ناول

هينئڙو ٻہ اڌ

هي ناول هڪ پڙھيل لکيل ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ نوجوان جي ڪجهه آواره ۽ ڪجھه سنجيده روين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو غير هموار ۽ نامناسب حالتن جي هٿن ۾، ڪڏهن چاهتن سان لڪ لڪوٽيون ڪري ٿو، ته ڪڏھن وري سونهن ۽ جوڀن جي رنگبرنگي وادين ۾ زندگيءَ جي زخمن کي وقتي طور وسارڻ جا جتن ڪري ٿو. ذھني طور پسمانده ماڻهن جي صحبت ۾، منطقي ۽ عقلي آڱرين ۾ دليلن جي بلورن سان، حقيتن جا نشانا وٺڻ ڪيترو مشڪل آھي؟ اهو هن ناول جي درمياني صفحن جي ڪپڙن جو رنگ آھي! انساني فطرت جي چڱاين توڻي مداين تي مشتمل سماجي ڪردارن ۽ سالن کان تصور جي تالاب ۾ وهجندڙ واقعن کي، قلم جي بيساخته چميءَ ناول جو روپ ڏيئي ڇڏيو آھي!

Title Cover of book Heana'ro Ba Adh

ماهپاره

وسڪاري جي ويل وري هئي. هڪ سال جي ڏڪار کانپوءِ مال سانگي بئراج ويل مارو ماڻهو موٽڻ لڳا هئا. ڌرتيءَ جا پيار، سائي گاهه جو روپ ڌاري ڦٽڻ لڳا هئا. ترايون تار هيون، هارين هر هلايا هئا ۽ مورن جا ٽهوڪا توڻي پکين جون ٻوليون هوائن ۾ نچڻ لڳيون هيون. اهڙي ئي من موهڻي موسم ۾، ڪا کينچلي اڻ تڻ دلڪش جي اندر ۾ آنڌ مانڌ آڻي رهي هئي. البيلي اڪيلائيءَ جو احساس، هن کي بيچين بڻائي رهيو هو. عورتاڻي ساٿ جي اڻهوند، هن کي آتو ڪري رهي هئي. هن لاءِ رڳو اهو خيال ئي عذاب بڻجي رهيو هو ته هن کي باقي ساري زندگي ڇڙو گذارڻي پوندي! سماجي رواجن موجب هڪ ته ٻي شادي ڪرڻ مشڪل هئي، ٻيو وري هن وٽ بدي جو سنڱ باقي بچيو ئي نه هو! دلڪش کي اهو الڪو به جھوري رهيو هو ته آخر ڪيستائين ٻين وٽ مهمان ٿي رهندو؟! خوشبودار موسم جون ڇڙواڳ هوائون، دلڪش کي سک سان سمهڻ نه ڏيئي رهيون هيون. شام جي ڀاڪر مان سرڪندڙ سج، اولهه جي آسمان تان ترڪي رهيو هو. پيلڙي سج جا ٿڪل ڪرڻا، تراين جي پاڻيءَ تي اولڙا هڻي رهيا هئا. جھرڪيون واريءَ ۾ وهنجي رهيون هيون. ڪڪڙ، مينهن جا ماماڻا چُڳي رهيا هئا. دلڪش پنهنجي گھران نڪري، ڀرواري اڪيلي ڀٽ تي چهل قدمي ڪرڻ لڳو. سامهون ڪن بستين جا منظر، مڌ جي پيالي جيان لڳي رهيا هئا! ڏُور ڀٽن جا ڌنڌلڪا منظر، ڪنهن اڌ وسريل سهڻي خواب جيان لڳي رهيا هئا. تڏهن ئي دلڪش جي تصور ۾، انهن عورتن جا وجود وراڪا ڏيڻ لڳا، جن سان هن ماضيءَ ۾ سدا بهار لمحا گذاريا هئا. پر حالتن جي ڪشمڪش ۾، اهي سڀئي وجود هن کان ڏور ٿي چڪا هئا. کيس خبر هئي ته هاڻ انهن سان وري ڪڏهن به ملي نه سگھبو. البته سوچڻ لاءِ چند نوان آپشن به موجود هئا. هن انهن آپشنز تي سوچڻ شروع ڪيو پر ڪو به کيس تسلي ڏيئي نه سگھيو. ڇو ته هن جي پسند جا معيار ايترا ته اونچا ۽ انوکا ٿي چڪا هئا جو آسپاس موجود ڪا به عورت، انهن خود ساخته معيارن تي پورو لهندڙ ته ٺهيو، مورڳو متضاد محسوس ٿي رهي هئي. هن جي وجود ۾ محروميءَ مان نسرندڙ درد جي چڻنگ ڦٽڻ لڳي. ”ڇا هاڻ هو ڪڏهن به ڪنهن حسين عورت جي ڀاڪر جي گرمي ماڻي نه سگھندو؟ زندگيءَ جي هڪ بنيادي ضرورت، هاڻ هن وٽ رڳو سپنن ۾ ايندي؟ باقي سڄي زندگي رڳو ڇڙو رهندئي، خالي بسترن جي اڪيلائي، هن سان ڪهڙي ڪهڙي ويڌن ڪندي!؟“ سڀ ڪجھه سوچيندي هن کي ڀوانٽيون اچڻ لڳيون. دلڪش ٿڌي ريٽ تي ويهي رهيو. واريءَ تي ليڪا پائيندي، هن سوچيو: ”پسند ناپسند کي پاسيرو رکجي، بس رڳو اکيون ٻوٽي ضرورت جي پورائي. . . . . . . . . . تصور ۾ ڪو ٻيو پسنديدهه وجود. . . . . !!“
دلڪش ڪنڌ کڻي سامهون ڀٽ جي لهواريءَ ڏانهن نهاريو. ٻڪرين جي ڇانگ ۾ به سانُ ڇيلا هڪ ٻي سان وڙهي رهيا هئا. اوچتو هڪ خيال هن جي اندر ۾ ڪتڪائي ڪرڻ لڳو! هڪ خيالي وجود، هڪ شهري عورت جي ويجھڙائيءَ جي آَس! هن کيسي مان موبائيل فون ڪڍي ورتو، جنهن جو گذريل پنجن مهيننن کان ڪال طور استعمال ٿيو ئي نه هو، سواءِ ڦوٽو ڇڪڻ ۽ گانا ٻڌڻ جي! ڪڏهن ڪڏهن گيم کيڏبو هو. هن ٻٽونءَ جي کيسي مان هڪ سم ڪڍي موبائيل فون ۾ لڳائي ۽ پوءِ ڀٽ جي وڌيڪ چڙهائيءَ ڏانهن، سگنلز جي ڳولا ۾ هلڻ لڳو. هن کي اهو ڪنڊرو اُلڪو چڀي رهيو هو ته متان لاڳيتو واهپي ۾ نه رهڻ سبب، سم بند نه ٿيل هجي. پر چڙهائي تي چڙهڻ ۽ سگنل اچڻ پڄاڻا کيس معلوم ٿيو ته نه رڳو اڃان سم فعال هئي، پر. بيلينس به اڃان موجود هو. هن کيسي ۾ هٿ وجھي اهو ڪاغذ ڪڍي ورتو، جيڪو ٻه مهينا اڳ ڪراچيءَ کان ايندڙ عورت کيس ڏنو هو ۽ جنهن تي ڪنهن ميڊم جو موبائيل فون نمبر لکيل هو! هن هٻڪندي هٻڪندي، نمبر ملايو. گھنٽي وڄڻ سان گڏوگڏ دلڪش جي دل جي ڌڙڪن به وڌندي رهي. رنگ وڄي بند ٿي وئي، جواب نه مليو. اڻڄاتي محروميءَ جي ڪا ڇولي هن جي من_ ساحل سان ٽڪرائجي موٽي ويئي! ڪجھه دير لاءِ هو ڏُور پولارن ۾، لهندڙ سج جي لالاڻ سان اکيون اٽڪائي ويٺو رهيو ۽ پوءِ هن ساڳي نمبر وري ملايو. هن ڀيري چند سيڪنڊن پڄاڻا آواز آيو، ”هيلو ڪير صاحب؟ “. هن ڀيري سريلي ۽ پر اعتماد سوال جي جواب ۾ دلڪش جا چپ بيساخته چرڻ لڳا!
”صحرا جي ڀاڪر مان هڪ اجنبي شخص اوهان سان مخاطب آهيان. مونکي خبر آهي ته اڄڪلهه جي دؤر ۾ ڄاتل سڃاتل ماڻهن وٽ به، ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ وقت ناهي، اتي ڀلا اجنبين سان ڪير ڳالهائيندو؟“ ٻئي پاسي حيرت گاڏڙ خاموشيءَ جو مختصر وقفو. . . . ۽ پوءِ : ”تون جنهن معاشري جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، اتي ته شناسا ماڻهو به اڻسُڃاڻو ٿي ڳالهائڻ جي اداڪاري ڪندا آهن. ڀلا ٻڌائي ٿون ڪهڙي قسم جو اداڪار آهين؟! “. عورت جي پراعتماد حاضر جوابيءَ، دلڪش کي لوڏي ڇڏيو. ”فطرت کان پري ٿي ويل معاشري مان جڏهن بيساختگيون موڪلائي وينديون آهن، تڏهن ماڻهن جي اڪثريت ملاوٽ جي گپ ۾ ترڪي پوندي آهي. اهڙي ئي ماحول ۾، نارمل رؤين تي به اداڪاريءَ جو گمان ٿيندو آهي. ڀلا ٻڌايو منهنجي حقيقت بيانيءَ تي اوهانکي اداڪاريءَ جو گمان ڇو ٿيو؟!“.
”هڪ ته تنهنجي ڳالهائڻ ۾ ايترو اعتماد آهي، جو ڪنهن حجتيءَ کانسواءِ ڪو به مونسان ايئن ڳالهائڻ جي جرئت ڪري نه سگھندو آهي ۽ ٻيو اهو ته توهان طرفان پنهنجي موجودگي صحرا جي ڀاڪر مان ظاهر ڪرڻ. وڏو ڪوڙ آهي، ڇو ته مونکي پنهنجو اهڙو ڪو سڃاڻو نٿو سجھي، جيڪو صحرا ۾ هجي!؟“
”مون ڪڏهن چيو ته آئون تنهنجو سڃاڻو آهيان !؟“
”اوهه. . . . . . . سوري. . . . . . . . . . . پر توهان ڪير آهيو ۽ ڇا ٿا چاهيو؟“
دلڪش محسوس ڪيو ته عورت جو لهجو هاڻ ڪجھه ڪجھه غير متوازن ٿي رهيو هو. پهريان ندامت ۽ پوءِ ڪاوڙ جو اڻ_ لکو احساس اڀري رهيو هو. دلڪش وراڻيو: ”هارائڻ جو احساس ئي ڪاوڙ جو جنم بڻبو آهي. پر حقيقت اها آهي ته انائن جي اهميت ته رڳو ويجھڙائي ۽ ڄاڻ سُڃاڻ ۾ هجڻ کپي. پر هتي ته معاملو ئي ابتو آهي. نه توکي ڏٺو اٿم، نه توکي سڃاڻا ۽ نه ئي توکي ويجھو آهيان! “
”مگر آهين ڪير. . . ؟“
”حالتن جي ڪشمڪش ۾، جڏهن انسان کان پنهنجي سڃاڻپ جو احساس وسري ويندو آهي، تڏهن تعارف ٻڌائڻ جو ڪو به جواز ناهي بچندو. درد جون وصفون واضح ناهن هونديون! لڙڪن جو رنگ بس هڪڙو ئي هوندو آهي!“
“توهانجون ڳالهيون فلسفي ۽ شاعريءَ جو عجيب امتزاج آهن ۽ توهان جي گفتگو مان به لڳي ٿو ته توهان پڙهيا لکيا ۽ مهذب انسان آهيو. ان ڪري اخلاقي طور اوهانکي هاڻ پنهنجو تعارف ڪرائڻ گھرجي!“
”نالو دلڪش ٿري، صحراءِ ٿرپارڪر جي هڪ ڏورانهين بستيءَ ڀرسان، ڪنهن اڪيلي ڀٽ تان ڳالهائي رهيو آهيان، توهان جو نمبر ڪراچي مان آيل هڪ عورت وٽان مليو، جيڪا شايد اوهان وٽ ڪم ڪار ڪندي آهي. جنهن ٻڌايو ته اوهان ٿر جي زندگيءَ متعلق ڄاڻڻ چاهيو ٿا ۽ اهو به ٻڌو اٿم ته اوهان قلمڪاري به ڪندا آهيو، سوچيم بارشن ۾ وهنجندڙ شام جا ڪجھه لمحا، ڪنهن منفرد هستيءَ سان ڳالهائي سجايا ڪجن! “
”اوهه. . . . . . باجي نوريءَ ڏانهن ته منهنجو ڌيان ويو ئي ڪونه، ها هوءَ برابر ٿر جي آهي. پوئين ڏينهن موڪلون گذارڻ ڳوٺ ويئي هئي، ويچاري صفا ڀورڙي آهي. خير. . . . . . . توهان سان ڳالهائي ڏاڍو سٺو لڳو. هونئن به مونکي شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙيون وڻنديون آهن. بطور شاعره ۽ ڪهاڻيڪاره، منهنجين تخليقن جا اڪثر ڪردار، ڳوٺاڻي ماحول مان ورتل آهن. وفا، خلوص ۽ رشتن جي ڀرم جھڙا ڳڻ ته هاڻ رڳو ڪٿي ڪٿي، ٻهراڙين ۾ بچيا آهن. . . . . !“.
”انسان جيترو فطرت کي ويجھو هوندو آهي، اوترو ئي خالص هوندو آهي، جڏهن ته فطرت کان هٽيل زندگي، ملاوٽي قدرن کي جنم ڏيندي آهي! ۽ ٻهراڙيون ته آهن ئي فطرت جون پاڙيسرياڻيون !“
“توهان صحيح ٿا چئو. . “
”ترقيءَ جي نالي ۾ مليل سهولتن، انسان کي ايترو ته مشيني ٺاهي ڇڏيو آهي، جو هاڻ رهزنين ۽ چالاڪين کي به سياڻپ جو نالو ملي چڪو آهي. ! هاڻ ته سوفسطائي قسم جا ماڻهو، مبلغ ۽ رهبر بڻجي اڳتي اچي رهيا آهن!“ ڪال ڪٽجي ويئي، بيلنس ختم ٿيڻ جو نياپو مليو. وري ٽيليفون جي گھنٽي وڄڻ لڳي. دلڪش نمبر ڏٺو، ساڳيو ئي هو.
