جهيڙا، بدمزگي ۽ طلاق
آهستي آهستي ياسمين جي شخصيت وڌيڪ چڙچڙي ٿي رهي هئي. هن جي دلچسپين جو محور پنهنجي ذات بڻجي رهي هئي ۽ هن پنهنجن ٻارن ۽ رت جي رشتيدارن کي ئي سڀ ڪجھه سمجھڻ شروع ڪيو هو. ڏيتي ليتيءَ جي معاملن ۾ به، هن دلڪش کي ڌار رکڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي هئي. ان جا ٻه سبب هئا، هڪ ته ميرپورخاص مان موٽڻ پڄاڻا ياسمين جڏهن اڳوڻي مڪان ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو هو ته دلڪش کيس ڪاروباري لوڪيشن تي مسواڙي جڳهه ۾ شفٽ ڪيو هو، جتي رهائش سان گڏ ڪلينڪ هلائڻ لاءِ به الڳ پوشن هو ۽ ايئن اتي حيرت انگيز طور پرائيويٽ ڪلينڪ جي آمدني پنجوڻي ڇهوڻي ٿي پيئي هئي. جنهنڪري پئسن جي ان ريل ڇيل ۾، ياسمين نه ٿي چاهيو ته دلڪش جي ڪا به مداخلت يا نظرداري هجي. ٻيو سبب اهو هو ته آمدني تي دلڪش جي نظر هجڻ سبب، هوءَ ٿر کان ٻاهر رهندڙ پنهنجي برادري وارن تي خرچ ڪرڻ کان قاصر هئي، جنهن ڪري هن چاهيو ٿي ته هاڻ دلڪش کي مالي معاملن کان پاسيرو ڪجي! اهو ئي سبب هو جو، هوءَ مالي معاملن ۾ غير واجبي بهانا گھڙي جھيڙي جا سبب پيدا ڪندي رهندي هئي.
ڪلينڪ جي آمدني مان هن ميرپورخاص ۾، مهانگو گھر خريد ڪري ورتو هو ۽ سندس خيال هو ته ڪجھه ڏينهن کانپوءِ هوءَ جڏهن اوڏانهن شفٽ ٿيندي ته دلڪش به اتي هلڻ لاءِ آسانيءَ سان رضامند ٿي ويندو. پر دلڪش نه رڳو ميرپورخاص هلڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو پر ياسمين طرفان اوڏانهن گھر وٺڻ تي به پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ايئن ياسمين ۽ دلڪش وچان جھيڙو چوٽ چڙهندو رهيو.
”ميرپور هلڻ کان توکي آخر تپ ڇو ٿو چڙهي؟!“
”ميرپور ۾ ڇا رکيو آهي!“
”ڪجھه ناهي بس مائيٽاڻو شهر آهي. هونئن به هر ماڻهو، وڏي شهر ۾ سيٽل ٿيڻ چاهي ٿو. تون آهين جو بر ۾ خيما کوڙڻ مان نٿو ڍاپجين!“
“پر آئون ميرپور نه هلندس“
“ته وڃي ملهاسر ۾ ڌوڙ پائي، مون بدلي ڪرائي ڇڏي آهي، هفتي اندر هلي ويندس. “
“پر توکي اجازت ڪنهن ڏني“
”پنهنجو برو ڀلو سمجھان ٿي، تون ڪير ٿيندو آهي، مونکي اجازت ڏيڻ نه ڏيڻ وارو؟!“
”تون جيستائين نڪاح جي ٻن ٻولن ۾ مونسان ٻڌل آهين، تيستائين مونسان مشورو ڪرڻ تنهنجي فرض ۾ شامل آهي. “
”تون آخر چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
”اهوئي ته نه آئون ميرپور هلندس ۽ نه ئي توکي اوڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيندس!“
”تون ٿيندو ڪير آهين مونکي روڪڻ وارو. . . . . . . . . . . . !“ ياسمين جي زبان تاجن گھوڙيءَ جيئن ڊوڙڻ لڳي. ڪيترن ئي زهريلن لفظن جي ڌوڙ اڏرڻ لڳي، آخر اهوئي ڪجھه ٿيو، جيڪو گھڻو اڳي ٿي پئي سگھيو، الاءِ ڪيئن هيستائين ٿيڻ کان رهجي ويو هو.
