لاڙ تان آخري ڀيرو ۽ اڻپورڻتا
اوڀر کان چنڊ اڀري رهيو هو، گھميل سامونڊي هوا گھلي رهي هئي. هن جي نيڻن کان ننڊ رٺل هئي. آسمان تان ڪو اڪيلو بادل ترندو وڃي رهيو هو. هن جي دل بادل کي کٽ بڻائي ليٽڻ جو انگل ڪيو. ان خيال کيس عجيب سرور ارپيو. ياسمين تائين پهچڻ لاءِ بادل جي سواري کيس بهترين سهارو لڳي. هن بادل جي رخ جو اندازو لڳائي سوچيو: ”اهو بادل ياسمين جي شهر مٿان گذرندو ۽ پوءِ ملڪي سرحد پار ڪري ويندو“. اوچتو هن کي سرحدي چوڪين جو خيال آيو. پر وري هن سوچيو: ”سرحدون ته زمين تي آهن، آسمان تي ڪابه سرحد ناهي. بادلن، هوائن، روشنين، پکين، آوازن ۽ خوشبوئن لاءِ ڪي به سرحدون ناهن!“. هن اڀرندڙ چنڊ ڏانهن ڏٺو، جيڪو الاءِ ڪيترين سرحدن تان گذري رهيو هو، هن لاءِ ڪا به ويزا ضروري نه هئي!. وري هن جي نگاهه هڪ وڏي ستاري تي اٽڪي پئي. جيڪو هن کي ڪرڪيٽ جي بال جيان لڳو. ان کان ڪجھه پري کير ڌارا بائونڊري لائين جيان محسوس ٿيئس. هن کي خيال آيو ته بال کي زوردار هٽ هڻي، جيئن اهو بائونڊري لائين پار ڪري وڃي. پر هن کي چنڊ، ڪيچ جي تاڙ ۾ بيٺل ڦُڙت فيلڊر جيان لڳو. کانئس ڇرڪ ڇڏائي ويو. هو جھٽ پٽ کٽ تان اٿيو، دلي مان پاڻي پيءُ، منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي، واپس اچي ويٺو. هن سوچيو کيس عجيب خيالن ڇو وڪوڙيو هو؟!
شايد ياسمين کان وڇڙڻ جو صدمو جھرڻي جيان، هن جي لاشعور جو ڌونئرو ولوڙي رهيو هو. جنهن مان ڦُٽندڙ مبهم خيالن جا گھوگھه، سندس سوچن تي تري رهيا هئا. الاءِ ڪيڏي مهل، هن جي اک لڳي ويئي. خوابن ۾ هن پاڻ کي ڪنهن وڏي ڀٽ جي هيٺائينءَ ۾ محسوس ڪيو. هن ڀٽ جي چوٽي چڙهڻ جي جي ڪوشش ڪئي. ياسمين هن جي آڱر جي سهاري چوٽي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي، اوچتو آسپاس نانگن بلائن جا ولر وري آيا. هن ياسمين کي ڀاڪر ۾ کڻي ورتو ۽ چڙهائي چاڙهڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو. نانگ بلائون، هن جي پيرن ۾ وچڙڻ لڳا. هن پاڻ کي انهن کان ڏنگجندو محسوس ڪيو. ياسمين جي رڙين ۽ رتو رت جسم سان چوٽيءَ کي ويجھو ٿيڻ لڳو. سندس بدن جو ست ساڻو ٿي پيو. قدم ڳرا ۽ بدن ڍرو ٿيندي محسوس ٿيئس. هن چوٽي تائين پهچڻ جي آخري ڪوشش ڪئي. ڀرسان ڪي نانگ ڦڻ کڻندي ۽ اڀا ٿيندي محسوس ٿيئس، جن جا ڏنگ ياسمين کي لڳڻ شروع ٿي ويا. هن کان دانهن ڇڏائي ويئي ۽ ايئن خواب مان جاڳي پيو. اک کلڻ کانپوءِ هن حيرت مان پاڻ کي ڏٺو. آسپاس صبح جو سوجھرو پکڙجي پيو هو.
اهو سڄو هفتو، هن ڳوٺ جي ڀرسان ساون کيتن ۾ گھمندي، ان ڳوٺ جي دوستن سان تاش کيڏندي گذاريو. ٻي هفتي ٽنڊي باگي آيو، جتي هڪ پُرهجوم جھوپڙا هوٽل تي، سلمه جو خط مليس، هن خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو.
ڍوليا!
مونکان پاڻ ڇڏائڻ جون واڌايون هجنئي!
تنهنجي دل شاهد هوندي ته هيستائين مون توسان هر وچن پاڙيو آهي. پر پوئين خط کي آخري خط جو نالو ڏيڻ باوجود اڄ وري خط لکي رهي آهيان. اها واعدهه خلافي معاف ڪجان. مونکي اميد آهي ته مئلن کي بي ميارا سمجھي در گذر ڪندين!موهن جي دڙي تي ڪهڙيون ميارون!
پيارا تنهنجون مصروفيتون توکي مبارڪ هجن، مون لاءِ ته هاڻ پنهنجي واندڪائي به مهڻو ٿي پيئي آهي! ويل وقت شايد توکي گھڻو بدلائي ڇڏيو آهي. واٽون جڏهن رخ موڙي وينديون آهن ته، اتي وڻ ٻوٽا ڦٽي پوندا آهن. ڳوٺ جڏهن اجڙي ويندا آهن ته، پويان کنڊر رهجي ويندا آهن. سمنڊ جڏهن هٽي ويندو آهي ته، پويان رڻ جي اڪيلائي رهجي ويندي آهي. پر جڏهن ماڻهو بدلبو آهي ته، ڪجھه به باقي ناهي رهندو. بدلجي ويل ماڻهوءَ جون رڳو يادگيريون هونديون آهن، جيڪي مڪار وقت جو مصنوعي ٽهڪ لڳنديون آهن!
پيارا! ترتيب، تورتڪ ۽ زندگي سنوارڻ جو سليقو، تنهنجي شهر جي تهذيب ٿي سگھي ٿو، پر اسان ته ڪڏهن ليکو ڪرڻ سکيو ئي نه آهي. پاڻ ڇڏائڻ جو هنر سنڀالي رکجان، اسان لاءِ ته تنهنجيون يادون ئي ڪافي آهن!
ٻڌو اٿم! اسانجي آسپاس به آيو آهين، پر مونسان ملڻ فضول سمجھيئي، هن هيڏي وڏي حادثي کي، آئون ڪٿي لڪايان!. تنهنجا اهي خط به مون وٽ پيا آهن، جن ۾ تون مونسان ملڻ جي شديد خواهش ظاهر ڪندو رهيو آهين ۽ اڄ وري وقت جي هن وراڪي تي تنهنجا هي زخم، انهن آڱرين سان ڪيئن ڳڻيا، جن آڱرين ڪڏهن تنهنجا وار سنواريا هئا ۽ هاڻ اهي پنهنجا ڳوڙها پاڻ اگھي اگھي ٿڪجي پيون آهن. ڇا تون مونکي لکيل پنهنجن سمورن خطن جي لفظن تان به دستبردار ٿي چڪو آهين؟!.
اڄ وري تنهنجي ياد آئي آهي. توسان گڏ گھاريل لمحن جون سدا سُرهيون ساروڻيون، من جي ڀوڏيسر تلاءَ مٿان ترڻ لڳيون آهن. تنهنجو اٿڻ، تنهنجو ويهڻ، تنهنجو اچڻ، تنهنجو وڃڻ، تنهنجو ملڻ، تنهنجو وڇڙڻ، تنهنجو روئڻ، تنهنجو کلڻ، تنهنجو ڏيڻ، تنهنجو وٺڻ، تنهنجو ڏسڻ، تنهنجو ڳالهائڻ، تنهنجو سڀ ڪجھه، ٻين کان الڳ ۽ نيارو هو! ۽ مونکي ياد اچي ٿو، اهو سڀ ڪجھه، جيڪو تنهنجو هو ۽ تون منهنجو هئين! پر منهنجو ٿي نه سگھئين. ڪنهنجو هجڻ ۽ ڪنهنجو نه ٿي سگھڻ، ٻه الڳ حقيقتون آهن، جن کي مان بيان ڪري نه ٿي سگهان. تون هجين ها ته پڪ سان دل کي مهٽو ڏيندڙ تشبيهه ڳولي اچين ها، ڇو ته لفظ تو وٽ ايئن ايندا آهن، جيئن زائرين زيارتگاهن تي ايندا آهن. مونکي ياد اچي ٿو، هڪ ڀيري اڌ کليل در منجھان ٻاهر وسندڙ بارش کي ڏسي رهيا هئاسين. جڏهن مينهن وسي اُڪاڻو هو، تڏهن تو منهنجي آڱر مان، تنهنجو ئي ڏنل ڇلڙو لاهي، اڱڻ تان وهندڙ پاڻيءَ منجھه اڇلائي ڇڏيو هو ۽ پوءِ پاڻيءَ جون لهرون، ان بيوس ڇلڙي کي الاءِ ڪيڏانهن کڻي هليون ويون. مون جڏهن احتجاج ڪندي توکي چيو هو: ”تنهنجو ڏنل ڇلڙو، تو مونکان ته ڦري ورتو، پر هاڻ ته اهو تنهنجو به ناهي رهيو!“. اوچتو تون اداس ٿي ويو هئين. اداس ٿيڻ کانپوءِ تنهنجيون ڳالهيون، روهيڙي جي ٽارين جيان محبوب مالهائون ٿي پونديون هيون. تو چيو هو: ”هي ڇلڙو، نه تنهنجو هو، نه منهنجو هو. دراصل هي ڇلڙو ڪنهنجو به نه هو. جيئن تون منهنجي هوندي به منهنجي ناهين، آئون تنهنجو هوندي به، تنهنجو ناهيان. پاڻ ٻئي هڪٻئي جا هوندي به هڪٻئي جا ٿي نٿا سگھون!“ ۽ اڄ آئون سوچيان ٿي، ڪنهن جو هجڻ ۽ ڪنهن جو نه ٿي سگھڻ، ٻه الڳ حقيقتون ڇو آهن!؟ پاڻ هڪٻئي جا هوندي به، هڪٻئي جا ٿي ڇو نه سگھياسين؟!
توسان ملڻ يقينن اتفاق هو، پر توکان وڇڙي وڃڻ به حادثو بڻجي پيو. شايد انساني زندگي به اتفاق ۽ حادثن وچان هلندي آهي. اتفاق ۽ حادثا به ته اوچتو ئي ٿيندا آهن. حياتيءَ جو وجود به اوچتو ٿيندو آهي. موت به اوچتو ايندو آهي ۽ عشق به اوچتو ٿيندو آهي. تون به اوچتو مليو هئين ۽ هڪ ڏينهن، اوچتو ئي اوچتو هليو وئين، منهنجي زندگيءَ مان. تو ته بيعنوان ناتو ڇني ڇڏيو، پر تنهنجون يادون اڃان تائين دل جي ريشمي ڪپڙي ۾ ڀُرٽن جيان چهٽيون پيون آهن. تون ياد ڪندو هوندي الاءِ نه؟! پر جڏهن به هڏڪي ايندي آهي، دل کي ڪوڙي آٿت ڏيندي آهيان ته شايد تو ياد ڪيو آهي! جڏهن به اڱڻ تي ڪانوُ ٻولندو آهي ته، بي بنياد وهن ۾ وڪوڙجي، پاڻ کي سکڻو دلاسو ڏيندي آهيان ته تون ايندي ضرور!