”هيلو. . . . هيلو ماهپاره پيئي ڳالهيان. اوهان سان ڏاڍي پسنديده گفتگو ٿي رهي هئي، ڪال ڪٽجي ويئي تڏهن نمبر ملايو اٿم، هاڻ ٻڌايو. . . . ؟“
”ڇا ٻڌايان. . . . ؟ انسان وٽ پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ لاءِ، جڏهن ڪجھه بچندو ئي ناهي تڏهن ٻين جا فسانا ٻڌائي، پاڻ کي وندرائڻ جا خود فريب جواز ڳولبا آهن. مونسان به ساڳيو معاملو آهي. “
“ پنهنجي باري ۾ نه ئي سهي، ٻين جي باري ۾ ٻڌايو؟! “
“انهن هوائن جي باري ۾ ڇا ٻڌايان، جيڪي هينئر صحرا جي بدن تان ڪتڪائي ڪري گذري رهيون آهن؟! هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملي، وري جدا ٿيندڙ بادلن جا وڇوڙا، ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجن !؟ پوڙهن وڻن سان دوستيون نڀائيندڙ پکين جون، ڀلا ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن !؟ واريءَ گھرڙا ٺاهي، وري تراين ۾ ترندڙ ٻارڙن جون ڇيڳرايون ۽ کونچرايون، اظهار جي ڪهڙن چولن سان سينگارجن؟ نيري آسمان هيٺيان، ريگستان جي ڀوري بدن تي ڦُٽندڙ گاهن ۽ گلن کي لفظن جي آئيني ۾ ڪيئن ڏيکارجي؟! بورينڊن جا گيت ۽ مورن جي ٽهوڪن جا ڇلا، مڪمل طور اظهار جي آڱرين ۾ آڻي ئي نٿا سگھجن!؟ محسوسات جي شرح جي ماکي ڇاڻي ناهي سگهبي!“
”توهان لفظن جا مصور لڳي رهيا آهيو. ٿر متعلق توهانجون ڳالهيون ٻڌي آس اڀري رهي آهي ته ڪاش ٿر گھمڻ اچي سگهان ۽ توهان کان ٿر جي رهڻِي ڪهڻي، تاريخ ۽ لينڊ اسڪيپ متعلق، گھڻو ڪجھه ٻڌجي ۽ پوءِ ڪتاب لکجي!“
”توهان هيستائين ڇا لکيو آهي؟“
“ٻه ڪهاڻين جا مجموعا، هڪ تحقيقي ۽ هڪ شاعريءَ جو ڪتاب اردو ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ توهان وٽ. . . . . ؟“
”مون وٽ وساريل پنن تي اُتاريل، ڪجھه اداس نظم، چند نڌڻڪا غزل ۽ ڪي بي ترتيب افسانا موجود آهن، هڪ اڻپورو ناول، پنهنجي جيون جيان اڻپورتا جي پنڌ ۾ ڀٽڪيل آهي!“
”چئبو ته پنهنجا مشغلا ساڳيا آهن؟“
”ها بلڪل “
“ڪهڙي قسم جا ڪتاب پڙهندا آهيو ؟“
”منهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شيون اهڙيون آهن. جن جي گھڻائيءَ مان انتخاب ڪرڻ لاءِ، پسند ۽ ڪوالٽيءَ جو خيال صرف تيستائين رکندو آهيان، جيستائين اهي پهچ کان پري هونديون آهن. انهن مان هڪ ڪتاب آهن“
”۽ ٻيو. . . . . . . . !“
”ڇا اهو ٻڌائڻ ضروري آهي!؟“
“ڇا اهو لڪائڻ ضروري آهي !؟“
”مون جھڙي صاف گو ماڻهوءَ لاءِ هرگذ نه ! “
”ته پوءِ ٻڌايو“
”عورت!؟“
”صافگوئي وڻي، ڇا ته انوکو خيال ۽ پيارڙي تشبيهه آهي! “
”مهرباني “
ڳالهين مان توهان مونکي ڏاڍا دلچسپ شخص معلوم ٿي رهيا آهيو. توهان سان روبرو ملڻ جو تجسس رهندو. فون تي رابطو رکجو”.
“ٺيڪ آهي خدا حافظ“
“او_ ڪي بائي“
ماهپاره سان فون تي ڊگھي ڪچهريءَ کانپوءِ، دلڪش پنهنجو پاڻ کي بنهه هلڪو ڦلڪو محسوس ڪيو. ڊگھي وڇوٽيءَ کانپوءِ هن ڪنهن وڻندڙ عورت سان هرکُر واري گفتگو ڪئي هئي. نفيس ۽ نازڪ آواز جي ڇهائن، هن جي سماعت ۾ محبوب خوشبوءِ ۽ تازگي آڻي ڇڏي هئي!
هيستائين ٿيل ڳالهه ٻولهه مان، اهڙي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي هئي، جنهن مان دلڪش کي خوشفهمي پيدا ٿي سگھي. پر دلڪش دل ئي دل ۾ مطمئن هو ته هن هڪ اهم عورت سان رابطو قائم ڪري ورتو هو ۽ پهرين ملاقات ۾ ئي پنهنجو چڱو تاثر ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو.
دلڪش هر شام ساڳي ڀٽ تي ايندو رهندو هو. موبائيل سيٽ کي حسرت سان ڏسڻ باوجود، هو الاءِ ڇو ماهپاره کي وري ڪال ڪري نه سگھيو هو! اڄ به سندس هٿ ۾ موبائيل فون موجود هو، هن سوچيو: ”ماهپاره کي مس ڪال ڏجي“، پر مس ڪال ڏيڻ هن کي هميشه ڪُڌو ڪم لڳندو هو. وري هن سوچيو: ”ميسيج ڪجي، پر ڇو؟! ۽ ڇا لاءِ ؟! منهنجي هن عورت تي آخر ڪهڙي هجت آهي، جو ميسيج ڪريان؟“
عجيب اڻ تڻ ۾ هن سوچيو: ”ڪال ڪريان“ پر وري هن سوچيو: ”ڪنهنکي ڪال ڪرڻ لاءِ گھڻي ڄاڻ سڃاڻ هجڻ ضروري آهي يا وري ڳالهائڻ لاءِ ڪو ڪم يا بهانو هجڻ گھرجي_ پر مون وٽ ته ڪجھه به ناهي. . . . . . . . !!؟“
هن بيوسيءَ مان موبائيل سيٽ ڏانهن ڏٺو ۽ عين ان وقت موبائيل فون جي رنگ وڄڻ لڳي. هن اسڪرين تي نمبر کي ڌيان سان نهاريو ۽ هن جي خوشيءَ جي ڪا انتها نه رهي!
”هيلو. . . . . . . . دلڪش اسپيڪنگ!“
“اوهه دلڪش ڪٿي آهين؟ “
”اتي ئي آهيان، جتي تنهنجي پهرين ۽ آخري ڪال ڇڏي ويئي هئي. منهنجو مطلب آهي ساڳي ڀٽ آهي ۽ ساڳي شام جي تنهائي آهي. “
”مان هڪ هفتي کان ٽرائي ڪري رهي آهيان، تنهنجو نمبر نٿو لڳي؟“
”نمبر لڳڻ لاءِ ڀٽ جي مخصوص چڙهائيءَ جو هجڻ ضروري آهي. جڏهن ته آئون چڙهائيءَ تي هوندو آهيان، تڏهن توهان ڪال نه ڪندا آهيو ۽ جڏهن توهان ڪال ڪندا آهيو، تڏهن آئون هتي نه هوندو آهيان. “
”توهان پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ مس ڪال ڏيو ها!“
”توهان جو نمبر ملائڻ لاءِ منهنجيون آڱريون هر هر اتاوليون ٿيون آهن. پر هر ڀيري مون پنهنجين آڱرين کي رڳو حسرت سان ڏٺو آهي. الاءِ ڇو ڪال ڪري نه سگھيو آهيان!؟“
”تنهنجيون آڱريون يقينن سهڻيون هونديون، تنهنجين ڳالهين جيان! ۽ تنهنجو علائقو به پڪ سان سهڻو هوندو، تنهنجن لفظن جيان! ڪاش! آئون اهو سڀ ڪجھ جلد کان جلد ڏسي سگھان!“
“ماهپاره توهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟ هليا اچو نه! توهان جي ميزباني، مون لاءِ خوشقسمتي هوندي! “
”دلڪش مون ڪيترائي علائقا گھميا آهن، ڪافي وقت کان اندروني سنڌ جي زندگي ڏسڻ جو تجسُس اٿم، پر سوچيان ٿي اوهان ڏانهن ڪيئن اچجي؟! پنهنجي گاڏيءَ ۾ اچان ته رهنمائي ڪير ڪندو؟!“
”توهان هيئن ڪريو جو، ڪراچيءَ کان مٺي ايندڙ اي سي ڪوچ ۾ چڙهو، آئون توهان کي مٺيءَ ۾ رسيو ڪري وٺندس!“
”ها ان باري ۾ سوچي سگھجي ٿو! پر توهان ڪجھه پنهنجي علائقي جي باري ۾ ٻڌايو، ڇا آهي جيڪو ڏسڻ جھڙو آهي؟“
”ڏسڻ لاءِ اهي ڀٽون آَهن، جيڪي قوم پرست گوريلن جي سينن جيان اڏول بيٺيون آهن. ڏسڻ لاءِ اهي ڏهر آهن، جيڪي ڏڪار جي ڏينهن ۾، صدائون هڻندڙ جوڳڻ جي ڪشڪول جيان خالي خالي لڳي رهيا آهن. ڏسڻ لاءِ وڻن کي وروڪيل گولاڙي جون اهي ٽاريون آهن، جيڪي جھونن سنڌين جي پٽڪي ورن جھڙو ڏيک ڏيئي رهيون آهن! ڏسڻ لاءِ چوپائي مال جا اهي ولر آهن، جيڪي نئين نينهن جي جذبن جيان ڀٽن تي اتاولا ڀٽڪي رهيا آهن. ڏسڻ لاءِ مينهوڳي مند جي هوائن ۾ لڏندڙ مور جا اهي کنڀ آهن، جيڪي ايئن ڦڙڪي رهيا آهن، جيئن پهريون ڀيرو عشق جو اظهار ڪندڙ چپ ڦڙڪندا آهن!“
“دلڪش. . . . دلڪش توهان ڳالهائيندي ڳالهائيندي شاعري ڪندا آهيو، ڇا ته غذبناڪ جملا آهن!“
”ماهپاره اها منهنجي ٻولي ناهي، اها ان فطرت جي ٻولي آهي، جنهن جي ڀاڪر ۾ بيهي، آئون توهان سان مخاطب ٿيو آهيان!“
“دلڪش هڪ مهيني کانپوءِ، آئون مستقل طور آمريڪا هلي وينديس، مون وٽ بنهه ٿورو وقت بچيو آهي، پر تنهنجين ڳالهين مونکي ٿر ڏسڻ لاءِ بيچين بڻائي ڇڏيو آهي! سڀاڻي هن وقت وري رابطو ٿيندو، تيستائين مان ڪنهن فيصلي تي پهچي وينديس! ٺيڪ آهي!“
“ٺيڪ آهي! “
“او_ ڪي بائي “
دلڪش موبائيل کيسي ۾ رکڻ پڄاڻا، نيري امبر ڏانهن نهاريو، ٻاٽيبڙ پکين جو هڪ ولر اڏامندو وڃي رهيو هو. ڌرتيءَ تي ساوڪ جو تهه وڇايل هو. دلڪش ڪجھه ڪجھه سوچيندو، واپس گھر ڏانهن ورڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن سج ڀٽن تان ليئا پائڻ لڳو ته، دلڪش به گھرن جي ڀرسان صدين کان ڪنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺل اڪيلي ڀٽ جي چڙهائي چڙهڻ لڳو. ڀٽ جي چوٽيءَ تي چڙهڻ پڄاڻا، هن موبائيل فون آن ڪيو. سگنلز جي تصديق کانپوءِ، هن بيلنس معلوم ڪيو، رڳو مس ڪال جيترا پئسا موجود هئا. هن سوچيو: “ماهپاره کي مس ڪال ڏئي، موجودگيءَ جو احساس ڏيارجي!“ پر ٻئي لمحي وري هن کي خيال آيو: “مس ڪال ڏيڻ ته مونکي هلڪڙن ماڻهن جو ڪم لڳندو آهي. آخر اهڙو ڪم ڇو ڪجي، جنهن سان ماڻهو پنهنجين نظرن ۾ پاڻ ڪرڻ لڳي!“ ۽ ايئن هن ماهپاره جي ڪال اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. لمحا گذرڻ لڳا، ويل ٽرڻ لڳي. انتظار جا ڪاوا دل جي ڪومل بدن ۾ ٽٽندا رهيا. ماهپاره جي رنگ، نه آئي، ته نه آئي! دلڪش ايئن محسوس ڪيو، ڄڻ ٻٻر کي ڀاڪر ۾ ڀريندي، هن کي صديون گذري چڪيون هيون!
سج ڀٽن پويان ٽُٻي هڻڻ لڳو، دلڪش اٿي بيٺو، لمحي لاءِ کيس مس ڪال ڏيڻ جو خيال آيو. پر پوءِ وري هن پنهنجو پاڻ کي روڪي ورتو. ڪجھه دير وڌيڪ چهل قدمي ڪرڻ کانپوءِ هن ميسيج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.
محترمه ماهپاره!
تنهنجي ڪال اچڻ جي اوسيئڙي ۾، منهنجي دل جي گودڙي، محروميءَ جي ڪنڊن سان ڀرجي پيئي آهي! اڄوڪي شام ڪال ڪرڻ وارو تنهنجو واعدو، رونقن جي شهر جي الاءِ ڪهڙي ويساري ۾ وروڪيل آهي!؟ ٻُڏندڙ سج سان گڏ، کُٽندڙ آسرن جي اُڻ تُڻ، الاءِ ڪهڙن ڪهڙن احساسن کي کوٽڻ لڳي آهي! توهان کي آخر ڪهڙو ڏوراپو ڏيان؟ ويران واٽن جا مسافر، ميٽرو پوليٽن شهرن جي مخمور ماڻهن تي آخر ڪهڙيون هُجتون هلائي سگھندا؟!
آسمان تي چنڊ جو ٽڪرو پرگھٽ ٿي پيو آهي، پر ماهپاره! تون الاءِ ڪٿي آهين. ڪجھه ديرکانپوءِ ايندڙ رات جي اوندهه سان، چنڊ جي جھيڻي جھيڻي روشني اکيون اٽڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، پر تنهنجي شهر کي بلبن جون روشنيون ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون، آخر توکي ڪيئن خبر پوي ته تنهنجي فون جو انتظار ڪندي، تنهنجو غائبانه وجود منهنجي تصور جي تالاب ۾ ترڻ لڳو آهي. چنڊ جو بدن تنهنجي چهري جي چغلي هڻي رهيو آهي، تنهنجن کليل وارن جي خوشبوءِ، هتي جي هوائن ۾ اوتجي آئي آهي! ۽ منهنجي دل پوپٽ بڻجي انهن گولاڙي گلن تي اڏرڻ لڳي آهي، جن گلن تي تنهنجن چپن جو گمان ٿيو آهي!