”طلاق!“
دلڪش پنهنجو مختصر سامان بريف ڪيس ۾ بند ڪيو، جنهن ۾ اهي خط به شامل هئا، جيڪي هن ڪڏهن انتهائي پيار مان ياسمين کي لکيا هئا. پر اڄ بدليل وقت ۾، اهي خط ياسمين جي اکين جيئن هن کي گھوري رهيا هئا!
چانڊوڪيءَ جي اوچتي وڇوڙي، هن کي جھوري وڌو هو. پر ننڍڙي برکا جو وجود، هن لاءِ سهارو بڻيل هو. هن پنهنجي وجود جو سمورو پيار، برکا تي نڇاور ڪرڻ شروع ڪيو هو. پر هاڻ طلاق کانپوءِ، هن کي برکا کان به وڇڙڻو پئجي رهيو هو. ڇو ته برکا جي عمر ايتري نه هئي، جو هوءَ قانوني طور هن کي پاڻ سان گڏ رهائڻ جو حق رکندو هجي!
بريف ڪيس کڻڻ کان اڳ، هن سموري گھر کي حسرت سان ڏٺو، ايئن ڄڻ هر شيءِ کي آخري ڀيرو ڏسندو هجي! هرهڪ شيءِ، جيئن جو تيئن موجود هئي، پر ڪجھه ته هو، جيڪو موجود نه هو!؟
دلڪش برکا کي ڀاڪر ۾ وجھي، دير تائين پيار ڪيو. ننڍڙي برکا ٻاتڙن ٻولن سان پڇيو: ”پپا تو ڪيڏانهن ونين ٿو، تو روئين ڇو ٿو؟!“ دلڪش ٻئي ڪمري ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”تنهنجي امان توکي سڏي رهي آهي. تون وڃ!“ ٻئي ڪمري مان ياسمين جي سڏڪن جو آواز اچي رهيو هو.
در مان ٻاهر نڪرندي کيس برکا ڏسي ورتو، ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. ”پپا موکي به باجار وٺي هل، او پپا. . . . . . . !“
اڱڻ تي بيٺل جمال، بشير ۽ ڪبير چپندڙ نگاهن سان دلڪش ڏانهن نهاريو ۽ انهن مان ڪنهن برکا کي دڙڪو ڏنو. روئندڙ برکا جو آواز ڪجھه پنڌ هن جو پيڇو ڪندو رهيو.
”پپا مونکي به باجار وٺي هل“
ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڇڪڙي جي اڳئين سيٽ تي ويهي، هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. کيس خبر هئي ته ياسمين کي ڏنل طلاق، سندس مائٽن کي بنهه گھڻو ناگوار لڳندي. کيس اهو به احساس هو ته سندس خاندان ۾، اهڙي نوعيت جي طلاق، ڪڏهن به نه ٿي هئي. ان ڪري علائقائي رواجن موجب، اهو سڀ ڪجھه ذلت ۽ بدناموسيءَ جو ڪارڻ بڻبو. کيس اهو به احساس هو ته ننڍڙي برکا کان دُوري ناقابل برداشت حد تائين اذيتناڪ بڻبي. پر انهن سمورن احساسن جا زهريلا ڍڪ کيس مجبور پيئڻا پئجي رهيا هئا، ڇو ته سندس وس ۾ ڪجھه به ڪين هو!
اهو به هڪ ڏينهن هو، جڏهن ڪجهه سال اڳ ڇڪڙي ۾ چڙهي، ياسمين سان ملڻ شهر ڏانهن اچي رهيو هو، تڏهن ننڍڙين مشڪلاتن باوجود ڪيترو نه هلڪو ڦلڪو ۽ مسرور هو، پر اڄ ڊگھي وڇوٽيءَ کانپوءِ جڏهن ياسمين کان وڇڙي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته سندس هينئڙو ٻه اڌ ٿيل هو. هن جي دل ڪتاب مٿان درد جا اڻ ڳڻيا داستان رقم ٿي چڪا هئا!
هڪ عجيب حقيقت اها به هئي ته سندس دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾، ڪٿي نه ڪٿي نجات جو کينچلو احساس به ليٽي رهيو هو، جيڪو تاحال مايوسين جي ڌوڙ ۾ ڍڪيل هو! بي اونو ٿي ڳوٺ وڃي رهيو هو. ڄڻ ڪو ڏانوڻ هو جيڪو نڪري چڪو هو!
