ناول

هينئڙو ٻہ اڌ

هي ناول هڪ پڙھيل لکيل ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ نوجوان جي ڪجهه آواره ۽ ڪجھه سنجيده روين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو غير هموار ۽ نامناسب حالتن جي هٿن ۾، ڪڏهن چاهتن سان لڪ لڪوٽيون ڪري ٿو، ته ڪڏھن وري سونهن ۽ جوڀن جي رنگبرنگي وادين ۾ زندگيءَ جي زخمن کي وقتي طور وسارڻ جا جتن ڪري ٿو. ذھني طور پسمانده ماڻهن جي صحبت ۾، منطقي ۽ عقلي آڱرين ۾ دليلن جي بلورن سان، حقيتن جا نشانا وٺڻ ڪيترو مشڪل آھي؟ اهو هن ناول جي درمياني صفحن جي ڪپڙن جو رنگ آھي! انساني فطرت جي چڱاين توڻي مداين تي مشتمل سماجي ڪردارن ۽ سالن کان تصور جي تالاب ۾ وهجندڙ واقعن کي، قلم جي بيساخته چميءَ ناول جو روپ ڏيئي ڇڏيو آھي!

Title Cover of book Heana'ro Ba Adh

چرپڻ ۽ پڇاڙي

دلڪش پنهنجي ڪمري ۾، ڪنهن گھري سوچ ۾، غوطا کائي رهيو هو. ماهپاره هن کي فون تي رابطو رکڻ جي تاڪيد ڪئي هئي. پر هن ڳوٺ اچڻ کانپوءِ موبائيل سيٽ بند ڪري پيتيءَ ۾ رکي ڇڏيو هو. ماهپاره جي وڇوڙي کانپوءِ، ساحلن تان اُس چورائيندڙ ڇوڪرين جھڙا چنچل احساس، هن جي زندگيءَ مان هليا ويا هئا. اداسين جي هجوم مان رستو ڳوليندڙ سوچن، هن کي بيحد حساس بڻائي ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن کي پنهنجي ڌيءَ برکا عرف چانڊوڪيءَ جي ياد ستائڻ لڳندي هئي!
اها جنوريءَ جي سرد شام هئي. اتر جون هٺيليون هوائون، سردي پکيڙي رهيون هيون. تڏهن دلڪش جو پاڙيسري ڇوڪرو ڊوڙندو آيو. جنهن جي گھر ۾ انٽينا لڳل وائيرس فون رکيل هو. هن توائي لهجي ۾ چيو: ”ماما دلڪش، ياسمين ماسيءَ جو فون آيو آهي، چيائين برکا سخت بيمار آهي، مارئي ميڊيڪل سينٽر جو روم نمبر 8 آهي، دلڪش کي چئو ته ڏسڻ اچي!“
دلڪش جو ذهن زلزلي جي آماجگاه ٿي پيو. هن جا خيال ٿريشر ۾ صاف ٿيندڙ ڪڻڪ جي ڪکن پنن جيئن وکرڻ لڳا. بدحواسي ۽ بيخياليءَ جي وهڪري ۾، هو کٽ تان اٿي بيٺو ”مارئي ميڊيڪل سينٽر. . . . . . . . روم نمبر 8. منهنجي برکا، منهنجي چانڊوڪي! هاءِ گھوڙا هو منهنجي ڌيءَ کي ماري ڇڏيندا. هو ڏسو قاتل ڊاڪٽر. . . . . ! هوءَ اڇي ائپران واري نرس. . . . . . . !!؟“ دلڪش رڙيون ڪندو، ساڳي جملا ورجائيندو، اڱڻ تي ڊوڙڻ لڳو.
گھر ڀاتين توڻي پاڙيسرين جو هجوم گڏ ٿي ويو. هرڪو دلڪش جي بدليل ذهني حالت تي، حيرت ۽ مايوسيءَ ۾ وچڙڻ لڳو. ڪو جِن ڀوت جو اثر هجڻ جو انومان لڳائڻ لڳو ته، ڪو وري دماغي ڪل ٿڙڻ جا اندازا لڳائڻ ۾ محو هو. ڪٿي ڪٿي ڪارو جادو ۽ ويرمٺ هڻڻ جا چؤپول ٿي رهيا هئا، ته ڪٿي وري اوچتي صدمي ۾ ذهني حالت بگڙڻ جون ڳالهيون به هلي رهيون هيون، پر پويون ڳالهيون اٽي ۾ لوڻ برابر اقليت ۾ هيون!