آخر ۾ توسان هڪ اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪو ٻٻر جي ڪنڊي جيان ڪيترن ئي ڏينهن کان هانءُ ۾ هٽڪي رهيو آهي. تون منهنجي زندگيءَ ۾ آيل ٻيو مرد آهين. توکان پوءِ ٽيون ماڻهو وڏيرو ڪريم بخش هو. جنهن کي مون مجبورن قبول ڪيو هو، ڇو ته گھر جا خرچ پورا ڪرڻ ڪري، سڄي گھر تي سندس حڪم هلندو هو. انهيءَ ظلم کان نجات لاءِ مون توکي شاديءَ جي آفر ڪئي. پر تنهنجو انڪار منهنجي دل جي کل لاهڻ لاءِ ڪافي هو! مونکي ذرو به عجب ڪونه لڳو، ڇو ته ڪريم بخش جي اچ وڃ ۽ امان جي رويي کانپوءِ، تنهنجو اهو ئي جواب ٿي سگھيو ٿي. بي رحم حالتن ۾، توسان ڪيل انهي بيوفائيءَ جي داغ کي، مان ضمير جي ڌوٻي گھاٽ تي ڌوئي نه سگھي آهيان!
توکان ڌار ٿيڻ جي صدمي کانپوءِ، ڊيوٽي تان لاڳيتو غير حاضري سبب سسپين ٿيڻو پيئم. بحالي جي ڪوشش م بالا آفيسر وٽ حاضر ٿيئس ته هن رشوت گھري، جنهن کي ڀرڻ منهنجي وس ۾ نه هو. جڏهن رشوت ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاريم ته، هن هڪ رات گڏ سمهڻ جو بيهودو مطالبو ڪيو. درخواست ڦاڙي ٽيبل تي اڇلي آفيس کان ٻاهر نڪري آيس، پگھار بند ٿيڻ کانپوءِ امان جا مونسان جھيڙا وڌي ويا. رات به چڱو چوکو جھڳڙو ٿيو هو. مون زندگيءَ جي ذليل دلدل کان ڇوٽڪاري لاءِ، پنهنجو انت آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن خط کانپوءِ تنهنجي زندگيءَ مان منهنجي رفاقت ختم سمجھجان. توکي مبارڪون، مان مري رهي آهيان.
تنهنجي مجرم سلمه. . . . . !
خط پڙهڻ کانپوءِ دلڪش پاڻ کي ديويءَ جي ڊينگھرن تي پٺن اگھاڙو ليٽيل محسوس ڪيو. هن جي سوچ ۾، عذابن جا ڪنڊا چڀڻ لڳا. هن جو دماغ چڪرائجڻ لڳو. اکيون بند ڪيائين ته آسپاس ويٺل سندس دوستن پريشانيءَ مان کيس ڌونڌاڙيندي پڇيو: ”ڇا ٿيو؟. . . ڇا ٿيو!. . “ هن اکيون کولي هٿ جي اشاري سان پاڻي گھريو. يڪ ساهي پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ کانپوءِ هن جي اندر ۾، هڪ ڌنڌلي اميد، وسامندڙ باهه جي آخري شولي جيان ٽمڪي پيئي ۽ هو اٿي بيٺو.
جڏهن هو پنهنجي دوست سان گڏ ڪار ۾، سلمه جي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته هن کي سلمه جي هجڻ جو مبهم آسرو هو، هن سوچيو ٿي ”سگھي ٿو: سلمه اڃان زندهه هجي ۽ هو کيس آپگھات کان بچائي وٺي“. اهو آسرو کيس ايئن لڳو، جيئن ڪنهن ٻڏندڙ ماڻهو کي ٻوڙي جو سهارو ملندو آهي! ڪار جيئن ئي سلمه جي گھر اڳيان بيٺي ته اندران روئڻ پٽڻ جو آواز، دلڪش جي سماعتن سان ايئن ٽڪرائجڻ لڳو، جيئن طوفاني برسات ۾ تيز هوائون ڪچن گھرن جي ڀتين کي ڀيٽيون هڻنديون آهن. اتي بيٺل جھوني افسوس مان ٻڌايو ته سلمه پيٽ ۾ سور سبب گذاري ويئي. دلڪش سمجھي ورتو ته سلمه جي آپگھات کي طبعي موت جي پردي پويان لڪايو پيو وڃي. جيئن پوليس جي پڇا ڳاڇا ۽ معاشري جي اڻوڻندڙ سوالن کان بچي سگھجي. دلڪش ڪار ڊرائيور کي واپس هلڻ جو اشارو ڪيو ته پوئين سيٽ تي ويٺل سندس دوست حيرت مان پڇيو: ”پونئيرن سان تعزيت نه ڪندين ڇا؟“ دلڪش اداس لهجي ۾ وراڻيو : ”سلمه کانپوءِ ڪنهن وٽ وڃان؟“ دوست چيس: ”ڪراڙيءَ وٽ هلون“. دلڪش جي وجود مان نفرت ۽ ڪروڌ جون ٽاريون ڦٽي پيون، پر وڌيڪ سوالن کان بچڻ لاءِ ڳالهه بدلائيندي وراڻيائين: ”اڄ سلمه جي سوڳوار تڏي تي وڃڻ جي همت نه اٿم، وري ڪنهن ٻئي ڀيري“
واپس موٽندي دلڪش جي دل مٿان دردن جا قافلا گذرندا رهيا. ڪنهن وقت هن جو روح ريجھائيندڙ يادگيريون، هاڻ هن جي لڙڪن جا کاٽ کڻي رهيون هيون. ڊرائيور هٿ اڳتي وڌائي ٽيپ رڪارڊر آن ڪري ڇڏيو.
”عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان، جان جو جانان رهيو ناهي!“
دلڪش جو وجود عذابن جو چيچڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هن جا احساس ڄانڀي جيان پيڙجندا رهيا. لڙڪن جو رس اکين مان نڪرندو رهيو! رستي تي شهر ويندڙ هڪ نينگر نظر آيو ته دلڪش ڊرائيور کي ڪار روڪڻ جو اشارو ڪيو. نينگر سلمه جي پاڙي جو رهندڙ هو. دلڪش کيس پاڻ سان گڏ اڳئين سيٽ تي ويهاريو ۽ ڪار شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي ڊڪڻ لڳي. دلڪش پيار مان نينگر کان پڇيو: “بابا هينئر شهر پيو وڃين، خير ته آهي؟“ نينگر وراڻيو: ”وڏيري ڪريم جا سگريٽ کٽي ويا، گھرايا اٿس. . . . اڄڪلهه سلمه جي گھر تڏي تي ويٺل آهي. “ دلڪش خاموش ٿي ويو. چند لمحا رکي هن وري پڇيو: “بابا سلمه کي ڇا ٿيو؟“ نينگر اداس ٿيندي وراڻيو :”سائين بس رات جو پيٽ ۾ قدرتي سور پيئس، جيستائين وڏيري جي ڳوٺان ڏاڪدار (ڪمپائونڊر) آيو، تيستائين هوءَ گذاري ويئي. دلڪش جي چپن تي ماٺ جا ڪنڊا چنبڙي پيا، جن کي هو سوچ جي سئيءَ سان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
ماٺ جي مختصر وقفي کانپوءِ دلڪش نينگر کان پڇيو: “پيٽ ۾ سور جي تڪليف وقت پاڙيوارن سلمه کي ڏٺو هو، يا مرڻ کانپوءِ کين خبر پيئي؟“ ڇوڪر افسوس مان وراڻيو: ”پاڙيوارن کي ٻڌائڻ لاءِ وڏيري ڪريم مونکي ئي موڪليو هو. تڏهن سلمه هن دنيا ۾ نه هئي“ دلڪش جلدي مان پڇيو: ”ان وقت تون ڪٿي هئين بابلا ؟“ نينگر وراڻيو :”ان رات آئون سلمه وارن جي گھر اڱڻ تي ستل هئس، سڄو ڏينهن وڏيري جي ٽپال ڪري رات جو ماني کائي کٽ تي ليٽيس ته ننڊ اچڻ لڳي. پر اوچتو اک کلي ويئم. . . . . . . . . “ نينگر جي چهري تي خوف جا پاڇا ظاهر ٿي وري گم ٿي ويا. وري ڳالهه جاري رکندي چيائين: ”مونکي فجر محل وڏيري جاڳايو، ۽ پوءِ آئون پاڙيوارن کي ٻڌائڻ هليو ويس. واپس آيس ته سلمه جي لاش ڀرسان ڏاڪدار جي پاسي ۾ ويٺل وڏيري ڪريم ٻڌايو ته سلمه کي سور جي تڪليف ٿيندي ئي هو ڊاڪٽر کي وٺي آيو، پر ڊاڪٽر جي اچڻ کان اڳ ئي هوءَ هن دنيا ۾ نه رهي“ دلڪش ڌيرج مان پڇيو: ”ان رات کٽ تي ليٽڻ کانپوءِ جلد ئي تنهنجي اک ڪيئن کلي ۽ پوءِ توکي ڊپ ڇو ٿيو؟“ نينگر جي چهري تي وري خوف جون ريکائون ظاهر ٿيڻ لڳيون. ڄڻ ڪجھه ٻڌائڻ جي ڪوشش باوجود، ڪجھه ٻڌائي نه ٿي سگھيو،. دلڪش آٿت ڏيندي چيس: ”ٻڌائي ٻڌائي، ڊڄ نه!“ نينگر هٻڪندي هٻڪندي وراڻيو: ”سلمه جي ماءُ، سلمه کي دڙڪا ڏنا ته منهنجي اک کلي ويئي“ دلڪش پڇيس: ”دڙڪا ڏيئي ڇا چئي رهي هئي؟“. نينگر ڪجھ سوچيندي وراڻيو: ”چيائين وڏيري جو چوڻ مڃ، وڏيرو توتي ساهه پساهه ٿو ڏي ۽ تون ٻن مهينن کان ڳالهائين به نٿي. ڇوري توکي ڪنهن ڪامڻ ڪيا آهن_ ڇا؟“ دلڪش پڇيس: ”سلمه ڇا چيو؟“ هن وراڻيو. ”سلمه چيو پليت مونکي اڳي ئي پليت ڪيئي، اڃان جان نٿو ڇڏئين. منهنجين اکين کان ٽري وڃ ظالم، مونکي هٿ نه لاهي“. دلڪش تجسس ۽ ڏک مان پڇيو:”پوءِ ڇا ٿيو؟“ نينگر وراڻيو:”پوءِ سلمه جي ماءُ جو آواز ٻڌم چيائين:”متان ڇڏئين وڏيرا، مڙس ماڻهو آهين، ڇوري ڪيئن ٿي منهن اٽڪائي. مستي ڪري ته مڻڪو ڀڃيس“ هو خاموش ٿي ويو. دلڪش پڇيو: ”ان کان پوءِ تو ڇا ٻڌو؟“ وراڻيائين: ”پوءِ زوردار ڌڪ جو آواز ٻڌم ۽ ان سان گڏ هلڪي رڙ جو آواز آيو، ۽ ان کانپوءِ ماٺ ٿي ويئي. مونکي ڊپ لڳو، مون پاڻ کي رلي ۾ لڪائي ڇڏيو“. دلڪش پڇيس: ”پوءِ تو ڇا ٻڌو؟“ سوچ ۾ ٻڏي ويو، ڄڻ ڪجھه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. نيٺ ڳالهاڻو: ”وڏيري ڪريم چيو هاڻ ته ماڳهين ڏچو ٿي ويو، تون نه چوين ها ته آئون هٿ ئي نه لاهيان ها. سلمه جي ماءُ ڪاوڙ مان چيس، مون مڙئي هن کي ڊپ پئي ڏنو، سچ پچ توکي. . . . . . . . . . . لاءِ ته نه چيو هو. “ نينگر اداس ٿي پيو. دلڪش پنهنجي ساءِ چيو: ”ڇا مرڊر ڪيس!؟“ نينگر ڪجھه نه سمجھندي وراڻيو: ”پوءِ مونکي ننڊ اچي ويئي ۽ مون ڀوائتا خواب پئي ڏٺا. جڏهن سلمه کي پيٽ ۾ سور پيو ۽ ڊاڪٽر آيو ته آئون ستل هئس. دلڪش کي ٻارڙي جي سادگي عجيب لڳي. ڪار شهر جي حدن ۾ داخل ٿي ته هن ڊرائيور کي پوليس ٿاڻي ڏانهن مڙڻ جو اشارو ڪيو.