ماهپاره! توکان وسري ويل تنهنجي واعدي تي، پنهنجو پاڻ کي ڪيسين ڌتلائجي!؟ ان کان اڳ جو آسپاس بلائون ٻرن مان ٻاهر نڪري اچن، مون کي گھر به وڃڻ گھرجي! لڳي ٿو فلائنگ ڪس توڏانهن اماڻڻ واري آس، دل ئي دل ۾ دفن ڪرڻي پوندي، ڇو ته ايتري هجت ئي ڪٿي آهي؟!
دلڪش ميسيج جو متن، بار بار پڙهيو. ماهپاره سان پنهنجي تعلق جو جائزو وٺڻ پڄاڻا، ڪافي لفظ ۽ جملا کيس قابل اعتراض محسوس ٿيا پر هن جي دل ميسيج موڪلڻ لاءِ انگل آرا ڪرڻ لڳي. هن اهو سوچي پنهنجو پاڻ کي مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيار جي شروعات ڪرڻ وقت ايئن ئي ٿيندو آهي. عام ڳالهيون به قابل اعتراض لڳنديون آهن ۽ ايئن هن ميسيج سينڊ ڪري ڇڏيو! ميسيج موڪلڻ کانپوءِ کيس محسوس ٿيو ته هن بنهه هلڪڙائيءَ جو ڪم ڪيو هو. جنهن عورت سان صرف ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ جنهن سان ڪڏهن روبرو ملاقات ٿيل به نه هئي، ان کي اهڙي قسم جو ميسيج موڪلڻ، کيس بنهه بد فضيلتو ڪم محسوس ٿيو. ماهپاره کي چنڊ جي بدن سان تشبيهه ڏيڻ کان ويندي، فلائنگ ڪس تائين ڪيترائي لفظ ۽ جملا ڇيرا ۽ ڄيرا بنجي، هن جي دل کي داغيندا رهيا! ڪجھه دير وڌيڪ ڀٽ تي چهل قدمي ڪرڻ پڄاڻا دلڪش گھر ڏانهن موٽڻ لڳو. ايندڙ ٻن ڏينهن تائين، هو نه سمجھه ۾ ايندڙ ڪيفيت ۾ مبتلا رهيو. ماهپاره جو خيال هن جي تصور ۾، کچري ٻار طرفان ٻير تي اُڇلايل پٿر جيان لاڳيتو اٽڪيل رهيو. هن کي خيال آيو ته ماهپاره سان وري ڪڏهن به رابطو نه ڪجي. پر وري هن کي خيال آيو ته، ماهپاره کي لاڳيتو سُريلا ميسيج اُماڻجن، پٿر تي ڪرندڙ پاڻيءَ ڦڙو به نيٺ سوراخ ٺاهي ڇڏيندو آهي! پر ٿي سگھي ٿو ”هن عورت کي اهو سڀ ڪجھه متاثر ڪرڻ لاءِ ناڪافي هجي!، ها ايئن ٿي سگھي ٿو، پر هر ماڻهوءَ جي ڪانه ڪا قيمت هوندي آهي. ڪو هزار، ڪو لک، ڪو ڪروڙ تي وڪامي ويندو آهي. پر ڪي ماڻهو پئسن سان خريد ناهن ٿيندا. پر انهن جو به ڪو ملهه هوندو آهي. جڏهن به کين خبر پيئي ته سندن ملهه صحيح ڪٿيو ويو آهي ته، بس اهي ڇلڙن جي سوٿيءَ تي ئي وڪامي پوندا آهن! ڪن ماڻهن جو ملهه موت ئي هوندو آهي، پر موت انهن کي ماري ناهي سگھندو!“
خيالن جي پُرپيچ ڄار ۾، الجھندي کيس ترائيءَ تي دلو ڀريندڙ اها ٿرياڻيءَ ياد اچڻ لڳي، جنهن هن کي بيدرديءَ سان ٺڪرائي ڇڏيو هو ۽ جنهن هن کي تڙ تڙ جو پاڻي پيئندڙ ڇيڳڙو پکي سڏيو هو. دلڪش سوچيو: ”مون ان عورت جي غلط قيمت مقرر ڪئي هئي. صرف عارضي رفاقت جو عاجزاڻو عرض! جڏهن ته ان عورت جي قيمت پنهنجي مڙس سان وفا ۽ منهنجي ڪردار ۾ شفافيت سان مشروط هئي، جنهن کي آئون کٽل خريدار سمجھي نه سگھيو هئس!“
ماهپاره کي ميسيج موڪلڻ بعد ٽئين ڏينهن، دلڪش جي پيرن ۾ وري اڪيلي ڀٽ تي چهل قدمي ڪرڻ لاءِ ڪتڪائي ٿيڻ لڳي! هن سوچيو: ”موبائيل گڏ کڻي وڃجي، متان ماهپاره ڪال ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ هجي، پر سندس رد عمل الاءِ ڪهڙو هوندو!؟ ٿي سگهي ٿو سندس ڪال اٽينڊ ڪرڻ پڄاڻا شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پوي“. وري هن کي خيال آيو: “ٿي سگهي ٿو، هن پنهنجو رد عمل ميسيج جي صورت ۾ موڪليو هجي !”اهو ئي سوچي، هن موبائيل کنيو ۽ اڪيلي ڀٽ ڏانهن وڃڻ لڳو. شام جا پاڇا وڌي رهيا هئا.
اڪيلي ڀٽ جي چوٽيءَ تي چڙهڻ کانپوءِ، هن موبائيل ۾ ٻي بيٽري لڳائي، جيڪا هن اڄ ئي شمشي توانائيءَ تي چارج ڪئي هئي، سگنلز اچڻ بعد ميسيج ٽيونُ وڄڻ لڳي. هن تجسس مان ميسيج کولي پڙهيا، پر سڀئي ڪمپني طرفان اماڻيل هئا. مايوسيءَ مان هن فون کيسي ۾ رکي ڇڏيو. واريءَ تي ويهي هن آڱرين سان ڪيئي ليڪا پاتا ۽ وري ڊاهي ڇڏيا. هن جي تصور جا ڌنڌلا عڪس، تجريدي آرٽ جو روپ ڌاري، واريءَ تي وراڪا پائي رهيا هئا ! اوچتو کيسي ۾ رکيل موبائيل جي ڪال بيل دلڪش کي خيالن جي ڊگهي ٽُٻيءَ مان ٻاهر آڻي ڇڏيو. موبائيل جي اسڪرين تي ماهپاره جو ڄاتل سڃاتل نمبر مسڪرائي رهيو هو، پر اڄ دلڪش ۾ اها جرئت ۽ اعتماد نه رهيو هو جو، ماهپاره جي ڪال اٽينڊ ڪري سگهجي! گهڻو اڳ عورتن سان بي ججهڪ، پيار جو اظهار ڪرڻ وارو، ڪيترن ئي موقعن تي خطرناڪ عورتن سان رسڪي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ وارو دلڪش، اڄ بنهه شرمندگي، هٻڪ ۽ اعتماد جي کوٽ محسوس ڪري رهيو هو. بيرحم وقت جي خزان، هن جي رنگ روپ تي اثر ته ڇڏيا هئا، پر طلاق کانپوءِ، ٻهراڙيءَ ۾ رهندي، هن جي ڊانوا ڊُول حيثيت به، هن تي اثرانداز ٿي هئي. محرومين جو ورجاءُ، انساني شخصيت کي اعتماد جي اڻهوند جو آئينو ٺاهي ڇڏيندو آهي! موبائيل جي گهنٽِي وڄي، وڄي بند ٿي ويئي. پر دلڪش ڪال اٽينڊ ڪرڻ جو ست ساري نه سگهيو. هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا،. . . . . . ڪجهه دير کانپوءِ، ميسيج ٽيون وڄڻ لڳي. دلڪش ميسيج کوليو، لکيل هو: ”منهنجي ڪال توهان لاءِ ممنوع ڇو بڻجي پيئي آهي، اڃا ڳالهائڻ تي ٽئڪس ناهي لڳو! مون طرفان مقرر وقت تي ڪال نه ڪرڻ واري ڳالهه کي، دل جي چُنيءَ ۾ اڃان ناراضگيءَ جي ڳنڍ ڪريو ٻڌيو ويٺو آهين! شابش هجنئي! مون سان ٿيل ٽريجڊيءَ جو به ته ٻڌين ها !
دلڪش ميسيج پڙهي، پشيمانيءَ جي پاڻيءَ ۾ پسڻ لڳو. هن ڇا سوچيو هو ۽ ماهپاره ڇا سوچڻ لڳي هئي! هن جي دل چاهيو، هينئر ئي هينئر، ماهپاره کي ڪال ڪري يا معذرت وارو ميسيج موڪلي، پر بيلينس نه هجڻ واري محروميءَ، هن کي ماري وڌو. هن سوچيو: ”ماهپاره ٻيهر ڪال ڪندي به، يا الاءِ نه!؟ پر دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾، اها خوشي به هئس ته ميسيج پڙهي هوءَ ناراض نه ٿي هئي. ٻوڙو انتظار ڪندي ڳپل پل گذري ويا، هن کي ڪليڪٽ ڪال ڪرڻ جو خيال آيو، پر اها هن کي ڪريل حرڪت لڳي.
کنوڻ تي مال ڪاهڻ جھڙو آسرو ڪندي ڪيئي لمحا گذري ويا. سج لهڻ لڳو، مال جا ولر واپس وٿاڻن ڏانهن ورڻ لڳا. رات جو چاڙهائو ڪندڙ ٿرياڻين جي چونئرن مان دُونهن نڪري رهيا هئا. تڏهن ئي موبائيل جي گھنٽي وري وڄڻ لڳي. دلڪش جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. ان خوشيءَ ۾ هو اٿي بيٺو ۽ ڪال رسيو جو بٽڻ دٻائي ڇڏيائين.
”هيلو “
“هيلو “
“مٺڙا ماڻهو ڪهڙا حال آهن؟“
”حال پڇي ڇا ڪندئين جان!“
”ڇو اڃان تائين ناراض آهين ڇا؟“
”جان! توکان ناراض ٿي ڪيئن سگھبو؟ بلبل باغن سان ناراض ٿي ڪيڏانهن ويندو؟! پوپٽ گل کان دوستي ٽوڙيندو ته ٻيو ڪير ياري رکندو؟ هرڻ گاهه کان رسندو ته، بک مرندو؟! پکي آسمان کان رسندا ته، پرچائيندو ڪير؟!“
”تنهنجن جملن ۽ خيالن کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھجي. پر اهو سڀ ڪجھه، جيڪڏهن خوبصورت مبالغو آهي ته ته ٺيڪ آهي، پر ان ۾ جيڪڏهن هڪ پرسنٽ به حقيقت آهي ته پوءِ، توکي يقينن مايوسي ٿيندي، ڇو ته تون مونکي وقت جي اهڙي موڙ تي مليو آهين، جڏهن گھڻو ڪجھ منهنجي وس ۾ ناهي رهيو. “
”انسان جن شين کي بظاهر پنهنجي وس ۾ سمجھندو آهي، ڪن حالتن ۾ اهي به وس ۾ ناهن رهنديون! ان ڪري وقت جي هن موڙ تي، حاصل ۽ لاحاصل جو فرق، مون لاءِ بي معنيٰ ٿي پيو آهي. تون مونکان دُور، منهنجي پهچ کان پري، وڇوڙن جي سمونڊ ۾ ترندي رهو، آئون تنهنجي خيالي وجود کي تصور جي شوڪيس ۾ سجائي رکندس!“
”توهان مونکان اڃان تائين ناهي پڇيو ته توکي ڪال ڪرڻ جي واعدي واري ڏينهن، مونسان ڇا وهيو واپريو!؟“
”ٻڌايو!“
”ان ڏينهن آئون شاپنگ تي ويئي هيئس. واپسيءَ ۾ منهنجي سهيليءَ جي گھر آيس جيڪو رستي تي ئي هو. ٿڌو پي موڪلايم ته هن رات جي ماني، گڏ کائڻ لاءِ بنهه گھڻو زور ڀريو. پر مونکي توسان ڳالهائڻو هو، ان ڪري ضروري ڪم جو غذر پيش ڪيم. پر هوءَ ضد تان لهڻ جو نالو ئي نه وٺي رهي هئي. اهو پهريون ڀيرو هو، جو مون سندس ڪنهن فرمائش کي بيدرديءَ سان ٺڪرائي ڇڏيو. باٿ روم يوز ڪري، کانئس موڪلايم ته هن منهنجو پرس مونکي ڏيندي چيو: ڊنر تي تنهنجو انتظار ڪنديس، وقت ملي ته اچجان. مون ڪار ۾ چڙهندي چيو: ”ٺيڪ آهي“. واپس گھر پهتيس ته توسان ڳالهائڻ جو وقت ٿي چڪو هو. پرس کوليم ته موبائيل غائب هو. مون وٽ ٻه ٻيا موبائيل سيٽ موجود هئا، ٻه ٽي سمون به هيون پر تنهنجو نمبر ته آپريشنل سم ۾ هو، جيڪا گم ٿيل موبائيل ۾ هئي. بهرحال ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو، دماغ چڪرائجڻ لڳو. توسان ڳالهائڻ جو وقت گذرندو رهيو. ڪار ۾ چڙهي سهيليءَ جي گھر پهتيس. مونکي ڏسي مرڪڻ لڳي، چيائين: ”ڏٺئي ڊنر تي اچي وئين نه! شاباش منهنجي فرمانبردار دوست!“ بهرحال موبائيل مليو تيسين رات پئجي وئي تنهنجو نمبر ملايم، نه پئي لڳو. صرف تنهنجو SMS مليو، تڏهن کان لاڳيتو ٽرائي ڪري رهي آهيان. اڄ وڃي مس مس رابطو ٿيو آهي!“
“اوهه. . . . مونکي افسوس آهي، ۽ تنهنجي شرارتي سهيليءَ تي ڪاوڙ به! نڀاڳي ماڳهين رقيب ٿي لڳي آهي!“
”ٽهڪ. . . . . . . . . خير ٻڌ! مون ٿر اچڻ لاءِ سامان پيڪ ڪري رکيو آهي، مٺي ايندڙ اي_سي ڪوچ متعلق معلوم ڪيو اٿم، سڀاڻي سوير، ان ۾ سوار ٿينديئس. شام پنج وڳي مٺيءَ پهچنديئس. ايئن نه ٿئي جو تون غائب ۽ تنهنجو موبائيل فون آف!“
”جانان. . . . . جانان! تون ايئن ڇو ٿي چوين! سڀاڻي مٺي شهر جي پرهجوم بس اسٽاپ تي هڪڙو تنها ماڻهو، تنهنجي آجيان ۾ دل جو ديپ ٻاري رکندو، ڏُور کان ايندڙ بسن جي هارن سان ڇرڪندو هوندو! ۽ ويندڙ وقت مان ڇڻندڙ انتظار جي شيشن کي، احساسن جي زبان ۽ جذبن جي پنبڙين سان ميڙيندو هوندو!!“
”ڏس دلڪش! عورت هوندي به، توهان تي ايترو اعتماد ڪيو اٿم. ٻڌو اٿم اندروني سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ بدامني آهي، پوءِ به تنهنجين ڳالهين مونکي ايترو متاثر ڪيو آهي جو، سوچيم: ان کان اڳ جو پرديس هلي وڃان، مون وٽ هڪ مهينو بچيو آهي، توکي ۽ تنهنجي علائقي کي ڏسيو وڃان، هونئن به مونکي مهم جو، ايڊونچر سان ڀرپور ۽ پُرخطر زندگيءَ جو حسن موهيندو آهي !. ملڻ کان اڳ وڇڙي وڃڻ کان بهتر آهي ته ملي پوءِ وڇڙي وڃون!“.