دلڪش کي وڏي مشڪل سان سنڀالڻو پئجي رهيو هو. ڪنهن ڪنهن ويل هو جنوني انداز ۾”چانڊوڪي چانڊوڪي“ چئي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ڪنهن ويل ”منهنجي ڌيءَ کي ماري ڇڏيندا“ چئي مشتعل ٿي پوندو هو. اسلام ڪوٽ جي ڊاڪٽرن، هن کي ننڊ جون گوريون ۽ دماغ کي قوت پهچائيندڙ دوا تجويز ڪئي پر اهو علاج به ڪارگر ثابت ٿي نه سگھيو. ڪجھه ڏينهن لاڳيتي ڳهر ۾ رهڻ کانپوءِ، هن جي ذهني حالت بهتر ٿي نه سگھي. هو پهرن جا پهر، يا ته خاموش رهندو هو يا پنهنجي منهن اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ڪندو هو.
تبسم پنهنجي ڀاءُ جي علاج لاءِ، ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جي اسپتالن جا پنڌ ڪيا. دماغ ۽ نفسيات جي ماهر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو، پر ڪو به فرق اڳيان اچي نه سگھيو!
مريض جي هڪ ڳالهه نفسياتي ڊاڪٽرن کي منجھائي ڇڏيو هو. هو ڪڏهن به مخاطب ڪندڙ جي ڪنهن به ڳالهه جو جواب نه ڏيندو هو. جڏهن به هن سان ڳالهائبو هو، هو چپ ٿي پوندو هو. اهڙو جھڙي ڀت! هن ڪڏهن به ڪنهن جي ڪنهن ڳالهه جو جواب نه ڏنو، سواءِ حيدرآباد ۾ سائڪلاجسٽ مهرالنساءِ جي ڪلينڪ تي، جتي هن وڏي مٿاڪُٽ کانپوءِ چند سوالن جي جواب ۾ مجھول، بي ربط ۽ اڍنگا جملا ڳالهايا هئا.
ڊاڪٽر مهرالنساءِ چئي رهي هئي: ”توهانکي پنهنجي ڌيءَ چانڊوڪيءَ سان ڏاڍو پيار آهي. توهان هن کي ڪيترو پڙهايو آهي؟“
”هن کي اسگمنڊ فرائيڊ جي تحليل نفسيءَ واري سڄي ٿيوري ياد آهي، تنهنجو سُنهن برزبان ياد. . . . . . . . !“
ڊاڪٽر مهرالنساءِ مرڪندي چيو: “ ڏاڍو سٺو، توهان ڏاڍا ڀلا ماڻهو آهيو، ڀلا اهو ٻڌايو چانڊوڪي ڪٿي آهي؟ ”
”چنڊ مان ڇڻي رهي آهي، مريخ تي وڻ پوکڻ جي تمنا کي ڏند ناهن هوندا. . . . . کيري هاها. . ٽهڪ. . . ! ماڻهن کي ملندڙ حالتون مختلف هونديون آهن، جينياتي اثر مختلف هوندا آهن ۽ عقيدا به، پر پوءِ به سزا جو قانون سڀني لاءِ ساڳيو ڇو آهي ؟، ڊاڪٽر ٻڌايو ايئن ڇو آهي. . . . ؟“
ڊاڪٽر مهرالنساءِ ڌيرج سان وراڻيو: ”اها ڳالهه علمي ۽ وزندار آهي، پاڻ ان موضوع تي پوءِ ڳالهائينداسين. “
”ڳوٺ ۾ منهنجي ٻڪري پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه تي وڃڻ، برسات کان بچڻ ۽ ڌڻي سڃاڻڻ سميت پاڻ سان لاڳاپيل چند ڳالهيون ته سمجھي سگھي ٿي، پر اهو سمجھي هرگذ نه سگھندي ته آئون سندس ڌڻي هينئر ڪٿي ۽ ڇو موجود آهيان؟ ايئن ئي انسان ڪيتري به ترقي ڪري، ڪائناتن جا راز پروڙي نه سگھندو، ڇو ته ان جي دماغ ۾ اها گنجائش ئي ناهي!، سائنس ته بليڪ هول جي اندر به جهاتي پائي نٿي سگهي، سا بگ بينگ کان اڳتي ڏسي ڪيئن سگهندي!؟. . . . . . . . . . . . . . . . جديد طرز زندگي ۽ ٽيڪنڪ جي استعمال، انسان کان علم جون باطني گهرايون ڦري ورتيون آهن، انسان ظاهري هنر جي افراتفريءَ ۾، غيرسنجيدگيءَ طرف وڌي رهيو آهي، تڏهن ئي ته هاڻ موسيقي به ٻڌڻ بدران ڏسڻ جي شيءِ ٿي پيئي آهي“
