ناول

هينئڙو ٻہ اڌ

هي ناول هڪ پڙھيل لکيل ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ نوجوان جي ڪجهه آواره ۽ ڪجھه سنجيده روين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو غير هموار ۽ نامناسب حالتن جي هٿن ۾، ڪڏهن چاهتن سان لڪ لڪوٽيون ڪري ٿو، ته ڪڏھن وري سونهن ۽ جوڀن جي رنگبرنگي وادين ۾ زندگيءَ جي زخمن کي وقتي طور وسارڻ جا جتن ڪري ٿو. ذھني طور پسمانده ماڻهن جي صحبت ۾، منطقي ۽ عقلي آڱرين ۾ دليلن جي بلورن سان، حقيتن جا نشانا وٺڻ ڪيترو مشڪل آھي؟ اهو هن ناول جي درمياني صفحن جي ڪپڙن جو رنگ آھي! انساني فطرت جي چڱاين توڻي مداين تي مشتمل سماجي ڪردارن ۽ سالن کان تصور جي تالاب ۾ وهجندڙ واقعن کي، قلم جي بيساخته چميءَ ناول جو روپ ڏيئي ڇڏيو آھي!

Title Cover of book Heana'ro Ba Adh

ڌنڌلو فيملي پورٽريت

هوءَ سرڪاري اسپتال ۾، پنهنجي آفيس اندر موجود هئي. ٽپاليءَ ٻه ڳرا لفافا ٽيبل تي رکندي چيو: ”ميڊيم اوهانجي سهيليءَ لفافا مهانگا ڪري ڇڏيا آهن. ءَ هن منهن ورائي ٽپاليءَ ڏانهن نهاريو. ٽپالي آفيس جي در منجھان ٻاهر نڪري رهيو هو. هن لفافن تي نگاهه وڌي، جيڪي ٽيبل تي موجود هئا. هن کي ياد آيو ته هوءَ اجنبيءَ جا خط، ڪڏهن به نه پڙهڻ جو واعدو پاڻ سان ڪري چڪي هئي. هوءَ تذبذب جي پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳي. سندس ڪيفيت رڻ مان موٽندڙ ان اڃايل ماڻهوءَ جھڙي ٿي پيئي، جيڪو ويرانيءَ ۾ ڪوري دلي مٿي ويٺل نانگ مارڻ پڄاڻا پاڻيءَ ۾ زهر هجڻ جي کٽڪي سبب، پيئان نه پيئان واري ڪيفيت ۾ وچڙي پوندوآهي! هن هٿ وڌائي ٻئي لفافا کڻي ورتا. ٻئي لمحي سندس نظرون ڊسٽربن تي اٽڪي پيون. کيس آڳاٽو اجنبيءَ جو لکيل جملو ياد آيو “ لڙڪن سان وضو ڪندڙ لفظن سان اها بيحرمتي نه ٿي جڳائي!بيساخته هن جون نظرون ڊسٽربن تان هٽي، لفافن تي اٽڪي پيون. هن پاڻ کي ڪوڙي آٿت ڏيندي سوچيو: “ٿي سگھي ٿو، هنن خطن ۾ ڪٿي، اجنبيءَ جو نالو يا وڌيڪ معلومات لکيل هجي. پاڻمرادو سندس اڱريون خط کولڻ لڳيون.
پياري جانان
شال تنهنجي ڳلن کان موسم جون چميون منهن نه موڙين!
جانان! هي اونهاري جا تتل ڏينهن، ناري جي پٽن تي ڪڻڪ جي ختم ٿيل کرن مٿان اڏامندڙ ڌوڙ ۽ مرچن جي ٻيجي سان گڏ پنهنجا خواب پوکيندڙ محنت ڪش، هٿن جي حرڪت! لاڙپٽ جي ڪلراٺي ڀونءِ تي آڳاٽي ساريال جي وهر سان گڏ، ڪمند جي ساون کيتن مٿان محبوب نظم جي لفظن جھڙن اڇن پکين جون اڏامون!