”تنهنجين ڳالهين مان لڳي ٿو ته توسان ملڻ کانپوءِ، روئڻ منهنجو مقدر هوندو، پر اهڙيون ڳالهيون ڪري ملڻ کان اڳ ۾ ئي روئارين ڇو ٿي؟!“.
“تنهجين ڳالهين جيان تون به ڏاڍو جذباتي آهين. حقيقتن جو زهر، اسان سڀني کي ڪڏهن نه ڪڏهن، پيئڻو پوندو! زندگيءَ ۾ مليل سدابهار لمحن جي سنگت کي، آئيندي جي انديشن ۾، بي مزهه بڻائڻ به بيوقوفي آهي. بهرحال ڪافي ڳالهيون آهن، جيڪي روبرو ڪنداسين، مونکي توڏانهن اچڻ لاءِ تياري ڪرڻي آهي. صبح سويل اٿڻو پوندم. شام پنج وڳي مٺي پهچنديس. ان کان اڳ هروڀرو انتظار جي ڪيفيت کي پنهنجي ويجھو اچڻ متان ڏيئين! ٺيڪ آهي نه!؟“.
”ٺيڪ آهي، پنج وڳي مٺيءَ جي بس اسٽاپ تي هوندس. پنهنجو فون کليل رکجان!“
”او- ڪي بائي!“
***

دلڪش اسلام ڪوٽ کان مٺيءَ ويندڙ بس ۾ چڙهيل هو. موسم ۾ وڻندڙ تبديلي اچي چڪي هئي. بارش جا آثار پيدا ٿي پيا هئا. دلڪش سوچن جي صحرا کي جھاڳي رهيو هو.
”ماهپاره ڪيئن هوندي؟ ڪهڙي هوندي؟ سندس عمر، سندس شڪل شبيهه ڪيئن هوندي؟ متان ايئن نه ٿئي جو، کيس ڏسي پڇتائڻو پوي! “
دلڪش کي ڪافي وقت اڳ وارو واقعو ياد اچي ويو. رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل سندس تحريرون پڙهي، هڪ ڇوڪري مٿس پرپٺ عاشق ٿي پيئي هئي. هن طرفان لکيل خطن ۾، نه رڳو فون نمبر لکيل هو، پر ملڻ جي شديد خواهش جو به اظهار ٿيل هو. ٽيليفون تي راز ۽ نياز جون ڳالهيون، ڪجھه ڏينهن هلڻ کانپوءِ نيٺ مٺيءَ ۾، ملاقات جو پروگرام ٺهيو هو. پر دلڪش کي پهريون جھٽڪو تڏهن لڳو، جڏهن هن ڇوڪريءَ کي روبرو ڏٺو هو. نه رڳو سندس اکيون چٻرا ڪڍندڙ هيون، پر رنگ، جسامت ۽ لڇڻ تائين، دلڪش لاءِ ڪجھه به قابل ڌيان نه هو ۽ پوءِ دلڪش وڏي مشڪل سان پنهنجي جان ڇڏائي هئي. دلڪش پنهنجو پاڻ سان کيٽو ڪندي سوچيو: ”ڇا تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائي رهي آهي!“ دلڪش بس جي شيشي مان ٻاهر نهاريو، ٿري وڻن تي گونچ ڦٽل هئا، ڌرتيءَ تي گاهه جي سائي ساڙهي وڇايل هئي.
مٺيءَ جي بس ٽرمينل تي لهڻ کانپوءِ، دلڪش ڀر واري هوٽل ۾ داخل ٿيو. چانهه جا سُرڪ ڀريندي، هن سوچيو: ”ماهپاره کي ترسائڻ لاءِ هوٽل جو ڪمرو بهتر رهندو يا ڪنهن دوست جي جڳهه! هوٽل جي نسبت ڪنهن دوست جو مڪان بهتر رهندو، جتي پرائيويسي ۽ سانتيڪو ماحول هوندو. پر ماهپاره سان ٿيل گفتگو مان لڳي ٿو ته هوءَ اپر ڪلاس جي آهي، سو هن لاءِ جڳهه جي حالت ۽ STANDAR جو به خيال رکڻو پوندو!“ دلڪش کي ٻه دوست اهڙا سُجھيا، جن جون جڳھيون ڪجھه حد تائين، ماهپاره کي ترسائڻ جي قابل هيون پر هڪ دوست جي جڳھه جو باٿ روم غير معياري هو، ان ڪري هن اهو آپشن رد ڪري ڇڏيو. باقي بچيل هڪ دوست متعلق هن کي، غير يقيني اها ٿي پيئي ته، اهو مٺيءَ ۾ هوندو يا نه! هن ان دوست جو موبائيل نمبر ملايو.
”هيلو فاضل! دلڪش پيو ڳالهايان “
”او جاني! ڪيئن آهين؟ “
”بلڪل ٺيڪ، يار تو ۾ ڪم پيو آهي!“
”حڪم ڪر جاني!“
”منهنجا مهمان اچي رهيا آهن، ترسائڻ لاءِ تنهنجو مڪان گھربل آهي“
”واهه سائين واهه! اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي، مون توکي اڳ ئي چيو هو ته جڳهه جي هڪ چاٻي توکي ڏيئي ڇڏيان“
”تڏهن ضرورت نه هئي، اڄ ضرورت پيئي اٿم“
”خير آئون ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، تون ڪٿي آهين؟ توکي چاٻي ڏيندو وڃان! “
”آئون ٿر بس ٽرمينل جي اولهه پاسي واري هوٽل تي موجود آهيان“
”بس آئون پڄان ٿو “
”ٺيڪ آهي!“
ڪجھه ئي دير ۾ فاضل پهچي ويو. دلڪش کي ڀاڪر ۾ ڀريندي، پڇيائين: ”ڪٿي هُئين، ڇا ڪري رهيو هُئين، مورڳو عيد جو چنڊ ٿي پئين“
”زمين تي هئس، ڪجھه نه ڪرڻ واري آسمان تان، خوابن جا ستارا چورائي رهيو هئس ۽ منهنجي وجود ۾ ڏهين محرم جو چنڊ ترسيل هو! “
”ابتيون ڳالهيون اڃان نه ڇڏيون اٿئي، خير اهو ٻڌائي ڀاڄائيءَ کي طلاق ڇو ڏنئي؟“
”سبتيون ڳالهيون ڪرڻ وارا، اهي ڳالهيون هوٽلن تي ناهن پڇبيون!“
”سوري! هونئن به آئون هينئر تڪڙو آهيان، هفتي کن کانپوءِ موٽندس. ٻي دفعي توسان ڏي وٺ ڪبي. اچي هي وٺ چاٻيون!“
”پر ترس چانهه ته پيءُ “
“نه نه ٻاهر دوست جيپ ۾ ويٺا آهن“
دلڪش چاٻين جو جھوڙو کڻي، فاضل جي جڳهه تي پهتو. هڪ ڪمري ۾ ٻه کٽون رکيل هيون. ٻئي ڪمري ۾ هڪ ڊبل بيڊ، هڪ ميز ۽ چار ڪرسيون پيون هيون. ڊگھي وڇوٽيءَ کانپوءِ ڪنهن سانتيڪي جاءِ تي، اڪيلائيءَ جي احساس ۾، ملڻ جو اوسيئڙو ڪندي، ڪنهن عورت جو تصور، هن جي بدن ۾ عجيب ڪتڪايون ڪرڻ لڳو. انتظار جون سُيون هن جي دل ۾ چڀنديون رهيون. ٻه ٽي ڀيرا هن ماهپاره جو نمبر ملايو، پر جواب نه ملي رهيو هو. آسرو، بييقيني ۽ وسوسن جو ڪوسو پاڻي، هن جي هانوءُ مٿان هارجندو رهيو!
شام جا سوا چار ٿيا ته، هن جڳهه جو تاڙو بند ڪيو. ڀر واري هوٽل تان چانهه جو ڪپ پيءُ، بس ٽرمينل ڏانهن ويندڙ رڪشي ۾ سوار ٿيو. بس ٽرمينل تي پڄي، هن گھڙيءَ ۾ وقت نهاريو. اي سي ڪوچ پهچڻ ۾، باقي ويهه منٽ بچيا هئا، ڄڻ ويهه صديون هن جي سامهون بيٺل هيون!
هن جون نظرون، هرهر گھڙيءَ جي ڪانٽن تي اٽڪي رهيون هيون ۽ آڱريون ماهپاره جو نمبر ريڊائيل ڪرڻ جي ڪرت ۾ قابو! پر ڪو به جواب نه ملي رهيو هو. شام جا پنج ٿي چڪا هئا. دلڪش بيصبري ۽ اتولائيءَ مان اٿي بيٺو. هوٽل مان نڪري ڏيپلو، چيلهار ۽ اسلام ڪوٽ ڏانهن ايندڙ_ويندڙ بسن وٽ ماڻهن جي هجوم ۾ وڃي بيٺو. اجتماعيت جي احساس ۾، هن جي شخصي اڻتڻ ڪجھه قدر گھٽجي پيئي. ڀرسان بيٺل ماڻهو، هڪٻئي سان ڀڻڪيا پئي. ”اڄ اي سي ڪوچ ڏاڍي دير ڪئي آهي، پر ايندي ضرور!“
دلڪش کي ان شخص جو جملو ڏاڍو سٺو لڳو. هن جي دل چاهيو، ان شخص کان وري وري پڇي ۽ ساڳي رايو وري ٻڌي! پر ڏور کان ايندڙ اي سي ڪوچ جي هارن، هن جي خيال کي مٽائي ڇڏيو. اي سي ڪوچ جي تاڙ ۾ بيٺل رڪشا، هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ لڳا، ايئن جيئن ٻرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ پڄاڻا ماڪوڙا بدحواس ٿي ڊوڙندا آهن! هن جلدي جلدي ”ماهپاره جو نمبر ملايو پر جواب نه مليو. هن کي مايوسي ۽ محروميءَ جو زبردست ڪرنٽ لڳو. “ اي سي ڪوچ ۾ ماهپاره هجي ها ته سندس فون نمبر ضرور لڳي ها. هن مونسان ڏاڍي پٽي ڪئي آهي!“
ڪتن جيئن ڀونڪندڙ رڪشن جا هارن، هن جي خيالن کي منتشر ڪندا رهيا. هو دل ئي دل ۾ ماهپاره تي چڙندو رهيو! اوچتو کيسي ۾ رکيل موبائيل فون جي گھنٽيءَ وڄڻ لڳي. فون ڪندڙ شخص تي هن کي، ڪجھه ڪجھه چڙ محسوس ٿي. ماهپاره جي نه اچڻ جي صدمي، هن کي نفرت ۽ ڪروڌ جي ڪيفيت ۾ وروڪي وڌو هو. اهو ئي سبب هو جو هن وقت، هو ڪنهن جي به فون ڪال وصول ڪرڻ لاءِ، پنهنجو پاڻ کي ذهني طور آماده ڪري نه پئي سگھيو!رنگ وڄي بند ٿي پيئي، چنڊ سيڪنڊن کانپوءِ وري رنگ وڄڻ لڳي. دلڪش ڏند ڪرٽيندي کيسي ۾ هٿ وجھي موبائيل ڪڍي ورتو، اسڪرين تي ماهپاره جو نمبر مرڪي رهيو هو.
”هيلو!“
”اوهه دلڪش! تون ڪٿي آهين، آئون ڏاڍي پريشان آهيان!“
”وري ڇا ٿيو؟!ٰ“
”ٿيندو وري ڇا، مونکي گھرائي، پاڻ گم، ڪال رسيو به نٿو ڪرين؟!“
”آخر تون آهين ڪٿي؟ صبح کان ٽرائي ڪري رهيو آهيان، نمبر نه پيو لڳي!“
”نمبر ڌوڙ جو لڳندو، چارج وڃڻ جي خوف کان موبائيل بند رکيو هئم، اي سي ڪوچ مٺي پهچي چڪي آهي، تون ڪٿي آهين؟!“
”بس ايئن سمجھه ته تنهنجي ڀر ۾ بيٺو آهيان، ٻن منٽن ۾ پهچان ٿو. “ دلڪش فون کيسي ۾ رکڻ کانپوءِ اولهه طرف نهاريو، اي سي ڪوچ ۽ دلڪش جي وچان 30 وکن جو مفاصلو ۽ ڪجھه ڪيبينن ۽ ريڙهن جون قطارون موجود هيون. هن جو ذهن تجسس جو سنگرام ٿي پيو. ”ماهپاره ڪيئن هوندي، ڪهڙي هوندي؟“ هن کي پنهنجي خوابن جا شيش محل ڌڏندي محسوس ٿيڻ لڳا!!
دلڪش ريڙهن ۽ رڪشن جي هجوم مان جاءِ ٺاهيندو، اي سي ڪوچ طرف وڌڻ لڳو. ڪوچ مان مسافر لهي چڪا هئا، صرف اسلام ڪوٽ ويندڙ مسافر سوار ٿي رهيا هئا. هن آسپاس نهاريو، هڪ خوبصورت عورت تي هن جون اکيون اٽڪي پيون. پر ٻئي لمحي کيس مايوسي تڏهن ٿي، جڏهن هوءَ پنهنجي وارث سان گڏ رڪشي ۾ سوار ٿي هلي ويئي. ڪوچ جي ويجھو پهچي، هن چئو طرف نهاريو، پر ڪٿي به کيس مطلوبه عورت نظر نه آئي. هن کي محسوس ٿيو ڄڻ ماهپاره هن سان عجيب مذاق ڪري، گھوئيون ڏيئي رهي هئي. هن بيدليءَ مان ماهپاره جو نمبر وري ملايو، هن کي انديشو هو ته ماهپاره موبائيل بند ڪري ڇڏيو هوندو. پر جڏهن رنگ وڄڻ لڳي ته هن جي پيٽ ۾ ڪجھه ساهه پيو.
