ناول

هينئڙو ٻہ اڌ

هي ناول هڪ پڙھيل لکيل ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ نوجوان جي ڪجهه آواره ۽ ڪجھه سنجيده روين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو غير هموار ۽ نامناسب حالتن جي هٿن ۾، ڪڏهن چاهتن سان لڪ لڪوٽيون ڪري ٿو، ته ڪڏھن وري سونهن ۽ جوڀن جي رنگبرنگي وادين ۾ زندگيءَ جي زخمن کي وقتي طور وسارڻ جا جتن ڪري ٿو. ذھني طور پسمانده ماڻهن جي صحبت ۾، منطقي ۽ عقلي آڱرين ۾ دليلن جي بلورن سان، حقيتن جا نشانا وٺڻ ڪيترو مشڪل آھي؟ اهو هن ناول جي درمياني صفحن جي ڪپڙن جو رنگ آھي! انساني فطرت جي چڱاين توڻي مداين تي مشتمل سماجي ڪردارن ۽ سالن کان تصور جي تالاب ۾ وهجندڙ واقعن کي، قلم جي بيساخته چميءَ ناول جو روپ ڏيئي ڇڏيو آھي!

Title Cover of book Heana'ro Ba Adh

شادي ۽ تلخيون

دلڪش انتهائي سادگيءَ سان شادي ڪئي ۽ ڪنوار کي مختصر ڄڃ ۾ گهر وٺي آيو. خانداني دهلاريءَ دهل وڄايو. عورتن شاديءَ جا سهرا ڳايا ۽ ويجهن عزيزن گهورون گهوريون. ٻي ضلعي ۾ رهندڙ مائٽن مان، چند ماڻهن جي امڪاني مزاحمت کان بچاءُ لاءِ، ياسمين جي عدالتي بيان کي ضروري سمجهيو ويو. دلڪش جي گهروارن چاهيو هو ته وڏو ڪاڄ ڪجي، ڪشادو ڇنو، متاري ڦنڊر جو گوشت، پلاءُ، چاشني، ڳائڻ وڄائڻ، رقص ۽ آخر ۾ ترگس، جنهن ۾ سهڻن سنجن وارن گهوڙن ۽ رنگين جُهلن وارن اٺن جي ڊوڙ ۽ پوءِ واهه واهه! پر دلڪش لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڏيکاءُ ۽ پئسي جي ضيان کان وڌيڪ، ڪجهه به ڪين هو. احبابن جي خواهش خاطر ايئن ڪري به ها، پر سندس مالي حالت به ان جي موڪل ٺپ نه ٿي ڏني. ان ڪري هن احبابن جي اڻوڻت ۽ سماجي عيب جوئيءَ جي ڪابه پرواه ڪون ڪئي. هونئن به هن زندگيءَ ۾ سماجي ساراھ يا بدنامي کي، ڪڏهن به خاص اهميت نه ڏني هُئي. ايئن سوچي ها ته ياسمين سان سندس شاديءَ جو ٿيڻ به امڪان کان ٻاهر هو!!.
سهاڳ رات عورتن روايتي سنوڻ ساٽ ڪيا، عورتن جي چرچن ۽ ڀوڳن ۾، موڙ ٻڌل دلڪش کي، اهو الڪو تڙپائي رهيو هو ته متان ياسمين ڪنهن ڀوڳ تي چڙي پوي، پر حڪيمه سڀني عورتن کي سمجهائي ڇڏيو هو ته ياسمين سان ڪوبه هُجتي مذاق نه ڪيو وڃي، ڇو ته هوءَ پرديسڻ ۽ پڙهيل لکيل ڪنوار هئي. ان ڪري ڪنهن به ياسمين سان بي تڪلفي نه پئي ڪئي. عورتن جي ان جهرمٽ ۾، دلڪش کي پنهنجين حقيقي سالين جي شديد کوٽ محسوس ٿي رهي هئي!
جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار کي اڪيلي ڪمري ۾، سندن بستر تي آندو ويو ته ٻاهريان آيل مهمان عورتن مان هڪ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ ويندي ويندي شرميلي شرارت مان چيو: ”مايون ڏسو ته سهي، کٽ چيچاٽ ڪندڙ ته ناهي، ماڳهين سڀن جي ننڊ ڦٽائي!“ ياسمين خارن مان ڇڙٻ ڏيندي وراڻيو: ”پهرئين تون ليٽي ڏس، جيئن اها خبر پوي ته چيچاٽ ڪري ٿي يا نه!؟“ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ ياسمين جي ان ڇڙٻيلي مذاق تي ناراض ٿيڻ بدران محظوظ ٿيندي، عجيب ادا مان وراڻيو: ”پر اڄ اهو نيڪ ڪم اوهانکي سونپيل آهي!“ ياسمين تپي باھ ٿي ويئي. ڪنوار وارو حجاب هڪ پاسي رکندي، ست سُريون ٻڌائڻ لڳي. ”رن ڪِني! بيحياءُ، بيشرم، ڪُتي!“ ياسمين ڪاوڙ مان وڦلڻ لڳي. دلڪش سندس ڀرسان ويهندي پيار مان چيو: ”ياسمين شاديءَ جو موقعو هوندو ئي خوشي ۽ مذاق لاءِ آهي، ڪاوڙ نه ڪر!“ياسمين ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”ڌوڙ جي خوشي، رنون مونکي مهڻا ڏيئي ويون آهن“ دلڪش افسوس مان وراڻيو: ”ڇوڪري مهمان آهي، ڇا چئون!“ ياسمين روئڻ لڳي: ”منهنجو ڀاڳ ڦٽو، ڌارين ۾ ڦاٿيس، برادريءَ کان ٽٽي ويئس. ڌارين ۾ مهڻا ويٺي ٻڌان، ڪو پنهنجو ناهي، جنهن کي دانهن ڏيان!“ دلڪش دلداري ڏيندي چيو: “تون عام مذاق کي سيريئس وٺي رهين آهين، تون پاڻ کي اوپري نه سمجهه! تنهنجي برادريءَ وارا ڪاوڙجي پيا آهن ته ان ۾ منهنجو قصور ناهي. باقي آئون تنهنجو آهيان ۽ تنهنجو رهندس“. ياسمين لڙڪ اگهندي وراڻيو: ”تون ڌاريون آهين، تڏهن ئي پنهنجين عورتن جو پاسو وٺي رهيو آهين!“ دلڪش خاموش رهيو. هن محسوس ڪيو ته ياسمين جهيڙالي ڪيفيت ۾، سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي رهي هئي.
خاموشيءَ جا ڳپل پل گُذري ويا،
دلڪش ڳالهاڻو”ان ڳالهه کي وساري ڇڏ، بس اڄوڪي رات جي هر هڪ لمحي کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪر، جيئن زندگيءَ جي شام ۾، ڪڏهن، هنن لمحن جي ياد، جوڀن جي سرابن ۾ ويڙهيل ڪيفيت ۾ جيئڻ جو دلاسو بڻجي سگھي“.
ياسمين ۽ دلڪش چوماسي جي ڪڪرن جيان، هڪٻئي جي وجود ۾ وڃائجي رهيا هئا! خوشي ۽ سرور سمايل زندگيءَ ۾، کين لڳو ڄڻ وڇوڙن ۾ وڃائجي ويل لمحا، جيون جو ڪٻاڙو هئا. اصل زندگي ته اها هئي، جنهن ۾ رڳو هڪٻئي جي وجود جو احساس، هزارين حياتين تي حاوي هو!
بي فڪر ۽ خوشين سان آراسته لمحن جو سفر، هڪ هفتي تائين به هلي ڪونه سگھيو. شاديءَ جي پنجين ڏينهن دلڪش جي برادري وارن جو جرڳو ٿيو، جنهن ۾ انب، برادري وارن اڳيان اها شڪايت ڪئي ته سندس ڌيءَ جنت جو رشتو دلڪش لاءِ، سندس ماءُ طرفان گھريل هو، ٻن مهينن کانپوءِ مڱڻي ٿيڻي هئي. پر دلڪش ڌارين ۾ شادي ڪري برادريءَ جي زبان تان ڦري ويو. ان لاءِ برادري مٿس دٻاءُ وجھي، ياسمين کي طلاق ڏياري، جيئن جنت کي دلڪش سان پرڻائي سگھجي.
جرڳي ۾ تبسم ۽ دلڪش اهو موقف اختيار ڪيو ته جنت سان ڪابه مڱڻي ٿيل نه هئي، ان ڪري اهو رشتو ڪرڻ لاءِ اهي پابند نه هئا. پر برادريءَ وارن اهو چئي مٿن دٻاءُ وڌو ته اوهان جي ماءُ، اجايو انب کي آسري ۾ رکي، ڌارين ۾ شادي ڪئي. هاڻ انب وٽ رشتيداريءَ جو ڪو به آپشن ناهي بچيو، ان ڪري ياسمين کي طلاق ڏيئي، دلڪش جي شادي جنت سان ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ برادريءَ مان نيڪالي ملندي، پر تبسم ۽ دلڪش اهو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. برادري وارن آخري آپشن اهو به رکيو ته ڀل ياسمين کي طلاق نه ڏجي، پر جنت جو رشتو قبول ڪيو وڃي ۽ ان جي بدلي تبسم جي ننڍڙي ڌيءَ جو رشتو، انب جي ڇوڪري لاءِ ڏجي. تبسم ۽ دلڪش انهيءَ آپشن کي به ٺڪرائي ڇڏيو ۽ ايئن برادريءَ وارن تبسم ۽ دلڪش جي خاندان کي برادريءَ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. نيڪاليءَ جو مطلب اهو هو ته برادريءَ وارن مان ڪو به ماڻهو، تبسم وارن سان نه ڳالهائيندو، نه شادي غميءَ ايندو ۽ نه ئي رشتيداري ڪندو!