ايئن به نه هو ته شاديءَ کانپوءِ سندس ڳوٺ وڃڻ نه ٿيو هو، پر حقيقت ۾ پابنديءَ جو ”اڻ ڄاتل الڪو“ سندس سوچن ۾ سلهاڙيل رهندو هو. ياسمين گڏ هوندي هئي ته هر وقت دلڪش کي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندي هئي. ويجھو رهندئي، ڪو نه ڪو جھنجھٽ رهندوئي رهندو هو. ياسمين کانسواءِ ڳوٺ ايندو هو ته هڪ نه ته ٻئي ڏينهن، دلڪش کي وٺڻ لاءِ ياسمين طرفان موڪليل ٽئڪسي گھٽيءَ تي اچي هارن هڻندي هئي. ايئن دلڪش جڏهن به ڳوٺ آيو، ڄڻ لولو چلهه ۾ وجھي آيو!
ڇڪڙو ڀٽ جي چڙهائي چڙهي رهيو هو. دلڪش جون اکيون ٻوٽيل هيون. سندس تصور ۾ ڳوٺ جا منظر ڊوڙون پائي رهيا هئا. صحرا جي بستي، ڀٽن جون چوٽيون، مال جا وٿاڻ، چڙن جي چُڻ ڀڻ، ڊيلن جو ڊوڙون، اڪن جا ڦُليا ۽ ٻيو الاءِ ڇا ڇا هو، جيڪو سندس سوچن جي آرسيءَ مان ليئا پائي رهيو هو!
هن جون نظرون ڀر واري ڀٽ تي بيٺل روهيڙي جا گل چنڊيندڙ ٻارن تي اٽڪي پيون. کيس پنهنجو ٻالڪپڻ ياد اچڻ لڳو.
اهي به ڏينهن هئا، جڏهن جيجل جي جھوليءَ ۾، مٺري لولي ٻڌي ننڊ اچي ويندي هئس. ڌرتيءَ کان امبر تائين پکڙيل چانڊاڻ ۾، پوئين پهر جي ٿڌاڻ ۽ وٿاڻن ڏي ورندڙ مال جي چڙن جو سنگيت، ڪيئن نه دل منجھه ڪتڪائي ڪندو هو. فجر مهل ڪڪڙن جون ٻانگون ۽ کير جي ولوڙن جو آواز ڪيئن نه سماعتن ۾ سرهاڻ اوتيندو هو. وٿاڻن ۾ ڪانڀون ڪڍي ويٺل وڏڙن جو ڳالهيون ۽ کوهن تان ٻيلهڙا ڀريندڙ پاڻيارين جا گفتا، ڄڻ ته ڪالهوڻي ڪالهه جي ڳالهه هئي!
سانوڻيءَ جو مينهن ڀٽن تي اوڙڪون ڪري وسندو هو. مورن جا ٽهوڪا ۽ ڌنارن جون بانسريون، کيس ڪيڏيون نه وڻنديون هيون. سائي چادر ڍڪيل پوٺن تي، هڪ جيڏن سان بلور راند ڪندي کٽڻ ۽ هارائڻ جا لمحا به ڪيڏا نه عجيب هوندا هئا. ان وقت هر هار کيس فتح جو سنيهو لڳندي هئي. پر اڄ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڇڪڙي جي اڳئين سيٽ تي هن محسوس ڪيو ته هو زندگيءَ جي وڏي راند هارائي موٽي رهيو هو.
ٻالڪپڻ ۾ واريءَ جا گھرڙا ٺاهڻ لاءِ، ڀٽن جي ريت کي ڦلوريندي، هن جي سرشت ۾ سدائين جوڙڻ جي جدوجهد جنبيل هوندي هئي، پر اڄ هو پنهنجي زندگيءَ جو مضبوط رشتو ٽوڙي موٽي رهيو هو! ننڍپڻ ۾ هن جڏهن به اڪن جي نيرين ڦلڙين يا روهيڙي جي رتن پيلن گلن کي ڪٿي ڇڻيل ڏٺو ٿي ته، جھٽ پٽ مالها ۾ پوئڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر اڄ هن جا پنهنجا سپنا وکريل هئا، جن کي سنوارڻ هن جي وس کان ٻاهر هو!