ڊاڪٽر مهرالنساءِ، پهرين ته حيرت مان دلڪش ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ سندس چهري تي پنهنجي ڪاميابيءَ جا تاثرات اڀرڻ لڳا. هن ڳالهه جاري رکندي چيو: ”توهان بنهه ذهين ۽ ڄاڻو انسان آهيو، ملازمت ڇو نٿا ڪريو. . . . . . ؟“
”ڊاڪٽر صاحبه اسان جي ڳوٺ ۾ ٽٽل تارن جي برسات وٺي هئي، تڏهن ماهپاره امريڪا هلي ويئي هئي؟“
“ماهپاره ڪير آهي؟ “
“هوءَ پيرا شوٽ ذريعي ساحل تي لٿل آخري مسافر هئي. “
ڊاڪٽر مهرالنساءِ دلچسپي وٺندي پڇيو:
”هوءَ ڪٿي آهي “
”ڪولمبس وڏو ظالم شخص هو. . . . . . !“
”توهان سان ماهپاره جو ڪهڙو رشتو آهي؟“
”ڳوٺ کي باهه، ڪاٺين مان ٻارن جي ڪڍيل آگيئي مان لڳي. . . . . . . . . ماڻهو مور جھلي، پڃرن ۾ وجھي. فيڪرين جو بارود ٺاهيندا آهن. “
“عورت جي حقيقي عمر ته بستري تي معلوم ٿيندي آهي. . . !“
ان کانپوءِ ڊاڪٽر مهرالنساءِ گهڻي ڪوشش ڪئي، پر هو خاموس ٿي ويو. ڊاڪٽر مهرالنساءِ تبسم کي هدايت ڪئي ته، هوءَ هاڻ هر روز مريض سان ملاقات ڪندي. تبسم ٻن هفتن تائين مريض کي ڊاڪٽر مهرالنساءِ جي علاج هيٺ رکيو پر هن جيئن ماٺ جو روزو، رکيو ته وري نه ٽوڙيو!
ڊاڪٽرن جي علاج کان نااميد ٿيڻ پڄاڻا، تبسم لوڪ وارن جي چوڻ تي لڳي، عاملن، ۽ پيرن، مرشدن جا در به ڀيٽيا، پر مريض صحتياب ٿي نه سگھيو. البته انهيءَ دوران تبسم جو بنهه گھڻو سرمايو ضايع ٿيندو رهيو! انهيءَ کانسواءِ عاملن طرفان اهو به ٻڌايو ويو ته ڳوٺ ۽ برادريءَ جي ڪجھه ماڻهن طرفان دلڪش تي ڪارو جادو ڪيو ويو آهي. پر تبسم جيئن ته پاڻ پڙهيل لکيل ۽ دلڪش جي صحبت ۾ رهيل هو، تنهن ڪري عاملن جي انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڏنو ويو. هن کي خبر هئي ته انهن عاملن ڪيتريون ئي برادريون ۽ راڄ ويڙهائي ڇڏيا. انهيءَ ڪري هن ان فتني تي ڌيان نه ڏنو. پر ايئن ڪرڻ سان کيس پنهنجن ئي رشتيدارن جي ناراضگيءَ ۽ مهڻن کي منهن به ڏيڻو پئجي رهيو هو! جنن ڀوتن کي روڪڻ لاءِ پيرن مرشدن جا ڏنل ڌاڳا، دلڪش جلد ئي ٽوڙي موڙي اڇلي ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ ڀڻڪندو:
“انسان جو عقيدو ايترو ئي ڪمزور آهي، جيترو هي ڌاڳا“
ڏينهن لنگهيا هئا، گونگو زمانو گذريو هو. تبسم ۽ ٻين گھر ڀاتين کي، دلڪش جي صحت، صفائيءَ ۽ سار سنڀال ۾ گھڻي مشڪل پيش اچي رهي هئي. پر ان هوندي به هنن دلڪش تي خاص ڌيان ڌريو هو.