حڪيمه ۽ ياسمين بيقراريءَ مان ڀتين تان جھاتيون پائي، جرڳي جو فيصلو ٻڌڻ لاءِ اتاوليون ٿي رهيون هيون. ياسمين جي اندر ۾ ان الڪي جو ڪاريهر ڏنگ هڻي رهيو هو ته متان دلڪش برادريءَ جي دٻاءُ ۾ اچي کيس طلاق ڏيئي نه ڇڏي! سندس نيڻن جو درياءُ، پنبڻين جا بند ڀڃڻ لاءِ بيچين ٿي رهيو هو. تبسم ۽ دلڪش کي ايندي ڏٺائون ته گھٽيءَ تائين هليون آيون. حڪيمه اتاولائيءَ پڇيو: ”پٽ ڇا ٿيو؟“ تبسم وراڻيو: ”چڱن مڙسن ياسمين کي طلاق ڏيڻ يا انب سان سنڱابندي ڪرڻ جو شرط رکيو. جيڪو اسان ٿڏي ڇڏيو. “ حڪيمه گدگد ٿيندي وراڻيو: ”سٺو ڪيو!“ دلڪش چيو: ”ان انڪار جي سزا طور پنهنجي خاندان کي برادريءَ مان خارج ڪيو ويو آهي، ان فيصلي جو حڪم هر ان ماڻهوءَ تي لاڳو رهندو، جيڪو پاڻ سان سڌو يا اڻسڌو واسطو رکندو. “ حڪيمه جي چهري تي هئيڊ هارجي پيئي. صدمي مان وراڻيائين. ”گھوڙا، ڪٿان جا ڪونه رهياسين. پنهنجو وڏو گھر، هرڪو برادريءَ مان تڙيل جو مهڻو ڏيندو“ تبسم چيو: “ڪو فرق نه پوندو“ ياسمين وراڻيو:”فرق وڏو پوندو تبسم! برادري وڏو سهارو هوندي آهي، اوکيءَ سوکيءَ جو آڌار!“ دلڪش جھٽ پٽ وراڻيو:”اهي تصور مدي خارج ٿي چڪا آهن. ڪڙم ۽ قبيلي جو تصور، ان دؤر ۾ مضبوط ٿيو، جڏهن انسان کي شڪار لاءِ افرادي قوت جي گھرج هوندي هئي. ڌارين قبيلن ۽ خونخوار جانورن کان بچاءُ لاءِ به، ڪڙم قبيلي جو سهارو کپندو هو. جنهن وقت انسان جي موت کي ازغيبي قوت جي انتقامي ڪاروائي سمجھبو هو، تڏهن مردي کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ ان خوف کان نجات لاءِ قبيلي وارن جي موجودگيءَ جو سهارو وٺڻ جو رواج پيو. انهن رواجن جي باقيات، اڃان تائين ايئن هلندي اچي جو، شادي غميءَ ۾، قبيلي وارن جو سهارو وٺبو آهي. مخالف قبيلي وارن سان ويڙهه، پنهنجن سان سنڱابندي، ۽ سماجي تحفظ لاءِ، هٿ پير هڻڻ به، ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾، ان تسلسل جو حصو آهن. پر برادريءَ تي ڀاڙڻ جي هاڻ ضرورت ناهي رهي. اڪيلو فرد به پنهنجو وجود سلامت رکي سگھي ٿو“ ياسمين چيو: ”اڪيلو ماڻهو نه کلندي سونهي، نه روئندي سونهي! “ دلڪش وراڻيو: ”اهو رڳو محبتن جو معاملو آهي“ حڪيمه چيو: ”ڊگھيون ڳالهيون ڇڏيو، جيڪو ٿيو، سٺو نه ٿيو!“
شاديءَ جي پندرهين ڏينهن، ياسمين شهر واري گھر هلڻ جو ضد ڪيو، حالانڪه اسپتال مان هن جي ڊگھي موڪل ٿيل هئي. سرد موسم ۾، ٻهراڙيءَ جو ماحول وڻندڙ هو. دلڪش چاهيو ٿي ته موڪل جا ڏينهن، ڳوٺ ۾ ئي گذارجن، پر جمال خان ڳوٺ ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري نه پئي سگھيو. هڪ ته ڳوٺاڻو گھر کيس ياسمين کان وڌيڪ دلڪش جي ملڪيت محسوس ٿي رهيو هو، جنهن ۾ ٻين گھر ڀاتين جي به شراڪت هئي. ٻيو وري حڪيماڻو شوق پورو ڪرڻ لاءِ، گھربل دٻيون ۽ گھوٽا به شهر واري گھر ۾ موجود هئا، جنهن ڪري هن ياسمين کي ڀڻڪي ۾ چيو:”هاڻ شهر هلجي “ ۽ ٻئي ڏينهن ياسمين شهر هلڻ جي سنبت ڪئي. دلڪش کي پهريون دفعو، پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ جمال خان جو وجود، اگري مداخلت محسوس ٿيو. هن ياسمين کي سمجھائڻ واري نوع ۾ چيو: ”ڏس هتي توهان جي والد لاءِ الڳ چونئرو منتخب آهي، جتي کيس ضرورت جي هر شيءُ ملي ٿي. پاڻ تي ڪو به ڪم ناهي، شام ۽ صبح رڳو نرم نرم اس ۾ چهل قدمي ڪريون ٿا. موڪل جا باقي ڏينهن هتي ئي گذارجن، شهر ۾ رهڻ لاءِ ته سڄي زندگي پيئي آهي“ ياسمين خاموش ٿي ويئي. دلڪش محسوس ڪيو ته ياسمين جي خاموشي ظاهري طور شهر هلڻ جي سنبت ملتوي ڪرڻ لاءِ هائوڪار هئي، پر اصل ۾ ڳوٺ ترسڻ واري ڳالهه کيس ناگوار لڳي هئي!
ياسمين اڪيلائيءَ ۾ جمال خان کي ڪجھه ڏينهن وڌيڪ ڳوٺ ۾ رهڻ لاءِ مطمعن ڪيو ۽ پوءِ پهريون ڀيرو گھريلو ڪم ڪار ۾ جنبي ويئي. کٽ تي ماني کڻي آڻڻ لاءِ حڪم هلائيندڙ ياسمين، حڪيمه ۽ ٻين گھروارن طرفان گھريلو ڪم ڪار کان محبت ڀري منع باوجود، جڏهن گھرداريءَ ۾ هٿ ونڊائڻ لڳي ته دلڪش کي ان جو سبب سمجھه ۾ نه آيو. کيس اهو سبب تڏهن سمجھه ۾ آيو، جڏهن هو اڪيلي ڀٽ تان چهل قدمي ڪري، گھر واپس اچي رهيو هو. گھٽيءَ تي پهچي کيس محسوس ٿيو ته ياسمين، حڪيمه سان جھيڙو ڪري، گھٽ وڌ ڳالهائي رهي هئي. ياسمين جي نظر جڏهن دلڪش تي پيئي ته هوءَ زور زور سان روئي، مظلوميت جو اظهار ڪرڻ لڳي. حڪيمه هڪ لفظ به نه ڳالهايو، پر دلڪش محسوس ڪيو ته حڪيمه جي خاموشي ئي دردن جي ٻولي هئي، جنهن سڄي ڄمار کيس سورن جي ساٿ ۾، صدمه سهڻ لاءِ همٿايو هو! ياسمين کي ان ڳالهه وڌيڪ چڙ ڏياري ته حڪيمه خاموش ڇو هئي. هوءَ حڪيمه کي بيقابو ڪرڻ لاءِ هِتان هُتان جا مهڻا ۽ طعنا ڳوليندي رهي پر حڪيمه ڄڻ پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا، بلڪل ايئن جيئن ڪڏهن هوءَ پنهنجي مڙس قاسم اڳيان زبان کي ڏانوڻ ڏيئي، ڪوبه ڏوراپو ڏيئي نه سگھندي هئي! حڪيمه ۽ دلڪش جي ماٺ ۾ ياسمين کي مشترڪ مصلحت محسوس ٿي رهي هئي ۽ اها ئي ڳالهه کيس وڌيڪ جذباتي بڻائي رهي هئي. هن جھيڙي جو رخ، دلڪش ڏانهن موڙيندي چيو: ”تنهنجي لاءِ مٽ مائٽ ڇڏيم ۽ تون ماڻهين جو پاسو وٺي رهيو آهين. “ دلڪش بيزاريءَ مان کيس ياد ڏياريندي چيو: ”مون ته اڃان تائين ڪجھه به ناهي چيو! “ ياسمين تپي باهه ٿي پيئي، سخت لهجي ۾ چيائين:”اهو ئي ته ڏک آهي جو تو هيستائين پنهنجي ماءُ کي ڪجھه ناهي چيو. آئون ڌارئين آهيان، تڏهن توکي منهنجي ڏکي نه ٿي لڳي!“ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. گھر ۾ هلڪو ڦلڪو هنگامو برپا ٿي پيو. پاڙي وارا ڀتين تان ڪن ڏيڻ لڳا. ان وقت حڪيمه پنهنجي پوتي ياسمين جي پيرن تي اڇليندي منت ڪئي. ”ڌيئم! مون توکي ڪجھه ناهي چيو. مون توسان همدردي ڪندي رڳو اهو چيو ته ڌيءَ تون ڊاڪٽرياڻي آهين، ماني نه پچائي، متان توکي تڪليف پهچي. پر منهنجي ان ڳالهه کي ڦيرائي، تون الاءِ ڪڄاڙو چئي رهي آهي، پر پوءِ به اها ڳالهه توکي ڏکي لڳي آهي ته آئون معافي وٺان ٿي!“ حڪيمه جي معافيءَ، ياسمين کي وڌيڪ چيڙايو، ڇو ته حڪيمه جي معافي، دلڪش ۽ پاڙي وارن جي نظر ۾، ياسمين کي قصوروار ظاهر ڪري رهي هئي. هن حڪيمه کي ڇڙٻيندي وراڻيو: ”پنهنجي غليظ پوتي، منهنجن پيرن کان پري ڪر، آَئون اڇوت ڪولهڻ ته ناهيان، جنهن کي تون ماني پچائڻ نه ٿي ڏئين! مونکان ايتري نفرت اٿّو، پوءِ رشتو ڇو گھريو!“ پريان ويٺل جمال خان ڀڻڪيو: “پاڻ ڪولهي آهيون ۽ هي سيد آهن!! “ دلڪش کي جمال خان جو اهو جملو تلوار جيان لڳو، پر هن پاڻ تي ضبط ڪري ورتو. ياسمين دلڪش کي حڪم ڏيندي چيو: ”هينئر ئي ڪرائي جي گاڏي گھرائي ته شهر هلون. “
گاڏي آڻڻ لاءِ هڪ ڇوڪري کي موڪليندي، دلڪش کي حڪيمه جي تذليل آزميز معصوميت ۽ بيوس خاموشي عظمتن جو مينار ڀاسڻ لڳي!.
اسلام ڪوٽ ۾ مسواڙي جاءِ تي پهچڻ کانپوءِ ياسمين جو رويو جهٽ پٽ بدلجي ويو. هن دلڪش کان پيار مان پڇيو: ”چانهه ٺاهي اچان ؟ “ دلڪش ناراضگي مان وراڻيو: “نه مونکي ضرورت ناهي“ رات جي ماني لڳڻ وقت به دلڪش ساڳيو جواب ڏنو. ياسمين محسوس ڪيو ته دلڪش کانئس خفا هو، اهو پهريون دفعو هو، جو ياسمين ۽ دلڪش وچان روسامي جي ريکا ليٽي پيئي هُئي. فرق رڳو اهو هو جو ياسمين جي ناراضگيءَ ۾ انا ۽ ارڏائي جي آميزش اٽڪيل هئي، جڏهن ته دلڪش جي روسامي ۾، زيادتيءَ جي ذلت ۽ صدمي جي ساڻائي سمايل هُئي! هن سوچيو:”تذليل کانپوءِ حڪيمه جي دل تي ڇا گذري رهيو هوندو؟ برادريءَ مان نڪتل هجڻ جا ويڻ ٻڌي سندس گهر وارا ڇا سوچيندا هوندا؟ ياسمين جو هل هنگامو ٻڌڻ لاء، ڀتين تان جهاتيون پائيندڙ مخالف پاڙيوارن ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٺاهيون هونديون!؟ ۽ معاشري ۾ سندن اميج ڇا بيهندو!؟ کيس ياسمين ئي انهيءَ معاملي جي ذميوار محسوس ٿي. هن پاڻ کي پهريون ڀيرو ياسمين کان بنهه دُور بيٺل محسوس ڪيو!
رات جو بستري تي ليٽڻ کان اڳ ياسمين ڪمري جو بلب وسايو ۽ پنهنجي بستري تي ليٽي پيئي. سرد رات ۾، گرم بستري جي چلولن احساسن ۾، ڪجهه دير پاسا ورائڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي کٽ تان اٿي دلڪش جي بستري ۾اچي ليٽي. دلڪش ياسمين جي موجودگي تي ڪو به رد عمل نه ڏيکاريو. چند لمحن جي اوپري ماٺ کان پوءِ، ياسمين دلڪش جو هٿ کڻي پنهنجي چپن تائين آندو ۽ انکي بيخوديءَ مان چمڻ لڳي. هڪئي بستري ۾، ٻن جوانين جي رومانوي چرپر اڳيان، ڪابه مصنوئي رڪاوٽ گھڻو جٽاءُ ڪري ناهي سگھندي. ايئن ڪاوڙ جي ڪوٽ جون سرون، هڪ هڪ ٿي ڪرنديون رهيون. سرور جي پينگهه تي لڏندي، هنن کان سڀ ڪجهه وسري ويو، ناراضگي، صدمو ۽ پنهنجو پاڻ به !مدهوشيءَ جي موسم پڄاڻيءَ تي پهتي ته دلڪش باٿ روم ڏانهن هليو ويو. اتان موٽي واپس اچي ليٽيو ته کيس احساس ٿيو، ياسمين سان سندس ناراضگيءَ ۾ اڳوڻي شدت نه رهي هئي. جذبن جي بارش، هن جون سڀ ناراضگيون لوڙهي کڻي ويئي هئي. دلڪش سوچيو: ”فردن، قبيلن ۽ قومن وچان موجود نفرتن جا داغ ڌوئڻ لاءِ جنس کان وڌيڪ موثر ڪو صابڻ آهي ئي ڪون! پريمي جوڙا، قبيلائي نسلي، مذهبي ۽ ملڪي نفرتون، ياد رکي نه سگهندا آهن! کيس ياد آيو ته ماضيءَ ۾ ڪي ڪمزور حڪمران، طاقتور پاڙيسري حڪمرانن سان سنڱابندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جيئن سندن راڄواڙا ۽ رياستون محفوظ رهي سگهن. اهو عمل به جنس جي ڪرشماتي اثرن جو اعتراف هوندو هو!“
ايندڙ ڇهن مهينن تائين دلڪش ۽ ياسمين جي وچان محبتن جا موتي ورهابا رهيا. پيروئن جهڙي پيار، ٻنهين جي زندگين کي خوش ذائقه بڻائي رکيو هو. نه سندن اکيون، هڪٻئي کي ڏسڻ مان ٿڪبيو هيو، نه سندن چپن جو چمڻ مان ڍؤ ٿيندو هو، ۽ نه ئي ٻه وجود، هڪٻئي ۾ سمائجڻ جي خوشبودار خيالن مان خفا ٿيندا هئا! پر هڪ حقيقت دلڪش جي دل ۾ ڀڳل ڪنڊي جيان چڀندي رهي، سا هئي گڏ رهندڙ ياسمين جي رشتيدارن جا رؤيا! جمال خان دلڪش جو گهر ڌڻيءَ وارو حق تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ٻيو وري سندس فضول گفتگو، دلڪش جي ڪنن جا ڪيڙا بڻجي پيئي هُئي.