ننڍپڻ ۾ هن تيز برسات جي طوفاني هوائن کانپوءِ، جڏهن به ڪنهن پکيءَ جو آکيرو اجڙيل ڏٺو ٿي ته، هن جون اکيون آبشار ٿي پونديون هيون، پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ته اڄ پنهنجو گھر اجڙي وڃڻ کانپوءِ به، هن جي نيڻن منجھه، ڪا به بُوند نه هئي! زندگي ۾ آيل ڏڪارن، اکين جو جر سڪائي ڇڏيو هو يا وري درد جي شدت سمجھڻ لاءِ، لڙڪن وارو پئمانو ئي غلط هو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي ٻڪرين جي ڇانگ مان جڏهن به ڪو ڇيلڙو ڇڄي، ڌار ٿي ويندو هو ته، هن جي اکين مان راتين جي ننڊ اڏامي ويندي هئي، پر اڄ هن جي معصوم ننڍڙي برکا، هن کان ڌار ٿي پيئي هئي ۽ هن کي ايندڙ راتين جو الڪو نهوڙي رهيو هو ته، کيس ننڊ ايندي به يا الاءِ نه!؟ ننڍڙي برکا کان ڌار ٿيڻ جي تصور، هن جي وجود ۾ اذيتناڪ بيچيني آڻي ڇڏي. ڇڪڙي جي سيٽ تي هن پاسو ڦيري دريءَ کان ٻاهر نهاريو. رستي جي ڀرسان ڀٽ جي لهواريءَ ۾، ڪنهن تازي مئل ڍور کي ڳجھون کائي رهيون هيون، هن کي محسوس ٿيو ته برکا کانسواءِ سندس وجود به ان ڍونڍ جيان هو، جنهن کي ڳجھون کائي رهيون هيون. ٻوٽيون ٻوٽيون، هڏن کان ماس ڌار. . . . . . . . . . . . . . . !!
ننڍڙي برکا. . . . . . . جيڪا هر وقت ساڻس گڏ هوندي هئي. چانڊوڪيءَ جي حادثاتي موت بعد هن ئي سندس ويران وجود کي آباد ڪيو هو. چانڊوڪيءَ جون سڪون لاهڻ لاءِ، دلڪش اڪثر برکا کي پيار مان چانڊوڪي سڏيندو هو، ان چانڊوڪيءِ کان ڌار ٿيڻ جو تصور ئي، ٽارچر سيل جي عذاب جيان هو!
***
دلڪش ٿري پنهنجي گھر جي اڱڻ تي موجود هو. ڦڳڻ جي اداس شام لڙي چڪي هئي. هن جو مزاج وري ڳوٺاڻي زندگيءَ تي هرڻ لڳو هو. برکا کان جدائيءَ جي صدمي، هن جو جيءُ جھوري وڌو هو. ڪڏهن ڪڏهن ياسمين جي رفاقتن جي ڪا کينچلي يادگيري، هن کي بيچين بڻائي وجھندي هئي! ڄاڻو سڃاڻو ماڻهن طرفان اڪثر کانئس ياسمين ۽ برکا متعلق سوال پڇبا هئا، جيڪي کيس وڍي وجھندا هئا. پر هاڻ هو انهن سوالن جو به عادي ٿيڻ لڳو هو!هزارين درد هوندي به، هن جي هيستائين جي زندگي قابل رشڪ انداز ۾ گذري هئي، پر ياسمين کان جدا ٿيڻ بعد، هاڻ هو لوڪ وارن جي نظر ۾ قابل رحم بڻجي پيو هو. اهو ئي مظلوماڻو انداز هن کي ناگوار لڳندو هو.
ڦڳڻ جي اداس شام ٽاڻي، جنهن وقت هو، گھر جي اڱڻ تي رکيل کٽ تي ويهي سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو، ان وقت خالي خالي گھر جي اڪيلائي، هن جي وجود کي ٻاجھر جي سنگهن جيئن هلر هيٺان ڳاهي رهي هئي. هن کي اهي شامون ياد اچڻ لڳيون، جيڪي اڱڻ ۾ ويهي، هن برکا کي کيڏائيندي گذاريون هيون. ننڍڙي پتڪڙي برکا، ٻاتڙ، ا ٻاتڙا ٻول پپا. . . . پپا. . . . پر اڄ برکا بنا وحشي ماحول هن کي کائڻ اچي رهيو هو! برکا جون ڪيئي يادون، هن جي اکين ۾ لڙڪن جي رمجھم بڻجي پيون!