ٿاڻي تي دلڪش جي موجودگيءَ ۾ نينگر هٻڪندي هٻڪندي سڄي ڳالهه S. H. O کي ٻڌائي ته دلڪش چيو ”صوبيدار صاحب! نينگر جي بيان کانپوءِ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي رهي. سلمه جو موت نسورو قتل آهي. هوءَ ٻن مهينن کان وڏيري کي نو لفٽ ڪندي رهي هئي. جيڪا ڳالهه سندس ماءُ کي نٿي وڻي، ڇو ته وڏيرو گھر جا سمورا خرچ ڀريندو هو. جيڪي سلمه جي سسپين ٿيڻ کانپوءِ وڌي ويا هئا. سلمه جي ماءُ پنهنجي تجربي جي بنياد تي اندازو لڳايو هوندو ته انهن حالتن ۾ وڏيرو گھڻو وقت خرچ ڀري نه سگھندو. هن سلمه کي وڏيري سان ٺهڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، پر ناڪام ٿيڻ پڄاڻا هن وڏيري کي زبردستي، سلمه کي قائل ڪرڻ لاءِ چيو هوندو. واقعي واري رات هن جي چوڻ تي وڏيري سلمه ۾ هٿ وڌا، مزاحمت ڪرڻ تي وڏيري جو زوردار ڌڪ سلمه جي ڪنهن نازڪ عضوي تي لڳي پيو. جيڪو سندس موت جو سبب بڻيو هوندو. سلمه جي موت جي تصديق ٿيڻ پڄاڻا، ڏوڪري ۽ وڏيرو ڪجھه دير لاءِ وائڙا ٿيا هوندا ۽ ڏوڪريءَ کي خيال آيو هوندو ته سندس آمدنيءَ جو آخري ذريعو به بند ٿي چڪو آهي. پر جلد ئي هن هڪ ٻي ترڪيب آزمائي هوندي. جيئن سلمه جي قتل جو راز فاش ڪرڻ جو دٻاءُ وجھي، وڏيري کان ڊگھي عرصي تائين خرچ وٺي سگھجي. نينگر جو ٻڌايل سندس اهو جملو ان سفر جي پهرين وک هو ته ”مون کيس ڊپ پئي ڏنو، سچ پچ توکي. . . . . . . . . . لاءِ ته نه چيو هو“، ۽ ايئن ڏوڪري ۽ وڏيري ڪريم گڏيل مفادن تحت، هڪٻئي سان ملي، سلمه کي پيٽ ۾ سور ڄاڻائي، ڪمپائونڊر جيڪو وڏيري جي ڳوٺاڻي اسپتال تي رهندڙ ۽ سندس خدمتگذار آهي، گھرايو هوندو. جيئن معاشري وارن اڳيان سندس اوچتي موت جو ڊرامو ڪري سگھجي. صوبيدار حيرت مان دلڪش ڏانهن نهاريندي وراڻيو: ”اهو سڀ ڪجھ مون اڳ ئي سمجھي ورتو آهي. آئون هينئر ئي سرزمين تي وڃان ٿو“ دلڪش اعتماد مان چيو: ”صاحب! آئون ڪورٽ تائين ٻڌل آهيان. بس سلمه جو خون لوڙهڻ نه گھرجي. “ صوبيدار پوليس موبائيل ڏانهن وڌندي وراڻيو: ”کٽڪو نه ڪر آئون ترن مان تيل ڪڍڻ خوب ڄاڻان ٿو“
دلڪش ٿاڻي مان ٻاهر اچڻ کانپوءِ پنهنجي ميزبان منٺار جي ڳوٺ پهتو. جتي ايندڙ چئن ڏينهن تائين بستر تي ليٽيل رهيو. سلمه جي غير معمولي موت جي صدمي کيس ساڻو ڪري ڇڏيو هو. هن جو وجود وڙهندڙ سانن جي پيرن هيٺان لتاڙجندڙ ٻوڙن جيئن جھري، ڀڄي ۽ ڀري رهيو هو. پنجين ڏينهن هن کي خبر پيئي ته سلمه جي ڪتل جي انڪوائري لاءِ ويندڙ صوبيدار، وڏيري ڪريم جي اوطاق تي رات ترسي موٽي آيو. سلمه جي موت جو سبب به پيٽ جو سور مڃيو ويو. دلڪش محسوس ڪيو ته سلمه جي ماءُ جيان صوبيدار به وڏيري جو همراز بڻجي پيو هو ۽ ايئن سلمه جو خون لڙهي رهيو هو. دلڪش کي تصور ۾ انيڪ سنڌي نياڻين جا لاش، ناانصافي جي رڻپٽ ۾ نڌڻڪا پيل نظر آيا. جن جو ماس ڳجھون ۽ بگهڙ پٽي رهيا هئا! هن سوچيو: ”سرمائيداريءَ جي عروج، پئسي کي غريب طبقي جي پهچ کان پري، رڳو مخصوص هٿن جي حاصلات بڻائي ڇڏيو آهي. معاشي ٻاڙائيءَ ۾، پئسي جي ڳولا، ڪيڏي نه وڏي ڪميڻپائيءَ کي جنم ڏنو آهي. رشتا ناتا، محبتون، دوستيون، دلبريون ۽ ٻيو الاءِ ڇا ڇا پئسي جو محتاج بڻجي پيو آهي! موجودهه وقت ۾، انيڪ سماجي برائين جي جڙ پئسو آهي. انساني حياتي، چند ٽڪن عيوض وڪامي وڃي ٿي،. رت جا رشتا به، پئسن جي تارازيءَ ۾ بنهه هلڪا بڻجي پيا آهن!“
ٻئي ڏينهن هن زمين جي مقاطعي جا حساب ڪتاب ڪيا ۽ مقاطعي جو ڪاروبار ختم ڪري واپس ٿر روانو ٿيو. سلمه جي وڇوڙي کانپوءِ، لاڙ ۾ هن جو ڪجھه به باقي نه رهيو هو. موڪلائڻ مهل هن جي اکين مان وهندڙ ٻٽن ٻٽن لڙڪن، هن جي ميزبانن کي به روئاري وڌو!
ٿر ڏانهن ايندڙ بس ۾شهر جون حدون ٽپڻ کانپوءِ، هن جون نظرون بس جي شيشن مان ٻاهر لغڙ جيئن اڏامڻ لڳيون. ساريالي فصل مٿان ٻگهه پکين جا ولر، اتاوليون اڏارون ڪري رهيا هئا. چڙهندڙ سج جي روشنيءَ ۾، ٻنين ۾ واريل پاڻيءَ چاندي جهڙو رنگ پکيڙي ڇڏيو هو. ڦٽيون چونڊيندڙ هٿن جا ڇلا ۽ چنين جي ستارن جا اولڙا، نرمل نظارا آڇي رهيا هئا. آسپاس وڏن لوڙهن ۽ ڊگهن وڻن وارا ڳوٺ، جهٽ پٽ گذري ويندڙ منظر بڻجي، دلڪش جي اکين اڳيان ايندا رهيا ۽ هن جي سوچ، سلمه جي ڳوٺ ۾، ٻٻر جي ڊينگهرن تي سڪندڙ آلن وڳن جيان، لوڙهن تي لٽڪي پيئي، جتي سلمه جون يادون ڪنڊن جيئن هن جي احساسن ۾ ٽُٽڻ لڳيون. بس ۾ لڳل ٽيپ ريڪارڊر مان، هيئين ۾ هٿ وجهندڙ آواز اڀري رهيو هو.
“تون پڇين ٿو پرين، مان هليو ڇو ويس!؟“
***
دلڪش جي لاڙ وڃڻ جي خبر، ياسمين مٿان کنوڻ بڻجي ڪري پيئي. فاصلن ۾ وڌي ويل بدگمانيون، گهڙي گهڙيءَ جو گهاو بڻجي پيون. سلمه سان رقابت جي احساس ۾، دلڪش جي لاڙ ۾ موجودگي، کيس ڀڳل هڏ جي عذاب جيئن ڀاسڻ لڳي! هن سوچيو: ”دلڪش ۽ سلمه وري ملي ويا. هاڻ هوءَ کيس مونکان بدظن ڪرڻ جا حيلا هلائيندي. ٿي سگهي ٿو هاڻ ٻنهين جي شادي ٿي وڃي، مون سان ملڻ ۾ رڪاوٽن کانپوءِ دلڪش جي سوچ بدلجي سگهي ٿي. “ اهو سوچيندي هن کي پنهنجي هار ۽ سلمه جي جيت محسوس ٿيڻ لڳي. ان وقت هن پاڻ کي بنهه گهڻو بيوس محسوس ڪيو. بلڪل ايئن جيئن ننڍپڻ ۾ هوءَ ڪپڙي مان ٺاهيل گُڏڙين مان سيون آرپار هڻندي هئي ته اهي بي حرڪت ۽ بي آواز رهنديون هيون! بيوسيءَ جي ان احساس، سندس وجود کي چڙ ۽ نفرت جي شعلن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. هوش ۽ حواس جي حدن تان اوراگهيندي، هن سلمه کي ڪچيون گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. اکين مان لڙڪ ٽمڻ لڳس ۽ سندس سڄو جسم پگهر ۾ آلو ٿي پيو. اها سڄي رات هن جاڳندي گذاري ڇڏي. صبح هن اسپتال مان جلد موڪل ڪئي ۽ ننڊ جي گوري وٺي ڪمري م سمهي رهي.