پهرن جا پهر، ها-هُون ڪندي جمال خان جو ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون هئس. جيڪو ڪجهه دلڪش ٻڌائڻ چاهيندو هو، اهو جمال خان جي سمجهه کان مٿاهون هو. جڏهن ته جمال خان جون وري وري ورجايل ڳالهيون، دلڪش کي بور بڻائينديون هُيون! سُهري جي احترام ۾ لڪائڻ باوجود دلڪش جي چهري تي اڪثر بيزاري ۽ بوريت جا تاثر اُڀري ايندا هُئا، پر جمال خان فطري طور چهرا شناسيءَ کان پاسيرو هو، جنهن ڪري دلڪش جي بيوسي ڪابه همدردي حاصل ڪري نه سگهي هئي. دلڪش سڄو ڏينهن پاڻ کي اڻٿانيئڪو محسوس ڪندو هو، ڇو ته بشير ۽ ڪبير، هر وقت ڪنهن نه ڪنهن بيسُرائيءَ ۾ مشغول هوندا هئا. ڪونه ڪو جهيڙو، ڪو نه ڪو انگل، ڪنهن پل دانهون، ڪنهن پل دهمان ۽ ڪڏهن وري ٽوڙڦوڙ! دلڪش پاڻ کي چڙيا گهر جي ڪنهن جانور جيان محسوس ڪري رهيو هو!
دلڪش ان انتظار ۾ سڀ ڪجهه سهندو رهيو ته نيٺ ياسمين کي هن جي اڻوڻت جو احساس ٿيندو ۽ هوءَ ئي ڪو تدارڪ ڪندي. پر ياسمين جي بيحسي کيس مايوس ڪندي رهي. هڪ ڀيري هن ياسمين اڳيان جمال خان ۽ ڇوڪرن جي طرز عمل تي احتجاج ڪندي چيو:”تنهنجو والد صاحب صبح کان شام تائين رڳو مون کي نصيحتون ٿو ڪري ۽ تنهنجن پٽن ته گهر کي گدو بندر ٺاهي ڇڏيو آهي. اهڙي ماحول ۾ چڱو ڀلو ماڻهو به بتال ٿي سگهي ٿو!“ ياسمين جو اکيون ٽانڊا ٿي پيون. غير متوازن لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”هان! منهنجي رشتيدارن کان توکي ايتري نفرت آهي، جو توکي ڏٺي به نٿا وڻن. ڇيڻي سان ڀتيون راڳيندڙ تنهنجي ماءُ کان توکي نفرت ڇو نه آهي؟! هتي تون ڏکيو آهين، باقي پنهنجي جهنگلي ڳوٺ ۾ خوش هئين، منهنجو نصيب ڦٽو جو توسان شادي ڪيئم. پر ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني! تون ته رڍون ٻڪريون چارڻ جي لائق هئين“ ياسمين اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. دلڪش خاموش ٿي ويو. کيس اُلڪو ٿيو ته جنهن واليوم سان ياسمين ڳالهائي رهي هئي، اهو آواز آسپاس جي گهرن تائين پهچي سگهيو ٿي. هن نه ٿي چاهيو ته سندس گهريلو معاملا ٻين اڳيان تماشو بڻجن.
ان ننڍڙي جهڙپ کانپوءِ ياسمين جي شخصيت ۾، اڻ- سيبائيندڙ عنصر وڌيڪ چٽائيءَ سان واضح ٿيڻ لڳا. دلڪش جي هر هدايت، هن کي گار جيان لڳندي هئي. رشتيدارن جي ڪنهن به خاميءَ متعلق هوءَ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي. معمولي ڳالهين ۽ واقعن کي، هوءَ وڏي جهيڙي ۾ بدلائي ڇڏيندي هئي. جهيڙاڪ ڪيفيت ۾، هوءَ دلڪش جي رشتيدارن متعلق خود ساخته عيب جوئي ڪرڻ لڳندي هئي. اهو موضوع هن لاءِ ايترو ته پسنديده بڻجي پيو هو، جو هر موضوع کي ان سان ملائي ڇڏيندي هئي! اهڙن موقعن تي دلڪش، اڪثر خاموش رهندو هو، ڇو ته هن جي هڪ جملي جو حساب برابر ڪرڻ لاءِ ياسمين وڌيڪ ويهه زهريلا جملا ايترو زور سان ڳالهائيندي هئي، جيئن پاڙيسري به ٻُڌن ۽ دلڪش جي به دل آزاري ٿئي. کيس خبر هئي ته دلڪش گهريلو جهيڙا ٻين کي ٻڌائڻ کان لنوائي ٿو، ان ڪري اها بليڪ ميلنگ سندس مؤثر هٿيار بڻجي پيو!
دلڪش جي ڪيترن ئي ڏينهن جو سڪون برباد ٿي پيو. پر هن سوچيو: ”ياسمين جي حمل جا آخري مهينا آهن، حمل جي آخري ٽماهيءَ ۾ ڪيترن ئي عورتن کي چڙچڙاهٽ ٿيندي آهي. ڊليوريءَ کانپوءِ ياسمين جو رؤيو نارمل ٿي ويندو. “ پر ڊليوريءَ کانپوءِ به ياسمين جو رؤيو نارمل ٿي نه سگهيو. البته دلڪش کي هڪ وندر ملي ويئي. هو اڪثر ننڍڙي چانڊوڪيءَ کي راند ڪرائيندو هو. هوءَ تيزي سان وڌي رهي هئي ۽ ايتري ئي تيزيءَ سان سندس پيار به دلڪش جي دل ۾ وڏو ٿي رهيو هو!.
ياسمين پرائيويٽ اسپتال تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. دلڪش به مطئمن هو ته ياسمين تان ڪم جو بار هلڪو ٿئي ۽ هوءَ سڪون سان چانڊوڪيءَ جي سارسنڀال لهندي رهي. گهريلو خرچ پورا ڪرڻ لاءِ، دلڪش ڳوٺاڻي زمين ۽ چوپائي مال مان پورائي ڪندو هو. ڳوٺ ۾ رهندڙ گهروارن ذرو به احتجاج نه ڪيو، ڇو ته اهي دلڪش کي بنهه گهڻو ڀائيندا هئا ۽ هو گهريلو معاملن ۾ شروع کان ئي وس وارو هو.
ياسمين، دلڪش جي رشتيدارن سان گهڻو تڻو ميل جول گهٽائي ڇڏيو هو. ڪڏهن چنڊ چانڊوڻي دلڪش سان گڏ ڳوٺ ويندي هئي ته رات رهي واپس موٽندي هُئي ۽ پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اهو احسان جتائيندي رهندي هئي، تبسم شهر ايندو هو ته ڀاءُ، ڀاڄائيءَ سان ملي ويندو هو. دلڪش اڪيلو ڳوٺ ويندو هو ته ٻئي ڏينهن ياسمين گاڏي موڪلي کيس گھرائي وٺندي هئي. هر دفعي ڪونه ڪو بهانو گھڙيل هوندو هو ”چانڊوڪي کي بخار آهي، تون ڳوٺ ويٺو آهين. منهنجو ته ناهين، پر اولاد جو ته ٿي!“ دلڪش ۽ حڪيمه جڏهن گڏجندا هئا ته حڪيمه جي اکين مان ٻه ٽي لڙڪ لڙي پوندا هئا. ٻن خاموش لڙڪن کانسواءِ، حڪيمه ڪجھه به ڪين ڳالهائيندي هئي. دلڪش به ياسمين جو موضوع ڇيڙڻ کان پاسو ڪندو هو. ٻنهين کي هڪٻئي جي مجبورين جي خبر هئي ۽ حالتن جي ان جبر کي ڄڻ سڀني قبول ڪري ورتو هو!.
دلڪش هڪ ٻه دفعا ملازمت لاءِ به اپلاءِ ڪيو پر ياسمين هر دفعي اهو چئي کيس انٽرويو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو ته ”تون ڏوراهين ماڳ نوڪري ڪندين ته مون وٽ ڪير رهندو؟“ ياسمين جي شخصيت ۾ حسد ۽ ملڪيت پسنديءَ جا آثار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا هئا. دلڪش محسوس ڪري رهيو هو ته ياسمين کي سهڻين عورتن کان الرجي هئي. نه رڳو ڪنهن سهڻي عورت سان دلڪش جو ڳالهائڻ کيس هضم ٿي نه سگھندو هو، بلڪه سهڻين عورتن جي مرد رشتيدارن سان دلڪش جي واسطن کي ٽوڙڻ لاءِ هوءَ انهن کي برو ڀلو چئي جھيڙا ڪندي هئي!
جھڳڙالي ڪيفيت ۾، هوءَ اڪثر ايبنارمل ٿي پوندي هئي. شديد جنون ۾ ڪنهن به ضابطي جي پرواهه ڪرڻ بنا، اجايو وڦلڻ لڳندي هئي. اهڙن موقعن تي دلڪش، هن سان وات اٽڪائڻ بدران ٽي_وي جو آواز وڌائي ڇڏيندو هو. يا وري ڪجھه دير لاءِ ٻاهر هليو ويندو هو. پر ياسمين پوءِ به زبان کي لغام نه ڏيندي هئي. ماٺ تڏهن ڪندي هئي، جڏهن سندس ابتيون سبتيون ڳالهيون، آسپاس جي ڪيترن ئي ماڻهن تائين پهچنديون هيون ۽ پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين دلڪش کي، ماڻهن جي شڪي نگاهن ۽ چڀندڙ سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو هو!