ياسمين کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ لاڳيتو ڳوٺ ۾ ترسيل هو. هن نه ٿي چاهيو ته شهر وڃي ڄاڻو سڃاڻو ماڻهن جي اُگرن سوالن کي منهن ڏيئي! هن جي تنهائي پسند طبيعت لاءِ، ڳوٺاڻو ماحول سازگار هو، نه تڙ تڪڙ، نه وٺ وٺان، نه هڻ پٽ، ٽينشن فري لائيف. . . . . . . . . اهائي ته زندگي هئي. هن شهري ماحول کي ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو هو، پر چند مجبورين هن کي ڊگھي عرصي تائين ڳوٺ کان پري ڪري ڇڏيو هو! ڳوٺ اچڻ کانپوءِ هن پنهنجو موبائيل فون بند ڪري پيتيءَ ۾ رکي ڇڏيو هو، ڇو ته هتي ڳوٺ ۾، ڪنهن به نيٽ ورڪ جا سگنل موجود نه هئا. چند ڏينهن موبائيل جي اڻهوند جي بيچيني کيس تڙپائيندي رهي هئي، پر پوءِ هن ان حقيقت کي قبول ڪري ورتو هو، شايد ڪاري مٿي جي انسان ۾، پاڻ کي ماحول مطابق هيرائڻ جي قدرتي حيرت انگيز صلاحيت موجود آهي. رابطه ڪاريءَ جو ڏڪار هن لاءِ رحمت بڻجي پيو. ڇو ته جڏهن موبائيل رينج ۾ هوندو هو ته، هرهر مس ڪالز، ميسيجز ۽ ڪالز جي ڀرمار، هن کي بيزار بڻائي وجھندي هئي. فرسٽريشن جو شڪار واندن ماڻهن جون مس ڪالون، ايس ايم ايس. . . خبر نه پوي ته الاءِ ڪير آهي؟ وٽس بيلنس ناهي ڇا؟ وري جو بيڪ ڪال ڪجي ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ، همراهه مرڳو ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ جي چڪر ۾ پورو، نمونيبازيون. . . . . ! ڪا سيريس مصروفيت ڇو نه هجي، پر ڪنهن ڄاتل سڃاتل جي ڪال اٽينڊ نه ڪجي ته همراهه ماڳهين رسي پوي. ٻي کي بيوقوف بنائڻ جي ماليا خوليا ۾ مبتلا بيوقوف ماڻهن جا عجيب عجيب ميسيج! نوان نوان نمبرز، بدليل سمون، ڪيئن خبر پوي ته ڪير آهي؟ ڪال ڪر ته ٻولڪي ئي ٻي، ڪال نه ڪر ته ٻي ڏينهن ميارن جون ڀريون! آخر حساس ماڻهو ڪري ته ڇا ڪري؟! اهوئي سبب هو جو شهر ۾ رهندي به اڪثر هن جو موبائيل فون بند رهندو هو. پر واقفڪارن جون چٿرون هن کي ايئن ڪرڻ کان روڪينديون هيون. موبائيل جو بند هئڻ ياسمين لاءِ به وهم جو ڪارڻ بڻبو هو. هن کي اهو سڀ ڪجھه عجيب لڳندو هو. ڄڻ ته ٻين جي پسند هن کي پنهنجي پسند ۽ شخصي آزاديءَ کان محروم بڻائي رکيو هو! هن سوچيو هو. ”هتي انيڪ ماڻهن جون زندگيون رانديڪا بڻيل آهن. ٻين جي پسند، سماج جا معيار، وک وک تي رڪاوٽون. . . . . . . . . . موبائيل فون ته ضرورت جي شيءُ آهي، پر ماڻهن ان کي وڏ ماڻهپي جو معيار ٺاهي ڇڏيو آهي. ساڳي طرح گاڏي بنگلو ۽ پوشاڪ به ضرورت جون شيون آهن، پر ماڻهن ان کي عزت جو پئمانو ٺاهي ڇڏيو آهي!“
