آهن. پر ياسمين جي امڪاني سخت روئيي کان بنهه گھڻو خوفزده به آهن، ان ڪري منصوبي جي ڪاميابيءَ جا امڪان اٽي ۾ لوڻ جيترا وڃي بچيا آهن ”رمضان بيوسيءَ مان پڇيو نيٺ ڇا ٿيندو؟“.
دلڪش اکين ۾ اکيون وجھندي چيس: ”توکي ئي پلان نمبر 2 تي عمل ڪرڻو پوندو“ رمضان محروميءَ مان وراڻيو:”مون سڄو هفتو ان تي سوچيو آهي، پر اهو منصوبو به ناقابل عمل لڳي ٿو“. دلڪش بيچين ٿيندي پڇيو ”ڪيئن!؟“. وراڻيائين ”سليمت سندم پڙيسري ضرور آهي، پر سندس تعلق ٻي برادري سان هجڻ سبب، کيس همراز بنائڻ ٿورڙو مشڪل آهي. کڻي ڪوشش ڪجي به سهي، پر هڪ ته مٿس مڪمل ڀروسو ڪري نه ٿو سگھجي، ٻيو ياسمين جي رضامنديءَ جي به خبر ناهي ۽ ٽيون وري ڳالهه کلڻ کان پوءِ سڄو نزلو مون تي ڪريو ته مون لاءِ مسئلا ٿيندا، آئون ملازم ماڻهو!“ دلڪلش ٿريءَ مرڪندي چيس : ”لڳي ٿو پلان نمبر 3 تي عمل ڪرڻو پوندو“ رمضان اتاولو ٿيندي پڇيو “ڇا پلان نمبر 3 به تيار آهي. ؟!“
دلڪش پر اعتماد لهجي ۾ وراڻيو ”آف ڪورس!“ رمضان پيار مان پڇيو ”مونکي نه ٻڌائيندين يار؟!“. دلڪش ڏڍ ڏيندي چيس:”ايندڙ هفتي اڇا ڪارا ڇڻي پوندا، تيستائين انتظار منهنجان مٺڙا!”. دلڪش ڪجھه سوچيندي پوسٽ آفيس کان ٻاهر نڪري ويو.
***
ياسمين اسپتال جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي پهريان ٽيبل جو خانو کولي نهاريو ۽ ان کان پوءِ ماسي سليمت ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو، ان اميد سان ته من ڪجھه دير اڳ ٽپالي خط ڏيئي ويو هجي؟ پر خالي خاني ۽ دائي سليمت جي خاموشيءَ، کيس مايوس ڪيو. هن سوچيو ٻه هفتا گذري چڪا آهن، اجنبيءَ جو وري خط ناهي پهتو. ڇا اداس ڇوڪري کيس مونکي خط نه لکڻ لاءِ آماده ڪري ورتو آهي؟ ڇا مون طرفان خط نه لکڻ سبب بد دل ٿي، هن خط لکڻ بند ڪري ڇڏيا؟ ڇا هن جا خط هاڻي وري ڪڏهن مونکي پڙهڻ نصيب ڪونه ٿيندا. ؟ هن جي دل لاجواب سوالن جي بحري قذاقن هٿان يرغمال بڻجي پيئي. درد ۽ بيوسيءَ جي احساسن ۾، اڻ کٽ انتظار جي ڪاتي کيس وڍيندي رهي. پويون سڄو هفتو هن ڪاون تي هلي گذاريو هو. سرڪاري اسپتال ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويهي، کليل در ڏانهن، هن جي اکين نهارڻ جي لاءِ، الاءِ ته ڪيترا پنڌ ڪيا، ڪٿان به ٽپالي نظر ڪونه آيو. ٽپاليءَ جي مخصوص لباس ۽ انداز ۾ به، هن لاءِ عجيب احساس اٽڪي پيا. هونئن به هيستائين اڏيل سندس پيار جي ماڙيءَ جو بنياد ته، بيٺل ئي پوڙهي ٽپاليءَ جي جھونن هٿن تي هو! هن سوچيو. :”آئون به ڪيڏي نه اياڻي آهيان، پنهنجي پيار جي به ڪهڙي هام هڻان؟ پرديسي پرين، نه ڏٺل نه وائـٺل، هڪڙو هفتو خط نه اچي ته سمورا ڀرم، سمورا آسرا چڪنا چور! محبت جو ڪاڪ محل به ٽپال جي برف تي بيٺل آهي، رڳو خط اچڻ بند ٿئي ته ڪجھه به باقي نه رهي. ٺلهو ڏوراپو ڏيڻ جو موقعو به نه ملي!!