دلڪش زندگيءَ ۾، ڪيترن ئي عورتن کي ڪاوڙ ۾ ايبنارمل ٿيندي ڏٺو هو. پر تڏهن هن، ان فعل کي اڻپڙهيل عورتن جي جاهلاڻي روش سمجھيو هو. پر ياسمين کي ساڳي حالت ۾ ڏسڻ کانپوءِ، هن کي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل جي تخصيص بيمعنيٰ لڳي. هن سوچيو ”ارتقا جي ڊگھي سفر ۾، مردن جي نسبت، عورتن جي ذهن کي، نشونما جا موقعا گھٽ مليا آهن. گھريلو مصروفيتن ۽ پردهه پوشيءَ ۾، سندن جسماني، شعوري ۽ لڪيل صلاحيتن کي اجاگر ٿيڻ لاءِ خارجي محرڪ نسبتن گھٽ ملي سگھيا آهن. ڊگهو جينياتي پنڌ ڪري ايندڙ اثر، اڪثر عورتن جي قول ۽ عمل ۾ ڏسي سگھجن ٿا!“ هو پنهنجي ساءِ مرڪي پيو. هن سوچيو ”منهنجا هي خيال عورتن سان همدردي ڪندڙ فردن تائين پهتا ته دقيانوسي، جاهل ۽ ٻيا الاءِ ڪهڙا القاب ملندم! پر منهنجا خيال، منهنجي ذهن ۾ آهن ۽ ذهن ۾ جھاتي پائڻ واري ڪل اڃان ايجاد ئي ناهي ٿي!“ پنهنجي ئي سوچ تي پاڻ وري کلي پيو. هن وري سوچيو: ”ٿي سگھي ٿو منهنجي سوچ غلط هجي. پر اهو پئمانو ٻين تي به لاڳو ٿي سگھي ٿو. هونئن به غير جانبداري ڪٿي آهي؟! هر انساني قول ۽ عمل کي، غير حقيقي گمانن ۽ ذاتي پسند کان پاسيرو رکڻ بنهه مشڪل عمل آهي! البته غير جانبداريءَ کي سطحن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، جنهن ۾ جيترو سڌارو ٿيو هوندو، اهو اوترو ئي غير جانبدار هوندو!“ هن هڪ نهار آسمان تي وڌي ۽ وري سوچيو: ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪي انساني جٿا ۽ طبقا، ڪن خاص حالتن جي اثر هيٺ هوندا آهن، جنهن ڪري اتان جي اڪثريت هڪجھڙن طور طريقن جو شڪار رهندي آهي. پر مجموعي طور تي خامين ۽ خوبين جي ڪٿ ڪرڻ، ناانصافي آهي، ظالم کان مظلوم، سچي کان ڪوڙي ۽ باوفا کان بيوفا تائين، انساني ڪردار جا انيڪ رنگ، انفرادي فعل هوندا آهن! عورتن جي حقن جا دهل وڄائڻ وارن کي، هر عورت مظلوم ۽ هر مرد ظالم نظر ايندو آهي. وڏيرن ۽ پوليس وارن تي تنقيد ڪرڻ وارن کان چڱا مڙس ۽ فرض شناس پوليس وارا وسري ويندا آهن. آمريت کان نفرت ڪرڻ وارن کي هر آمر شيطان ۽ هر جمهوري اڳواڻ فرشتو لڳندو آهي. جڏهن ته انفرادي عمل جي حد تائين ساڳيو تصور ابتو به ٿي سگھي ٿو! ورهاڱي ۾ يا پوءِ، سنڌ مان لڏي ويندڙ ديس واسين جي رومانس ۾، جڏهن اسين لکڻ ويهندا آهيون ته، غير جانبداريءَ جي تقاضا اها آهي جو، اسين پنهنجو پاڻ کان اهو به پڇون ته، ورهاڱي وقت سنڌ ۾ پنجاب جھڙا خوني فساد نه هئا، پوءِ به لڏيندڙن کي ڌرتيءَ جي سڪ بدران مذهبي ڇڪ ڇو ڇڪي ويئي؟! اهي سويچار ساڻيهه واسي، ساڳي قوم جي ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙن سان، سنڌي ريتن رسمن موجب شادي غمي ٻارن ٻچن سميت اچ وڃ وارو واسطو رکڻ بدران، مذهبي بنياد تي پنهنجين برادرين تائين ڇو محدود ٿي ويا؟ ڪاروباري استحصال کان ويندي، هڪجھڙن اڇوت سنڌين لاءِ الڳ برتن مخصوص ڪرڻ تائين، انيڪ شڪايتون ٿي سگھن ٿيون؟ هڪ شڪايت اها به ڪري سگھجي ٿي ته اڄڪلهه ته ورهاڱي جھڙيون حالتون ناهن، پوءِ ڀلا ساڳي لڏپلاڻ جو سلسلو ايڪڙ ٻيڪڙ ڇو جاري آهي؟ پاڙيسري ملڪ ڏانهن لڏيندڙ انهن برادرين مان ڪا ڇوڪري ٻئي مذهب جي سنڌي نوجوان سان پيار پرڻو ڪندي آهي ته، سڄي ڪميونٽي اٿي پوندي آهي ۽ لڏي وڃڻ جي ڳالهه ياد ڏياري ويندي آهي. ڇا پاڙيسري ملڪ ۾ پسند جي پرڻي تي بندش آهي؟!. ڇا اسين لبرل ۽ سيڪيولر ٿي مذهبي ۽ سماجي باقيات کان سردست ڪيئن ٿا منهن موڙي سگهون!؟ خودساخته اجتمائي ذهني تصورن ۾، اسين جذيات جا فرق وساري ويهندا آهيون. جبري طور مذهبي تبديليءَ تي ”ڳالهائڻ“، جڏهن آسپاس حاوي ٿي پوندو آهي ته، پيار پرڻي جي حق لاءِ رياستي قانون جو سهارو وٺڻ خاطر، مذهب کي ڍال بنائيندڙ جو آواز دٻجي پوندو آهي. سڪن سان گڏ ساوا سڙي ويندا آهيون. مرحومن کي فرشتو، وڏيرن آمرن کي شيطان، ڪرپٽ سياستدانن کي جمهوريت جو حسن ۽ پرڏيهه لڏي ويندڙن کي مظلوم سمجهندا آهيون، تڏهن اسين سندن ڪردار جي خامين خوبين سان حقيقي انصاف ڪري نه سگهندا آهيون. سماج ۾ اقليت تي اڪثريت ظلم ڪندي آهي، پر اقليت جي حق ۾ بنا جزئيات ڳالهائيندي، اسين اقليت منجھه موجود، ٻي ”اقليت“ سان ظلم ڪري ويهندا آهيون، ڪٿي به کين نمائندگيءَ جو حق ملي ناهي سگهندو آهي! “. اوچتو سندس سوچ، پٿرن جي بارش ۾ بيهي رهي. هڪ مختلف خيال، هن جو ڌيان ڇڪايو: ”آئون هر سوچ ۽ عمل کي انفرادي فعل سڏي رهيو آهيان ته پوءِ ڪي ڳالهيون، ڪن طبقن ۽ برادرين سان منسوب ڇو ڪري رهيو آهيان؟ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ وارن جو به هڪ حلقو آهي، وڏيرن خلاف لکڻ وارا به ججها آهن. سنڌ مان لڏڻ وارن جو تعداد به گهڻو آهي. انهن سڀني لاءِ منهنجي سوچ ساڳي ڇو آهي؟!“ هن پنهنجو پاڻ کي رد ڪري ڇڏيو. ڪجهه دير اڳ سوچيل ڳالهيون کيس غلط محسوس ٿيون. هن ٻئي هٿ مٿي رکي ڇڏيا. شاديءَ کان پوءِ اهو پهريون موقعو هو جو، هن ڪنهن موضوع تي ايترو گهرائيءَ سان سوچيو هو. هن کي خيال آيو: ”ٿي سگهي ٿو ياسمين جي زيادتين منهنجي لاشعور ۾ نفرت ڪٺو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو زهر منهنجن خيالن ۾ اوتجي آيو آهي. “ هن پنهنجو پاڻ کان پڇيو:”ياسمين ۽ منهنجي معاملي ۾ به آئون ڌر آهيان، ڇا آئون ياسمين کي غلط ثابت ڪرڻ جو حق رکان ٿو!؟“ هن کي چڪر اچڻ لڳا. سندس ذهن ۾ متضاد خيال جي جنگ ڇڙي پئي. ڪيئي خيال ايندا رهيا، ڪيئي مرندا رهيا ۽ ڪيئي دليل جي رد ۾ زخمي ٿيندا رهيا. خيالن جي هن افراتفري ۾، هن جو ذهن سُنڍ ٿيڻ لڳو. هن خيالن کان فرار ٿيڻ چاهيو، پر خيالن جا ولر سندس ڪڍ لڳا آيا، هن سوچيو:”هي عجيب خيالن جي ڇڪتاڻ، مونکي بتال ڪري وجهندي!“. هٿياربند خيالن کان بچڻ لاءِ هن کي مخمور بستري جي شديد گهُرج محسوس ٿي.
***

دلڪش ۽ ياسمين جي شاديءَ کي پنج سال گذري چڪا هئا. پنجن سالن جو اهو عرصو، روز جي جهيڙن ۽ تلخين سان ڀرپور رهيو هو. ياسمين جي رشتيدارن جون مداخلتون، ويراوير وڌي رهيون هيون. طلاق کانپوءِ ياسمين سان ناراض رهندڙ سندس رشتيدارن جو ميل جول، وري بحال ٿي پيو هو ۽ ايئن دلڪش جي دل آزاريءَ جا اسباب به اڻکٽ ٿي پيا هئا. چانڊوڪيءَ کانپوءِ ياسمين ۽ دلڪش جي جهوليءَ ۾ ننڍڙي برکا آئي هئي. اهي ٻئي نينگريون دلڪش جي واحد وندر هيون. برکا ته اڃا کير پياڪ ۽ ماءُ جي جهوليءَ ۾هئي پر چانڊوڪيءَ جو سڄو وقت دلڪش سان گڏ گذرندو هو. ماءُ ۽ پيءُ وچان ”هلندڙ سرد جنگ“ کي هوءَ سمجهي نه سگهندي هئي. ڪڏهن ماءُ، ته ڪڏهن پيءُ جي جهوليءَ ۾، سندس معصوم خوشين جي ورکا ٿيندي رهندي هئي.
دلڪش لاءِ گهر جون ديوارون، بوريت ۽ بيسرائيءَ جو بار بڻجي پيون هيون. ياسيمن سان هن جي خيالن جي ڏي وٺ جڏهن به ٿيندي هئي ته، هلڪي ڦُلڪي جهڙپ يا تلخ رسامي تي منتج ٿيندي هئي. ڪنهن به خاص موضوع تي ڳالهائڻ کان اڳ ۾، ياسمين جو اڳواٽ مائينڊ سيٽ جوڙيل هوندو هو ۽ هوءَ هروڀرو دلڪش سان اختلاف ڪندي هئي. ايئن ڪرڻ سان هوءَ لاشعوري طور، پنهنجي مائٽن جي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جا جتن ڪرڻ سان گڏ، دلڪش کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي!
جمال خان، ڪبير، بشير ۽ ياسمين، اڪثر هڪٻئي سان ڪچهري ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن دُور کان ايندڙ ڪو مٽ مائٽ ايندو هو ته سندن موضوع ڊگها ٿي پوندا هئا. دلڪش اهڙن موقعن تي اڪثرانهن کان پري ٿي پوندو هو. گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو رهندو هو يا وري ٽي وي کولي ڏسڻ ويهي رهندو هو. پر ٽي وي ڏسڻ دوران به، گهر وارن سان سندس پسند جو تضاد آڏو ايندو هو. دلڪش نيوز، بحث مباحثا ۽ ڊاڪيومينٽري پروگرام ڏسڻ کي ترجيح ڏيندو هو، جڏهن ته باقي گهر وارن کي ڊراما ۽ فلمون ڏسڻ جو جنون هو. انهن کي ٻي ڪنهن به پراوگرام سان ذرو به دلچسپي نه هوندي هئي. ان ڪري اڪثريتي راءِ جو احترام ڪندي، دلڪش کي پنهنجي پسند کي ذبح ڪرڻو پوندو هو!
هڪ شام دلڪش الڳ ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو ته، سندس ڀرسان هڪ ٻار اچي بيٺو دلڪش ڪنڌ ورائي ٻار ڏانهن ڏٺو. جيڪو اسڪولي ڊريس ۾ بنهه پيارڙو لڳي رهيو هو. دلڪش جون اکيون حيرت مان ٻار تي اٽڪي پيون. جنهن جي چهري تي هرڻيءَ جهڙي معصوم مسڪراهٽ ڇال ڏيئي رهي هئي. پر ٻي لمحي هو دلڪش لاءِ اوپرو نه رهيو هو. اهو ئي ساڳي ڏونگريو هو، جنهن کي دلڪش سيٺ جي کڏيءَ تان ڇڏائي اسڪول داخل ڪرايو هو، جنهن لاءِ هو خرچ پکي جا پئسا لڪ ڇپ ۾ سونيءَ کي ڏيندورهندو هو. ڳپل وقت کان پوءِ ڏونگريي کي ڏسندي دلڪش جي اکين کي ان ڪري يقين نه آيو هو جو، کڏيءَ جو ڪم ڇڏڻ ۽ اسڪول ۾ پڙهڻ سبب، ڏونگريي جي رنگت ۽ جسامت ۾ زبردست نکار آيو هو!