سندس اک کلي ته شام جا پنج ٿي رهيا هئا. ڪجهه دير وڌيڪ بستر تي ليٽيل رهڻ کانپوءِ هن چانهه پيتي. ڊگهي ننڊ کيس رات واري هيجاني ڪيفيت مان آجي ۽ ڪنهن حد تائين رليڪس بڻائي ڇڏي هئي. هن وري دلڪش سان پنهنجي تعلق ۾ حائل رڪاوٽن تي ويچار ڪيو. سلمه جو خيال ايندي ئي وري کيس نفرت ۽ چڙ جي چڻنگ دُکندي محسوس ٿي، پر هاڻ ان ۾ راتوڪي شدت نه رهي هئي. تڏهن هن دلڪش سان جلد کان جلد شادي ڪرڻ جي منصوبي تي سوچڻ شروع ڪيو.
دلڪش سان شادي ڪرڻ لاءِ هن کي ڪجهه ڏکيائون محسوس ٿيون. سڀ کان پهريان جمال جي رضامندي ضروري هئي، ان کانپوءِ برادري ۽ چند ويجھهن رشيدارن جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو هو. پر سڀ کان وڏي مشڪل اها هئي ته ٻن ٻارن ۽ پوڙهي جمال خان جي ڪفالت ۽ گڏ رهائش سميت دلڪش کي انهي تي رضامند ڪرڻو هو ته شاديءَ بعد هو نه رڳو کيس ملازمت کان نه روڪيندو، پر لاڳيتو شهر م رهائش به ڪرائيندو. اهي مسئلا جيترا وڏا هئا، ياسمين انهن کي ان شدت سان بلڪل ئي نه ورتو، ڇو ته هن هميشه خواهشن کي حقيقتن تي حاوي رکيو هو! خواهشن جي حصول لاءِ هوءَ ”هجڻ “ تي سوچڻ بدران ”ٿيڻ“ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري گذرندي هئي. اهو انداز هن لاءِ ڪڏهن معجزاڻيون خوشيون کڻي ايندو هو، ته ڪڏهن وري چڙچڙي مايوسي ۾ هوءَ قسمت تي بهتان ڏيڻ لڳندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ شاديءَ سان لاڳاپيل اصل مسئلن بدران وڌيڪ گهرائي سان، اهو سوچي رهي هئي ته ڪهڙا ڪهڙا زيور گهرجن، ڪهڙي رنگ جا ۽ ڪيترا وڳا خريد ڪجن ۽ شاديءَ جي جوڙي ۾ هوءَ ڪيئن لڳندي ؟! خوابن جي ان آئيني اڳيان، هوءَ ڪيترن ئي خيالن جا وڳا پائيندي ۽ لاهيندي رهي. انهن خيالن مان هوءَ تڏهن سجاڳ ٿي، جڏهن ڪبير ۽ بشير هڪٻئي سان هاٿاپائي ڪندا، وڙهندڙ جهرڪين جيان جُهوڙ ٿي، هن جي ڀرسان اچي ڪريا. اهو جهيڙو ختم ڪرائڻ لاءِ هن کي دڙڪا، ڌمڪيون ۽ نصيحت سميت چاليهه روپيه به خرچ ڪرڻا پيا. خرچي کپائڻ لاءِ ٻئي ٻار بازار هليا ويا. ٻارن جي وڃڻ کانپوءِ به هوءَ دير تائين، شاديءَ جي رنگين تصور ۾ وڃايل رهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن، انهن خيالن جو سحر هن مٿان ڇانئيل رهيو.
***
منجهند ويل هوءَ جيئن ئي ڊيوٽي تان موٽي رهي هئي ته، ٻهراڙيءَ جي هڪ عورت کيس لاڙ مان موٽندڙ دلڪش جي ڳوٺ ۾ موجودگي جو اطلاع ڏنو ۽ ان ئي لمحي ياسمين، دلڪش جي ڳوٺ ملهاسر وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هوءَ دائي سليمت سان گڏ گهر آئي ۽ جمال خان کي اهو چئي ڪرائي جي ٽئڪسي آڻڻ لاءِ چيو ته هوءَ هڪ هيلٿ ورڪر سهيلي سان ملڻ لاءِ، سندس ڳوٺ وڃي ٿي. دائي سليمت، ڪبير ۽ بشير سان گڏ، جڏهن هوءَ ڪرائي جي ٽيڪسي ۾ دلڪش سان ملڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته، دلڪش سان ملڻ ۽ سندس ڳوٺ ڏسڻ جو تجسس کيس تڙپائي رهيو هو. انهي سان گڏوگڏ دلڪش جي گهر وارن جي رويي جو سوال به، سندس سامهون واسينگ جيان ويٺل هو!؟
گاڏي ڀٽن وچان ڪچي رستي تي ڊڪي رهي هئي. آسپاس هاري ٻنين ۾ لابارو ڪري رهيا هئا. ٻاجهر جا پڪل سونهري سنگهه، هوا تي رقص ڪري رهيا هئا. چمڪندڙ اس ۾ ننڍڙا ٻارڙا، ڳاڙھ ڳريا ڇانهيا کائي رهيا هئا. ڪٿي ڪٿي ڪو مور چڀڙن جو ٻج چُڳي رهيو هو ۽ ايئن هر زندگي پنهنجي پنهنجي رستي تي روان دوان هئي. پر هن لاءِ دريءَ کان ٻاهر ڏسندڙ لاءِ ڪو به منظر دل بهلائيندڙ نه هو. هن جي اندر ۾ شاديءَ جي رنگبرنگي خيالن ۽ دلڪش سان ملڻ جي اڻتڻ اڳيان، ٻاهر جا نظارا اوليت ماڻي نه پئي سگهيا!
گاڏي جڏهن دلڪش جي گهر اڳيان بيٺي ته سڀئي گهروارا گرم جوشيءَ سان ياسمين سان ملڻ گهٽيءَ تائين نڪري آيا. چونئري ۾ ويهڻ کانپوءِ ياسمين کي دلڪش جي گهروارن جي رؤيي ۾، مهمانوازي کان به ڪجهه اڳتي، ڪنهن رشتي جي مهڪ محسوس ٿي! ان انوکي آڌر ڀاءُ کي انجوائي ڪندي، ياسمين ڏٺو ته دلڪش جي گهر ۾ صرف هڪ پڪو ڪمرو موجود هو ۽ جڏهن ته باقي پنج ڪچا چونئرا هئا. ڪچو اڱڻ بنهه ڪشادو هو. جڏهن ته آسپاس سڀني گهرن جا ڊگها لوڙها، وسيح ايراضيءَ تي پکڙيل هئا، ان ڪري تازي هوا، گهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڊوڙون پائي سگهي ٿي. هن کي ڪنهن به گهر ۾ چوپائي مال جو، ڪِلو نظر نه آيو. جنهن ڪري گندگيءَ جو ڪو نشان به نه هو. ياسمين کي دلڪش جي اڻموجودگي ڪجهه ڪجهه رهڙيندڙ محسوس ٿي. پر جلد ئي اڪيلي ڀٽ تي ويٺل دلڪش کي هڪ ٻار سڏي آيو، جنهن ايندي ئي مسرورمُرڪ سان سندس آجيان ڪئي ۽ سامهون کٽ تي ويهي رهيو. چونئري ۾ موجود فرد هڪ هڪ ٿي کسڪي ويا ته دلڪش چيو: ”غريبخاني کي ميزبانيءَ جو شرف بخشڻ لاءِ مهرباني! ۽ ها- زماني وارن جي اکين منجهه ڌوڙ وجهي مونسان ملڻ جي جرئت ڪرڻ لاءِ شاباش!“
ياسمين مرڪي وراڻيو: “دلڪش! اها تنهنجي محبت جي ڪشش آهي، جيڪا ڇڪي آئي!“. چند لمحن لئه ڳالهين جو واسينگ ٿارو هڻي ويهي رهيو!. اهڙي ماٺ، جنهن ۾ هڪٻئي جي پيار جو واس احساس ۾ اوتي، لفظن ۽ اشارن جي اڻمحتاج ٻولي، گهڻو ڪجهه ٻڌائيندي آهي!