”هيلو يار آئون پريشان آهيان!“
“ماهپاره تون ڪٿي آهين؟ “
”آئون ڪوچ ۾ ويٺي آهيان “
دلڪش کان ٽهڪ ڇڏائي ويو، چيائين: ”نون مسافرن سان ايئن ئي ٿيندو آهي. آئون ڪوچ جي گيٽ تي بيٺو آهيان، تون لهي اچ!“
چند ئي سيڪنڊن ۾ هڪ پروقار عورت هيٺ لهي آئي. جنهن کي گلابي رنگ جو وڳو پاتل هو. اکين تي ڪارو چشمو ۽ پيرن ۾ هيل وارا سينڊل پاتل هئس. نازڪ ۽ نفيس رنگ روپ واري، هوءَ سهڻي عورت، اپر ڪلاس جي حور لڳي رهي هئي! دلڪش سندس سامهون اچي، شرميلي مرڪ سان سندس سواڳت ڪيو.
“آر يو دلڪش؟! “
”ييس آءِ ايم “
ماهپاره جو سامان رڪشه ۾ رکڻ کانپوءِ، هن رڪشه واري کي دوست جي جڳهه جو پتو ٻڌايو. ماهپاره سان گڏ رڪشه ۾ ويهندي، هن کي محسوس ٿيو ته اها سواري ماهپاره جي سماجي رتبي جي خلاف هئي! بازار مان گذرندي هن محسوس ڪيو ته ڪيترن ئي ماڻهن جون نظرون سندس رڪشه تي چنبڙي پيون هيون. جڳهه جي ڪمري ۾ سامان رکڻ کانپوءِ ماهپاره باٿروم جي پڇا ڪئي ته هن هڪ طرف اشارو ڪندي سندس رهنمائي ڪئي، اٽيج ۽ ٽائلس لڳل باٿروم جي اڻهوند، دلڪش کي محروميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو! دلڪش ڀر واري هوٽل تان ٻه پيپسي بوتلون کڻي آيو، تيستائين ماهپاره فريش ٿي بيڊ تي ويهي رهي. دلڪش ڪرسي سوري ڀرسان اچي ويٺو. ماهپاره پيپيسيءَ جو ڍڪ ڀريندي ڪجلين اکين سان نهاريندي پڇيو: ”ٻاهر آسمان تي ڪڪر ڇانئيل آهن، ڇا بارش جا آثار پيدا ٿي پيا آهن؟“
”ها اڄ برسات وسڻ جا وڏا امڪان آهن “
”ٿر جو تصور مون وٽ ويراني ۽ رڃ وارو آهي، پر اڃان تائين مونکي اهڙي ڪابه شيءَ نظر ناهي آئي“
”اڃان ته مٺيءَ ۾ پهتي آهين!“
دلڪش ۽ ماهپاره دير تائين، ڳالهين جي ڳوٺ ۾ رلندا رهيا ۽ پوءِ دلڪش هڪ دوست جو نمبر ملايو، جنهن پنهنجي ڪار ۾ دلڪش ۽ ماهپاره کي گڍيءَ ڀٽ تي پهچائي ڇڏيو. گڍيءَ جي ڀٽ تان مٺي شهر جو منظر، مڌ جي پيالي جيان پيارو لڳي رهيو هو. آسمان تي ڇانئيل ڪارن ڪڪرن، سانجھه جي چنيءَ کي ڪجھه سويل سرڪائي وڌو هو. مٺي شهر جا بلب روشن ٿي پيا هئا. ماهپاره چيو: “ايئن ٿو لڳي ڄڻ چنڊ، هزار ٽڪرن ۾ ورهائجي، مٺي شهر تي ڇڻي رهيو آهي!“
دلڪش چاهيو ته چوي: ”آسمان جو چنڊ، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، پر ڌرتيءَ جو چنڊ ته منهنجي ڀرسان محفوظ آهي!“ پر جيڪو ڪجھه هن چوڻ چاهيو، چئي نه سگھيو هو. اڄ هن جو هر رؤيو تڪلف جي تابوت ۾ بند هو. هن ماهپاره تي ڪابه هجت نه پئي هلائي. ان جو سبب ماهپاره جي پروقار، معتبر ۽ شاهوڪارانه شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ، دلڪش جي مڊل ڪلاس واري طبقاتي حيثيت هئي. انهيءَ سان گڏوگڏ، گذري ويل وقت جي اڻڳڻيل زخمن، هن کي بيحد حساس بڻائي ڇڏيو هو! دلڪش جي اجھاڻيل اجھاڻيل رؤيي کي شايد ماهپاره به محسوس ڪري ورتو هو. پڇيائين: ”فون تي ڳالهائڻ وقت تون ڪيترو نه بي تڪلف، چنچل ۽ تيز ترار لڳي رهيو هئين پر هاڻي پرتڪلف ۽ ماڻيٺو ماڻيٺو ڇو آهين؟ سامهون چمڪندڙ بلبن جو نظارو توکي ڪيئن ٿو لڳي؟“
دلڪش لڄاري مرڪ سان ڳالهه گھڙيندي چيو: ”آئون دراصل ٻن ٽن تشبيهن مان ڪنهن مناسب تشبيهه جي چونڊ ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هئس“
”تشبيهون مونکي ٻڌائي، انتخاب آئون ڪنديس!“
”ايئن ٿو لڳي، ڄڻ هڪ ئي وقت هزارين جگنو اڏري رهيا آهن يا وري ڪينجھر جي پاڻيءَ ۾، ڦڳڻ جي اونداهيءَ جا ستارا عڪس بڻجي رقص ڪري رهيا آهن!“
”اوهه! ڇا ته دلبر تشبيهون آهن، ڇا ٻي به ڪا تشبيهه آهي؟“
”ها هڪ مبهم خيال آرس موڙي رهيو آهي، بس اظهار لاءِ لفظ گھربل آهن!“
”ها به ٻڌايو؟“
دلڪش ڪجھه سوچيندي وراڻيو: ”سامهون نظر ايندڙ روشنيون ڏسي، لڳي ٿو ڄڻ ڪاري ڪري ماريل عورتن جي ڪنن جا سونا جُھومڪ، هوائن جي دوش تي لٽڪيل آهن!“
”اوهو. . . . ڇا ته غصب جي تشبيهه آهي!“
دلڪش ۽ ماهپاره ڳڙ جھڙيون ڳالهيون ورهائيندا رهيا. انهيءَ دوران دلڪش جي من ۾ ڪافي ڀيرا چور احساس چهنڊڙي هڻندا رهيا، پراڄ الاءِ ڇو دلڪش، پاڻ ۾ اهو اعتماد ساري نه سگھيو هو، جيڪو اعتماد سڄي ڄمار سندس ساٿي رهيو هو ۽ جنهن اڪثر موقعن تي، هن کي برتر ۽ حاوي هجڻ جو البيلو احساس ارپي، انيڪ مورچن جو فاتح بڻايو هو! پر وقت جي هن موڙ تي، ماهپاره جي اڳيان، احساس ڪمتريءَ جي قينچي، حوصلن جا هلواڻ ڪٽي ڇڏيا هئا! واقعي، طبقاتي وڇوٽين جا فرق، روين جو تعين ڪندا آهن.
ڪافي دير کانپوءِ، دلڪش ڪال ڪري ساڳي دوست جي ڪار گھرائي ورتي. رات جي ماني پارڪر هوٽل جي ڪمري نمبر 4 ۾ کائڻ کانپوءِ، واپس جڳهه تي موٽي آيا. ماهپاره جي مرڪن، ڳالهين، ادائن، دلڪش جي دل ۾ هُورا کُورا پيدا ڪري ڇڏي هئي. وڏي وڇوٽيءَ کانپوءِ، نويڪلائيءَ ۾ حسين عورت جي قربت ۾، حسن جي ريل ڇيل، هن جي اندر ۾، انوکا ٿڌڙا ڪڍي رهي هئي! هرهر هن جي دل چاهيو ته هو ماهپاره کي ڀاڪر ۾ ڀري اهو چوي: ”تون منهنجي زندگيءَ ۾ آيل آخري عورت آهين. مونکي سهارو ڏي. هرڪو مونکي ڇڏي ويو آهي، تون متان ڇڏئين!“ پر دلڪش ان حوالي سان ڪجھه به چئي نه پئي سگھيو. ٽيليفون تي ڪيل ڪچهري ۽ ميسيج کانپوءِ، هن کي پڪ ٿي پيئي هئي ته انهي معاملي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ سان ماهپاره هروڀرو مائينڊ نه ڪندي. ڇو ته ماهپاره ايتري ٻالا ڀولي ته نه هئي، جنهن هيستائين جي تعلق مان، دلڪش جي دل جي ڳالهه کي سمجھيو نه هجي! پر ايتري ساري اڳڀرائي ٿيڻ جي باوجود دلڪش پاڻ ۾ ايترو ست ساري نه پئي سگھيو، جو ماهپاره سان وڌيڪ فري ٿي سگھي. هن جو لهجو جانئيتو نه هو. هن کي لفظ نه پئي سُجھيا! هن کي صحيح اندازو نه پئي ٿيو ته آخر ماهپاره جي من ۾ ڇا هو!؟ هوءَ آزاد ماحول جي فارورڊ عورت هئي، هن جي رؤين مان خوشفهميءَ جو شڪار ٿيڻ، خود فريبيءَ برابر هو! انهيءَ کانسواءِ هوءَ دلڪش وٽ مهمان هئي. هن دلڪش تي انوکو اعتماد ڪيو هو ۽ دلڪش وٽ به ته آخر دل هئي!
رات جي پهرين پهر جي ويندڙ لمحن ۾، ماهپاره جو وجود دلڪش لاءِ ناقابل تعبير خواب بڻجي پيو. ماهپاره هن لاءِ ويجھو هوندي به پري ٿي پيل منزل ٿي پيئي هئي!
ٻاهر هلڪي هلڪي بارش وسڻ شروع ٿي پيئي. اڱڻ ۾ وسندڙ مينهن ڪڻين جو منظر، بلبن جي روشنيءَ سان وچڙي محبوب نظارو بڻجي رهيو هو. ماهپاره بيڊ تان اٿي، دريءَ وٽ وڃي بيٺي. اڱڻ ڏانهن کلندڙ دري کوليندي چيائين: “دلڪش هيڏانهن اچ، ڇا ته جادوگر منظر آهي!“
دلڪش هن جي ڀر ۾ وڃي بيٺو، ماهپاره جي سحرانگيز بدن ڀرسان، هن کي پنهنجي جسم ۾، دلفريب هلچل ٿيندي محسوس ٿي رهي هئي. لمحي لاءِ هن کي پنهنجو پاڻ، بي ضبط بڻجندي محسوس ٿيو. هن جي ڪيفيت سترهين صديءَ جي ان لالچي ۽ ناقابل شڪست حڪمران جھڙي ٿي پيئي، جيڪو دولت سان مالامال رياستن تي حملو ڪرڻ وارو هوندو آهي! هن تي جبلي وحشت جو واسو حاوي ٿيڻ لڳو. هن سوچيو: ”ڇا جو ضابطو؟ ڇا جا اخلاقي قدر، ڇا جو پيار؟ هيءَ گھڙي وري نه ايندي! هيءَ تنهائي، هيءَ بارش ۽ هيءَ حسن جي اپسرا، وري ملي نه ملي!؟ هڪ پرديسڻ اڪيلي عورت ڪهڙي مزاحمت ڪندي؟! “
هن جون اکيون ماهپاره تي ترڪڻ لڳيون. لمحي لاءِ ماهپاره دريءَ کان هٽي ويئي. هن جي اکين ۾ اوپرائپ جا عڪس چٽا ٿي پيا. دلڪش دري کان ٻاهر نهاريو. بارش جو زور وڌي رهيو هو. دلڪش جي ڪيفيت جا رنگ بدلجڻ لڳا. هن ۾ سنجيدگي، ساڃاهه، ۽ معصوميت موٽي آئي! دلڪش ۽ ماهپاره جون نظرون ملي وري ڌار ٿي ويون. دلڪش نماڻائيءَ مان پڇيو: ”ماهپاره! تون هيڏانهن نه ايندئين جان!؟“ ماهپاره ڪجھه سوچيو ۽ پوءِ بوجھل بوجھل قدمن سان دريءَ وٽ اچي بيٺي. دلڪش پناهه گاهه ڳوليندڙ نگاهن سان، هن جي اکين ۾ جھاتي پاتي. دل ۾ ڪتڪائي ڪندڙ مرڪ، ماهپاره جي چپن تي ڊوڙ پائي موٽي ويئي! بارش جو پاڻي، اڱڻ جي فرش تان ڇڻ ڇڻ ڪندو گذري رهيو هو. عجيب حد بندي، انوکن فاصلن ۽ ممنوع چاهتن ۾ گذرندڙ لمحن جون ستم ظريفيون، دلڪش جي اندر ۾ آند مانڌ مچائي رهيون هيون! دلڪش ۽ ماهپاره دريءَ وٽ بيٺا هئا، چوماسي جون ڪي آوارهه مينهن ڪڻيون، دريءَ جي لوهي سيخن کي لڳي، سندن چهرن تي ڦوهارو هڻي رهيون هيون!
دير تائين وسندڙ بارش کي ڏسڻ کانپوءِ، ماهپاره کي بيڊ واري ڪمري ۾ ڇڏي، پاڻ ٻئي ڪمري ۾ رکيل کٽ تي ليٽي پيو. هن جي اکين کان ننڊ ٽاهه کائي پري ٿي پيئي هئي! هن ڪيترن ڏينهن کان ماهپاره سان ڀاڪر پائڻ جا منصوبا ٺاهيا هئا، پر اڄ اهو ميوو به هن لاءِ ممنوع بڻجي پيو هو. ياسمين کي خطن سان قائل ڪرڻ وارو، اداس ڇوڪريءَ تي خاموش رهي به حاوي ٿيڻ وارو، سپنا کي اکين ئي اکين ۾ ڇڪڻ وارو، ۽ سارا کي دولت جي چمڪ سان متاثر ڪرڻ وارو ۽ فون تي خود ماهپاره سان بنهه فري ٿيڻ وارو دلڪش، اڄ ڪيترو نه بدليل بدليل هو! هن کي پنهنجو پاڻ تي اعتماد نه هو، حالتن هن کي حساس بڻائي ڇڏيو هو. ڪافي اڳڀرائي ٿيڻ باوجود، ماهپاره اڳيان هن جا چپ سبيل هئا! عام رواجي لمحن کي، حسين ۽ سجايا بڻائڻ واري دلڪش جي، اڄوڪي خوبصورت رات اجائي وڃي رهي هئي. جنهن جي ڏک ۾ پاسا ورائيندي هن کي نيٺ ننڊ ورائي ويئي!