اها خزان جي زرد منجھند ويل هئي. جيپ جو آواز ٻڌي، تبسم ٻاهر نڪري آيو. جيپ مان ياسمين سان گڏ برکا لٿي هئي، جنهن کي دلڪش اڪثر چانڊوڪي چوندو هو. هوءَ ڪيترو نه وڏي ٿي وئي هئي، تبسم کي پنهنجين اکين تي اعتبار نه پئي آيو. هن ۾ دلڪش جا نقش ڪيترا نه چٽيءَ طرح موجود هئا. ياسمين تبسم سان اکيون ملائي نه پئي سگھي، پر تبسم جي پرخلوص ۽ بااحترام انداز کانپوءِ، هن ۾ اعتماد موٽي آيو. برکا سان مخاطب ٿي چيائين: ”هي آهي تنهنجو چاچو تبسم. “ ۽ پوءِ، تبسم کان پڇيائين: ”توهان پنهنجي ڀائيٽي سڃاتي؟“ تبسم وراڻيو: ”مون گاڏيءَ مان لهندي ئي کيس سڃاتو، هوبهو دلڪش جا نقش، چپ، اکيون ۽ نڪ، هوبهو!“
ياسمين ڪنڊن جي گرهه جھڙو جملو ڳالهايو: ”دلڪش جي ناچاڪيءَ متعلق ٻڌو هئم، هينئر ڪٿي آهن؟“
تبسم دلڪش جي ڪمري ڏانهن ويندي چيو: “هيڏانهن اچو “
ياسمين ۽ برکا ڪمري ۾ پهتيون ته دلڪش پنهنجي ڌن ۾ گم سُم ويٺو هو. دلڪش کي ڏسڻ کانپوءِ ياسمين جي اکين مان لڙڪ ڦٽي آيا. هن دلڪش سان ڳالهائڻ جي بنهه گھڻي ڪوشش ڪئي، پر هو خاموشيءَ جي ٽٻيءَ ۾ ٻڏل رهيو.
”هي ڏس برکا، تنهنجي چانڊوڪي، تنهنجي ڌيءَ توکي ڏسڻ آئي آهي!. آئون آهيان ياسمين، ڪنهن وقت جو تنهنجو پيار، تنهنجي زال!“
انهن جملن جو دلڪش تي ڪو به اثر نه ٿيو. هو رکي رکي دروازي کان ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ايئن ڄڻ کيس ڪنهنجو انتظار هو!
ياسمين، برکا کي ڪن ۾ چيو ”تون چئو مان آهيان چانڊوڪي“
برکا جذباتي لهجي ۾ چيو “پپا مان برکا آهيان، تنهنجي ڌيءَ چانڊوڪي!“
اوچتو دلڪش اٿي بيٺو. ٻاهر ڊوڙ پائيندي چيائين: “اڙي گھوڙا منهنجي ڌيءَ چانڊوڪيءَ کي ماري ڇڏيندا هو ڏسو قاتل ڊاڪٽر!“
ياسمين، تبسم ۽ ٻيا، هٿ مليندا ئي رهجي ويا. دلڪش انتهائي تيزيءَ سان ڳوٺاڻي کوهه ڏانهن ڊوڙ پاتي. تبسم گھٽيءَ تائين آيو، تيستائين دلڪش کوهه کي ويجھو پهچي چڪو هو. تبسم رڙ ڪندي چيو: “متان دلڪش متان!“ دلڪش کوهه جي منهن تائين پهچي ويو. تبسم کوهه جي آسپاس حسرت سان نهاريو، جيئن ڀرسان بيٺل ڪو ماڻهو هجي ته کيس اشارن سان چوي ته هو دلڪش کي جھلي وٺي، پر آسپاس ڪوبه موجود نه هو. تبسم ۽ کوهه وچان 200 فٽن جو فاصلو موجود هو. تنهن ڪري فيصلائتن لمحن ۾ تبسم جي دلڪش تائين پهچ ناممڪن هئي! دلڪش کوهه جي منهن تي پهچي، کن پل لاءِ ترسي آسپاس نهاريو. تبسم وري ساڳيو هوڪو ورجايو”متان دلڪش متان!“
پر ٻئي لمحي سڀني ڏسندڙن کان دانهن نڪري ويئي. دلڪش 150 فوٽ اونهين، پنج فوٽ ويڪري ۽ پڪين اٽن سان ٺهيل کوهه ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو. دلڪش جي موت جي پڪ ٿي پيئي، رشتيدارن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.