نيٺ ياسمين خاموشيءَ مان ڦاٽ کائيندي، پڇيو: “شهر ۾ ملڻ رسڪي ٿي پيو آهي، هتي به هرهر اچڻ ممڪن ناهي. ڪوحل ٻڌايو؟“
”جوکم، احساس محبت ۾ انتها آڻيندوآهي. هڪٻئي کان ڌار هوندي به گڏ آهيون. هونئن به توسان محبت ڪرڻ کانپوءِ دلفريب يادگيرن ۾، آئون فراق ۽ وصل جو فرق وساري ويٺو آهيان! “
ياسمين هُجتي ڇڙٻ ڏيندي چيو: “هاڻ خطن وارا ڊائلاگ نه هلندا، مون سان سچ پچ محبت ڪرين ٿو ته شادي ڪر!“. دلڪش وراڻيو: “توسان شاديءَ لاءِ مون اڳ به گهر وارن کي ٻڌايو هو، پر توسان ملڻ کانپوءِ هاڻ جڏهن منهنجي محبت انتهائن کي ڇُهڻ لڳي آهي ته، سوچيان ٿو متان شادي پڄاڻا تلخ سچايون، ان انوکي محبت جي عروج کي زوال ۾ نه بدلائي ڇڏين. “
”بڪواس!! محبت ڪرڻ وارا پاڻ آهيون، ان کي ٽوڙڻ، نه ٽوڙڻ به پنهنجي وس ۾ آهي. پاڻ ٻئي پنهنجي محبت جي پير تي ڪهاڙي نه هڻنداسين ته، محبت مرڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي“
دلڪش چيو “اهو ته صحيح آهي، پر گهڻو ڪجهه انسان جي وس ۾ نه هوندو آهي. حالتن جي هٿن ۾ هلندڙ زندگيءَ جو ڪاروهنوار، انساني مرضي جو محتاج ناهي هوندو. وقت جي گردش مان پاڻمُرادو ڦٽندڙ حقيقتون ۽ هرهر ملڻ مان جنميل تضاد، نيٺ ويڇا وڌائي ڇڏيندا آهن “
ياسمين ناگواريءَ مان چيو: ”بيوفائي! شادي نٿو ڪرين ته صاف چئي ڇڏ، بهانا نه گهڙ، مونکي خبر آهي تنهنجي مائٽن ۽ برادري وارن، توکي شادي کان روڪيو آهي. تون انهن کان ڊڄين ٿو. آئون عورت ٿي ڪري ايترو اڳتي نڪري آئي آهيان. هاڻ تون مون کي رڻ راهي ٿو ڪرين“. دلڪش وراڻيو: ”ايترو جلد بيوفا جو لقب ڏيڻ لاءِ ٿورا ! آئون درپيش موجود، امڪاني ڪنڊن متعلق توکي ٻڌائي رهيو آهيان، جيئن محبت جا ڪنوارا پير زخمي نه ٿين ۽ تون جذباتي ٿي رهي آهين“. ياسمين چيو:”ڏک پنهنجن تي ٿيندو آهي، توسان محبت ڪريان ٿي، ان ڪري اڇلايل گل به پٿر جيئن لڳيم ٿو. “. دلڪش ڳالهائڻ چاهيو: ”فرض ڪريو پنهنجي شادي. . . . “. ياسمين سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو:”آئون پنهنجي محبت کي مفروضن ۾ وڃائڻ نه ٿي چاهيان“
دلڪش چيو:”عملي زندگيءَ ۾، حسين محبت جون دلبريون برقرار رکڻ مشڪل هونديون، اهو توکي مفروضو لڳي ٿو. پر ڇا اهو به مفروضو آهي ته تنهنجي پوڙهي پيءُ ۽ ٻن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ ڌار رهيا ته ڪيئن ۽ ڪٿي؟ گڏ رهيا ته انهن جي مزاج تي پورو لهڻ، مون لاءِ ڪيئن رهندو؟ آئون بيروزگار، جڏهن تون ملازم آهين، انهي صورت ۾ معاشي تضاد آڏو ايندا. مون لاءِ لاڳيتو توسان گڏ رهڻ دوران، ڳوٺاڻي گهر ۽ رشتيدارن کي سنڀالڻ يا روزگار سان لڳڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ڪيترو مشڪل هوندو؟ ڇا اهي سڀ مفورضا آهن؟!“
ياسمين وراڻيو: ”دنيا ۾ هر مسئلي جو حل موجود آهي. منهنجي شاديءَ کان پوءِ بابا منهنجي ڀيڻ سان گڏ رهندو. ڇوڪرن کي ٻن ٽن سالن ۾، سندن والد وٺي ويندو. باقي توکان سواءِ منهنجو ڪير آهي!؟ شادي کانپوءِ تون ئي گهر جو وسوارو هوندين. آئون سرڪاري ڊيوٽيءَ کانپوءِ پرائيويٽ ڪلينڪ تي ڪم ڪنديس. پنهنجي ڪلينڪ کولي ڏيندين ته اتي ڪم ڪنديس. آڻڻ چاڙهڻ جي ذميواري ۽ ڏيتي ليتي تنهنجي هٿ ۾ هوندي. ڳوٺ تنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻن جو گذرسفر خانداني زمين تي هوندو. کوٽ ٽوٽ ۾ هڪٻئي کي سنڀالبو. مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا ڳوٺ ايندا رهنداسين، جيڪو شهر کان پري ناهي!“
دلڪش وراڻيو: ”چوڻ جي حد تائين ته اهو ٺيڪ آهي، پر ڪرڻ ۾ ڪافي پيچيدگيون آهن! جيڪي حالتون توسان لاڳاپيل آهن، ان لاءِ اهڙو گهوٽ سازگار رهندو، جيڪو گهر ناٺيءَ جا فرض فرمانبرداريءَ سان پورا ڪري. ان ڪم لاءِ آئون غيرموزون ماڻهو آهيان. “
ياسمين جي چهري تي ڪاوڙ ۽ بيزاريءَ جا تاثر اڀرڻ لڳا. چيائين: ”وري ساڳي ڳن، ساڳي ڪهاڙي! تو ڀل برادري ۽ سلمه جي چورت تي هل! تون ڇا ٿو سمجهين ته تنهنجي انڪار کانپوءِ آئون جڳ ۾ جيئنديس! مون بابا سميت سهلين کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي ته آئون ۽ دلڪش شادي ڪري رهيا آهيون. انهن اڳيان ڪهڙو نڪ کڻنديس“
“دلڪش چيو:”پليز ياسمين سمجھڻ جي ڪوشش ڪر! ويچاري سلمه مري چڪي آهي. آئون ڪنهنجي به ڊڪٽيشن نه وٺندو آهيان. تون ڇا چئي رهي آهين؟ “
”گهڻا هر زمين کي ڏبا آهن. تون منهنجو پيار آهين، آئون توکانسواءِ زنده رهي نه سگهنديس. شادي نٿو ڪرين ته مولا ڪري خوش هجين. جلد ئي منهنجي موت جي واڌائي ٻڌندين!“ ياسمين اٿي بيٺي.
دلڪش چيو: ”ويهه ته سهي ماني تيار ٿي رهي آهي“
. ”آئون ڪجهه نه کائينديئس“ هوءَ چونئري کان ٻاهر نڪري ويئي. اڱڻ تي پهچي، هن ڀرواري چونئري ۾ ويٺل دائي سليمت ۽ ڀرسان ڄار تي چڙهي ڳوٺ جي ٻارڙن سان راند ڪندڙ ڪبير ۽ بشير کي هلڻ لاءِ سڏ ڪيو. حڪيمه سميت ٻيا گهروارا به مُڙي آيا ۽ ياسمين کي ڪجهه دير ترسڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا، پر ياسمين لڙڪ لاڙيندي ۽ انڪار ڪندي رهي. گهٽي تي پهچي هوءَ ويهي رهي. سندس حالت نيم بيهوشيءَ واري ٿيڻ لڳي. آسپاس موجود عورتون ۽ ٻار پريشان ٿي پيا. حڪيمه ڊوڙندي دلڪش وٽ پهتي، پريشاني مان پڇيائين: “ويچاري نياڻيءَ کي ڇا چيو اٿئي، ڏک ۾ بيهوش ٿي پئي آهي“
”امان! مون ڪجهه نه ڪيو آهي، رڳو شادي ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري اٿم“
”گهوڙا آئون مُٺيس! شاديءَ کان انڪار ڇو ٿو ڪرين؟ نياڻيءَ کي اٺ چاڙهي خوار ڪيئي، هاڻ پير پوئتي ٿو ڪرين. بابلا ايئن نه ڪر! منهنجي ننڍڙي غلطيءَ، مون کان قاسم ڦري ورتو. تون ياسمين جي حياتيءَ سان کيڏي رهيو آهين. اُٿ! ياسمين کي بچائي، هوءَ مري ويندي. “ حڪيمه پنهنجي چني دلڪش جي پيرن تي اڇلائيندئي، ايلاز ڪيا. دلڪش حڪيمه سان گڏ تيز تيز وکون کڻندو، ياسمين تائين پهتو. جيڪا پٽ تي ليٽيل هئي، سندس حالت نيم بيهوشيءَ واري هئي. دلڪش سندس ڪنڌ پنهنجي گوڏي تي رکندي سڏ ڪيو. “ياسمين او ياسمين!“ هن اڌ کليل اکين سان دلڪش کي ڏٺو. دلڪش چيو: ”ياسمين! جيئن تون چاهيندئين، ايئن ٿيندو. اُٿ! اسين سڀ ڏاڍا پريشان ٿي رهيا آهيون“
ياسمين وري اکيون پوري ڇڏيون. دلڪش جي هانءُ ۾ وڍ پوڻ لڳا. سلمه جي موت جو صدمو سهندڙ دلڪش، ياسمين سان به اهڙي موڪلاڻي جي رسڪ برداشت ڪرڻ جي حالت ۾ بلڪل ئي نه هو! ڪرڻ، نه ڪرڻ، جي ڪشمڪش ۾، هن اُن هڪ گهڙيءَ جي گهيڙ تان ٽپ ڏيئي وڏو فيصلو ڪري ورتو: ”ياسمين تون برابر صحيح آهين. محبتن کي حاصل ڪري، وري وڃائي ويهڻ، وڏي خود فريبي آهي. خزائن جي خوف کان گلن جي سنگت کي ڇڏي ڏبو ته، گلستان ۾ ٻج ڪير ڇٽيندو؟!. جيڪڏهن ايندڙ اونده جي انديشن ۾، چانڊوڪين کي پُٺي ڏبي ته، ڪير ڪندو چنڊ جي اڀرڻ جو اوسيئڙو؟! ۽ جيڪڏهن ٻوڏ جي ڊپ ۾ پنهنجي ڪچي گهر جو اونو ڪري، بارشن کان منهن موڙي ڇڏبو، ته نه سڪا وڻ ساوا ٿيندا ۽ نه ئي ڪا اک لامن تي لڏندڙ پکين جا پيار ڏسي سگهندي! آئون پنهنجي محبت وڃائڻ جي غلطي هرگذ نه ڪندس. توکي پنهنجي ڪندس، توسان شادي ڪندس، ڪوبه توکي مونکان ڌار ڪري نه سگهندو. اُٿ ياسمين اُٿ! تنهنجن هٿڙن جي مهنديءَ جي مهڪ، پاڻ ۾ سمائڻ لاءِ هوائون بيقرار آهن!“
ياسمين گهٻرائٽ واري انداز ۾ اکيون کوليون ۽ پاڻي گهرڻ کانپوءِ وري اکيون ٻوٽي ڇڏيون. دلڪش چيو:”اٿي ويهه، منهنجي جيون ساٿياڻي! شاديءَ کانپوءِ محبت جي اڙانگي سفر جون وکون، مختلف رُخ ۾هلڻ لڳنديون آهن. اهوئي سفر هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلڻ لاءِ هوندو آهي، اڌ ۾ هٿڙو ڇڏائي وڃڻ لاءِ نه!“
ياسمين اٿي ويٺي. هن پاڻيءَ جو گلاس پيتو ۽ واپس ساڳئي چونئري ۾ ساڳي کٽ تي هلي ويٺي. ٿوري دير ۾، نارمل ٿيڻ پڄاڻا، هن ماني کاڌي ۽ پوءِ دلڪش ۽ سندس گهر وارن کي سمجهائڻ واري نوع ۾ چوڻ لڳي ”ٻن ڏينهن کانپوءِ اوهان جا ماڻهو، رشتو گهرڻ لاءِ اچن. بابا ڪجهه به چوي اوهين ڌيان نه ڌرجو. کيس مطئمن ڪرڻ منهنجو ڪم آهي “
۽ ايئن ڪجهه دير وڌيڪ صلاحون ڏيڻ کانپوءِ، هوءَ اکين ۾ آئيندي جا سپنا سجائي، هلي ويئي.
***
نومبر جي نماڻي شام ۾، دلڪش پنهنجي اوطاق جي اڱڻ تي بيقرار بيٺو هو. هن جون اکيون شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي اٽڪيل هيون. بي چين ڪندڙ اوسيئڙي ۾، هوءَ رکي رکي اڱڻ تي بي مقصد چهل قدمي به ڪري رهيو هو. هن کي ڀيڻ صاحبان، ڀاءَ تبسم ۽ ڀاڄائي سارا جي اچڻ جو انتظار هو، جيڪي جمال خان کان رشتو گهرڻ لاءِ ٽيون ڀيرو شهر ويل هئا. شام واري گاڏي لنگهي ويئي، پر اهي نه موٽيا هئا.