***

ماهپاره ۽ دلڪش ڪار ۾ سوار هئا. پارڪر جي پٽن جي خوشبوءُ پري کان محسوس ٿي رهي هئي. چوماسي جون گھميل هوائون گھلي رهيون هيون. پتل جي ٿانءُ جھڙو سونهري صبح، چمڪي رهيو هو. ڏور ڏور ڪٿي ڪو مور ٽهوڪي، مينهن جي محبت جو گيت ڳائي رهيو هو. ٽوڊي ڪار پڪي رستي تي ڊڪي رهي هئي. ماهپاره دريءَ جو شيشو هٽائي ٻاهر ڏسندي پڇيو: ”اڄ هتان جي موسم متعلق موسمياتي کاتي وارن جي ڪهڙي اڳڪٿي آهي. هتي سرڪاري طور موسم جي اڳڪٿي اڪثر غلط ثابت ٿيندي آهي، البته هتان جو فطري موسميات کاتو ڪافي فعال آهي! “
”اهو فطرت جو موسميات کاتو ڇا آهي؟ “
“ٿر ۾ معاش جا ٻه ذريعا آهن، چوپائي مال جي پالنا ۽ کيتي ۽ اهي ٻئي ذريعا سڌو سنئو، مينهن سان مشروط آهن، ان ڪري مينهن سان هتان جي ماڻهن جو جذباتي رشتو آهي، ان ڪري هتان جي ماڻهن جون نظرون، وڌيڪ باريڪ بينيءَ سان آڪاش تي اٽڪيل هونديون آهن!“
”جناب! آڪاش تي اٽڪيل نگاهن جو، موسم جي اڳڪٿيءَ سان ڪهڙو تعلق آهي؟“
”تعلق سڌو آهي! جيئن تنهنجي سوال پڇڻ جو انداز غضب جو آهي، ايئن انهن نگاهن جو مشاهدو به غضب جو هوندو آهي“
“وضاحت ڪريو، مان نه سمجھيس!“
”گھرائيءَ سان سمجھڻ لاءِ ته هتان جي معاشرتي زندگيءَ ۾ جذب ٿيڻو پوندو، پر حقيقيت اها آهي ته موسم جا مزاج ۽ ماحول جي ماهيت پرکيندڙ اکين وٽ الڳ ماڻ ماپا هوندا آهن“
”مثال طور!“
”اها ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڪن جاندارن ۾ سُوجھيون ۽ ڇهان حس موجود هوندا آهن، جيڪي انهن کي ماحول سان مطابقت ۽ بچاءُ طور ڪم ايندا آهن. هتان جي جاندارن جو جياپو، جيئن ته مينهن تي دارومدار رکي ٿو، ان ڪري انهن جا غير معمولي رؤيا، ڏڪار ۽ سُڪار جو سنديشو بڻيا آهن، جنهن کي سگھڙ ڀاڳيا سمجھي وٺندا آهن!“
”بلڪل صحيح“
”آسمان جي ڪن ستارن جي موجودگي يا غير موجودگي به ڏڪار، سڪار جو اهڃاڻ ٿي پوندي آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪڪرن جي ساخت ۽ چرپر، هوا جو رخ ۽ جاندارن جي حرڪت مان به موسم جي اڳڪٿي ڪري سگھبي آهي. “
“ڪڪرن ۽ هوا جي رخ واري ڳالهه ته سائنسي چئبي، پر آسمان جي ستارن واري ڳالهه ٺلهو عقيدو لڳي ٿي!“
”نه، اها هقيقت آهي، مشتريءَ جو زمين کان ويجھو گذرڻ، ,سج, چنڊ گرڻ ۽ چنڊ جي ڪن راتين ۽ سامونڊي لهرن جا زمين تي اثر ٿيندا آهن، اها ته سائنسي ڳالهه آهي نه!؟“
“ها. . . . . . . “
“ته پوءِ ٿرين جي ان مشاهدي کي عقيدو ڪيئن ٿو چئي سگھجي؟“
”ها- اها ڳالهه تحقيق طلب آهي“.
”ڌوئي سڪايل ڪپڙن جي ٽائيمنگ مان هتان جا ماڻهو، هوا ۾ موجود گھم جو اندازو لڳائيندا آهن. جڏهن ته درجه حرارت جي وڌڻ جي خبر ڄمايل کير جي خراب ٿيڻ مان پوندي آهي. واچوڙا وري هوا جي گهٽ دٻاءُ ٺهڻ جي شروعاتي نشاني هوندا آهن. “
“ڌونئري واري ڳالهه ڪيئن؟“
”ڌونئرو ڄمڻ لاءِ مخصوص بيڪٽيريا گھربل هوندا آهن، جڏهن ته اوچتو موسمي تبديلي ۽ گرمي پد وڌڻ سان بيڪٽيريائي عمل، ڊسبيلينس ٿي پوندو آهي ۽ کير خراب ٿي پوندو آهي! “
”اوه! ڇا ته منطق آهي!“
ڳالهين جون ڳٺڙيون کلنديون رهيون. ڀالوا جي ڀونءَ ۽ ڀوڏيسر جي ڀر مان گھمندي، گھمندي ماهپاره ۽ دلڪش نظارن جا انيڪ پوپٽ پڪڙي رهيا هئا. قديم تهذيب جون شاهديون، تاريخ جي پيرن جا نشان، ۽ فطرت جا عجوبا، ڪارونجھر جي ڪور تي پکڙيا پيا هئا. دلڪش ڪنهن ماهر گائيڊ جيان، انهن متعلق معلومات ماهپاره سان شيئر ڪري رهيو هو. مارئيءَ جو کوهه، ڀوڏيسر جو تلاءُ، ڀوڏيسر جي مسجد، ٻاين جو ٻيسڻو، چشمه، نديون ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه هو، جيڪو جبل جي جوءَ ۾ پکڙيو پيو هو.
آنچلاسر جي آسپاس پهتا ته هلڪي هلڪي جھُڙڦڙ وسڻ شروع ٿي پئي. اُڀ ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو. دلڪش ۽ ماهپاره بارش ۾ پُسندا رهيا. جيئن جيئن بارش وڌڻ لڳي، تيئن تيئن پٿرن تي وسندڙ مينهن جي پاڻيءَ جا وهڪرا تيزيءَ سان وهڻ لڳا. ماهپاره دلڪش جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، دلاويز مرڪ مرڪندي چيو: ”هاڻ واپس هلڻ گھرجي، مونکي جبل جي وهڪرن کان ڀئو ٿو ٿئي!“
دلڪش ۽ ماهپاره واپس ڪار تائين آيا ۽ پوءِ ڪار بارش ۾ وهجندڙ ننگر جي شهر کي الوداع چئي واپس ڊوڙڻ لڳي. وسندڙ بارش ۾ گاڏي هلائڻ ۾ ڏاڍي دشواري محسوس ٿي رهي هئي، پر دلبر موسم ۾، اهو سڀ ڪجھه ڪنهن دلنشين خواب جيان لڳي رهيو هو. دلڪش وٽ ماهپاره کي ايندڙ رات ترسائڻ لاءِ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جا آپشن موجود هئا، پر هن ڀيري هن ملهاسر کي ترجيح ڏني. کيس محسوس ٿيو هو ته ماهپاره وٽ رُتبي جي ريس نه هئي!
سندس اوطاق جي چونئري ۾ ٻه کٽون رکيل هيون. ڀرسان هڪ لانڍي هئي ۽ ان جي پٺيان هڪ پڪو باٿ روم موجود هو. چونئري ۾ رکيل کٽ تي ويهڻ کانپوءِ ماهپاره ڇت ڏانهن ڏسندي حيرت مان پڇيو: ”هن مان ته آسمان جا ترورا نظر اچي رهيا آهن، پر برسات جو پاڻي اندر نه پيو اچي ڇو!؟“
”اها ئي ته ٽيڪنڪ آهي! چونئري جي بناوت ڇٽيءَ نما آهي. بارش جو پاڻي تري ويندو آهي، پر هوا جو مڪمل گذر رهندو آهي“
ڪجھه دير ۾ ئي تبسم چانهه کڻي آيو. چانهه جا گرم گرم سرڪ ڀريندي ماهپاره پڇيو ”هتي بجلي ناهي، گئس ناهي، مٺو پاڻي ناهي. پوءِ به اوهان هتي رهيا پيا آهيو؟“
دلڪش چيس: ”جيئن بجلي جي ايجاد کان اڳ جا انسان حالتن تي هريا پيا هئا، ايئن اسين به حالتن جا هيراڪ آهيون. جڏهن ته سڪل ڪاٺين جا انبار موجود هوندي، گئس جي هروڀرو اڻهوند آڏو ناهي ايندي. جڏهن ته پيڙهين کان جر جي پاڻيءَ جي هيراڪيءَ سبب مٺي پاڻيءَ جي مجبوري هروڀرو اڳيان ناهي ايندي!“
”هتي جي ڪهڙي خوبي آهي، جنهن اوهان کي هتي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي؟!“
دلڪش ڪجھه سوچيندي چيو ”هڪ فطرت جو ڀاڪر، ٻيو صاف سُٿرو مٿاڇرو، ٽيون امن!“
”ڪيئن! “
”هتان جي زندگيءَ جو هر رنگ فطري آهي. جڏهن ته امن جو حال اهو آهي جو لکين رپين جي ماليت جو چوپايو مال، هفتن تائين وڃايل رهڻ باوجود چوري ناهي ٿيندو ۽ نه ئي هتان جي گهرن کي عام طور تالو بلڪ در ڏيڻ جو رواج آهي “
”هتي تعليم جي شرح بنهه گھٽ آهي. انسان بنيادي طور خود غرض به هوندو آهي، پر پوءِ به امن جو اهو مثال عجيب آهي!“
“ماهپاره، انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي. حقيقت اها آهي ته انساني شخصيت جي تعمير ۾ حالتن جو هٿ سوايو هوندو آهي. جيئن ته هتان جون حالتون، معروضي طور ڏوهي ذهنيت لاءِ حوصلا شڪن رهيون آهن، ان ڪري امن پسنديءَ پنهنجا پر پکيڙيا آهن!“
“تفصيل سان سمجھايو. . . . . . ! “
هتي ڳُتيل آبادي ناهي، جنهن ڪري ماڻهن جي سمنڊ ۾لڪڻ جو وجھه ناهي ملندو. ڇڙوڇڙ آباديءَ باعث، آسپاس جي ماڻهن سان ڄاڻ سُڃاڻ ۽ سندن ڪمن ڪارن تي نظر رکڻ جو رجحان آهي. سماج به ڏوهي ماڻهن کي سٺو ناهي سمجھندو، جنهن ڪري ڏوهي سرگرميون گهڻو وقت لڪي ناهن سگھنديون! هتي جي زمين نرم آهي، جنهن ڪري پيرن جا نشان لڪندا ناهن. انهيءَ کانسواءِ پاڻيءَ جو ذريعو رڳو کوهه آهن، جيڪي وسندين ۾ هوندا آهن. جھنگ ۾ لڪندڙ ڏوهارين کي پاڻي ناهي ملندو، ٻيو وري جھنگ ۾ مال ڳوليندڙ ڌنار، مشڪوڪ ماڻهن کي جلد ئي سوگھو ڪري وٺندا آهن. اهي بنيادي سبب آهن، جڏهن ته انهيءَ کانسواءِ ٻيا به کوڙ سبب آهن، جن هن علائقي کي امن جي مثالي آماجگاه بڻائي رکيو آهي“.
”هي علائقو واقعي دلچسپ ۽ حسين آهي!“
ڪجھه دير وڌيڪ ڳالهيون هلنديون رهيون ۽ ان کانپوءِ رات جي ماني کڄي آئي. ٻاجھر جون مانيون، ڪڻڪ جا ڦلڪا، ديسي ڪڪڙ جي ٻوڙ سان گڏ، کنڀين جو ساڳ، مريڙي جو کاٽيو، مکڻ جو وٽو، ماکيءَ جي ننڍڙي بوتل ۽ ڇانهين جون ڀُڳل ڪريون، هوبهو چپس، ڌونئرو، لسي، چڀڙن جي ڀاڄي، ٿري ميهن ۾ٺاهيل چانور، الڳ ٿالهيءَ ۾ منڱن جي ساين ڦرين مان ڪڍيل داڻا.
دلڪش، ماهپاره سان گڏ ماني کائيندو رهيو ۽ ٿري کاڌن متعلق ماهپاره جي سوالن جا جواب به ڏيندو رهيو. مانيءَ مان واندا ٿي ٻاهر آيا ته موسم ۾ ڊرامائي تبديلي اچي چڪي هئي. آسمان صاف هو، ۽ چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان تي مرڪي رهيو هو. تازو وٺل برسات کانپوءِ فضا ۾ دل ڇُهندڙ ٿڌاڻ ۽ ڦُنڪي موجود هئي!
تبسم گھران ٻه بسترا کڻي آيو. چونئري ۾ موجود کٽن تي لڳائڻ کانپوءِ، دلڪش سان مخاطب ٿيو: ”هاڻ وڃان ٿو، ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته ٻڌايو؟ “
”توهان ڀل وڃو، بس توهان جا ٿورا“
”ڪا ڳالهه ناهي ۽ ها صبح واري چانهه ڪهڙي ٽائيم آڻيان؟“
”ٺيڪ اٺ وڳي ميڊم اٿندي آهي “
”او- ڪي، آئون وڃان ٿو“
تبسم جي وڃڻ کانپوءِ، دلڪش ٻاهريون گيٽ اندريان بند ڪيو ۽ پوءِ اڱڻ تي چهل قدمي ڪندڙ ماهپاره جي ڀرسان اچي بيٺو. ماهپاره آسمان ڏانهن ڏسندي چيو: ”ڪهڙي نه دلبر چانڊوڪي آسمان مان ڇڻي رهي آهي“ دلڪش سندس ”ها ۾ ها“ ملائيندي سوچيو: ”ماهپاره جو بدن به ڪنهن چانڊوڪيءَ کان گھٽ ناهي، پر ڪيڏي نه بدقسمتي آهي جو، اها چري چانڊوڪي اڃان تائين مون لاءِ ممنوع بڻيل آهي“ دلڪش جي دل ۾ چور احساس زور سان چهنڊڙيون پائڻ لڳا. گذريل 29 ڪلاڪن کان ماهپاره هن سان گڏ گڏ هئي. ڪڍئيءَ جي گود کان ڪارونجھر جي ڪور تائين، بارش ۾ پُسڻ، مرڪن ۾ مخمور ٿيڻ، ٽهڪن جي ساگر ۾ ترڻ، هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلڻ، ڳالهين جا ڳيرا اڏارڻ ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪٻئي تي هجتون هلائڻ باوجود، اڃان تائين دلڪش پاڻ ۾ اهو اعتماد ڪٺو ڪري نه سگھيو هو، جيڪو هيستائين هن کي ڪيترين ئي عورتن جي بدن جا شهر گھمائيندو رهيو هو! هن جيڪو ڪجھه چوڻ چاهيو ٿي، چئي نه پئي سگھيو، جيڪو ڪجھه ڪرڻ چاهيو ٿي، ڪري نه پئي سگھيو. جيڪو ڪجھ ڏسڻ چاهيو ٿي، ڏسي نه پئي سگھيو! شايد ماهپاره هن کي حدن ۾ رکڻ چاهيو هو! انتهائي بيوسيءَ مان هن ماهپاره کان پڇيو “ اندر رکيل کٽ ٻاهر کڻي اچان، جيئن ان تي ويهي، توهان چانڊوڪيءَ مان لطف اندوز ٿي سگھو؟!“
”نه نه، توهان کي تڪليف ٿيندي “
منع باوجود، دلڪش کٽ کڻي آيو ۽ ان کانپوءِ ويڙهيل بسترو لڳائي ماهپاره کي چيائين: ”اچو ويهو“
ماهپاره کٽ تي ويهڻ کانپوءِ، دلڪش کي صلاحيو “توهان بيٺا ڇو آهيو؟ اچو ويهو نه!“
دلڪش سندس ڀرسان اچي ويٺو. هن سوچي سمجھي اهڙو انداز اپنايو، جيئن کٽ تي ويهڻ وقت سندس جسم ماهپاره کي بنهه ويجھو ۽ ڇهندڙ هجي. جيڪڏهن ماهپاره کي اهو سڀ ڪجھ اڻ سيبائيندڙ لڳي، ته به اهو سڀ ڪجھ نادانسته عمل جي خول ۾ ويڙهجي وڃي!