ڪيئي ڳوٺاڻا کوهه تي گڏ ٿي ويا. ڳوٺ ۾ لڳل اڪيلي PTCL وائرليس فون وسيلي قانوني تقاضائن موجب حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. کوهه تي موجود هر ماڻهوءَ جي اک آلي هئي. سڀني کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ منظر، برکا جا سڏڪا ۽ آلاپ هئا!
اوچتو کوهه مان پاڻيءَ جي ڦڙ ڦڙاهٽ جو مبهم آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪن ماڻهن آواز جي گواهي ڏني، ڪن وري ان ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڌريو. چند لمحن جي خاموشيءَ کانپوءِ ساڳي نوعيت جو آواز وري ٻڌڻ ۾ آيو. تڏهن تبسم سڀني کي خاموش ٿيڻ جي گذارش ڪندي چيو. ”کوهه ۾ ڪرندڙ ماڻهن ۾ پنجانوي سيڪڙو ماڻهو حياتي وڃائي ويهندا آهن. پر پنج سيڪڙو اهي امڪان به موجود آهن ته، ڪي ماڻهو صحيح سلامت يا معمولي چوٽ کائي ٻاهر نڪري اچن. پر انهيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته مٿان ڪرندڙ ماڻهو وچ ۾ ڪٿي پاسي تي ٽڪرائجڻ بدران سڌي سنوت ۾ پاتال منجھه 2 کان اڍائي فوٽ پاڻيءَ منجھه لڳي!“
اتي موجود سڀني ماڻهن ۾ دلچسپي ۽ تجسس جا تاثرات پيدا ٿي پيا. تبسم کيسي منجھان ننڍڙو آئينو ڪڍي، ٽپهريءَ جي سج ۽ کوهه جي سنوت ۾ آڻي، ان جو اولڙو پاتال جي پاڻيءَ تي هڻندي، اندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. کوهه جي اوندهه سان وڙهندڙ اولڙي جي ڪرڻن ۾، هن کي انساني پاڇولو نظر اچڻ لڳو. جنهن جي چرپر هن کي پراميد بڻائي ڇڏيو. تبسم وڏي آواز سان سڏ ڪيو : ”دلڪش! او دلڪش! ادا دليا! “ ٻئي لمحي تبسم جي جملي جو پڙاڏو گونجيو
“دلڪش اودلڪش، او دليا!“
پر چند ساعتن ۾ ئي کوهه مان آواز آيو “ادا تبسم آئون اڃان جيئرو آهيان. “
کوهه کي ويجھو بيٺلن کان ڇرڪ نڪري ويو. تبسم گدگد ٿيندي، کوهه تي جھڪندي چيو: “دلڪش يار تون چڱو ڀلو ته آهين نه!؟“
“صفا چڱو ڀلو! صفا ٺيڪ ٺاڪ!“
”اڙي يار دليا! تون ننڍپڻ ۾ مونسان لڪ لڪوٽيون ۽ ڀوڳ ڪندو هئين. اڃان به اهي شرارتون نٿو ڇڏين. يار دليا! کيٽا ڇڏ، آئون پوڙهو ٿي چڪو آهيان!“
“مون توکي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي ادا “
”ڏس دليا! تڪڙو جذباتي ٿي پئين! بهرحال هاڻ ٻڌ ٻاهر ڪيئن ايندين، ماڻهو اندر واريون. . . . . . . . !؟“
”اڙي نه نه رڳو ورت اندر واريو! مان پاڻهين ٻاهر پهچي ويندس“
دلڪش کوهه جي منهن تان هٽي، ياسمين وٽ اچي بيٺو. بي انتها خوشي لڪائيندي چيائين: ”حيرت انگيز حقيقت سامهون آئي آهي، دلڪش جو کوهه ۾ ڪرڻ وارو حادثو، هن لاءِ ذهني طور ٺيڪ ٿيڻ جو سبب بڻجي پيو آهي. هن جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته هاڻ هو ذهني طور نارمل آهي“