ڳوٺ ۾ اچڻ کانپوءِ هن جا سمورا رابطا ڪٽيل هئا. نه ٽيليفون، نه خط، نه اي_ميل. سندس فارغ وقت لکپڙهه ۽ مطالعي ۾ گذرندو هو. صبح ۽ شام جي وقت ڀٽن تي چهل قدمي ڪرڻ يا وري ڳوٺاڻي گرائونڊ تي ڪرڪيٽ کيڏڻ، هن جا دلچسپ مشغلا هئا. رابطا ڪٽيل زندگي هن کي آئيڊيئل لڳندي هئي. ميل جول جون مجبوريون ۽ ايسوسيئيشن جو آزار، هن کي سدائين ڏکيو لڳندو هو. پر هاڻي پرسڪون زندگيءَ ۾ رهندي هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته، هن جو اهو لائيف اسٽائيل سندس واسطيدارن کي بلڪل ئي پسند نه هو. هن جا بدخواهه هن جي انهيءَ انداز کي زوال ۽ مايوسي سمجھي چٿرون ڪندا هئا. جڏهن ته سندس گھڻگھرن جو خيال به لڳڀڳ ساڳيو هو، فرق رڳو اهو هو ته اهي هن مان اها اميد رکندا هئا ته دلڪش دنيا کان ڪٽيل نه رهي. شهرن ۾ وڃي تعلقات پيدا ڪري، سياسي واسطا وڌائي، ترقي ڪري ۽ سڀني جو ڀرجھلو بڻجي. پر دلڪش ان مزاج تي پورو لهي نه سگھيو هو. هن کي سندس گھڻگھرن جي اميدن ۽ خواهشن جو پورو پورو احساس هو، پر هن جي خيال ۾ ٻين جي خواهشن پٽاندرزندگي گذارڻ هڪ وڏو فريب هو! ”آخر ٻيا جيڪو ڪم پاڻ ڪري نٿا سگھن، اهو هن کان ڪرائڻ ڇو ٿا چاهين؟!“ هن سوچيو هو.
ڳوٺ جي پرسڪون ۽ کليل ماحول ۾ رهندي، ڪيترو نه فطرت ڏانهن موٽڻ لڳو هو. فجر مهل ننڊ مان جاڳڻ، چانهه پيئي جھنگ ڏانهن نڪري وڃڻ. واپس اچي کوهه مان نڪرندڙ تازي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ، ناشتي ۾ ٻاجھر جي ماني، مکڻ ۽ لسيءَ سان کائڻ، منجھد ويل مڱن مليل چانورن جي کچڙي، ماحول جي ماٺار ۾ مطالعو، شام جو وري سير سپاٽو ۽ راند روند ۽ سانجھه ويل وٿاڻن ڏانهن وري آيل مال جا ولر ڏسڻ ۽ پوءِ رات جي مانيءَ کانپوءِ ٺريل رات جي تنهائيءَ ۾ آسپاس جي دڙن تي، هڪجيڏن سان ڪچهريون ۽ رانديون يا وري اڪيلو اڪيلو هلندئي، پنهنجو پاڻ سان ڪيل ڳالهيون!! ڇا ته دلڪشي هئي، ڇا ته دلبري هئي ۽ ڪيڏو نه سڪون هو!
ڦڳڻ جي اداس شام ٽاڻي، جڏهن هو گھر جي اڱڻ ۾ ويٺل هو، تڏهن ئي سندس ماءُ حڪيمه جي طبيعيت بگڙڻ لڳي هئي، ياسمين ۽ دلڪش جي طلاق جي صدمي اڳي ئي حڪيمه جي وجود کي اڏوهي جيان کائي ڇڏيو هو پر ان شام هارٽ اٽيڪ جو حملو حڪيمه لاءِ موتمار ثابت ٿيو. جنهن جيجل جي جھوليءَ ۾، هن ٻاتري ٻوليءَ جا ٻول ٻوليا هئا، ان جيجل کان هميشه جي جدائي، هن جو وجود وڄائي ڇڏيو هو. هو ٻارن جيان اوڇنگارون ڏيئي رنو هو، جيئن هو ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي امان سان ڪا شڪايت، ڪو فرياد ڪندي روئي پوندو هو. لڙڪ ساڳيا هئا، لهجو ۽ انداز ساڳيو هو، پر فرق رڳو اهو هو ته، هاڻي هن وٽ زندگيءَ جي ڀوڳنائن جون انيڪ فريادون هيون پر سندس لڙڪ اگھڻ وارو ڪير به نه هو!