پهريون ڀيرو انهن جڏهن جمال خان کان رشتو گهريو هو ته تپي باهه ٿي ويو هو. هن تبسم وارن کي ڪچيون گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. پرڀرو ويٺل ياسمين آڱر چپن تي رکي، چپ رهڻ جو اشارو ڪيو هو. ان ڏينهن جمال خان جي ڌمڪي آميز انڪار کانپوءِ، جڏهن واپس روانا ٿيا هئا ته ياسمين چيو هو: ”اسانجي برادري ۾ اهو رواج آهي، رشتو گهرڻ وارا گاريون سهندا آهن. اوهين هفتي کانپوءِ ٻيهر اچجو. بابا راضي ٿي ويندو“
هڪ هفتي کانپوءِ وري ويا هئا ته جمال خان جي انداز ۾ ڪو خاص فرق نه هو. سواءِ ان جي ته هو ياسمين جي اڻموجودگيءَ ۾ تبسم جي پيرن تي ڪري پيو هو ته کيس رشتي لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو هو ته جمال خان ياسمين اڳيان بنهه بيوس هو. موٽڻ مهل ياسمين دلداري ڏيندي چيو: ”بابا جو انڪار دلڪش کي متان ٻڌايو، ڏک رسندس. اوهان وري اچجو، ڪڪڙ جو ٻچو ڏيڻ وارو به انڪارته ڪندو نه !“
تبسم مايوسي مان وراڻيو: ”ڪڪڙ جي ٻچي ۽ انسان ۾ فرق آهي ادي ! ڪڪڙ ڏيڻ واري جو تعلق سودي کانپوءِ ختم ٿي ويندو آهي، پر رشتو ڳنڍڻ کانپوءِ، انساني تعلق گهرو ٿي پوندو آهي. جيڪي رشتا تلخين سان جڙندا آهن، اهي اڪثر غير جٽاندار ثابت ٿيندا آهن. “
ياسمين شرمندگي مان چيو: ”ادا، بابا جي ڪن نه ڪجو، پوڙهو آهي مهرباني ڪري وري اچجو “
موٽي اچڻ کانپوءِ تبسم سربستو احوال دلڪش کي ٻڌايو هو. ٻئي ڏينهن دلڪش مختصر خط لکي هڪ عورت هٿان ياسمين کي موڪليوهو، جنهن ۾ هن لکيو:
”اوهان جي والد صاحب جي بيدرد ۽ رسوا ڪندڙ انڪار تي ڪابه حيرت ناهي، پر اهو پڇتاءُ ضرور اٿم ته منهنجي خاطر ڀاءُ تبسم وارا ڊي گريٽ ڇو ٿيا آهن؟ بهرحال هاڻي انهن مان ڪو به رشتو گهرڻ لاءِ نه ايندو مهرباني !“ ان کانپوءِ لاڳتو ياسمين جا خط ۽ نياپا ايندا رهيا ته، وري کيس هڪ موقعو ڏنو وڃي. سندس والد راضي هو. انهن ئي التجائن کانپوءِ، دلڪش ڪوشش ڪري تبسم وارن کي ٽيون ڀيرو رشتو گهرڻ لاءِ وڃڻ تي رضامند ڪيو هو ۽ نومبر جي نماڻي شام ۾، جنهن وقت دلڪش اوطاق جي اڳڻ ۾، تبسم وارن جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو. تڏهن به اها اڻتڻ کيس اتاولو ڪري رهي هئي ته تبسم وارن کي ڪهڙي موٽ ملندي؟ اچڻ ۾ ايتري دير ڇو ؟!“
دلڪش پُرتجسس اوسيئڙي ۾، اڳڻ تي ٽهلندو رهيو. ڪجهه دير کانپوءِ چونئري جي پاڇي ۾ رکيل کٽ تي ليٽي پيو. عين ان وقت، سوني پنهنجي ننڍڙي پٽ ڏونگر سان گڏ، سندس ڀرسان اچي بيٺي. روئڻ سبب سندس اکيون ڳاڙهيون ۽ سُڄيل هيون. دلڪش جي اکين سان اکيون مليس ته اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. دلڪش پريشانيءَ مان کيس ماٺ ڪرائڻ کانپوءِ پڇيو: ”سوني ڇا ٿيو؟ روئين ڇو ٿي، خير ته آهي ؟! “
سونيءَ چنيءَ سان ڳوڙها اگهندي وراڻيو: ”ڏونگر کي سيٺ ماريو اهي“
دلڪش جي نگاهه بيساخته ڏونگر تي اٽڪي پيئي، جنهن جو چهرو اٻاڻڪو ۽ اکيون لڙڪن هاڻيون هئس. سوني بيٺي بيٺي ڏونگر کي چيو: “پُٺان تا کميس پرهين ڪر ته مُنجيري ڌڪ ڏسي“. ڏونگر پٺن تان قميص مٿي ڪئي ته لٺـين جا نشان چٽا نظر اچي رهيا هئا، جن تي ڦُٽي آيل رت جي ڳاڙهاڻ ۾، چمڙي سُڄيل هئي. دلڪش حيرت مان پڇيو ”سيٺ ماريو پر ڇو؟“
سونيءَ وراڻيو: ”ڏونگريو سيٺ لجپت جي کڏي تي ڪم ڪندو اهي. گاليچا ٺاهڻ وارو ماستر ته هر روز ماريندو اهي، پر اج سيٺ پاڻ ڏاڍو ماريو. ڇورو لڪي ڀجي آيو اهي، سڀاڻي سيٺ هتي هليو ايندو. جا ڏونگر کي ٻڌي کڻي ويندو، جا قرض اوگاڙندو جا ته مورڳو پوليس کان ٻڌائيندو. هاڻ ڪا مدد ڪر“ سوني دلڪش جي پيرن تي چني اڇلايندي منٿ ڪئي. دلڪش دلداري ڏيندي چيس: ”کٽڪونه ڪر سڀ ٺيڪ ٿيندو، پر تون کٽ تي ويهه ته سهي!“ سوني پٽ تي ويهي رهي. سندس ڀرسان ڏونگر به ويهي رهيو. دلڪش وري کٽ تي ويهڻ لاءِ چيس، پر هوءَ پٽ تي ئي ويٺي رهي. ايئن ڄڻ هوءَ پنهنجي سماجي حيثيت کان واقف هئي. ننڍڙو ڏونگر به ڪنهن اڻ ڄاتي خوف ۾، سندس ڀرسان لڪيل سهي جيان، ڇپي ويٺل هو. دلڪش کيس چتائي ڏسڻ لڳو. هن جو قد، هاٺي ۽ مهانڊا، هوبهو دلڪش جهڙا هئا. دلڪش جي تصور ۾، ٻالڪپڻ جي پنهنجي اها بليڪ انڊ وائيٽ تصوير اڀرڻ لڳي، جيڪا هن پنهنجي والد قاسم جي هنج ۾ ويهي ڇڪرائي هئي. ان تصوير ۽ ڏونگر جي شڪل ۾ حيرت انگيز هڪ جهڙائي هئي! ڏونگر کي چتائي ڏسندڙ دلڪش جي محويت کي محسوس ڪندي، سونيءَ چيو: ”ڏونگر مون وٽ توهجي نشاني اهي. آخري ڀيرو پنهنجي لڪي گڏجڻ کي، سوا اٺ سال ٿيا آهن. ڏونگر به هاڻ ساڍن ستن سالن جو ٿيو اهي. “. دلڪش اکيون ڦاڙي ڏونگريي ڏانهن ڏٺو. سونيءَ فخر سان چيو: ”سڄو تون ڇڪي ويو اهين رنڱ، قد، مهانڊو، هوبهو تو جھڙو“
دلڪش وري چتائي ڏونگر ڏانهن ڏٺو. پيار ۽ پنهنجائپ جي عجيب احساس، دلڪش جي دل ۾ ڪتڪائي ڪئي ۽ هن کيس پاڻ ڏانهن سڏي، ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. ڏونگر بي اعتباري، احساس ڪمتري ۽ معصوم حيرت مان ڪڏهن دلڪش ڏانهن، ته ڪڏهن وري پنهنجن ميرن ڪپڙن ڏانهن ڏسندو رهيو. معصوميت مان پڇيائينِ: ”سائين اوهان به اڇوت اهيو؟“ دلڪش مرڪندي وراڻيو ”نه نه!“ ڏونگر ڇرڪ ڀريندي چيو: ”پوءِ ته مون اوهان کي پليت ڪري ڇڏيو!؟”دلڪش سونيءَ ڏانهن نهاريو. سوني چيو: ”ڏونگر سيٺ جي جاءِ ۾، هن جي پيئڻ جي گلاس ۾ پاڻي پيتو ۽ گلاس پليت ٿيڻ جي ڪاوڙ ۾ ئي، سيٺ هن کي ماريو آهي. تو ڏانهن ايندي مون هن کي سمجهايو پئي ته پان اڇوت اهيون. پان لاءِ الڳ ٿان رکيل آهن. ٻين جي ٿان کي هٿ لاهينداسين ته او به پليت ٿي پوندا“
جملو پورو ڪري سوني خاموش ٿي ويئي. ڪجهه دير دلڪش کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ کانپوءِ، چيائين “اوهان جيئن ڏونگر به ڏاڍو ڳالهيار اهي، مونکان پڇين پئي: ”پانکي پليت ڪنهن ڪيو اهي!“ چيم”پوئيين جنم ۾ پان ڪو ڏوهه ڪيو هو. . “ چئي: ”ڇا پان ڪنهن سيٺ جي گلاس ۾ پاڻي پيتو هو؟“چيم”ڏوهه ته الاجي ڪهڙو ڪيو هو پر هينئر پوئين جنم جي ڪنهن ڏوهه جي سجا ڀوڳي رهيا اهيون!“ پڇئين ”اها سجا ڪنهن ڏني اهي؟“ چيم “ڏوهه ٿيڻ کانپوءِ ڀڳوان رسي ويو. ان ئي اسان کي سجا ڏني اهي“ پڇئين “ڀگوان کي راجي ڪيئن ڪبو آهي؟“ چيم:”مندر ۾ پوجا ڪرڻ سان ڀگوان راجي ٿيندو اهي“. چئين ”پانهنجي پاڙي ۾ ته ڪو به مندر نه اهي. سلام ڪوٽ ۾ وڏا مندر اهن، هلو ته اتي پوجا ڪري ڀگوان راجي ڪريون“ آئون ماٺ رهيئس پان ئي چئين ”اتي سيٺ ۽ ڀگت ويٺا اهن، پانکي اندر گهڙڻ ئي ڪون ڏيندا، ڇو ته پان اڇوت اهيون!. “
دلڪش ڏونگر ڏانهن ڏٺو، جيڪو دلچسپي سان ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. دلڪش، ڏونگر کي وارن تي پيار ڪيو. ڏونگر دلڪش جي ڪپڙن تي حسرت مان هٿ ڦيريندي پُڇيو: ”اوهان هي ڪپڙا ڪٿان ورتا اهن؟“
”مون اهي شهر مان خريد ڪيا آهن“
”اوهان ايترا گهڻا پئسه ڪٿان آندا اهن؟“
”مون ڪمائيءَ مان بچايا آهن“
”رگو ڪمائي ڪرڻ سان پئسا ڪيئن ملندا؟ “
”محنت سان ڪم ڪبو ته پئسه ملندا “
”اوهان ڪوبه ڪم نه ڪندا اهيو، اوهان جو ڪم هاري ۽ ڌنار ڪندا اهن. اسين سڄو ڏينهن ڪم ڪندا اهيون. امان ٻني جو، آئون کڏي جو، ۽ ابا سجو ڏينهن شهر ۾ همالون کڻندو اهي، پر اسان کي سٺا ڪپڙا وٺڻ ۽ سٺو کاڌو کائڻ لاءِ پئسه نٿا ملن. ائين ڇو آهي سائين؟ ائين ڇو آهي؟!“
دلڪش لاجواب سوالن جي رڃ ۾ ڀٽڪندو رهيو. لاجواب سوالن جا جواب يا ته ڳوڙها بڻجي اکين مان وهي نڪرندا آهن يا وري ٿوهر بڻجي وجود ۾ ڦٽي پوندا آهن! دلڪش کي خاموش ڏسي ڏونگر پنهنجي ساءِ ڳالهاڻو ”اسان کي پئسه نٿا ملن، اي پڪ سان پوئين جنم جي سجا اهي، اسانکي پئسه ڪين ملندا؟ اسين ته پليت اهيون، تڏهان ئي ته اسانجا ٿانءُ الگ رکيل هوندا اهن!“
دلڪش جي وجود ۾ هڪ ٻيو سوال شيشي جي گلاس جيئن ٽٽي پيو: ”انسان لاءِ انسان وٽ الڳ ٿانءُ!؟ پر ڇو. . . . ؟!“
دلڪش ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. سوني ۽ ڏونگر لمحن لئه ڏڪي ويا. دلڪش چونئري جي جالي تي اڇوتن لاءِ الڳ رکيل ڪولهو ڪوپ ۽ گلاس کڻي ورتا ۽ زور سان اڱڻ تي اُڇلايائين، گلاس ۽ ڪوپ جا ٽڪرا سڄي اڱڻ تي پکڙجي پيا. دلڪش کيسي ۾ هٿ وجهي، پئسن جي ٿهي ڪڍي ورتي. سونيءَ کان پڇيائين: ”سيٺ لجپت جو قرض ڪيترو آهي؟“
سونيءَ معصوميت مان ورڻيو”ڏهه هزار روپيه“
دلڪش کيس 11 هزار ڏيندي چيو: “ڏهه هزار سيٺ کي ڏجو، باقي پئسن مان ڏونگر لاءِ ڪپڙا، جتي ۽ ڪتاب خريد ڪجئو. سڀاڻي کان ئي ڏونگر اسڪول وڃي، سندس خرچ آئون ڀريندس“. سوني نماڻين نظرن سان کيس ڏسڻ لڳي. سندس نظرون احسانمنديءَ جي بار ۾ ٿاٻڙجي رهيون هيون ! ان مهل ئي ڳوٺاڻي اسٽاپ تي ڇڪڙي جو هارن وڳو، دلڪش جا پير بيساخته اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳا.