هن جي چهري تي پگھر جا ڦڙا ڦُٽي پيا. سوچيائين: ”اجنبي ته ملڻ کان به مهانگو، ڪنهن کان پڇان؟ ڪنهن سان رُسان؟ ڪنهن سان پرچان؟! سڀ ڪجھه ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪيڏانهن پيئي وڃان. . . . . . ؟ بيمنزل راهون. . . . . . صحرا جو سراب! ڪهڙو پيار؟ ڪهڙو رشتو؟ خودفريبي کانسواءِ ٻيو ڇا. . . . . ؟!
هن جي اکين اڳيان اونداهه ڦرڻ لڳي، مٿو چڪرائڻ لڳس، ماسي سليمت کان ٻانهن جو سهارو وٺي، ڊائيننگ ٽيبل تائين پهچي ليٽي پئي. ماسي سليمت پريشان ٿيندي هن جي طبيعت پڇي. پر ياسمين منهن تي چني اوڍي اهو چيو ته ”آئون ڪجھه دير لاءِ سمهان ٿي“.
ٿورڙي دير کان پوءِ ٽپالي ٻه لفافا دائي سليمت کي ڏيندي چيو ”ياسمين باجي جا آهن“ اهو جملو ٻڌي ياسمين اٿي ويٺي. ٽپاليءَ حيرت مان پڇيو ”باجي اوهان ستا آهيو!؟“ ياسمين بيرخيءَ مان وراڻيو: ”بس، طبيعيت ٺيڪ نه آهي“. واپس ڪرسيءَ تي اچي ويهڻ کان پوءِ خط پڙهڻ يا نه پڙهڻ متعلق ڪنهن فيصلي تي پهچي نه سگھي. هن کي خبر هئي ته هر خط پڙهڻ کان پوءِ، هوءَ غير محسوس طور پيار جي سحر ۾ جڪڙجي رهي هئي. هر خط اچڻ وقت کيس خوشي ته ڏني ٿي، پر پڙهڻ کان پوءِ وري اداسي ۽ محروميءَ جي درد، جيڪي ڇوڏا لاٿا ٿي، ان کان بهتر هو ته مورڳو خط ئي نه پڙهجن ۽ اجنبي سڄڻ جي روبرو اچن تائين انتظار ڪجي، لفظن ۾ لکيل ڪيفيتون سچيون هونديون ته پرديسي پرين، پاڻهين پهچي ويندو! هن ٻئي خط کڻي پرس ۾ رکي ڇڏيا. سگريٽ دکائي ڪش هڻڻ لڳي. سگريٽ اڳي به پيئندي هئي. پر گمنام خطن جي اچڻ کان پوءِ آهستي آهستي، هوءَ زري گھٽ چين سموڪر ٿيڻ ڏانهن وڌي رهي هئي. خط پرس ۾ رکڻ کان پوءِ، هوءَ هُوران کُوران ۾ کامڻ لڳي. خط پڙهان_ نه پڙهان!؟. کيس خطن جي ٻاڙ بيقرار ڪرڻ لڳي. سندس ڪيفيت سگريٽ ڇڏڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ ماڻهوءَ جهڙي ٿي پيئي!
ڪجھه دير پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ، نيٺ سندس آڱريون بيقابو بڻجي، پرس منجھان خط ڪڍڻ لڳيون. ٻي لمحي ڊگھو خط سندس اڳيان اکيون ڀڃڻ لڳو.
مٺڙي جانان
شال تنهنجي من گلستان مان ڪو به سپنو ڪنوارونه ڇڻي!
جانان! هيستائين ڪن مجبورين، توسان ملڻ کان روڪي رکيو اٿم. ويتر اڃان تائين تنهنجي طرفان نه پهتل خط، ماڳهين وسوسن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي! تون الاءِ ڪهڙي گل جو پوپٽ ٿي پيئي آهين؟ آئون ته ان معذور جھوني شخص جيان ٿي پيو آهيان، جنهن کي جنگي حراس ۾. لاڏائو قبيلي رُڃ ۽ اُڃ ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو هجي! تنهنجي طرفان خطه نه لکڻ، سچ ته منهنجي دل کي اُداس راهن تي آڻي بيهاريو آهي. جتان هر آس پاڻي ولوڙڻ جيان بي لاب بڻجي پيئي آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ آخر توکي لفظن جي ڪهڙي سوکڙي موڪليان؟ توکي خط لکڻ لاءِ ڪهڙو انگل ڪريان؟ فاصلن ۾ ته هجتون به ناهن هلنديون! جيئن برباد شهرن ۾ تفريح گاهون تعمير ناهن ٿينديون، جيئن زنگجي پيل ڇلن کي، گلابي آڱرين جا ڇهاءُ نصيب ناهن ٿيندا، جيئن لٽجي ويل تربتن جي مٽي، گلن جي ورکا جو اوسيئڙو به ناهي ڪندي، ايئن ئي بيمزه بڻجي پيل رشتن ۾، ڪجھه به چئي ناهي سگھبو!