ڪيترن ئي چپن تان، غير يقينيءَ ۾ ڀنل هي لفظ نڪتا
”سچ پچ. . . . . . . . . . . . . . . . !؟“
”مون ڪيترن ئي ماڻهن کان اهڙن ماڻهن متعلق ٻڌو هو، جيڪي ڪنهن اوچتي صدمي يا حادثي ۾ ذهني توازن وڃائي ويهندا آهن، پر وري اوچتي حادثي، مٿي جي هلڪي چوٽ، خوشي يا هجوم واري ڪيفيت ۾، سندن ذهني حالت نارمل ٿي پوندي آهي، لڳي ٿو هي ڪيس به ساڳي نوعيت جو آهي!“
ياسمين ڪجھه سوچيندي چيو: ”منهنجي مشاهدي ۾ هڪ عورت جو ڪيس آيل آهي، جنهن کي اولاد نه ٿيندو هو. اوچتو هڪ ڏينهن مڙس جي مڱڻي ٿيڻ جي خبر ٻڌي، هوءَ چري ٿي پيئي. چئن سالن کانپوءِ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ شاديءَ جا گيت ڳائيندڙ عورتن کيس سڏي، پاڻ سان گڏ ڳيت ڳارايو ته اوچتو هن جي ذهني حالت بحال ٿي پيئي!“
”دلڪش جي ذهني حالت بگڙڻ جو خاص سبب لاشعور ۾ لڪيل چانڊوڪيءَ جي موت جو صدمو ۽ برکا جي بيماري جي خبر ٻڌڻ جي صدمي جو زوردار ٽڪراءُ هو ۽ ان جي بحاليءَ جو سبب ساڳي نوعيت يا ملندڙ جلندڙ سوچ سان، کوهه ۾ ڪرڻ دوران هيجاني ڪيفيت ۽ ممڪن آهي ڪا هلڪي ڦلڪي چوٽ به هجي!“
کوهه ۾ رسو وارڻ وقت دلڪش، تبسم کي ياد ڏياريو”پاساڪڙ ورت نه اُماڻيندين؟!“
ٻئي ورتون وارڻ بعد تبسم وڏي آواز سان دلڪش کي پاڻ کي قابو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ پوءِ جڏهن ماڻهو رسو ڇڪي رهيا هئا ته، کوهه جي ڀرسان هڪ پوليس موبائيل اچي بيٺي، جنهن مان ٽي سپاهي ۽ هڪ انسپيڪٽر هيٺ لهي آيا. تيستائين دلڪش کوهه کان ٻاهر اچي چڪو هو. هن رسن کان پنهنجو پاڻ کي آجو ڪندي، ياسمين ڏانهن نهاريو. ياسمين جي اکين ۾ ندامت، التجا ۽ ڏک جا پاڇا ڊگھا ٿي پيا هئا. دلڪش جي ٻانهن تي چند رهڙن سميت مٿي تي معمولي نوعيت جو ڌڪ لڳل نظر اچي رهيو هو، جنهن تي رت جو نشان موجود هو. دلڪش سڀ کان پهريان برکا کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ اڳتي وڌندي پنهنجو ڀاڪر پکيڙي ڇڏيائين: ”برکا منهنجي ڌيءَ تو پپا سان ملڻ ۾ ايتري دير ڪري ڇڏي!؟“ برکا پنهنجن جذبن تي ضابطو رکي نه سگھي، سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ايئن جيئن هو ننڍپڻ ۾ معصوم انگل آرا ڪندئي، دلڪش جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي روئي پوندي هئي. دلڪش سندس مٿي تي هٿ رکندي چيو: ”درد جو درياءُ پي وڃڻ ۽ لڙڪن جا ڪيئي مينهن وسائڻ کانپوءِ، هڪ سطح اهڙي به ايندي آهي، جڏهن انسان چاهڻ جي باوجود روئي ناهي سگھندو. آئون به ان سطح تي پهتل آهيان. توسان گڏ روئي نٿو سگھان ڌي!“