دلڪش جي ويهڻ جي اسٽائيل تي ماهپاره ڪو خاص ردعمل ظاهر نه ڪيو، سواءِ ان جي جو هن ڪجھه پرڀرو سرڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر دلڪش جڏهن ايترو ئي کيس ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن پنهنجي ان ڪوشش کي ختم ڪري ڇڏيو. دلڪش پولارن ۾ ڏسندي چيو: ”ڪڏهن خواب حقيقتون ۽ ڪڏهن حقيقتون خوابن جيان لڳنديون آهن. هڪ هفتو اڳ خواب ڏٺو هئم ته چانڊوڪيءَ ۾ وهنجندڙ تاج محل ڏسي رهيو آهيان. تجلا ڏيندڙ سنگ مرمر کي ڇهڻ جي آرزو ۾، اک کلي پيئي هئي. تڏهن سوچيو هئم آئون اهو شخص سيلاني نه آهيان، تاج محل جو سنگ مرمر نه ڪڏهن ڏسي سگھندس ۽ نه ڪڏهن ڇهي سگھندس. پر اڄ تنهنجي پاسي ۾ ويهي سوچيان ٿو، هي لمحا ان خواب کي ڪيترو نه ويجھا آهن!“
”ها برابر، ڪڏهن ڪڏهن حقيقتن تي ڪنهن خواب جي تعبير جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي. جيئن مون مهينو کن اڳ خواب ۾ پاڻ کي بيابان ۾ گلاب جي ٻوٽي ڀرسان بيٺل ڏٺو هو. جنهن مان ڪيئي گل ڇني، مون جھول ڀريو هو. ان جي تعبير هوبهو سچ ثابت ٿي رهي آهي“
“ڪيئن؟“
بيابان جي تعبير هن صحرائي علائقي سان واسطو رکي ٿي. جڏهن ته اوهان جا خلوص ۽ ميزبانيون، گلاب جي ٻوٽي سان ڀيٽي سگھجن ٿيون. جڏهن ته هتان جون يادون اهي گل آهن، جن سان مون جھول ڀريو هو!“
”ڇا ته زبردست تعبير سوچي اٿئي! منهنجي خواب جي تعبير ته ٻڌائي!“
”مان تعبيرون ٻڌائيندڙ ڀوپو ته ناهيان! “
”ڀوپن جي مٿي تي سنڱ ناهن هوندا. “
ماهپاره ڪجھه سوچيندي چيو: ”ايئن سمجھه ته تون، جنهن شيءُ کي تاج محل جيترو اهم سمجھين ٿو. ان کي تون ڏسي سگھندين، ڇهي سگھندين!“
”سچ پچ! “
“گھٽ ۾ گھٽ تعبير ته اهوئي ٻڌائي ٿي“
دلڪش ٻهڪندي چيو: ”گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان، جنهن مونجھاري مونکي وڪوڙي وڌو هو، تنهنجي ٻڌايل تعبير، مونکي ان جو حل ڪڍي ڏنو آهي. جيڪو فيصلو آئون ڪري نه پئي سگھيس، اهو توهان جي واتان ٿي ويو آهي!“
ماهپاره حيرت مان پڇيو: ”ڇا مطلب؟“
دلڪش وراڻيو: ”مون اک کلڻ کان اڳ تاج محل کي ڇهڻ جي تمنا چپن سان ڪئي هئي، جيڪا ڳالهه اجھو هاڻي سچ ثابت ٿي رهي آهي. دلڪش کيس ڳراٽڙي پائي ڳلن تي چميون هاريندي پڇيو: ”ڇا هي ڳاڙها ڳل، سنگ مرمر جھڙا ناهن. “
ماهپاره دل کي مهٽو ڏيندڙ لهجي ۾ چيو: ”تون عام حالتن ۾ مونسان اهڙي هجت ڪرين ها ته منهنجو ردعمل، تنهنجي توقع کان بنهه مختلف هجي ها پر جيڪو ڪجھه ٿيو آهي ۽ جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي، اهو عام رواجي نه آهي. مهينو اڳ منهنجو خواب ڏسڻ، هڪ ڌارئين مرد تي اعتبار ڪري وٽس مهمان ٿيڻ، ۽ ڪالهه کان توسان گڏ گھمندي، ڪجھه عجيب عجيب محسوس ڪرڻ، اهو سڀ ڪجھه عام رواجي نه آهي!“
آسمان مان ڇڻندڙ رات راڻي، بستري کي ٿڌو بڻائي رهي هئي، دلڪش ۽ ماهپاره سحرانگيز احساسن سان کينچل ڪري رهيا هئا. چانڊوڪي ۾ تجلا ڏيندڙ ماهپاره جو سنگ مرمر جھڙو بدن، هن جي اڳيان تاج محل جيئن جرڪي رهيو هو. جنهن کي چپن سان ڇهڻ واري خواب جي اڻپوري آرزو پوري ٿي رهي هئي. صحرا جي پراسرار چانڊوڪيءَ ۾، ماهپاره سان ايئن ملڻ جو ايڪشن، هن لاءِ ڄڻ ڪو خواب هو. ڊگھي عرصي کانپوءِ ڪنهن خوشبودار عورت، دلڪش جي بستري کي سينگاريو هو، جنهن ڪري سرور جو سمنڊ، لهرون ۽ ٽُٻيون، ڪجهه به ته عام رواجي نه هو!
”دلڪش تون منهنجي زندگيءَ جو اڻوسرندڙ ڪردار آهين. جيئن تون منفرد آهين، جيئن تنهنجيو ڳالهيون منفرد آهن، تيئن تنهنجي ذات سان لاڳاپيل هر پهلو منفرد آهي!“
”دلڪش خاموش رهيو“
هڪئي وقت دلڪش ۽ ماهپاره جا ٽهڪ، ڀنڀورين جيئن اڏامي، چانڊوڪيءَ ۾ گم ٿي ويا. ماهپاره باٿ روم ۾ گھڙي ويئي. واپس آئي تيستائين دلڪش واندو ٿي کٽ تي اچي ليٽيو هو. ماهپاره به سندس ڀرسان اچي ليٽي، ٻنهين هڪڙي اجرڪ ۾ پاڻ کي لڪائي ڇڏيو، ڇو ته اڌ رات جي ولهه هلڪي سرديءَ جو احساس آڻي رهي هئي!
***

ٿر ۾ ماهپاره جي اها ستين ۽ آخري رات هئي. صبح پنج وڳي، هن کي ڪراچي ويندڙ بس ۾ سوار ٿيڻو هو. مٺيءَ جي شهر جا بلب چمڪي رهيا هئا. ماهپاره ۽ دلڪش ان ڪمري جي ڇت تي موجود هئا، جتي هنن جي پهرين رات گذري هئي. رات جا ٽي ٿي رهيا هئا، هنن هيستائين رات جي هر لمحي کي، زندگيءَ سان ڀرپور انداز ۾، هٿ ملائي موڪلايو هو. باقي صرف ٻه ڪلاڪ رهجي ويا هئا، جنهن کانپوءِ مٺيءَ کان ڪراچيءَ ويندڙ اي سي ڪوچ جو آخري هارن، هن دلبر رفاقت جي پڄاڻيءَ جو اعلان بڻجڻو هو. ماهپاره موبائيل سيٽ ۾ وقت ڏسندي چيو: ”باقي صرف ٻه ڪلاڪ بچيا آهن“
دلڪش سرد آهه ڀريندي وراڻيو: ”اهي ٻه ڪلاڪ به گذري ويندا، پر نه گذري سگھنديون پوپٽن جھڙيون تنهنجيون يادگيريون، جن کي تلخ سوچن جي ڪوريئڙي ڄار مان گذرڻو پوندو! نه گذري سگھندا توکان وڇڙي وڃڻ جي درد جا اهي ڇڪڙا، جن کي ٿر بڻجي پيل دل جي لڪن تان ڊگھا پنڌ ڪرڻا پوندا! “
ماهپاره اداسيءَ مان وراڻيو: ”جاني! مون توسان ملڻ ۾ گھڻي دير ڪري ڇڏي يا تو، يا مورڳو مقدر جي ڪاتب پنهنجي ملڻ جو غلط وقت مقرر ڪيو هو. بهرحال جو ڪجھه به ٿيو آهي، ۽ جيڪو ڪجھه ٿيڻ وڃي رهيو آهي، غلط آهي، حادثاتي آهي ۽ اذيتناڪ آهي. ڪنهن ويل مونکي پڇتاءُ جي پيڙا گھائڻ لڳي ٿي ته مان هتي ڇو آيس؟ جيڪڏهن آيس ته پوءِ توکي ايترو ويجھو اچڻ ڇو ڏنم؟ توکي اهو سڀ ڪجھه اڳواٽ ڇو نه ٻڌايم، جيڪو هيستائين توکان لڪائي رکيو اٿم!“
ماهپاره جي اکين مان لڙڪن جو مينهن وسڻ لڳو. هن ٽٽل ڦٽل لهجي ۾ چيو: ”مونکي معاف ڪجان جاني. . . . . . . . . . جو ڪجھه ٿيو آهي، لاشعوري ۽ اتفاقي ٿيو آهي. . . . . . . تنهنجو فون ڪرڻ، منهنجو هتي اچڻ ۽ ننڍڙين چاهتن جو وڏو ٿي وڃڻ، ڪجھه به سوچيل سمجھيل نه آهي! منهنجي ان خواب جي تعبير آهي، جيڪو مون مهينو کن اڳ ڌٺو هو!“
ماهپاره جي اکين مان لڙڪن جون بوندون برسنديون رهيون. دلڪش پهريان ته کيس وائڙن وانگي حيرت مان ڏسڻ لڳو، پر پوءِ هن پاڻ سنڀاليندي چيو: ”چري خوابن تي ڪهڙو اعتبار! اهي ته اڻپورين خواهشن ۽ مبهم تصورن جا اولڙا هوندا آهن. تون خوابن تي ڪهڙو ڏوهه ڏئين ٿي، ڪڏهن ڪڏهن حقيقتون خوابن جھڙيون مبهم ۽ تجريدي ٿي پونديون آهن!“
ماهپاره لڙڪ اگھندي چيو: ”هاڻ مونکي سڀ ڪجھه ٻڌائڻ گھرجي، جيڪو مون هيستائين توکان لڪايو آهي!“
”تنهنجو پيار ايترو تڪڙو، جن شدتن کي ڇهڻ لڳو آهي، اتي ڪجھه لڪائڻ، ڪجھه ٻڌائڻ، ڪجھه نٽائڻ ۽ ڪجھه ستائڻ، ايترو اهم ناهي رهيو، جيترو توکان جدا ٿيڻ پڄاڻا، ايندڙ راتين جي اڪيلائيءَ جي اڻتڻ!“
ماهپاره روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو: ”مون جنهن خواب متعلق توهان کي ٻڌايو هو، ان جي آخري حصي ۾ مون اهو به ڏٺو هو ته گلن جو جھول ڀري واپس وڃڻ کانپوءِ، مونکي احساس ٿيو ته منهنجي دل ان گلاب جي ٻوٽي وٽ وسري ويئي آهي. اها کڻڻ لاءِ آئون جڏهن اتي پهتيس، تڏهن مون پنهنجي دل کي گلاب جي ٽاريءَ تي چنبڙيل ڏٺو، دل کڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته گلاب جو ٻوٽو پاڙئون پٽجي آيو. ان جي تعبير سوچيان ٿي ته هانءُ ڦاٽڻ لڳيم ٿو!“
”چري اهو ويرانين ۾ وڏو ٿيل ٻوٽو آئون آهيان. کٽڪو نه ڪر، پاڙان پٽجي پيس ته به اتي ڪو ٻيو ٻوٽو، وڇوڙن جي علامت بڻجي ڦٽي پوندو!“
ماهپاره ٻارن جيئن دلڪش کي چنبڙي پيئي. سڏڪن هاڻي لهجي ۾ چيائين: ”ڪاش تون مونسان ڪجھه عرصو اڳ ملين ها!“
”ڪجھه خبر هجي ها، ڪجھه حالتون اهڙيون هجن ها، ڪجھه تون دير نه ڪرين ها، ڪجھه آئون تڪڙ ڪريان ها، ۽ ڪجھه مقدر ساٿ ڏيئي ها، ته ڪجھه عرصو اڳ اڳ ملون، ها پر ڪجھه نه ڪجھه آهي، جيڪو ٿيڻ نه گھرجي ها، پر ڪجهه ٿي پيو آهي! “
”تون لفظن سان کيڏڻ لڳو آهين پر مان درد جي دلدل ۾ ڦاسي پيئي آهيان“
”ننڍپڻ ۾ جڏهن به اداس ٿيندو هئس ته بلورن سان کيڏي پنهنجو پاڻ کي وندرائيندو هئس. پر اڄ جڏهن بلور ناهن رهيا، ته لفظن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان! پنهنجو پاڻ کي فريب ڏيئي رهيو آهيان!“
”فريب ته مون پنهنجو پاڻ کي ڏنو آهي جاني! توکان ڪجھه لڪائڻ يقينن فريب آهي، پر هيستائين توسان جيڪو ڪجھه لڪايو اٿم، اهو ان ڪري جو جيئن تون کلندي کلندي مليو هئين، ايئن توکي مرڪندي مرڪندي ڏسڻ چاهيو اٿم، ۽ ايئن ئي توکان مرڪندي مرڪندي وڇڙڻ چاهيان ٿي!“
“ان لاءِ بهتر آهي ته تون مونکي سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏ! حالتن جا حادثا، مون لاءِ نوان ناهن. درد جي پالوٽ مون پهريون دفعو ناهي ڏٺي. حيرت انگيز حقيقتن کان آشنائي رڳو، اڄڪلهه جي ڳالهه ناهي. غير متوقع گمانن ۽ اوچتن وڇوڙن سان دوستي بنهه پراڻي رهي آهي!“