گرميون ٿينديون آهن، ته مينهن وسندا آهن، واهوندا ورندا آهن ته ٽارين تي گل گونچ ڦٽي پوندا آهن، ساڳي طرح دل جي ڌرتيءَ مٿان جڏهن درد جا ٿوهر ڦٽي پوندا آهن، ته اکين جو هر هڪ لڙڪ ڪنڊو بڻجي، نيڻن جي ريشمي جھوليءَ ۾، اٽڪي پوندو آهي! هر عمل جو رد عمل هوندو آهي، پر توکي لکيل ڊگھيءَ چميءَ جھڙا منهنجا خط، هيستائين تنهنجي موٽ کان محروم آهن ۽ ايئن مون وٽان آسرن جون مبهم ريکائون به وڃائجي رهيون آهن. ايئن جيئن ماڪ ڀنل صبحن ۾ سج لڪي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪاوڙ جي ڪڪرن ۾، هجتن جون انڊلٺ ريکائون نظر نه اينديون آهن، اهڙي ئي ڪيفيت ۾، ڪڏهن ڪڏهن قلم هٿ ۾ کڻبو آهي ته قلم به روئي پوندو آهي، لفظ سڏڪي پوندا آهن، بلڪل ايئن جيئن واريءَ ۾ ڇڻندڙ مينهن ڦڙا وري ڪڏهن به نظر نه ايندا آهن يا وري سڪي ڇڻي ويل پن، هوائن جي هٿن حوالي ٿيڻ پڄاڻا وري واپس نه ورندا آهن!
جانان! پاڻ به ڪهڙي انوکي رشتي ۾ جڪڙيل آهيون. . . ؟ دوري ۽ اجنبيت ۾ پروان چڙهيل پيار. . . . . نه عمل جي ڪا واٽ واضح ۽ نه ئي وري رد عمل جي ڪائي ڪل، تون ڪيئن آهين، آئون ڪٿي آهيان، ڪا خبر ناهي؟! وقت ۽ حالتن ٻنهين کي، ڪچاٽ ڌاڳي جي رشتي ۾ لٽڪائي ڇڏيو آهي، اهڙو رشتو جنهن جو نه ماضي موچارو، نه حال ۾ ڪو حال، ۽ نه آئيندو آس رکڻ جهڙو!؟ هونئن به سُئيءَ کان سنها ۽ ننهن تي پاڻي جھلڻ جھڙا نازڪ ناتا، جڏهن فاصلن ۾ ڦاسي پوندا آهن، ته بدگمانيون به وڌي وڻ تي پونديون آهن ۽ ايئن شڪ جي ڪينچي اعتماد جي ڪپڙن کي ڪٽڻ لڳندي آهي. سچ ته تڏهن پيار جا احساس، ايئن وڃائجي پوندا آهن، جيئن بينائي جھڪي ٿيل ڪنهن جھوني عورت کان، ڪڏهن مڻيان وڃائجي ويندا آهن، ڪڏهن سڳو وجھندئي، سئي وڃائجي ويندي آهي، ۽ هوءَ انهن کي پراڻن ڪپڙن جي هڙن ۾ ايئن ڳوليندي آهي، جيئن هن جوانيءَ ۾ ڪڏهن ڪجل ڳوليو هوندو آهي! اهڙي ڪيفيت ۾، رشتو ٽوڙڻ لاءِ پاڻمرادو جڙندڙ هوائي بهانا به، وقتي طور پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن. پر جيئن ڪکن ۾ باه ناهي لڪندي، جيئن اکين ۾ ڳوڙها ناهن لڪندا، ايئن ئي بهانن جي ڀريءَ ۾ بيوفائيءَ جو ڪاريهر به سدائين ناهي لڪندو! ۽ نيٺ دل جي آئيني ۾ اڇا ڪارا ظاهر ٿي پونداآهن!