ڇڪڙي مان لهندڙ تبسم، صاحبان ۽ سارا جا چهرا مرجهايل هئا. دلڪش سمجهي ورتو ته جمال خان جي انڪار جا اثر، تبسم وارن جي چهرن تي ڦٽي آيا هئا. واپس گهرن ڏانهن ايندي تبسم چيو: ”جمال خان رشتي ڏيڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي، ياسمين اسانکي وري وري ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو، پر هر دفعي جمال خان جا گُٿا لفظ ٻڌڻ کانسواءِ ڪجهه به پلئه پئجي نه سگهيو“ دلڪش خاموش رهيو. صاحبان چيس”ڀاءُ تون مايوس نه ٿي تولاءِ رشتا کوڙ “. سارا چيو: ”لڳي ٿو ياسمين ۽ جمال خان وچان وڏو جهيڙو ٿيو هوندو. ياسمين جمال جي باربار انڪار ۽ آڪڙيل رويي تي ڪاوڙيل هئي. ”تبسم چيو: “ها ايئن ٿي سگهي ٿو، پر جمال خان هرگز نه مڃيندو، ڇو ته ياسمين جو رشتو ڏيڻ پڄاڻا اصولي طور ياسمين جي ڪمائيءَ تان سندس حق ختم ٿي ويندو، ياسمين کي پرڻائي، پاڻ بک مرڻ جي رسڪ کڻڻ ڏکي ڳالهه آهي! “ صاحبان به ها ۾ ها ملائي.
***
ياسمين پهريان ته جمال خان جي انڪار کي والدين جو روايتي انڪار سمجهيو، پر پوءِ هن جڏهن جمال خان کي سمجهائيندي چيو: ”ڏس بابا ! آئون جوان آهيان ۽ ملازمت سبب روز ڪيترن ئي مردن سان ملڻ جلڻ به ٿئي ٿو، هن سماج ۾ ڇڙي عورت لاءِ وک وک تي مسئلا پيدا ٿين ٿا. مذهب به ڇڙي عورت لاءِ جهٽ پٽ شاديءَ جو حڪم ڏيئي ٿو، ته پوءِ اوهان منهنجي آيل رشتي کان انڪار ڇو ٿا ڪريو؟ “
جمال خان وراڻيو: “ڌاريان ماڻهو ٻارن کي ڪو نه سنڀاليندا، ڌارين ۾ تنهنجو رشتو، ٻارن جي آئيندي لاءِ هاڃيڪار آهي“ ياسمين چيس: “اگر ڌارين ۾ رشتو نٿا ڪريو ته پوءِ پنهنجن ۾ ڪريو، اڳيون رشتو به پنهنجن ۾ ٿيو هو !“ جمال خان خاموش ٿي ويو. اهو سوچي کيس ڏک پهتو ته پوڙهپڻ ۾ هوءَ ئي سندس سهارو هئي، پر کيس، سندس ذرو به فڪر نه هو! جمال خان جي اها خاموشي، ياسمين کي اڻ سڌي ”هاڪار“ محسوس ٿي ۽ هن جمال خان کي وڌيڪ مطئمن ڪرڻ لاءِ چيو:”ڏسو! شاديءَ کان پوءِ ٻار به مونسان گڏ هوندا، اوهين به مونسان گڏ رهندا. باقي برادريءَ جا چند ماڻهو ناراض ٿي سگهن ٿا، اهي به ٿرکان ٻاهر رهن ٿا، ڪهڙو ٿو فرق پوي، “ جمال خان حيرت مان اکيون ڦاڙيندي پڇيو: ”ڇا شاديءَ کانپوءِ دلڪش کي مون ۽ ٻارن جي گڏ رهڻ تي ڪوبه اعتراض ناهي!“ ياسمين اعتماد مان وراڻيو: ”دلڪش سٺو ماڻهو آهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. اوهين بي فڪر رهو“ جمال خان ماٺ رهيو. ياسمين اتساهه مان چيو: ”ٻه دفعا اوهان جي انڪار کان پوءِ، دلڪش وارا مايوس ٿي پيا آهن، انهن رشتو گهرڻ لاءِ وري ڪڏهن به نه اچڻ جو قسم کاڌو آهي، پر مون هڪ ڀيرو وري اچڻ لاءِ مس مس راضي ڪيا آهن. انهن جي گهرن جون عورتون، مونسان اسپتال ۾ ملڻ اينديون آهن. انهن ٻڌايو ته اهي سڀاڻي وري آخري اميد سمجهي رشتو گهرڻ ايندا، اوهان انڪار نه ڪجئو. اهي رشتي تان هميشه لاءِ هٿ کڻي ويندا. اوهانجو انڪار ٻڌي دلڪش خودڪشي به ڪري سگهي ٿو“. جمال خان دل ئي دل ۾ سوچيو: ”دلڪش آپگهات ڪيو ته آيو آڱوٺي تان، پڻ ڇُٽندي جان!“ پر دل جي ڳالهه چپن تي آڻي نه سگهيو، مالي طور ياسمين جي محتاجيءَ، سندس اندر جي آواز کي، اندر ۾ ئي دٻائي ڇڏيو. ياسمين چيو: ”ڏسو بابا! منهنجي زندگي، ٺهڻ جو اوهان وٽ آخري موقعو آهي!“ اوچتو جمال خان جي مرجهايل چهري تي مرڪ موٽي آئي. هن دل ئي دل ۾ ان مسئلي جو حل ڳولي ورتو، جنهن کيس گذريل چند هفتن کان پريشان ڪري ڇڏيو هو. هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته آخري ڀيرو رشتو گهرندڙن کي هو انڪار ڪري ڇڏيندو، جنهن کان پوءِ اهي وري نه ايندا. دلڪش آپگهات ڪيو ته ان جو ذميوار هو پاڻ هوندو. جمال خان جي چپن تي وري مڪار مرڪ تري آئي پر ياسمين کي ان مرڪ ۾ هڪ والد طرفان ڌيءَ جي زندگي ٺهڻ جي سپني جي ساڀيان جي خوشي نظر آئي! ان وقت جمال خان، ياسمين کي بنهه ٻاجھاري هستي محسوس ٿيو.
ٻئي ڏينهن تبسم وارا جيئن ئي پهتا ته ياسمين کين چانهه پياري، پنهنجي هٿن سان ناشتو ٺاهڻ لڳي ويئي. جمال خان به پنهنجي مهمانن سان گرم جوشي سان مليو. جمال خان جي رويي جي ان تبديليءَ، سڀني کي خوشفهميءَ جي بوتل ۾ وجهي ڇڏيو. ياسمين جي اکين ۾ شاديءَ جي سپنن جا ڪنول ڪڪورجڻ لڳا. مهمانن کي منجهند جي ماني کارائڻ کانپوءِ، هوءَ بيمقصد سپنا ڪلينڪ تي هلي ويئي. جيئن تبسم وارا نويڪلائيءَ ۾ جمال خان سان رشتي جي ڳالهه ڪري سگهن. هن نج سنڌي ڇوڪري ءَ جيان رشتي جي ڳالهه ٻولهه دوران پاڻ کي پاسيرو رکڻ ٿي چاهيو! صاحبان جمال خان کي چيو: ”چاچا اسين رشتي لاءِ آيا آهيون“ تبسم چيو: ”هرهر اوهانکي تڪليف ڏيندي شرمنده آهيون، پر اوهان وڏي دل جا مالڪ آهيو. اميد ته اسانکي رشتيداريءَ جي قابل سمجهي عزت بخشيندوء!“
جمال خان جي چهري جا رنگ بدلجڻ لڳا. تبسم کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”تون مون لاءِ تنهنجي ڀيڻ جو رشتو ڏي !؟“ تبسم ڪو به جواب نه ڏنو. چند لمحن کانپوءِ جمال خان چيو: ”ڏس! منهنجي ڳالهه توکي ڏکي لڳي نه! ايئن تنهنجي ڳالهه به مونکي ڏکي لڳي ٿي، اوهانکي اڳ به ٻه دفعا معذرت ڪئي اٿم. پوءِ وري به اڄ ڪهڙي نڪ سان آيا آهيو!“ تبسم کي خيال آيو ته چوي: ”اڄ اسين آيا نه آهيون، پر گهرايا ويا آهيون. اسان جي گهرج ۽ تنهنجي ٺٺول ۾ فرق آهي !“ پر ياسمين خاطر خاموش رهيو.