دلڪش ڪتاب هڪ طرف رکي ڏونگريي کي ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيو ۽ پوءِ پڇيو: “تنهنجي پڙهائي ڪيئن پيئي هلي ڏونگر ؟“ ڏونگر احسان مندي مان وراڻيو: ”اوهانجي مهرباني جو کڏيءَ جي ڪم مان جان ڇٽي، هينئر چوٿون درجو پاس ڪري پنجين ڪلاس ۾ آيو آهيان “
دلڪش کيس شاباش ڏيندي چيو: ”واه واهه! ايئن محنت، جستجو ۽ شوق سان پڙهائي جاري رک، شال سدائين پهريون نمبر ماڻين !“
ڏونگريي خوشي مان چيو: ”گذريل سال ۽ هن سال، امتحان ۾ آئون پهريون نمبر رهيو آهيان. . . . . . . . . . . . . . . “ دلڪش 50 جو نوٽ کيسي مان ڪڍي، انعام طور ڏونگريي کي ڏيندي چيو: ”هي تنهنجو انعام. . . . . . . . شاباش ! “
اوچتو ڏونگريي جي چهري تي مايوسي پکڙجي پيئي: چيائين : ”امتحان ۾ پهريون نمبر ته آئون ايندو آهيان، پر اسانجو ڪلاس ٽيچر، پنهنجي رشتيدار ڇوڪري کي مانيٽر ٺاهي ڇڏيندو آهي، ائين ڇو آهي؟ “
دلڪش وٽ ڏونگريي جي سوال جو ڪو به جواب نه هو!
ڏونگريي چيو: ”مانيٽر مونسان نه ٺهندو آهي، ٻئي ٽئي ڏينهن، ڪوڙيون چُغليون هڻي، استادن کان موچڙا کارائيندو آهي“
ڪجهه لمحن جي اداس ڪندڙ ماٺ کانپوءِ، ڏونگريو وري ڳالهاڻو: ”ڪلاس ۾ جڏهن ڪو استاد موجود ناهي هوندو ته، ڪي شرارتي ڇوڪرا گوڙ ڪندا آهن، پر استاد ان گوڙ جي سزا سڀني شاگردن کي ڏيندا آهن. ڪي شاگرد لٺين کائڻ ۽ بيعزتي ڪرائڻ تي هريل آهن، پر بيگناهه مليل اها سزا مون کي ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي! ايئن ڇو آهي جو چند ڇوڪرن جي شرارت جي سزا سڀني کي ملي ٿي ؟ “
دلڪش ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان وراڻيو: “اهو ئي ته الميو آهي جو اسان وٽ ڀليءَ لاءِ اشارو ۽ ڊڊِيءَ لاءَ لڪڻ واري سماجي چوڻيءَ تي عمل نه ٿو ٿئي، تڏهن ئي ته سُڪن سان گڏ ساوا سڙندا آهن !“
ڏونگريي ڪجهه سوچيندي چيو: ”ڪجهه ڏينهن اڳ شهر جي ڀنگين جڏهن ٻهارا ڇڏي هڙتال ڪئي هئي ته استادن اسڪول جو ڪاڪوس صاف ڪرڻ لاءِ مونکي ئي چونڊيو هو، ڇو ته مين پرائمري اسڪول ۾ آئون ئي اڪيلو اڇوت ڇوڪرو هئس، ايئن ڇو ٿيو؟“ دلڪش پاڻ کي لاجواب سوالن جي خاردار تارن ۾ وچڙيل محسوس ڪيو. ڏونگريو وري ڳالهاڻو: ”ڪجهه ڏينهن اڳ اسانجي اسڪول ۾ حب الوطنيءَ جي موضوع تي تقريري مقابلو ٿيو هو، استادن ٻين وڻندڙ شاگردن کي تقريرون ته لکي ڏنيون، پر هرهر عرض ڪرڻ کانپوءِ به مونکي تقرير لکجي نه ملي. نيٺ مون هڪ پراڻي اخبار مان هڪ نظم چونڊيو، جنهن جو عنوان هو: ”ڌرتي تو تي سيس نمايان، مٽي ماٿي لايان!“ اهو نظم جڏهن مون استادن اڳيان ڳايو ته هيڊ ماستر مونکي ٻه لڪڻ هڻي اهو چيو ته باغي شاعري ڳائڻ ڏوهه آهي“
دلڪش ڪنڊيدار خاموشي ۾ ويڙهجي پيو.
ڏونگريو وري ڳالهاڻو: ”ٻه لٺيون لڳڻ کانپوءِ به تقريري مقابلي ۾ حصو وٺڻ وارو منهنجو شوق ماٺو ٿي نه سگهيو. نيٺ مون پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪري کان تقرير اڌاري کنئي، جنهن ٻڌايو ته اها تقرير اوهان کيس گهڻو اڳ لکي ڏني هئي“
دلڪش کي ياد آيو ته گهڻو اڳ هن جي هڪ ڳوٺائي ڇوڪري آزاديءَ جي ڏينهن تي هن کان لکائي هئي، جنهن هاءِ اسڪول ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو هو، دلڪش تجسس مان پڇيو: ”پوءِ ڇا ٿيو“
ڏونگر وراڻيو: ”مون ان ڇوڪري اڳيان اڌ ڪلاڪ ۾ اها تقرير برزبان ياد ڪري ورتي ۽ پوءِ تقريري مقابلي ۾ بنا سڏڻ جي اسٽيج تي پهچي ويئس، ڪمپيئرنگ ڪندڙ استاد مونکي دڙڪو ڏيئي واپس موٽايو پر اسٽيج تي ويٺل هڪ معزز مهمان مونکي مائيڪ تي تقرير ڪرڻ جي موڪل وٺي ڏني. مون تقرير ڪئي ته اتي موجود ڪجهه ماڻهن تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي پر اها خوشي ان وقت ڏک ۾ بدلجي ويئي، جڏهن اسڪول جي استادن پوزيشن کڻندڙ شاگردن جي نالن جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ منهنجو نالو شامل نه هو. هڪ مهمان وڏي واڪ منهنجي تقرير جي باري ۾ پڇيو ته استادن اها ورندي ڏني ته ڏونگر جي تقرير ڪاليج ليول جي هئي، ان ڪري ان کي مقابلي م شامل رکي نه ٿو سگهجي“ ڏونگريو خاموش ٿي ويو. دلڪش جي دل مان دردن جا دونهن نڪرڻ لڳا. مختصر خاموشيءَ کان پوءِ ڏونگري معصوميت مان پڇيو: “ٻئي ڏينهن آئون اسڪول ويئس ته استاد بنا سڏڻ جي اسٽيج تي چڙهڻ جي ڏوهه ۾ مونکي ڪڪڙ ٺاهي سزا ڏني. ڇا تقرير ڪرڻ به ڏوهه آهي؟!“ دلڪش جي چپن تي بليڊ جي ڌار جهڙا لفظ مڙي آيا.
”ناانصافي! ناانصافي! هتي بدبودار جمود ڇانئيل آهي. زندگي بيسُرن پئمانن جي منحوس دلدل ۾ ڦاسي پيئي آهي. توازن وڃائي ويٺل معاشري ۾، انصاف جو چهرو ڏيکاريندڙ آئينو آهي ئي ڪونه! مخصوص هٿن جي ميراث بڻيل اختيارن، انساني حقن کي اونڌي منهن سمهاري ڇڏيو آهي. “. ڏونگر وري ڳالهاڻو:”استاد ڪاپيون لکائڻ کي جيترو ضروري سمجهندا آهن، اوترو ياد ڪرائڻ ۽ سمجهائڻ تي زور نٿا رکن. ڪاپيون لکڻ ۾ ئي ڏينهن گذريو وڃي، مطالعي لاء وقت ڪٿان اچي؟ ڊگها ۽ ورجائل ڪورس ڀلاڀلي!“
دلڪش پنهنجي ساءِ چيو: ”اسان وٽ هر ڪم ڪاغذن ۾ ٿيندو آهي، سڀ ڪجهه ريڪارڊ ۾ ڏيکارڻ لاءِ هجي ٿو!ان جو معروضي اثر ڀل نه هجي. ڏونگريا! هو چاهين ٿا ته تون سوچڻ، سمجھڻ ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم هجين. انهن جھڙو ٿي، بيمقصد ڳالهائين. بڪواس ٻڌين ۽ انسانيت کي ايذائيندڙ عملن سان دنيا کي لُڙ بڻائين. پر مونکي يقين آهي ڏونگريا ته تون، ان رهزن ۽ الٽي آڻيندڙ تماشي جو حصو نه بڻبين! تون منفرد آهين ۽ منفرد رهندين، پر مونکي ڊپ اهو آهي ته هي معاشرو، توکي سولائي سان جيئڻ ڪونه ڏيندو. هتي هر دؤر ۾ ڳالهائيندڙ زبانن کي ڪپيو ويو آهي. ٻڌندڙ ڪنن ۾ تتل شيهو ڀريو ويو آهي، ۽ سوچيندڙ دماغن جو ميڄالو، کوپڙين کان ڌار ڪيو ويو آهي. . . . . . . . !“ لفظ دلڪش جو ساٿ ڇڏڻ لڳا. هن جي زبان وچڙڻ لڳي. هن جا ڪپڙا پگھر ۾ آلا ٿي پيا. هن ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيا. ڏکاري ڪيفيت ۾، هو اڪثر ايئن ئي ڪندو هو. ڏونگريي کي خوف ۽ پشيماني محسوس ٿي. هن ماحول جي گرمائش گھٽائڻ لاءِ دلڪش جو رکيل ڪتاب، هٿ ۾ کڻي موضوع بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ”هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟“ ڏونگريي دلڪش جي جواب جو انتظار ڪرڻ بنا ئي، ڪتاب جي ٽائيٽل جا لفظ اچاريا ”وحشي جيوت جا نشان“ ڪجھه دير سوچڻ کانپوءِ، هن حيرت مان دلڪش کان پڇيو:”وحشي جيوت جا نشان ڪهڙا هوندا آهن؟“
دلڪش مٺيون ڀڪوڙي، هيٺيون چپ ڏندن وچان ڏيئي، سوچ ۾ پئجي ويو. سوچ جي ٽٻيءَ مان اٿندي، چيائين: ”جتي زنگجي پيل ضميرن، بي پرک ذهنن ۽ سازشي سوچن جي اڪثريت هوندي آهي، اتي اهي نشان گهڻا هوندا آهن، اتي ٻوڙا ٻڌندا آهن، انڌا ڏسندا آهن ۽ منڊا ڊوڙڻ جي مقابلن جا چيمپيئن ٿي پوندا آهن!“
دلڪش کي وري سنجيدهه ٿيندي ڏسي، ڏونگريي موضوع مٽايو.