جانان اسان وٽ جيتري بيوفائي لفظ سان زيادتي ٿي آهي، ان هن زهريلي لفظ کي به قابل رحم بڻائي ڇڏيو آهي. ڪو ڪنهنجي پسند تي پورو ناهي لهندو ته جھٽ پٽ کيس بيوفا جو لقب ڏيئي ڇڏبو آهي. پاڻ بيوفا بڻجي ٻئي ۾ وفا جي اميد رکبي آهي ۽ ڪڏهن وري وفا کي به بيوفائيءَ جو نالو ڏيئي ڇڏبو آهي. هن لفظ کي اڪثر معشوقن سان منسوب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بيوفائي انفرادي عمل آهي. ان کي ڪنهن حلقي سان ڳنڍي نٿو سگھجي! جيترا وات اوتريون ڳالهيون. جيترا ذهن اوتريون سوچون ۽ جيترا وجود، اوتريون وارتائُونَ! هي دنيا به وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڄڻ ڪوئي آشيانو آهي، ڪيئي وڻ پکي جيت جڻا، ۽ انسان پنهنجي پنهنجي حصي جي آڪسيجن تي جيئن ٿا. قسمين قسمين چهرا، طرهين طرهين طبعيتون، ۽ رنگ رنگ جا رويا! ڪو کلندي روئي پوي، ڪو روئيندي کلي پوڻ جي اٽڪل ڄاڻي! ڪو ڏيندي خوش ٿئي، ڪو وٺڻ جي ڪرت ۾ قابو. ڪو علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ سڄي ڄمار سرگردان، ڪو جھالت جي دلدل ۾ چئني پيرين چُور! ڪنهن کي عزت جي آرزو، ڪنهن کي شهرت جو شوق ۽ ڪنهن کي وري دولت جا انبار ڪٺا ڪرڻ جي آس، هر ويل اٿاري ويهاري ٿي. ڪو سهڻن سپنن سان سوچن جا سنسار سجائي ٿو، ڪو محبت جا وکر ورائيندي وهي کٽُائي ٿو ۽ ڪو وري منافقت جون تُوتليون وڄائي، وقت وڃائي ٿو، بس پنهنجي پنهنجي ظرف جي ڳالهه آهي.
جڳ جو چرکو به عجب آهي. ڪن ماڻهن وٽ چڱائيءَ جا ٻه ٻول ٻولڻ جيترو وقت ناهي. ڪو وري گلا غيبت مان واندو ناهي. ڪٿي وري فضوليات جا ڇيڙا ڇڪيندڙ هٿ، ڪنهن جي سکڻي تعريف جا تاج محل اڏڻ ۾ پورا آهن. ڪي دليون آسرن جي اڃ ۾ خوابن جا ٿوهر لتاڙين ٿيون، ته ڪٿي وري ڪنهن کي اڻ گهريا پيار به ملي پون ٿا. ڪن لبن جا حڪم ٻڌڻ لئه ڪيترا سارا ڪن منتظر آهن، ته ڪٿي وري ڪنهن جون صدائون سُڻڻ وارو به نه آهي! ڪنهن جو کير به کارو، ڪنهن جو لوڻ به مٺو! بس وقت وقت جي ڳالهه آهي.