چند لمحن جي اذيتناڪ ماٺ کانپوءِ پوليس انسپيڪٽر اڳتي وڌندي انتهائي احترام سان چيو: ”سر آئون انسپيڪٽر ڏونگر مل آهيان، ڏونگريو. . . . . . . !“
دلڪش کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو: ”اڙي ڏونگريا، تنهنجي ڳل تي لڳل چماٽ جو درد، مون هر وقت پنهنجي هانءُ ۾ هُٽڪندي محسوس ڪيو آهي!“
ڏونگريي، مرڪي ياسمين ڏانهن نهاريو، ياسمين اکيون جھڪائي ڇڏيون، ان ئي لمحي هڪ ڪرائي جي جيپ ڀرسان اچي بيٺي، جنهن مان هڪ عورت انتهائي وقار سان هيٺ لهي آئي. هن سان 9. 8 سال جو ٻارڙو به گڏ هو، جنهن جا نقش هوبهو برکا سان ملندڙ هئا. دلڪش عورت کي مخاطب ٿي چيو: ”ماهپاره! جيئن قسمت پاڻ کي ملائڻ ۾ دير ڪئي هئي، ۽ جيئن تو موٽي اچڻ ۾ دير ڪري ڇڏي، ايئن مون مرڻ ۾ به دير ڪري ڇڏي آهي. !“
ماهپاره وراڻيو: ”جان علي ڪافي وقت کان توسان ملڻ لاءِ بيقرار ٿي رهيو هو. پر ڪجھه ڏينهن کان مونکي به توسان ملڻ لاءِ پراسرار بيچيني تڙپائي رهي هئي. چند اڻٽر رڪاوٽون آڏو نه اچن ها ته، جيڪر گھڻو اڳ تو وٽ پهچي وڃان ها! بهر حال اڄ مان تنهنجي امانت توکي ڏيڻ آئي آهيان. جان علي تنهنجو پٽ آهي، مون کيس آمريڪا جي سٺن اسڪولن ۾ تعليم ڏياري آهي!“
دلڪش هڪ ٽڪ جان ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين: ”ماهپاره! جان پنهنجي محبت جي آخري نشاني آهي. کيس ڏسي مونکي احساس ٿيو آهي ته پنهنجو وڇوڙو به ايترو ئي وڏو آهي، جيڏو جان علي!“
دلڪش آسپاس عجيب نهار وڌي ۽ پوءِ ياسمين ڏانهن ڏسندي چيو: ”توکان وڇڙڻ ويل سوچيو هئم ته هڪٻئي کي وساري ڇڏينداسين، پر اڄ احساس ٿيو اٿم ته تون به منهنجي دل جي ڌرتيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن، حصي تي قابض آهين. شايد منهنجو هينئڙو ٻه اڌ ٿيل آهي!“
اوچتو دلڪش جا پير ٿڙڻ لڳا. هن جي وات مان رت جي گُرڙي وهڻ لڳي. اندر ۾ لڳل ڪنهن ڳجھي چوٽ جو اثر نمايان ٿيڻ لڳو. تبسم کيس پٽ تي سمهاري، سندس ڪنڌ پنهنجي گوڏي تي رکي ڇڏيو. دلڪش ٽٽل ڦٽل لهجي ۾ ڳالهايو: ”زندگيءَ جي آخري لمحن ۾، اهو اعتراف ٿو ڪريان ته بطور والد، آئون پنهنجا فرض پورا ڪري نه سگھيو آهيان. اولاد جو پيار شايد منهنجي نصيب ۾ لکيل نه هو. پيءُ جي شفقت ۽ ويجھڙائي اوهانکي ڏيئي نه سگھيو آهيان، ان لاءِ مونکي معاف ڪجو، مٺڙِي برکا، ڏونگريا ۽ جا. . . . . جان! “
دلڪش جون اکيون هميشه لاءِ پورجي ويون.