”توهان هي ڪتاب مونکي ڏيو، آئون پڙهي واپس ڏيئي ويندس“
دلڪش پيار ۽ پاٻوهه مان وراڻيو: ”اها ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي، ڀل کڻي وڃ پر پڙهجان ڌيان سان!“
ان ئي لمحي ياسمين ڪمري ۾ داخل ٿي. ڏونگريي تي نظر پيئس ته چهري ۾ گھنڊ وجھي، دلڪش کي چيائين:”تون ٻاهر ته رول ڇورن سان ڪچهريون ڪندو آهين، مونکي خبر آهي پر اهي رهاڻيون نيٺ گھر تائين پهچي وينديون، گھٽ ۾گھٽ اها اميد نه هئم!“
دلڪش ڏونگريي ڏانهن نهاريو. جنهن جي چهري تي اداسيءَ جي چادر وڇائجي رهي هئي. ڏونگريو ڪتاب کڻي، دروازي کان ٻاهر وڃڻ لڳو. ياسمين ڇڙٻيلو سڏ ڪندي پڇيو: ”ڇورا ڪتاب ڪيڏانهن کڻي ٿو وڃين؟“ دلڪش چيو: ”ڀل کڻي وڃي مون ڏنو آهي“. ياسمين تپي باهه ٿي پيئي، ڪروڌ مان چيائين: ”متان ڇڏين گھر ۾ڪا شيءُ! ڇورا ڇڏ ڪتاب!“ دلڪش جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي پيو. ڪاوڙ مان چيائين: ”تون ۽ تنهنجا رشتيدار، ڀلجي به ڪڏهن ڪو ڪتاب نٿا پڙهو، ٻين کي پڙهڻ ڇو نٿا ڏيو؟“ دلڪش جو ڳالهائڻ، ياسمين لاءِ باهه تي تيل جي ڇنڊي جيئن ڀنڀٽ بڻجڻ جو سبب ثابت ٿيو. هن وک وڌائي، چماٽ هڻي، ڏونگريي کان ڪتاب ڦري ورتو، جيڪو بيٺڪ جي دروازي مان رفو چڪر ٿي ويو. ياسمين زهريلن لفظن سان دلڪش جا ڇوڏا لاهڻ لڳي. دلڪش جو ضبط به ٽٽڻ لڳو. هن به زوردار چماٽ کيس وهائي ڪڍي. ياسمين ڳاڙهي ٿيل ڳل تي هٿ رکي، زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳي. چانڊوڪي ۽ برکا روئڻ لڳيون، ڪبير ۽ بشير گھر ۾ موجود نه هئا. جمال خان به پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ميرپورخاص ويل هو. ياسمين جون دانهون ٻڌي پاڙيوارا به ڀتين تان جھاتيون پائڻ لڳا. ياسمين جي رڙين ۾ تکا طعنا، اڳرا لفظ به اوتجڻ لڳا. دلڪش کي ڪاوڙ ۽ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. هو گھر کان ٻاهر وڃڻ لڳو. دروازي تي پهتو ته روئندڙ چانڊوڪيءَ ڊوڙي اچي کيس ٽنگن ۾ ڀاڪر پاتا. هن روئندڙ چانڊوڪيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري هنج تي کڻي ورتو ۽ دروازي کان ٻاهر نڪري آيو. دروازي جي ٻاهران هن جي اڳيان هڪ سوال، واسينگ جيان ڦڻ کڻي بيهه رهيو. ”ڪيڏانهن؟!“ جنهن جو هن وٽ ڪو به جواب نه هو. هو ساڄي طرف واري سوڙهي گھٽيءَ ڏانهن مڙيو، سامهون دروازي تي بيٺل حسين عورت، چهري تان گونگھٽ هٽائيندي، هن کان پڇيو: ”تنهنجي زال توسان روز جھيڙو ڇو ڪندي آهي؟“. گلابي چپن تان ترڪيل، ان سوال جي جواب ۾ هن پاڻ کي گونگو محسوس ڪيو! سهڻي عورت هن کي خاموش ڏسي، شرارتي مرڪ سان چيو: ”مونکي توسان همدردي آهي“ عورت جي هن جملي ۾ چنچل ادا، نيڻن جي پنهنجائپ، روح جي چُغلي ۽ لهجي جي نغمگيءَ سان گڏ، هجتي چرچي جو چهچٽو به شامل هو. جنهن وقتي طور ئي سهي، دلڪش جي دل جا سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيا! دلڪش هجت مان وراڻيو: ”هينئر سچ پچ تنهنجي همدرديءَ جي ضرورت اٿم“ خوبصورت عورت نخريلي مرڪ سان پڇيو: ”اڳي ڇو نه، هينئر ڇو؟“ دلڪش ڪجھه سوچيندي وراڻيو: ”تون ياسمين سان ملڻ اسان جي گھر ايندي رهي آهين، پر ياسمين جي موجودگيءَ سبب، مون توسان ڪڏهن به ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، مگر الائي ڇو تنهنجو وجود مون لاءِ پرڪشش تجسس بڻجي پيو آهي. ته سچ پڇين سپنا ٽيوب لائيٽ جيان چمڪندڙ تنهنجن پيرن تي اڏندڙ نظر پيئي ته اندازو لڳايو هئم، گونگهٽ ۾ تنهجو چهرو، کنوڻ جي اُهاءُ جھڙو هوندو! تنهنجين ڪڻڪ رنگين ٻانهن تي هوائي نگاهه اٽڪي هئي ته انومان ٿيو ته تنهنجو چهرو انڊلٺ جي رنگن جو مرڪب هوندو! پر اڄ پهريون دفعو جڏهن گهونگھٽ هٽيل تنهنجو چهرو ڏسڻ جو موقعو مليو اٿم، ته سوچيان ٿو آسمان جي چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي چنڊ ۾ ڪيتري نه مشاهبت آهي!“ پهريو ڀيرو شرميلي تاثر ۾ وروڪجي پيل عورت چيو: ”آئون ايتري سهڻي ناهيان، تون هرو ڀرو وڌاءُ ڪري رهيو آهين“. دلڪش چيو: “اسان وٽ لفظن جو ايترو ته غير موزون استعمال ٿيو آهي، جو هاڻ ڪنهن کي به لفظن تي اعتبار ناهي رهيو. پر حقيقت اها آهي ته تون حسن جي عالمي مقابلي ۾ شرڪت لاءِ بيشڪ حقدار آهين!“ عورت مرڪندي وراڻيو: ”بس بس! اڄ جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي“ ۽ پوءِ هن پوئتي هٽي دروازو ٻيڪڙي ڇڏيو. دلڪش اڳتي هلڻ لڳو. دلبر عورت سان انوکي ملاقات جا خمار، هن کي سانوڻي بوندن جيئن پُسائي رهيا هئا. هوءَ جنهن جو نالو سپنا هو. پوئين چئن مهينن کان، هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا ياسمين سان ملڻ ايندي رهندي هئي. هونئن ته ياسمين کي ڪنهن به سهڻي عورت سان گھڻو ميل جول پسند نه هوندو هو. علاج جي مشوري لاءِ ايندڙ عورتن کي هوءَ بيٺڪ جي ڪمري مان ئي چيڪ ڪري، دوائون لکي موٽائي ڇڏيندي هئي، پر سپنا جي ويجھڙائيءَ کي هوءَ ان ڪري به بيرخيءَ سان ٺڪرائي نه سگھي هئي جو سپنا، فيشن ايبل ڪپڙا سبڻ جي ماهر هئي ۽ ياسمين هن کان ئي ڪپڙا سبائيندي هئي. انهيءَ کانسواءِ آءِ برو سيٽ ڪرائڻ ۽ ڪاسميٽڪ جي استعمال متعلق به، ياسمين کي سپنا جي ضرورت پوندي هئي. ڇو ته هن ننڍڙي شهر ۾ ڪو به بيوٽي پارلر جو دڪان نه هو.
سپنا جڏهن ياسمين وٽ ايندي هئي ته دلڪش ٻئي ڪمري ڏانهن هليو ويندو هو. ڇو ته کيس خبر هئي ته سپنا جي آسپاس سندس موجودگي، ياسمين کي ناگوار لڳندي، ان ڪري هن بظاهر سپنا جي وجودگيءَ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، پر هو لڪ ڇپ ۾ چور نگاهن سان، هن قابل رشڪ اپسرائي حسن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. هن سدائين سپنا جو چهرو گھونگھٽ ۾ لڪيل ڏٺو. هوءَ ڪڏهن پڙو پولڪو، ڪڏهن ساڙهي، ته ڪڏهن وري شلوار چولو پائيندي هئي. هن وٽ رنگن جي چونڊ، سدائين دل مهٽيندڙ هوندي هئي. گھر کان ٻاهر گليءَ ۾ به هن سپنا کي ڪافي ڀيرا ڏٺو هو، پر ٻين واٽ ويندڙن جي موجودگيءَ سبب، ڪو به غير معمولي رويو رکي نه سگھيو هو! پر اڄ سپنا نه رڳو گھونگھٽ هٽائي هن سان هجتي گفتگو ڪئي هئي، پر سنسان گليءَ ۾، هن پنهنجي البيلي چاهت جو اڻسڌو اظهار، لفظن جي ڪشڪول ۾ آڻي، هن اڳيان رکيو هو! ان محبوب ملاقات، دلڪش جي دل منجھان گھريلو جھيڙي جا ڪنڊا وقتي طور چُنڊي ورتا هئا.
”پپا دڪان!“
ڪلهي چڙهيل ننڍڙي چانڊوڪيءَ هن کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو. هن خيالن مان جاڳندي، دڪان ڏانهن وکون وڌايون. ننڍڙيءَ کي ٽافيون ۽ چپس وٺي ڏيڻ کانپوءِ، هو بس اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳو. بس اسٽاپ تي، هن جا ڪيئي ڄاڻو، سُڃاڻو موجود هئا، جن کيس چانهه لاءِ صلاحيو. هن جھوپڙا هوٽل تي ويهي، چانهه پيتي. ڪن واسطيدارن چانڊوڪيءَ کي خرچي ڏني ۽ ڪن وري دلڪش جي قسمت تي رشڪ کائيندي اهو چيو: ”مرد ۽ گھوڙي جو ڀاڳ، پن آڏو هوندو آهي، ڏسو دلڪش کي ڊاڪٽرياڻي زال ملي آهي. شهر ۾ ٺٺ سان زندگي گذاري رهيو آهي“. ان وقت دلڪش کي پنهنجي کوکليپڻ جو احساس، شدت سان ٿيڻ لڳو. هن جي دل چاهيو ته هو سڀني اڳيان ڪوڙ جا ڪوٽ ڪرائي، اهو ٻڌائي ته ”آئون پنهنجو سُک، ڳوٺ ۾ ئي ڇڏي آيس. اوهان ٻاهران مونکي جيترو خوش ڏسي رهيا آهيو، آئون اندران ايترو ئي ڏکارو آهيان!“ پر هو ڪجھه به چئي نه سگھيو. ٻهراڙيءَ جا سمورا واسطيدار، شام جي آخري بسن ۾ چڙهي، پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لڳا. هن جي دل به انگل ڪيو ته چانڊوڪيءَ کي هنج تي کڻي، ڳوٺ ويندڙ بس جي ڪنهن خالي سيٽ تي، پاڻ کي اڇلي ڇڏي پر سماجي قدرن جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل هڪ خيال، هن جي اڳ جھلي بيهه رهيو: “جمال خان ميرپورخاص ويل آهي، آئون به ڳوٺ هليو ويس ته ياسمين جو اڪيلو هجڻ برو لڳندو. ڪو ڄاڻو سڃاڻو گھر لنگھي آيو ته ڇا سوچيندو؟!“
سج لٿو ته سرمئي سانجھه، پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا. شهر جي اڪيلي ٻه ماڙ هوٽل جي ڇت تي رکيل کٽ مٿي موجود هو. ننڍڙي چانڊوڪي مينگو جوس پيئڻ ۾ مشغول هئي، دلڪش پيپسي بوتل جا ڍڪ ڀري رهيو هو. هوٽل جي مٿاهين، گراهڪن کان خالي هئي. صرف هڪ ڪنڊ ٻه نوجوان ڪرڪيٽ جي ورلد ڪپ متعلق ڳالهائي رهيا هئا. دلڪش سامهون نظر ايندڙ شهر جي بلبن تي نطر وڌي ته کيس محسوس ٿيو: ”ٻاهر جي روشني اندر جي اوندهه ۾ سوجھرو ڪري نه سگھندي آهي!“ هن پنهنجي پاڙي ڏانهن ڪنڌ ورائي، سپنا جي گھر جي سنوت جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. جتي بلب جي روشني، رات جي اوندهه سان اٽڪي رهي هئي. هن سوچيو: ”بلب جي روشني، سپنا جي چهري تان موٽ کائڻ کانپوءِ، سنهري تالاب مان گذرڻ جو منظر پيش ڪري رهي هوندي!“ پنهنجي ان البيلي خيال تي پاڻ ئي مرڪي پيو. هن نگاهه ڦيري، پنهنجي گھر جي سنوت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي، سوچيو: ”هُتي منهنجو گھر آهي، جتي بلب وساميل آهن. اتي ئي ڪٿي ياسمين مونکان، دنيا کان ۽ پنهنجو پاڻ کان بيزار ويٺي هوندي. هوءَ الاءِ ڇا سوچيندي هوندي؟ چماٽ لڳڻ کانپوءِ، هوءَ انتقامي جذبي ۾ ڪجھه به ڪرڻ لاءِ سوچي سگھي ٿي. ڇو ته انتقام انڌو آهي! ٿي سگھي ٿو هوءَ مون مان معافيءَ جي اميد رکندي هجي! يا مرڳو ايئن ٿي سگھي ٿو ته هن کي پنهنجي اڳرائي ۽ جھيڙي جا سبب پيدا ڪرڻ تي پشيماني ٿي هجي ۽ هوءَ مونکان معافي وٺڻ جو سوچي رهي هجي، نه نه غلطي جو اعتراف ڪرڻ جو ادراڪ منجھس آهي ڪونه!“ هن پوئينءِ خيال کي رد ڪري ڇڏيو. وري هن کي خيال آيو: ”متان ايئن ته ناهي غلطي منهنجي هجي، نه نه ايئن ٿي نه ٿو سگهي. ها ٿي سگهي ٿو، آئون به انسان آهيان ۽ انسان جو وڏو الميو اهو آهي جو، ڪڏهن به ايمانداري سان پنهنجو تجزيو ناهي ڪندو، نه نه. . . . . ڪري ناهي سگهندو! اڪثر ماڻهن کي مڪار ڪيفيتون، تجزيو ۽ غلطي جو اعتراف ڪرڻ نه ڏينديون آهن. پر آئون ته ڪا مڪاري نه ڪري رهيو آهيان. ڪنهن سان ڪريان، پنهنجو پاڻ سان!“ وري هن جي اندر مان آواز آيو: ”پنهنجو تجزيو ۽ غلطي جو اعتراف نه ڪرڻ جو ٻيو سگهارو سبب اهو به آهي ته، انسان بنيادي طور خود غرض آهي ۽ اڪثر ماڻهن جو ذهن، پنهنجي غلطيءَ جي ڪٿ ڪرڻ کان ئي قاصر هوندو آهي!. ڇا ايئن ته ناهي جو پاڻ کي ناقدانه نظر سان ڏسڻ لاءِ، منهنجو ذهن، منهنجو ساٿ ڏيڻ کان ئي لاچار هجي!؟“ هن وٽ ان سوال جو ڪو به جواب نه هو. هو چانڊوڪيءَ کي هنج تي کڻي اٿي بيٺو. هوٽل جو بل ادا ڪري ٻاهر نڪري آيو. پنهنجي گهر ڏانهن ويندي، هن جي سوچ جي ريشمي وڳي کي، جتي سپنا سان ٿيل تازي ملاقات جون ٿڌيون هيرون ڇُهي رهيون هيون، اتي ياسمين سان ٿيل جهيڙي جا ڪنڊا به چڀي رهيا هئا. سپنا جي گهر اڳيان وري گذرندي، هن جون نظرون دروازي تي چنبڙي پيون، پر دروازي جون اکيون ته پوريل هيون!گهر پهتو ته ننڍڙي چانڊوڪيءَ هنج تان لهي، ماءُ ڏانهن ڊوڙ پاتي، جيڪا بستري تي ليٽيل هئي. دلڪش پنهنجي بستري تي ويهي رهيو. هن ڏٺو ته سندس ماني ڀرواري جالي تي ڍڪي رکي هئي. هن چانڊوڪيءَ سان گڏ ماني کاڌي ۽ بستري تي ليٽي پيو. ٻنهين زال مڙس وچان، هڪ لفظ جي به مٽا سٽا ڪو نه ٿي !