ياسمين سپنا ڪلينڪ تان واپس موٽي آئي ته بورچيخاني ۾ موجود سندس بورچياڻيءَ کيس جمال جي انڪار متعلق ٻڌايو. سندس سپنن جو شيش محل ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳو. کيس جمال خان تي شديد ڪاوڙ اچڻ لڳي. هن وڏي مشڪل سان پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪيو! مهمانن کي منجهند جي ماني کارائڻ کانپوءِ هن کين شام تائين ترسائي ڇڏيو. شام جو هن تبسم کي الڳ ڪمري ۾ گهرائي چيوته هو اڃا هڪ ڀيرو جمال خان سان رشتي متعلق ڳالهائي، پر تبسم، معذرت ڪندي چيو”هرهر جي بيزاريءَ کان هڪ دفعي جي لاتعلقي بهتر آهي!“ پر ياسمين پنهنجي ڳالهه تي پڙ ڪڍي بيٺل رهي: ”آخري دفعو چئوس !“ نيٺ ياسمين جي خواهش خاطر، وڃڻ وقت تبسم چيو: ”چاچا جمال! هاڻ اسين هلون ٿا“ جمال خان وراڻيو:”ماشاءُ الله“ تبسم چيس: ”چاچا اسين وري به التجا ٿا ڪريون ته اسانکي ائين خالي نه موٽائي!”جمال خان ڪاوڙ مان وراڻيو: ”اوهان ڪهڙي ٻولي سمجهندا آهيون؟ سويل منهنجي ڪيل ڳالهه اوهان کي سمجهه ۾ ڪو نه آئي !؟“ تبسم مايوسيءَ مان ياسمين ڏانهن نهاريو، ياسمين جي چهري تي ڏک ۽ ڪاوڙ جا مليل جليل رنگ وکريل هئا. تبسم، ياسمين کان موڪلائي، صاحبان ۽ سارا سان گڏ، دروازي مان ٻاهر نڪري ويو!
تبسم وارن جي وڃڻ کانپوءِ، ياسمين جمال خان جي سامهون وڃِي بيٺي. هن جي وجود ۾ نفرت ۽ ڪاوڙ جا ٽانڊا دکي رهيا هئا. هن جمال خان جي اکين ۾ اکيون وجهندي پڇيو: “ڇا تون مون کي سڄِي ڄمار ڇڙي ڏسڻ چاهين ٿو؟ ڇا تون چاهين ٿو ته آئون ڪمائيندي رهان، تون کائيندو رهين!؟ منهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ توکي پنهنجي پيٽ جو الڪو آهي!؟ “
جمال خان حيرانيءَ مان وراڻيو: ”تون مونکي دشمن ٿي سمجهين! ڌاريان تو کي ڏک ڏيندا ته ڇيت مون کي لڳندي، منهنجو فرض بڻجي ٿو ته توکي غلط ڪم کان روڪيان “
ياسمين سختيءَ مان چيو: ”ڇا تنهنجي فرض ۾ اهو شامل ناهي ته منهنجي شادي ڪرين. آئون سالن کان ڇڙي ويٺي آهيان. زماني وارا الاءِ ڇا ڇا چوندا هوندا، پر تنهنجي ڪن تي جُون ئي نٿي سُري! تون هميشه ديني هدايتون ڪندو آهين، ڇا اها تنهنجي ديني ذميواري ناهي ته تون منهنجي شادي ڪرائين ؟“ جمال خان کي منجهه ٿيڻ لڳي. ياسمين ڪڏهن به هن کان اهڙا سوال نه پڇيا هئا، ان ڪري پهريون ڀيرو ياسمين جو اُگرو رويو هن لاءِ آنڌ مانڌ بڻجي پيو. ياسمين جي حقن ۽ پنهنجي فرضن کان وڌيڪ، ياسمين کي شاديءَ کان روڪڻ وارو سوال، هن اڳيان وڌيڪ اهم بڻيل هو. اڪثر ڪري ديني حقن ۽ فرضن جي تبليغ ڪندو رهندو هو، پر اهو پهريون ڀيرو هو جو سندس پسند اڳيان اهي رڪاوٽ بڻجي پيا هئا، ۽ هن انهن کي پهريون ڀيرو ان زاويي سان پاڻ تي لاڳو ڪري ڏٺو هو!. هونئن به فرضن کان پُٺيرو ٿيڻ جو ڪارڻ اڪثر بي ڌياني، سستي، پسند ۽ مفاد هوندا آهن.
جمال خان خاموش رهيو. هو دلڪش تي خار کائڻ لڳو، محرومي جو انتها پسندانه اظهار ساڙ هوندو آهي ۽ جمال خان کي اها محرومي ڏنگي رهي هئي ته، هن جي پيارڙي ڌي ءَ ياسمين، دلڪش کي حاصل ڪرڻ لاءِ، سندس مشورن کي ٿُڏي رهي هئي.
جمال خان جي خاموشيءَ، هڪ ڀيرو ٻيهر ياسمين کي خوش فهميءَ ۾ وجهي ڇڏيو، سندس ڪاوڙ ختم ٿي وئي. معصوميت مان منٿ ڪندي چيائين: ”اڃا به وقت ويو ناهي، اوهانجي هاڪار منهنجي زندگي سنواري سگهي ٿي“ياسمين جي نرم ۽ عاجزانه رويي، جمال خان کي وڌيڪ شهه ڏني. هن ڌوڏا ڦاڙيندي وراڻيو: ”ايئن ٿي نٿو سگهي. . . . . . . . . . . منهنجي جيئري ايئن ٿي نٿو سگهي“
ياسمين اچرج مان جمال خان کي ڏٺو. کيس خود فريبيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. هن رعب مان جمال کي چيو: ”آئون پاڻ ڪمايان ٿي، پنهنجو کانءُ ٿي، تنهنجو مون تي ڪهڙو حق آهي جو حڪم ٿو هلائين؟!. آئون عورت آهيان، کوٽ ٽوٽ ۾ قرض کڻي به گهر جو گاڏو هلايان ٿي، تون پيءُ آهين، ڪڏهن گهر جو ڪو بار کنيو اٿئي؟! مر. . . . . چاهين ٿو ڀل مري وڃ، پر آئون ڪورٽ ۾ وڃي پنهنجو حق حاصل ڪنديس“
جمال خان وڏي اوڇنگار ڏيئي چيو:”ٻارن کي حاصل ڪرڻ جي ڪيس ۾ آئون هر ڏک سک ۾ توسان گڏ هئس، آئون تنهنجو پيءُ آهيان، مون توکي پاليو آهي، اڄ تون مونکي ايئن ڌڪارين ٿي !“
ياسمين جارحانه رويو برقرا رکندي چيو: ”هاڻ مونکي خبر پيئي آهي ته ٻار حاصل ڪرڻ ۽ مڙس کان عليحدگي لاءِ تنهنجو اڪسائڻ اصل ۾ همدردي نه پر مطلب هو، جيئن منهنجي ڪمائي تي تنهنجو حق پڪو ٿئي. پر هاڻ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. آئون پنهنجي ديني ۽ قانوني حق موجب شادي ڪنديس. تولاءِ ٻه آپشن آهن، يا ته تون هينئر ئي مونسان گڏ، ملهاسر هلي رشتو پڪو ڪر، يا هي گهر ڇڏي هليو وڃ “
جمال خان اٿي وڃي ٿيلهو کنيو ۽ ان ۾ پنهنجا ڪپڙا وجهڻ لڳو. جيئن رسي وڃڻ جو احساس ڏياري، ياسمين جي دل ۾ همدردي پيدا ڪري سگهجي. ٿيلهو ڪڇ ۾ وجهي در تائين ايندي، هن ياسمين جي سڏ جو انتظار ڪيو، ته هوءَ کيس نه وڃڻ لاءِ منت ميڙ ڪندي، پر ياسمين جي خاموشيءَ هن جي ڌنڌلين اميدن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا!
جمال خان در تي پهچي بيهه رهيو، رحم طلب نگاهن سان، اڱڻ تي ويٺل ياسمين ڏانهن ڏسندي چيائين: ”ياسمين بابا، کاڌو پيتو معاف ڪجان! ياسمين چيس: “ مونکي به معاف ڪجان “ جمال خان کي اهو ڏسي بنهه گهڻو رنج رسيو ته ياسمين کيس ترسن لاءَ هڪ لفظ به نه ڳالهايو. جمال خان در جو هڪ طاق کوليو، نه کڄندڙ قدمن سان اڳتي وڌڻ لڳو. سندس ڪيفيت لشڪر ۾ زوري شامل ڪيل ان فوجيءَ جهڙي ٿي پيئي، جنهن جي پويان پنهنجن جون گوليون ۽ اڳيان جنگ جو ميدان هوندو آهي!
”اڃان به وقت ناهي ويو سوچي وٺ!“ ياسمين جو آواز جمال خان جي ڪنن تائين پهتو. هو در جي چائنٺ تي بيهي رهيو. ياسمين چيس: ”ڪجهه هوش ڪر رسي ٽپڙ ويڙهي ويندي سٺو ٿو لڳين يا پنهنجي هٿن سان منهن ڌوئي، رشتو ڏيندي سٺو ٿو لڳين ؟!“
جمال خان وڏي اوڇنگار ڏني ۽ واپس اچي ياسمين جي ڀرسان بيٺو. روئندي چيائين:”مون چاهيو ٿي ته ڌارين کان بچجي پر تنهنجو ضد. . . . . . . . . . . . . . !“ هو جملو پورو ڪري نه سگهيو. ؟! ياسمين چيس: ”برادري وارن ڪڏهن توکان رشتو گهريو. منهنجي طلاق کانپوءِ ته انهن ڪاوڙجي تعلق ٽوڙي ڇڏيو آهي. هونئن به طلاق کانپوءِ ٻن ٻارن سان گڏ رشتي لاءِ ڪير راضي ٿيندو؟“ جمال خان ڪو به جواب ڏيئي نه سگهيو.
جمال خان سان گاڏيءَ ۾ چڙهي ملهاسر ويندي، ياسمين کي پنهنجي منزل اکين اڳيان نطر اچڻ لڳي. منزلون جڏهن اکين اڳيان هونديون آهن، ته نه سفر جا ٿڪ ياد رهندا آهن ۽ نه آئيندي جا انديشا ڌيان ڇڪائي سگهندا آهن ! آسپاس کان بي نيازيءَ جي ڪيفيت ۾، انسان منزل ملڻ کانپوءِ امڪاني واقعن ۽ سببن کان لاتعلق بڻجي ويندو آهي !
گاڏي دلڪش جي گهر اڳيان بيٺي ته ياسمين، جمال خان سان گڏ دلڪش جي اڱڻ تي هلي آئي. هاڻ هوءَ ريتن، رسمن ۽ لوڪ جي دستورن کان بلڪل لاپرواهه هئي. ميزبانن جون حيرت واريون نظرون، مهمانن تي اٽڪيل هيون. لاڳيتو رشتيداريءَ کان کُتو انڪار ڪندڙ جمال خان کي جڏهن اهو چوڻو پيو ته کيس اهو رشتو قبول هو ته پهريون ڀيرو ڪنهن کي به پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه آيو. حڪيمه رشتو پڪو ڪرڻ جي تسلي خاطر، ڳوٺ جون عورتون گهرائي ڳيت ڳارايا ۽ ڳُڙ ورهايو.