حڪيمه جي آخري رسمن جي ادائيگيءَ دوران دلڪش ڏکارو ڏکارو رهيو. هر ڪو هن کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. عورتون پار ڪڍي ( وڏي آواز سان روئڻ ) جي رسم ۾ شريڪ ٿينديون رهيون. دلڪش کي حيرت اها ٿي ته جيڪي عورتون جيئري مرحومه سان رقابت رکنديون هيون، سي پڻ وڏي آواز ۾ روئي مرحومه جا ڳڻ ڳائي رهيون هيون! شايد مرده پرستي به انساني فطرت آهي. ڪجھه ڏينهن تائين، تعزيت لاءِ ايندڙن جو ميڙاڪو مچيل رهيو. انهي دوران ڪيترن ئي فضول رسمن جي ادائيگي جاري رهي، جن ۾ دلڪش کي ڪو خاص منطق نظر نه آيو، پر لوڪا چاري جي تقاضا بهرحال اهميت جوڳي هئي!دلڪش کي سدائين اهو ڏسي حيرت ٿيندي هئي ته سندس آسپاس جڏهن به ڪوئي بيمار ٿي اسپتال پهچندو هو ته، سندس ڳوٺان مردن ۽ عورتن جا ولر، مريض جو حال پڇڻ لاءِ پهچي ويندا هئا. جنهن سان هڪ طرف اسپتال جي عملي جي ناپسنديدگي، ته ٻي طرف ”مهمانن“ کي رڳو چانهه پيارڻ جو خرچ به چيل چٻي ڪريو ڇڏي. ايئن بيماري جو خرچ ڀوڳيندڙ مريض لاءِ، عيادت ماڳهين عذاب بڻجيو پوي. ساڳي طرح تعزيت لاءِ ايندڙ ماڻهن جو به ساڳيو حال! ويتر ٻارن جا ولر به گڏ آڻڻ نه وسارين! ۽ ايئن ميزبان اهڙو قرضي ٿئي جو ايندڙ ڪيئي سال قابو!هن سوچيو: ”ماڻهن کي آخر احساس ڇو نٿو ٿئي؟! انهن وٽ به آخر ضمير هوندو، ڇا جو ضمير؟؟! جهالت جي دز ۾ ضمير جو آئينو ڌنڌلو ٿي پوندو آهي!“ حڪيمه جي آخري رسمن کانپوءِ ٻن مهينن تائين تعزيت لاءِ ايندڙن جو سلسلو هلندو رهيو. هڪ ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هن جي واسطيدار ٿري فيملي وارا آيل هئا. رسمي تڪلفات کانپوءِ هڪ عورت ياسمين کان طلاق ٿيڻ متعلق، هن کان ڪيئي سوال پڇيا. ڳالهين دوران ان عورت پڇيو: ”ادا دلڪش ! تون شاعري به ڪندو آهين نه ؟“
”ڪڏهن ڪندو هئس!“.
”ها مونکي خبر آهي، تنهنجي ڪمري ۾ هيترا سارا ڪتاب ڏسي سمجھي ورتم ته، تون شاعري ڪندو هوندين. “
”ڇا گھڻا ڪتاب پڙهڻ وارو هر ماڻهو شاعري ڪندو آهي؟ “.
”ها_ آئون جنهن ميڊم جي گھر ڪم ڪندي آهيان، ان وٽ به ڪتابن جا ڪٻٽ ڀريا پيا آهن ۽ شاعري به ڪندي آهي ۽ ها_ مونکي هاڻ ياد آيو ته ميڊم ڪنهن ٽي وي چينل تي ڏڪار تي رپورٽ ڏني هئي. هن مونکان ٿر جي باري ۾ ڪافي ڳالهيون پڇيون هيون. پر آئون اڻپڙهيل آهيان، تنهن ڪري صحيح جواب ڏيئي نه سگھيس، تون پڙهيل آهين، شاعر آهين. ميڊم کي ٿر جي باري ۾ ٻڌائج، ميڊم ڪتاب به لکندي آهي، تنهنجو نالو به ڪتاب ۾ لکي ڇڏيندي. اچي هي وٺ فون نمبر“.
دلڪش بيدليءَ مان فون نمبر وارو پنو وٺي، کيسي منجھه رکي ڇڏيو.