ماهپاره پيشانيءَ تي مڙي آيل وارن کي جانئيتو ڪندي، ڪجھه چوڻ چاهيو، پر چئي نه سگھي. ڄڻ نڙيءَ ۾ هڏي اٽڪي پيئي هيئس. هن ڳيت ڏيئي وري ڳالهايو: ”توهان هيستائين مونکي پنهنجي معاشقن، شادي ۽ طلاق متعلق گھڻو ڪجھه ٻڌايو آهي، اهائي تنهجي اعليٰ ظرفي آهي، پر مون وقتي طور ئي سهي، جو ڪجھه توکان لڪايو آهي، اهو ضرور ٻڌائينديس، ڇو ته توکان لڪائي سڄي ڄمار، ضمير جو بار مونکان نه کڄندو!“
“آخر اهڙو ڇا آهي، جيڪو تو مونکان لڪايو آهي!“
”بس اهو ئي ته. . . . . . . . . . . . . . . “. هوءَ جملو پورو ڪري نه سگھي. ٿڌو ساهه کڻي اکيون جھڪائيندي چيائين: ”منهنجي مڱڻي ٿيل آهي، هن مهيني، پنجويهين تاريخ تي منهنجي شادي ٿيڻي آهي!“ هن ڪجھه لمحن لاءِ دلڪش جي چهري جو جائزو ورتو، پر دلڪش ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو. آخري پهر جي ٿڪل چنڊ کي ڏسندو رهيو. ماهپاره چيو: ”شاديءَ کانپوءِ، مان فرحاد علي سان گڏ آمريڪا هلي وينديئس. ٽيليفون تي تنهنجيون ڳالهيون، تنهنجو SMS ۽ مختلف علائقا گھمڻ وارو منهنجو شاعراڻو شوق، مونکي هيڏانهن گھيلي آيو. غير مرد تي ايئن اعتبار ڪري نٿو سگھجي، پر الاءِ ڇو مونکي تنهنجين ڳالهين مان اڻڏٺي پڪ ٿي پيئي هئي ته، تون ڪنهن سان به ويسا گھاتي ڪري نه سگهندين. ڪنهن کي به دوکو ڏيئي نه سگھندين. منهنجي ان اندازي جي تصديق تڏهن ٿي، جڏهن روبرو توکي ڏٺم. ڇو ته تنهنجين اکين ۾ رهزني، غرور ۽ وحشت بدران سچائي، سادگي ۽ معصوميت نظر اچي رهي هئي! پر پهرين رات، هن ئي ڪمري جي دريءَ وٽ جڏهن پاڻ بارش ڏسي رهيا هئاسين، تڏهن مون تنهنجين اکين ۾ عجيب تبديليءَ ڏٺي هئي. تڏهن توکان ڏور هٽي ويئي هيس، پر جلد ئي سڀ ڪجھه نارمل ٿي پيو. ان وقت تون مونکي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪرين ها، ته شايد منهنجي مزاحمت تنهنجي توقع کان وڌيڪ شديد هجي ها. پر تنهنجي ٽائمنگ غضب جي هئي. تون پنهنجن لفظن ۽ رؤين سان پير پير ۾ ڏيئي، دل جي دروازي منجھان، مون ۾ داخل ٿيندو رهيو آهين. تو پنهنجي خواب جي مونکان تعبير پڇي، ڳالهين جي ڳهر مان مونکان اهو ڪجھه چورايو، جيڪو تو چوڻ چاهيو ٿي! مون توکي حدن ۾ رکيو ٿي پر تون وجود جا تالا ٽوڙي مون ۾ گھڙي وئين! دنيا جي خطرناڪ ترين عورت به توسان پڄي نه سگھندي!“
دلڪش خاموش ويٺو رهيو، ماهپاره کيس ڳل تي ٿٻڪي هنئين، ايئن ڄڻ چڪاسي رهي هئي ته، هُو ماڻهو هو يا پٿر جي مورتي! ماهپاره وري ڳالهايو: ”مان توسان فون تي رابطي ۾ رهنديس. تون مونکي پنهنجو بينڪ اڪائونٽ نمبر ڏيئي ڇڏ. مان توکي تنهنجين ضرورتن جيتري رقم اماڻيدي رهنديس!“
دلڪش کان ڇرڪ نڪري ويو: ”تو به منهنجي قيمت غلط ڪّٿي آهي ماهپاره!!“ هن ماهپاره جي اکين ۾ ڏسندي چيو: ”پنهنجي زندگيءَ جي چوپڻيءَ مان منهنجو کاتو ختم ڪرڻ کانپوءِ، منهنجو بينڪ اڪائونٽ نمبر وٺي ڇا ڪندئين!؟ جتي تاج محل جھڙا ماڻهو ملي وري وڃائي وڃن، اتي چند ٽڪن جي بيک ڀلا ڪير گھرندو؟!“
ماهپاره ضبط ڪري نه سگھي، اوڇنگار ڏيئي روئڻ لڳي. دلڪش پريشانيءَ مان کيس ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي الڪو ٿيو ته آسپاس جي گھرن ۾ روئندڙ عورت جو آواز پهتو ته ڇا سوچيندا!
ماهپاره سامت ۾ آئي ته چيائين: ”مونکي ايئن ميارن سان نه مار جاني! لفظن سان قتل ڪيل ماڻهن جا روح به مري ويندا آهن! تون منهنجي وفا کي آزمائڻ چاهين ٿو ته، مان توکي پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيان ٿي. تون وس وارو آهين. چاهين ته توسان سڄي زندگي گڏ گذارڻ لاءِ تيار آهيان، مونکي صرف پنهنجن پوئين رشتن تان دستبردار ٿيڻو پوندو ۽ اڳوڻي زندگيءَ جي طرز عمل کي وسارڻو پوندو. مان تنهنجي خاطر ان لاءِ به تيار آهيان. ٻيو آپشن اهو آهي ته وفا جو يقين ڏيارڻ لاءِ، تنهنجين اکين اڳيان، پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ لاءِ به تيار آهيان. فيصلو توکي ڪرڻو آهي. جلدي ڪريو، توهانکي اڌ ڪلاڪ جي مهلت آهي!“
دلڪش سوچن جي ڌنڌ ۾ وڃائجڻ لڳو. خيالن جي ڊگهي لانگ مارچ کانپوءِ، هن چيو: ”آئون پنهنجي پيار جو پکي، شاديءَ جي پنڃري ۾ قابو نه ڪندس. آئون ڪچڙين چاهتن جي انبڙين کي، وڇوڙن جي لامن تي لڏندي، لمندي ۽ پچندي ڏسڻ چاهيان ٿو! ماهپاره تون ڀل هلي وڃ، آئون توکان ڌار جيئڻ جي ڪوشش ڪندس. “
”ڏس سوچي وٺ“
”بس اهو ئي منهنجو فيصلو آهي“
خاموشيءَ جي ڊگھي پنڇڻ کانپوءِ، دلڪش موبائيل فون ۾ وقت ڏسندي چيو: ”هاڻ هل ته هلون، توهانجو سامان بريف ڪيس ۾ وجھون!“
ٻئي ڄڻا سيڙهي لهي هيٺ آيا، سامان بريف ڪيس ۾ وجھڻ کانپوءِ، دلڪش پنهنجي ٿيلهيءَ مان ٿر جي هٿرادو هنر مان ٺاهيل ڪجھه شيون ٻاهر ڪڍيون. هڪ رڍن جي اُن مان ٺهيل رنگ برنگي لوئي هئي ٻيو ٿري ڀرت جو نادر نمونو ٽڪن ۽ ٽؤنرن وارو گج، ٽيون هڪ اهڙو پرس، جنهن مٿان آرٽ جي دنيا جي انوکي ڪردار سنهين سئيءَ سان ڀرت ڀريل هو. جڏهن ته چوٿون آئٽم هٿرادو هوا هڻڻ جو قديم اوزار واءُ هڻڻي هئي، جنهن مٿي ڀرت سان مور جي پکن جون ٽڪليون، شاهڪار ڊزائين سان جڙيل هيون. دلڪش اهي شيون ماهپاره کي ڏيندي چيو: ”منهنجي طرفان ناچيز تحفا قبول ڪجان! جڏهن آئون نه هوندس، تڏهن هي حقير سوکڙيون، ٿي سگھي ٿو توکي منهنجي ياد ڏيارين!“
ماهپاره جي اکين ۾ لڙڪ ڦُٽي آيا، بيحد ڏکاري ۽ التجا آميز لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”چيم نه! مونکي لفظن سان قتل نه ڪر!“
دلڪش خاموشيءَ سان سامان بريف ڪيس ۾ وجھڻ لاءِ ماهپاره جي مدد ڪئي ۽ ڪمري ۾ لڳل گھڙيال ۾ وقت ڏٺو، ساڍا چار ٿي چڪا هئا. دلڪش بريف ڪيس کڻندي چيو: ”ٽرمينل تائين پيادل هلنداسين، وقت کي ڏانوڻ ڏيئي، جدائيءَ کي ٽارڻ جي خود فريبيءَ ۾، پاڻ کي وندرائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا!“
گيٽ جو تالو بند ڪري، پڪي روڊ تي هلڻ لڳا. قدم ڳرا، چپ خاموش، اکين ۾ لڙڪ لڪائڻ جي ڪوشش ۽ اندر ۾ آنڌ مانڌ!
بس ٽرمينل تي پهتا ته اي سي ڪوچ لڳي بيٺي هئي. دلڪش بريف ڪيس ڪوچ ۾ رکي، ماهپاره لاءِ سيٽ والاري، هيٺ لهي آيو. ماهپاره کي چيائين: ”ڀر واري هوٽل تان گرم گرم چانهه پيئڻ جيترو وقت اڃان باقي آهي. ڇا تون موڪلاڻيءَ جي پلن جو زهر، چانهه جي سرڪن سان ڳڙڪائڻ ۾، منهنجي مدد نه ڪندئين!؟“
ماهپاره روئڻهارڪي نهار سان ايئن ڏٺو، ڄڻ چوندي هجي: ”بس بس وڌيڪ نه ڳالهائي، مان ضبط ڪري نه سگھنديس، هنجھون هاري روئي پونديس!“
هوٽل تي رکيل ڪرسين تي آمهون سامهون ويهي، چانهه جا سرڪ ڀريندي، اکين ۾ اکيون ملائي نه پئي سگھيا. آسپاس ويٺل ماڻهن کي، ڪنهن عورت جو ايئن هوٽل تي ويهڻ عجيب لڳي رهيو هو. ماهپاره چيو: ”جاني، تنهنجو ڇا خيال آهي ته آئون واپس وڃي توکي وساري ڇڏينديئس؟“
”ڪجھه به چئي نٿو سگھجي!“
“چريا! تون دل جي جنهن گوشي ۾ موجود آهين، اوستائين اڃا ڪير به ناهي پهتو!“
”اڃان تائين، واري دعوا ته درست آهي، پر ڪيئن چئجي ته اهو دل جي رستي جو آخري ڇيڙو آهي، ممڪن آهي ايندڙ وقت ۾ اتان کان ڪو ٻيو رستو نڪري پوي!“
”محبت، انڊرگرائونڊ جوڙيل محل ۾ رکيل ڪو دفينو ته ناهي، جو ان تائين پهچڻ لاءِ هڪ گھٽيءَ کان، ٻي گھٽيءَ تائين رڪاوٽون، رستا ۽ سيڙهيون هونديون!“
”محبت دفينو ڀل نه هجي، پر محبت قديم دؤر جي وڻجھارن طرفان چمڙي ۽ ڪپڙي جي ڪيترن ئي تهن ۾ ويڙهيل کٿوريءَ جھڙي ضرور آهي، جنهن جي خوشبو جو اثر، جيئن جيئن ور کولبا، تيئن تيئن وڌندو رهندو. پر هڪ سطح اهڙي به ايندي آهي، جڏهن ان خوشبوءُ جو ڇيڙو ٿي پوندو آهي. اهائي ان جي انتهائي سطح هوندي آهي. “
”ڇا انسان ننڍڙيون ننڍڙيون چاهتون ڪندي ڪندي، جڏهن انتهائي محبت تي پهچندو آهي، تنهن کانپوءِ ننڍڙيون چاهتون ڪرڻ جي قابل ناهي رهندو؟!“
“محبت جيتري شديد هوندي ردعمل به اوترو ئي شديد هوندو. شديد محبت کانپوءِ انسان روحاني طور يا ته پوڙهو ٿي پوندو آهي، يا بتال ٿي پوندوآهي يا مورڳو مري ويندو آهي!“
ماهپاره محسوس ڪيو ته آسپاس موجود ماڻهو، سندن ڳالهين ۾ دلچسپي وٺي رهيا هئا. هڪ شخص پنهنجي رٻڙي ڪرسي اڳتي سوريندي، پنهنجي معلومات جي نمائش ڪئي. ”عشق ۽ مشق لڪيا ناهن رهندا. “
ماهپاره ناگوار نگاهن سان، ڏانهنس نهاريو.
ٻئي ڪرسي تان هڪ ڳوٺاڻو جھونو اٿيو ۽ ماهپاره جي ڀرسان اچي بيٺو. ماهپاره جي مٿي تي هٿ رکندي پڇيائين: ”ڌيءَ تون ڪير آهين؟“
ماهپاره بيوسيءَ مان دلڪش ڏانهن نهاريو، دلڪش وراڻيو: ”اهوئي ته ٿري زندگيءَ جو حُسن آهي!“
اي سي ڪوچ جي ڪنڊيڪٽر ڪوچ رواني ٿيڻ جو هوڪو ڏنو. مسافر تڪڙا تڪڙا ڪوچ ڏانهن روانا ٿيا.
ماهپاره سيٽ تي ويهڻ کانپوءِ، پاسي وارو پردو هٽائي ڇڏيو. ڪوچ رڙهڻ لڳي، ماهپاره دلڪش جي اکين ۾ اکيون اٽڪائي، چپ چوريا، شايد ڪجھه چئي رهي هئي. دلڪش به ڪوچ سان گڏ وکون وڌائيندي ڪجھه چيو، پر اندريون آواز اندر رهجي ويو، ٻاهريون آواز ٻاهر رهجي ويو. وچان سائونڊ پروف سفيد شيشو موجود هو. پر چهري جا تاثرات آواز کان وڌيڪ سگھارا هئا، جن تي وڇوڙي جو نظم لکجي رهيو هو. ڊرائيور گيئر بدلايو دلڪش پويان رهجي ويو، ڪوچ اڳتي نڪري ويئي.