ڪن ماڻهن سان حالتون ڄڻ ته هم صلاح هجن ٿيون، ۽ ڪن سان وري رتيءَ جيتري به رعايت نٿيون ڪن. ڪٿي آسمان بوس عمارتون جڙن ٿيون، ڪن وٽ وري مٿو لڪائڻ لاءِ جھوپڙي به ناهي. ڪٿي ڪتا حلوا کائين ٿا، ته ڪٿي وري ڪنهن جا ٻار ”ڪڻ ڏند وير“ جهڙن ڏينهن ۾ بکيا سمهن ٿا. ڪٿي گڏهه گج پائين ٿا، ته ڪٿي مسڪينن جي ڦاٽل ڪپڙن جون چتيون لڳائڻ لاءِ به ڪپڙو ناهي. ٿيڻ ته ايئن نه گھرجي پر ٿئي ٿو، ڇا ڪجي؟ ڪي ماڻهو حسرتن ۾ ڄمي ۽ حسرتن ۾ مري وڃن ٿا، ڪٿي خوشيون ڪنهن جي حڪم جون ٻانهيون هونديون آهن، ته ڪٿي وري ڪي ماڻهو، خوشين جي ڪڍ لڳي پوڙها ٿي پوندا آهن. ان اڻبرابريءَ تي ڪو آڱر ناهي کڻندو. ڪنهن نه ڪنهن سطح تي، گھڻائي ضمير جي عدالت ۾ مجرم آهي! پر پنهنجو احتساب ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. ان ڪري ٻين جون جوئون ڳولڻ جو گراف سدائين سوايو رهيو آهي. جيڪي آڱريون الزام بڻجي ٻين ڏانهن کڄنديون آهن، اهي ڪڏهن به پنهنجي ڪردار جي ڪٿ ڪري نه سگھنديون آهن. جيڪي چپ، سدائين سکڻي تنقيد جا سرڪ ڀريندا آهن، اهي ڪڏهن به ڪنهن جي سٺائيءَ جي ساراه ڪري نه سگھندا آهن. جن ذهنن سدائين سازشون سٽيون آهن، اهي ڪڏهن به عقل، ادراڪ ۽ عظمت جا مينار ماڻي نه سگھندا آهن. سچ، سونهن ۽ سرت جي سوجھرن سان سنگت رکڻ وارا، حقيقتن کي هر حال تسليم ڪندا آهن ۽ ضمير سان رجوع ڪرڻ جو آرٽ به اهڙن ئي مهان ماڻهن کي ايندو آهي. جن جون دليون دريا ۽ سوچون ساگر هونديون آهن. جيڪي ٻين جي مجبورين تي سرها ۽ ڪنهن جي خوشي ڏسي ارها ناهن ٿيندا. ٻي طرف اهڙا کوکلا وجود آهن، جن کان ٻين جي چڱائي برداشت ناهي ٿيندي ۽ جن وٽ محبوبيت، مهانتا ۽ معيار جو هر پئمانو، پنهنجي سکڻي انا ۽ پسند جو پابند هوندو آهي. پر حقيقت اها آهي جو، سچ جو صبح، افواهن جي کاري سان ناهي لڪندو. ڪو مڃي نه مڃي، ٽوهه گدرا ناهن بڻبا ۽ ڪنهن جي پسند تي پورو نه لهندڙ حقيقتون به، هرگز بيڪار نٿيون بڻجن. پر ڇا ڪجي، ذاتي پسند جا چشما پائيندڙ اکين کي گلدستا به ٿوهر نظر ايندا آهن.
احساسن جي سرگوشي ڊگھي ٿي ويئي _ معذرت!
پيار مان تنهنجو ساڳيو _ بيچين ساگر
ياسمين پهريون خط پڙهڻ پڄاڻا ٻئي خط تي اکيون اٽڪائي ڇڏيون.
مٺڙي جانان
شال تنهنجي دل مٿان مسرور جذبن جي بارش وسندي رهي!
جانان! تون، مون لاءِ پارس پٿر جيان اڻلڀ ڇو بڻين آهين؟ تنهنجو پيار مون لاءِ سحرا جو سڏ ڇو ٿيو آهي؟! مون طرفان دل جو ماس ڪوري، تولاءِ نڪرندڙ هزارين لفطن جي موٽ ۾، ٻه ٽي لفظ، اُڌارا ئي سهي، موڪلين ته ها! لفظن جي ڪنجوسي مبارڪ هجئي!
جانم سپنا ڪلينڪ اڳيان تنهنجي اڻپوري ديدار، مونکي هيستائين ايترو تڙپايو آهي، ملڻ کانپوءِ واري ڪيفيت ته ماڳهين اذيت ناڪ هوندي! توسان ملڻ اکين جو حادثو هو ۽ توکان وڇوڙو سانحو بڻجي سامهون آيو آهي! سچ پڇين سجني، ته آئون پنهنجي پيار تي سوچيان ٿو ته اڻپورڻتا جو پاڇو اڳيان اچي بيهي ٿو ۽ کن پل جي خوشيءَ کان پوءِ، درد جي طويل رات جو تصور وڪوڙي وجھي ٿو. جيئن سمنڊ جي ڪناري صدين جي اوسيئڙي ۾، لهرن سان لائون لهندڙ ساحل، ڪڏهن به ڇولين سان ڊگھيون ڪچهريون ڪري نه سگھندو آهي. آڪاش تي موجود ”ڀٽون“ نالي نکٽ ڪڏهن به ”هرڻ ستارن“ جي جھڳٽي کي ڏسي ناهي سگھندو! ٿر جي اڃاري ڌرتي ۽ بانورن بادلن جو رهاڻيون به، بس وسندڙ مينهن ڪڻين جي روپ ۾، ڪجھه لمحا، ڪجھه ڏينهن ۽ ڪجھه هفتا ئي هونديون آهن. انهن مختصر ملاقاتن کانپوءِ، نازڪ ناتا ۽ رنگبرنگي رشتا، کنوڻ جو کاڄ بڻيل وڻ جي سڪل ڇوڏن جيان ٿي پوندا آهن!