هن موسم جو به پنهنجو حسن آهي جانان! هي گرم گرم موسم، واٽن تي واهوندي ۾ اڏامندڙ دز، گھاٽن وڻن جون ڇاهون ڳوليندڙ پگھريل وجود، ڪوسا ٿي ويل پهر ۽ ٿڌا ٿيندڙ جذبا، هن موسم جا ئي پار آهن. باغن جا انب پچڻ واري هن گرم رت ۾، تتل ڏينهن جي منجھند ويل پچندڙ انبن سان ٽارين تي ٽلندڙ رنگبرنگي طوطن جون رهاڻيون رچنديون آهن، ته ڀانت ڀانت جي طوطن جون چلولايون ايئن لڳنديون آهن. ڄڻ پهرئين پيار جا نخريلا جذبا، ڪنهن ممنوع شرارت جو شغل ڪري رهيا هجن! پر ٻئي طرف هوڏانهن وري ٿري اواڙن جي آسپاس آلي واريءَ جي ٿڌاڻ ڳوليندڙ ٻاٻيهن جا بدن، ڪوسي لڪ ۾ لوساٽيا آهن ۽ تتل واريءَ تي هلندڙ اگھاڙن پيرن جو الميو، لڦن ۽ ڇالن جو روپ وٺي، غربت جي مجبوري بڻيو آهي. پر ساڳي وقت ڄار جي لامن تي لڏندڙ رتن پيلن پيرُوئن جي رنگت مٿان، جڏهن پيرون چڳندڙ مورن جي کنڀن جا خوبصورت رنگ نروار ٿيندا آهن ته، صحرا جي ان دل آويز منظر کي دل ئي دل ۾ داد به ڏيڻو پوندو آهي!
جانان! تون ٿر ۾ آهين ۽ تنهنجي اوسي پاسي ڀٽن تي، جوڀن جي موهيڙن جهڙا پيرون به پڪا هوندا. ڄارين جي ٻيڙانگين مٿان عاج جا اڇا چوڙا پاتل ٻانهُن، رنگبرنگي ٽارين کي به پڪ سان ٻکيو هوندو ۽ ايئن لوٽا ڀريندڙ آڱرين جي ڇلن کي، پيروئن جو رس به ضرور لڳو هوندو! ڪنهنجي ياد ۾ آيل هڏڪيءَ سان گڏ چونڊيل اهي پيرُون، تنهنجي شهر جي رستن تي به ضرور وڪاڻا هوندا. تنهنجي نرم گلابي چپن اگر هيستائين پيرُوئن جو رس چکيو آهي ته، ٻاراتڻ جي پريت جي جذبن جھڙا، هيلوڪا مٺا مٺا پيرون توکي مبارڪ هجن!
مٺي جانان!ٰ هيستائين توکي لکيل منهنجا لفظ، مونکي چغلي هڻي رهيا آهن ته، تون منهنجو نالو ٻڌڻ لاءِ تڙپي رهي آهين. مونسان ملڻ جي به توکي جلدي آهي! ٿي سگھي ٿو، ايئن نه به هجي، بهر حال آئون جيڪو آهيان، جيئن آهيان. هيستائين توکي لکيل خطن ۾ پاڻ کي ڊسڪور ڪندو رهيو آهيان، هونئن به اسان ماڻهن جا پروفائيل به، اسان جيئن وکريل ئي آهن. اسين ماڻهو ته آهيون ئي ماهي کير جي گوگھن جھڙا حساس ۽ وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيل آشياني جھڙن سپنن جا رکوالا! ٻن متضاد، دؤرن جي سنگم تي اکيون اُپٽيندڙ اسين ماڻهو، ڪميڻي وقت جون رهزنيون ڏسي رهيا آهيون. پڪل پيروئن جھڙيون اسانجيون نرم دليون به، غير فطري معاشري جي ٿوهر سان وچڙيل آهن. نئين نويلي ڪنوار جيئن اڀرندڙ سج جي ترورن جھڙا اسان جا خيال به هاڻ، ڄيٺي هوائن ۾ اڏندڙ واريءَ جيان بيمنزل ۽ بيوس ٿي پيا آهن. پکراج پٿر جي رنگن جيان ٻانڌڻا، اسانجا احساس ٻير جي ٻوٿارن تي سهارو وٺندڙ وڻ ويڙهي جيان، زخمن ئي زخمن ۾ پروان چڙهيا آهن. ڪارونجھر چوٽيءَ جهڙيون اڏول اسانجون اميدون، زماني جي آڪاش تي چيٽي ڪڪري جيان هاڻ بيمعنيٰ ۽ بيمقصد بڻجي پيون آهن. تترن جيان هلواڻ جي ڀڳُوئينءَ جو ڳاڙهو ڪپڙو ڏسي، پاڻ وساريندڙ اسين ماڻهو، تصور جي ساحل تي سپنن جي اڌ ڊٺل جھوپڙين ۾ خانه بدوش ٿي، اسان رڳو هما پکي جھڙين اڻلڀ خوشين جا پيرا کنيا آهن. ڪچاٽ سٽ جي سڳن جيان، اسان جا سهارا هرهر ٽٽا آهن. درد دل، ٻرندڙ جبل جي لاون جيان ويراوير وڌيو آهي. سچ ته سورن جي سنگت ۾ جيئڻ جا جتن ڪندڙ اسان ماڻهن جو کلڻ ۽ ملڻ به مهانگو ٿي پيو آهي!