***

دلڪش ۽ ياسمين جي جهيڙي کانپوءِ، روسامي جي رات ڊگهي ٿي پيئي. چند خفا خفا رسمي جملن کان اڳتي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي. ٻنهين وٽ روسامي جا مضبوط جواز هئا ۽ هرڪو ٻئي کي اهو احساس جتائڻ لاءِ روسامي جو تاثر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ساڻس ناانصافي ٿي هئي. پيار جي پوکيل احساس جي فصل جو ڀيلاڙ شروع ٿي چڪو هو ۽ اتي تلخي ۽ سرد مهري جا ڪنڊيدار سلا ڦٽڻ شروع ٿي چڪا هئا. پيار ۽ محبت جون ڳالهيون، پهرين بصرن، پٽاٽن ۽ باورچي خاني جي باهه تان گذريون هيون، نيٺ هاڻي ڪلفت ۽ ڪروڌ جي کاري سمونڊ ۾ ٽٻي هڻي وڃائجي رهيون هيون! ٻن مهينن جي ان رهڙيندڙ روسامي جون سڄيون ساريون سٺ راتيون، اڪيلائيءَ ۾ پاسا ورائيندي گذريون هيون. پر ٻنهين جي مصنوعي انا، فطري گهرجن اڳيان گوڏا کوڙي نه سگهي هئي!
عيد ويجهو آئي هئي ته ياسمين پنهنجي ڀيڻ وارن سان ملڻ لاءِ، جمال خان ۽ ٻارن سان گڏ، ميرپورخاص رواني ٿي ويئي ۽ دلڪش گهر ۾ اڪيلو رهجي ويو. خالي خالي گهر جي ديوارن ۾، هن کي بوريت ۽ بيچيني ٿيڻ لڳي. تنها واندڪائي ۾، هن جي جڙن وڇيرن جهڙن اُتاولن جذبن، هڪ سوچ جي آڱر جهلي ورتي، جنهن ۾ سپنا جي ملڻ جو مبهم آسرو اٽڪيل هو. هن سوچيو: ”اڄ سپنا سان ملڻ جو بهترين موقعو آهي. اڳي سدائين اڪيلائي جو وجهه نه ملڻ سبب، هن سان ويجهو ملڻ جي آس قتل ٿيندي رهي آهي، پر اڄ ياسمين به موجود ناهي ۽ گهر به خالي آهي. ها پر سپنا کي ڪيئن خبر پوي ته آئون سندس منتظر آهيان. “ پوئين خيال، هن کي ٿورڙو دل ڀڳو ڪيو. پر وري هن پاڻ کي آٿت ڏيئي سوچيو:”عيد تي ڳوٺ وڃڻ ۾، اڃا ٽي ڏينهن باقي آهن، تيستائين سپنا ياسمين سان ملڻ خاطر هتي اچي سگهي ٿي. “
سڄو ڏينهن اوسيئڙي جي مٺي مٺي درد ۾ بيقرار ٿيندو رهيو. پر ڏينهن گذري ويو، سپنا جي اچڻ جو سپنو، سپنو ئي رهيو ! شام جو هن سوڙهي گهٽيءَ جا ٻه ٽي چڪر لڳايا، پر ڪٿي به سپنا نظر نه آئي. سپنا جي گهر جي دروازي تي پهچي، سندس نظرون بيهي رهنديون هيون، ڇو جو اتان کان اڳتي هن جي پيرن کي وڃڻ جي، سماجي اجازت مليل نه هئي! هن رات جي ماني هوٽل تي کاڌي ۽ واپس گهر اچي بستري تي ليٽي پيو.
ٻئي ڏينهن منجهند کان اڳ، هن سوڙهي گهٽيءَ جا ٻه ٽي چڪر لڳايا، پر ڪٿي به کيس سپنا نظر نه آئي ! منجهند جي ماني هن هوٽل تان کاڌي ۽ پوءِ سامهون گهٽيءَ ۾ کُلندڙ بيٺڪ جي ڪمري جو در کولي، ڪرسي تي ويهي رهيو، بيٺڪ جي ڪمري جي پوئينءِ دروازي جي اڳيان لنگهندڙ گهٽي جي هڪ ڇيڙي تي عورتن جو مندر هو، جتي سپنا به ڪڏهن ڪڏهن پراٿنا ڪرڻ ويندي هئي. ان گليءَ جي ٻئي ڇيڙي تي ليڊيز ڪپڙي ۽ ڪاسميٽڪ جا دڪان هئا، ان ڪري اتان عورتن جي اچ وڃ جاري رهندي هئي. دلڪش، دير تائين ڪرسيءَ تي ويٺل رهيو ۽ اڳيان کير جهڙيون شهري عورتون رنگن جي جهرمر ۾، خوشبوءِ وکيرينديون گذري رهيون هيون، پر ڪٿان به سپنا جي سرهاڻ محسوس نه ٿي رهي هئي!
دلڪش ڪافي دير ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ، اٿيو ۽ بيٺڪ جو در بند ڪري، ٻئي ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽي پيو. بستري تي پاسا ورائيندي، هن کي نرم ۽ گداز بدن جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي! هن سوچيو:”ڪاش هينئر ڪٿان سپنا اچي وڃي! گليءَ مان گذرندئي، سپنا گھر جو در کليل ڏسندي ته، ياسمين سان ملڻ جي خيال سان هلي ايندي، پر در کليل آهي يا الاءِ نه!؟ “ان بييقينيءَ ۾، هو بيڊ تان اٿي بيٺو. ڪمري کان ٻاهر اچي هن ڏٺو ته، در کليل هو. پڪ ڪرڻ کانپوءِ هو واپس اچي بيڊ تي ليٽي پيو. بييقينيءَ جي بر ۾ گم ٿيندڙ انتظار ۾، پاسا ورائيندي اوچتو هن کي اڱڻ تي، ڪنهن جي قدمن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ آئي. هو جھٽ پٽ اٿي بيٺو. قدمن جو آواز ورانڊي تائين پهچي چڪو هو. هن ڏٺو ته هٿن تي تازي مهندي لڳيل هڪ شهري ڇوڪري موجود هئي، جنهن جي پويان پوڙهي عورت به گڏ هئي. جنهن پڇيو:”ڊاڪٽرياڻي ڪٿي آهي؟ “
هن وراڻيو: “ميرپور خاص ويل آهي“.
جوان ڇوڪريءَ شرميلي لهجي ۾ پڇيو: ”ڪڏهن ايندي؟“ دلڪش مرڪندي وراڻيو: “عيد کانپوءِ“
ٻئي عورتون واپس هليون ويون. هڪ خيال دلڪش جي جسم ۾ چهنڊڙي هڻي چيو:”ڪاش ميندي رتن هٿن واري ڇوڪري اڪيلي هجي ها، ساڻس گڏ پوڙهي عورت نه هجي ها !“
دلڪش جي دل اندر اڻپورو اوسيئڙو، مست اٺ جيئن ليٽندو رهيو. ڏينهن جو باقي رهيل حصو به، سپنا جي نه اچڻ جا زخم کائي گذري ويو. انهي دوران جوان ۽ پوڙهي عورت جو هڪ ٻيو جوڙو به آيو ۽ علاج لکائڻ ۽ علاج جي صلاح خاطر ياسمين جي پڇا ڪري موٽي ويو. دلڪش جي دل ۾ ساڳي خيال چهنڊڙي پائي گم ٿي ويو !
ٻئي ڏينهن صبح سويل ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ، دلڪش پنهنجا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان بريف ڪيس ۾ وجهي، هڪ پاسي رکي ڇڏيو. هن کي شام جي آخري ڇڪڙي ۾ ڳوٺ وڃڻو هو، جتي عيد جي تيارين ۾ هن جا رشتيدار سندس منتظر هئا.
دلڪش هوٽل تي چانهه ۽ پيٽيز سان ناشتو ڪيو. سوڙهي گهٽي ۽ ٻين گهٽين ۾ بي مقصد چڪر لڳائي، واپس گهر موٽي آيو ۽ بيڊ تي ليٽي ڪتاب پڙهڻ لڳو. هن جي اندر ۾ اسريل، سپنا جي انتظار جو گلاب، پورڻتا جو پاڻي نه ملڻ سبب ڪومائجي چڪو هو. هاڻي ان آپشن تي سوچڻ ۾ اڳوڻي رنگيني نه رهي هئي. محروميءَ جي ماڪ، هر رنگ کي ڌنڌلو بڻائي ڇڏيو هو!
ڪتاب جا ورق ورائيندي چند لمحا ئي مس گذريا هئا ته، ٻاهرئين در وٽان ڪنهن جي قدمن جي آهٽ سان گڏ، ڇير جي ڇم ڇم جو آواز ويجهو اچڻ لڳو. هن ڪتاب هڪ پاسي رکيو ۽ اٿي بيٺو. برانڊي ۾ چنڊ جيئن پرگهٽ ٿيندڙ سپنا جو وجود ڏسي، هن کي پنهنجي اکين تي يقين نه آيو. پيلي وڳي ۾ چانڊوڪيءَ جيئن ويڙهيل سپنا جو وجود تجلا ڏيئي رهيو هو. هن جو چهرو گهونگهٽ ۾ چهڪ ڏيندڙ هو، پر وڏي هيل واري سينڊل مان جهاتي پائيندڙ پيرن ۽ چقمقي ڪشش رکندڙ ٻانهن جي رنگت، اها چغلي هڻڻ لاءِ ڪافي هئا ته سنگ مرمر جهڙي بدن تي، انڊلٺ کان اڌارا ورتل رنگن جي شاهڪار مصوري ٿيل هئي!