دل گلشن ۾ جڏهن به وڇوڙن جو اڻائو واءُ گھلندو آهي ته، جذبن جا گلاب ۽ احساسن جون ڪومل ڪليون به مرجھائي پونديون آهن. ملڻ ۽ کلڻ جا پهر ته کن پل ۾ گذري ويندا آهن، پر نه گذري سگھندا آهن ته، صرف هجر جا لمحا، اهي گھڙيون، جن ۾ ڪوئي لڪي لڪي روئندو آهي. وٺي جي هٺيلي هوا ۾، هڪٻئي سان ملي وري جدا ٿيندڙ نم جون ٻه ڀنل ٽاريون، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ناهن سگهنديون. خوابن ۾ هجتي بڻيل وجود، حقيقت جي آئيني ۾، هٿڙو ملائڻ جيتري هجت به نه رکندا آهن! ويندڙ گاڏيءَ جي شيشن مان، نماڻا نيڻ کڻي نهاريندڙ چهرا، ماڻهن جي سمنڊ ۾الائي ڪٿي گم ٿي ويندا آهن! بس ايئن ئي غير معمولي محبتن جي بستر تي اڪثر وڇوڙا ليٽيل رهندا آهن ۽ ايئن دل جي دنيا ”لاڄو لڳل“ ڳوٺ جي کامي ويل گھرن جيان نه ڏسڻ جهڙي ٿي پوندي آهي. جتي ڪي ڪراڙيون، سندن سڙي ويل سامان جي راک، بيوسيءَ مان ڏسنديون آهن! تڏهن يادن جا ولر، اڪيلائيءَ جي وڻن جا اهي ڏينڀو ٿي پوندا آهن، جن کي ڪن چلولين سوچن جا ٻارڙا ڇيڙي وجھندا آهن. پر جيئن آسمان مان ٽٽندڙ تارا، الوپ ٿي پوندا آهن، ايئن ئي يادون به وقت سان گڏ وڃائجي وينديون آهن. محبتون صحرا جا ٿوهر ته ناهن هونديون، جيڪي ويرانيءَ ۾ به وڏا ٿي ويندا آهن! محبتون ته گلابن جي ٻوٽي کان به حساس هجن ٿيون، جن کي هر روز پنهنجائپ جو پاڻي گھرجي!
جانان!
تنهنجو وڇوڙو به ڄڻ ڪو ٿوهرن جو ڪمبل آهي، جنهن کي هانءُ تي اوڍي، مون تنهنجين يادن سان ڪچهريون ڪيون آهن! توسان نه ملي سگھڻ جي محرومي، مونکي جھونين تربتن تي رکيل ٺڪر جي ٿانءُ جيان روز جھوري رهي آهي. آئون انهن لڙڪن جو روپ ٿي پيو آهيان، جن کي اُگھندڙ آڱريون ملي نه سگھيون. آئون انهن اڻڀن وارن جو روح بڻيو آهيان، جن کي ڪنگيءَ به دوستي رکڻ جي قابل نه سمجھيو! آئون انهن چهرن جي ڪهاڻي ٿي پيو آهيان، جن کي آئينا ڏٺي ڏينهن ٿي ويندا آهن! ڇا تون منهنجي نڌڻڪي جيون جي وارثي نه ڪندئين. ؟!
توسان ملڻ جي اڻ تڻ ۾ اتاولو_تنهنجو نه ٿي سگھيل، تنهنجو بيچين ساگر
خط پڙهڻ کان پوءِ ياسمين جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. پهريون ڀيرو هن کي اجنبيءَ تي رحم اچڻ لڳو. پوئين خط جي آخري لفظن، هن جي هانءُ ۾ هٿ وڌا ۽ هن جي همدرديءَ جا جذبا، اجنبي سڄڻ جي تصوراتي وجود تي نڇاور ٿي پيا. هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته جلد ئي اجنبي شخص جي ڄاڻايل ائڊريس تي خط لکندي. هن ٻئي خط لفافن ۾ وجھي، پرس ۾ رکي ڇڏيا.