جيون جي راهن تي، دل جي چيچ جھلي هلندڙ اسين حقير فقير ماڻهو، تعبيرن جي تلاش ۾، خوابن سان ياريون رکندا رهون ٿا. پر سراب رستن جي رولاڪيءَ اسان کي اڪثر اهو سيکاريو آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن منزلون اکين اڳيان اچي، پوءِ به پري ٿي پونديون آهن، نازڪ ناتن ۽ سرهن رشتن جي سوداگريءَ، اسان کي اهوئي سمجھايو آهي ته، محبتن جي مالها جوڙڻ لئه، دليلن جا ڌاڳا ضروري ناهن هوندا. جيئن جبلن تان وهي ايندڙ نديءَ وهڪرا، سمونڊ تائين پاڻمرادو پهچي ويندا آهن. جيئن سائيبيريا مان اڏامي، سنڌ ايندڙ مسافر پرديسي پکين کي ڪينجھر پهچڻ لاءَ ڪوبه گائيڊ درڪار ناهي هوندو ۽ جيئن ڪڻڪن جا ڪچڙا آڀو پچڻ ويل، ڪڇ ڪوهه جي ڪونجين کي سنڌ اچڻ لاءِ ويزا وٺڻي نه ٿي پوي، بلڪل ايئن، جڏهن اکيون اکين جا پيغام سمجھڻ لڳنديون آهن، ته پيار جو ڪوبه پيغام رائيگان ناهي ويندو. سُکن جي سڌ ۾، سورن جا سامان جھول ۾ جھلي، پنهنجا ڳوڙها پاڻ اگھڻ جو آرٽ به، اسان کي عشق سمجھايو! دنيا وٺڻ جي واٽ ورتي ۽ اسان وڃائڻ جي واديءَ ۾، کڻت جون کاته بنديون ئي ڦاڙي ڇڏيون. هجومن ۾ هلڻ جي هيراڪي، اسان ته نه ڪئي هئي، پراڪيلائيءَ جي آشياني ۾ به، زماني جا امتحان رڳو اسانجي حصي ۾ آيا آهن!
دل جي دادلي دنيا، رشتن جي ڪچائي، ڦڪائيءَ کي به ڪڏهن ناهي ڏٺو. انڪري محبتن جي ٻن ٽن لفظن جا بکيا، اسين البيلا ماڻهو، سدائين دوستيءَ جي نالي ۾، دولابن جو زهر پيئندا رهيا آهيون. ڇا ڏنو؟ ڇا ورتو ؟ ڪجھه مليو، ڪجھه نه مليو! اسان ليکو ئي ناهي ڪيو. ڪنهن کي اسان ساريو آهي، ڪنهن اسان کي وساريو آهي! بس ايئن ئي زندگيءَ جو گاڏو به هلندو رهي ٿو. ڏک اهو ناهي ته، پراون کان پهتل زخم، ڳڻڻ کان ڳپل آهن. پر افسوس، اهو آهي ته ڏک ڏيڻ جي معاملي ۾ پنهنجا به پوئتي ناهن رهيا.
بس جانان! اهوئي اسانجو سيلف پورٽريٽ آهي!
تنهنجي خط جي اوسيئڙي ۾ اتاولو- تنهنجو بيچين ساگر
ياسمين خط پڙهي ٿڌو شوڪارو هنيو ۽ پوءِ ٻيو لفافو کولي مواد پڙهڻ لڳي.
مٺي جانان
شال تنهنجو پيار، سازشن کان بچيل رهي!
جانان! توسان بابا قاسم، امان حڪيمه ۽ چاچا گلاب جي زندگين جا دلچسپ پهلو ٻڌائڻ جو واعدو ڪيو هئم. ان ئي ڪڙي طور، امان حڪيمه جي المناڪ حياتي ۽ بابا قاسم جي غير معمولي موت جي وارتا، ڪهاڻيءَ جي رنگ ۾ لکي رهيو آهيان. جيئن تون ان کي چاچا سارنگ سانگيءَ جي ڪهاڻيءَ واري تسلسل ۾ سمجھي سگھين.