“سپنا تون. . . . . . . . . !“ هن هٻڪندي چيو:
”ڇا آئون هتي اچي نه ٿي سگهان ؟! “ سپنا هجت مان پڇيو. دلڪش وراڻيو “ڇو نه. . . . ؟! تنهنجي لاءِ ئي ته ٻن ڏينهن کان انتظار جا ڏيئا ٻاري رکيا اٿم“. سپنا آسپاس نهاريندي پڇيو:”ياسمين ڪٿي آهي؟“ سمورا گهر ڀاتي عيد ملهائڻ، ميرپورخاص ويل آهن. مون کي به ڳوٺ وڃڻو هو پر ٻن ڏينهن کان تنهنجي اچڻ جي آسري ۾، خالي ڪمرن جي اڪيلائيءَ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهيان. “ سپنا لڄاري مرڪ مرڪندي وراڻيو: ”مونکي خبر ئي نه هئي، نه ته ڪالهه اچان ها. اڄ گهر اڳيان گذرڻ ٿيو ته سوچيم: ياسمين سان مليو وڃان “
دلڪش بي تڪلفانه انداز سان اڳتي وڌي، سپنا کي ڳل ڳراٺي پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن: ”نه. . . نه“ ڪندي مصنوعي مزاحمت جي ٿورڙي ڪوشش ڪئي پر جلد ئي هن سان گڏ بيڊ تي ويهي رهي. دلڪش جي اکين اڳيان خوشين جي قهقشان چمڪي پيئي، هن جون ڳالهيون بهار جا گل ٿي پيون: “سپنا تنهنجا سپنا ڏسندي سال ٿي ويا آهن، پراڄ تون ساڀيان بڻجي منجهي سپنن ۾ هلي آئي آهين !“
اوچتو سپنا ٻاهريون در کليل هجڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، حاڪمانه لهجي ۾ چيو: ”در کليل آهي، ڪو به اچي سگهي ٿو. وڃ در بند ڪري اچ !“
بي مثال حسن جي حڪم جي فرمانبرداري، دلڪش کي بنهه من _ موهڻي لڳي! ٻاهرئين در جي ڪنڊي بند ڪرڻ کانپوءِ، دلڪش پاڻ کي سمنڊ جي سطح تي هلندي محسوس ڪيو ۽ هوائون هن سان همڪلام هيون! واپس ڪمري ڏانهن ايندي، هن جي قدمن کي ڄڻ چقمق ڇڪي رهي هئي!. جنهن حسن جا حولا، هن قديم راجائن ۽ مهاراجائن جي محلن ۾، خيالي تصويرن، پرين جي آکاڻين ۽ ڏند ڪٿائن ۾ ٻڌا هئا، اهو دادلو حسن، ڪمري جي بيڊ تي، هن جو منتظر هو! دلڪش بيڊ تي ويٺو ئي مس ته سپنا کيس چنبڙي پيئي. دلڪش کي حيرت اها ٿي ته سپنا هن سان پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ بدران، هن جي جسم کي ڦلورڻ لڳي هئي!
سپنا دلڪش جي ڳلن ۽ چپن تي اڻ ڳڻين چمين جي آلاڻ پکيڙي ڇڏي. ان کانپوءِ هن دلڪش جي ٻانهن تي موجود گهاٽن وارن ۾ آڱريون ڦيريون ۽ هن جي قميص جا گلي وارا بٽڻ کولي ڇڏيا. دلڪش جي ڇاتيءَ تي موجود گهاٽن وارن مان ظاهر ٿيندڙ مردانه وجاهت، هن کي پنهنجي نسواني ڪوملتا جو احساس ڏياريو ! سپنا جي دل چاهيو ته دلڪش جي ڪشادي سيني ۾، پنهنجو پاڻ کي لڪائي ڇڏي.
سپنا جي جذبن جي بيچيني، ويرا وير وڌي رهي هئي. هن جي اکين ۾ مخمور ڳاڙهاڻ اوتجي آئي هئي. دلڪش هيستائين، ڪنهن خاص چرپر بنا رڳو سپنا جي حرڪت مان محظوظ ٿي رهيو هو، پر هاڻ هن جا جذبا، وسڪاري ۾ ڀٽ تان ٽهي لهندڙ ٻاڪرن ڦرن جيان بي قابو بڻجي پيا هئا. سرور جا خزانا کوٽيندي، سپنا هڪ تجربيڪار تانتر ٽائيپ نوجوان جي هٿن ۾، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي نئين سر دريافت ڪري رهي هئي. نئون انداز، نوان زاويا، دلربا ڇهاءَ، نرالا محرڪات، ۽ محبوب احساسن ۽ جذبن مان اڀرندڙ سريلو سرور! ٻئي وجود، هڪٻئي سان ڀرپور انصاف ڪري رهيا هئا ۽ ايئن نيٺ سرور جي سمنڊ مٿان جذبن جو طوفان شدتن کي ڇهي جهڪو ٿي پيو. جنهنجي نشاني طور ٻه ٽي پگهر جا ڦڙا، بيڊ جي سروٽيل چادر ۽ سپنا جي ٽٽل چوڙيءَ جا ٻه ٽي ٽڪرا باقي رهجي ويا !
مختصر ماٺ کانپوءِ، سپنا ٻئي ٻانهون دلڪش جي گلي ۾ وجهندي چيو: ”منهنجا مٺا، مونکي ڇڏين متان، آئون توکانسواءِ جيءُ نه سگهنديئس !“
دلڪش سندس گهاٽن ۽ ڪارن وارن تي پيار ڪندي وراڻيو:”توکان ڌار ٿيڻ جي جسارت، گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ته ناهي!“ سپنا چند لمحا خاموش ٿي ويئي، ان کانپوءِ هن وري ڳالهايو: “منهنجي سهيلي پُشپا سچ چوندي آهي ته ٻهراڙيءَ جا مرد، محنتي ۽ سخت جان هوندا آهن. انهن جو هر عضوو ٽائيٽ ۽ مضبوط هوندو آهي، منهنجو اڄوڪي تجربو ٻڌائي ٿو ته هو ءَ برابر سچ چوندي آهي !“
دلڪش کيس عاشقانه نظرن سان ڏسندي چيو: “تنهنجا شهري بابو، ٻهراڙي وارن کي لانڍ ۽ جاهل چوندا آهن ۽ انهن سان ڪو به سماجي تعلق نه رکندا آهن، سواءِ گراهڪ ۽ دڪاندار واري تعلق جي ؟!“
سپنا وراڻيو: ”ها مرد برابر ايئن سمجهندا آهن ۽ ٻهراڙِي وارن کي گهر ۾ وٺي اچڻ کان به نٽائيندا آهن. ايتري قدر جو دڪان جي ڪم لاءِ پگهار تي رکيل مزدورن کي به، بيٺڪ يا الڳ مڪان ۾ ترسائيندا آهن. “
سپنا کي چيڙائڻ لاءِ دلڪش طنزيه سوال پڇيو: ”ڇا تنهنجي مڙس وٽ ڪو مزدور رکيل ناهي ؟ٰ! “
سپنا اطمينان مان وراڻيو: “ٻهراڙيِ جو هڪ نوجوان پگهاردار آهي پر منهجو مڙس ان کي بيٺڪ ۾ ترسائڻ بدارن الڳ پلاٽ ۾ ٺاهيل ڪمري ۾ ترسائيندو آهي ۽ پاڻ به اڪثر راتيون اتي سمهندو آهي. منهنجون جيڏيون مونسان مذاق ڪري چونديون آهن ته تنهنجي مڙس پاڻ لاءِ مڙس ڳولي ورتو آهي، تون به ڳولا ڪر ! “ دلڪش سپنا کي کولڻ لا، ذهن ۾ تري آيل هڪ خيال شيئر ڪندي چيو: ”جيڪي ماڻهو صدين کان گهٽ محنت طلب ڪم ڪندا رهيا آهن، انهن جو موجوده نسل، ٿولهه، شگر، جلد پوڙهائپ ۽ مرداني ڪمزورين وغيره جو شڪار آهي، ڇا تون پنهنجي مڙس مان جنسي طور مطمئن آهين؟“
سپنا بيزاريءَ مان وراڻيو: ”ڌوڙ جي مطمئن! جيڪو پاڻ پنهنجي پورائي لاءِ ٻين جي پويان هلي، اهو ٻين کي ڪيئن مطمئن ڪندو؟! سيڪنڊن جو کيل، آئون نه گهر جي، نه گهاٽ جي !“
دلڪش محسوس ڪيو ته هوءَ، سچ چئي رهي هئي. هن سوچيو: ”ٻن ڪيفيتن ۾ انسان ڪوڙ ڳالهائي نه سگهندو آهي، هڪ موت جي ويجهڙائي ۽ ٻيو جنسي ڪيفيتن جي انتها جي آسپاس!“
ڪجهه دير وڌيڪ ڳالهيون هليون ته ٻاهريون دروازو زور زور سان ٺڪيو! دلڪش ۽ سپنا، ڇرڪي هڪٻئي ڏانهن نهاريو. انهيءَ دوران دروازو وري زور سان ٺڙڪيو.
دلڪش ۽ سپنا عجيب نظرن سان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. دلڪش تيز تيز وکون کڻندو، دروازي ڏانهن هليو ويو. ڪجھه دير کانپوءِ واپس آيو ته سپنا پڇيو: ”ڪير هو؟“
دلڪش وراڻيو: ”تنهنجي سس هئي“ سپنا بييقينيءَ ۽ ڊپ مان پڇيو: ”سچ ٻڌائي؟“ دلڪش وراڻيو: ”سچ پچ تنهنجي سس، تنهنجو پڇي رهي هئي. چيائين پئي ته هن توکي مندر، ليڊيز دڪانن ۽ تنهنجي سهيلين جي گھر ڳوليو آهي. در کلندي ئي هن اندر اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون ٻڌايو مانس ته ياسمين گھر ۾ ناهي، آئون اڪيلو آهيان، تڏهن هوءَ بيهي رهي ۽ تنهنجو پڇي وري پاسي واري گھٽيءَ ڏانهن مڙي ويئي. “
سپنا پريشان ٿيندي چيو: ”برابر مونکي گھڻي دير لڳي ويئي آهي، توسان گڏ وقت گذرندي دير ئي نه ڪئي! ڪاش تون سڄي زندگي مونسان گڏ هجين ها!“ دلڪش پيار مان چيو: ”آئون تنهنجي بهتر مستقبل لاءِ دعاڳو آهيان“ سپنا چيو رڳو دعا مان ڇا ورندو؟ ”اسانجي برادريءَ جا ضابطا ڏاڍا سخت آهن. نه عليحدگي، نه ٻي شادي. “ سپنا خاموش ٿي ويئي. ڪجھه سوچيندي چيائين: “مونکي ڀڄائي هلندين؟ آئون تنهنجي لاءِ مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو، ذات پات ۽ دين ڌرم به ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان!“ دلڪش ڀوڳ ڪندي چيو: ”۽ پوءِ، توکان زوري مذهب ڦيرائڻ ۽ اغوا جي الزام ۾ جهليو پيو هجان!“. هوءَ خاموش رهي. دلڪش موضوع مٽائيندي چيس:”تنهنجي سس توکي ڳولڻ لاءِ مندر واري گھٽيءَ ۾ ويل آهي. تيستائين تون دروازي مان نڪري پنهنجي گھر هلي وڃ. پري ڪنهن پاڙي ۾ رهندڙ سهيليءَ سان ملڻ جو بهانو گھڙي وٺجان. ايئن نه ٿئي جو متان تنهنجي پوڙهي سس، ڄاڻايل سهيليءَ جي گھران چڪر لڳائي آئي هجي!“. سپنا مخمور موڪلاڻيءَ بعد، هن جي مشوري تي عمل ڪيو ۽ تيزيءَ سان دروازي مان نڪري، پنهنجي گھر هلي ويئي. دلڪش دروازي جي وٿيءَ مان ڏسي، اها تصديق ڪئي ته سپنا کي دروازي مان نڪرندي ڪنهن ڏٺو ته نه هو!