*
حڪيمه جي عمر پنجاهه سال هئي. مٿي جي وارن تي چانديءَ جھڙو رنگ هارجي چڪو هئس. ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ به جوان جماڻ هئس. گھرداريءَ ۾ وس واري عورت هئي. ڳوٺ جون عورتون کيس عزت جي نگاهه سان ڏسنديون هيون. آخر ڳوٺ جي چڱي مڙس جي ئي ته زال هئي. وٽن رب جو ڏنو سڀ ڪجھه هو. هوءَ هردلعذيذ، رحمدل ۽ حساس طبعيت جي مالڪ هئي. هن جي دل، حادثن جي انيڪ گھوڙن جي سنبن هيٺيان، لاڳيتو لتاڙبي رهي هئي. هن حالتن جي جبر کي شدت سان محسوس ڪيو هو، هن ڀوڳنا ۽ درد جي دڳن تي زماني جي بيسرائين جا سواڳت ڪيا هئا. پر هن ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي هئي. ٻاڦ ٻاهر ڪڍڻ جو هنر، هن کي ايندو ئي نه هو، هن بي زبان حسرتون ۽ گونگا سپنا ته رڳو ڀرت ڀريندي ٽڪن ڀيڙا ٽانڪيا هئا. هن جي مڙس قاسم گھريلو معاملن ۾ ته هن جو هر راز رکيو هو، پر سماج يا برادريءَ جي ڪنهن به معاملي ۾، هن کي زبان کولڻ جو حق بلڪل ئي نه هو. ٻيو ته ٻيو، پاڙي جي ڪابه عورت قاسم اڳيان ڳالهائڻ کان لنوائيندي هئي. قاسم سٺ ورهن جي زندگي، مخصوص اصولن جي پاسداري ڪندي گزاري هئي. سخت مزاج ۽ ضديلي قاسم جي زندگي، بهادري، ۽ اڏولتا جي انيڪ واقعن سان عبارت هئي. مسڪينن جي حق رسائيءَ لاءِ ڪيترن ئي ظالمن سان ٽڪرون کاڌيون هئائين. آسپاس تر ۾، ايماندار ۽ انصاف پسند طور مشهور هو، پر هن جا اصول، حڪيمه جي برباد زندگيءَ سان انصاف ڪري نه سگھيا هئا. حڪيمه، جنهن سان ٻٽيهه سال اڳ هن جي شادي ٿي هئي. حڪيمه جي بدي ۾ هن پنهنجي ڀاءُ جي ڌيءَ سونا جو سنگ حڪيمه جي ڀاءُ لاءِ ڏنو هو. پنجن سالن پڄاڻا، پور جوڀن ۾ حڪيمه جي ڀاءُ جي حادثي موت کانپوءِ هڪ سال اندر سندس زال سونا پسند جي شادي ڪري ڇڏي. قاسم پنهنجي سالي جي موت کان پوءِ پنهنجي ڀائٽيءَ جي شادي ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو پر سندس سهري اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته “آئون پنهنجي اڪيلي مرحوم پٽ جي بيوهه کي ڪنهن ٻئي سان پرڻائي نٿو سگھان“ ۽ پوءِ قاسم سندس ڀائٽيءَ طرفان پسند جي شاديءَ جي باغي فيصلي جو ذميوار، پنهنجي سهري کي سمجھي ساهرن سان قطع تعلق ڪري ڇڏيو. حڪيمه والدين کان ٽٽي ويئي. راڄن ڀاڳن ٺاهه لاءِ ڪيئي منتون ميڙون ڪيون، پر قاسم پنهنجي ضد تي اٽل رهيو. حڪيمه جو اڪيلو ڀاءُ سندس مائٽاڻي خاندان ۾ واحد نوجوان هو. جنهنجو ڪمهلو ۽ پراسرار موت، هن خاندان لاءِ تباهيءَ جو طوفان کڻي آيو. سندس بيوهه جي لوميريج کانپوءِ، حڪيمه سان لاتعلقي، هن خاندان لا مصيبتن جو سامان ٿي پيئي. هن خاندان جون اپاهج آسون ۽ حڪيمه جا زخمي خواب، هڪٻئي سان ملڻ کان به محروم بڻيل هئا!حڪيمه لاءِ پنهنجو اهو اباڻو ڳوٺڙو به ممنوع حسرت بڻجي پيو، جنهن ڳوٺ جي گھٽين ۾، هن ننڍڙي ڀاءُ سان گڏ، جھرڪين پويان ڊوڙي رانديون ڪيون هيون. ڳوٺ جا اهي وڻ، جن جي ڇانءُ ۾ ويهي، هن سهلين سان گڏ گڏيون پرڻايون هيون، انهن جون جيءُ جھوريندڙ يادون، هن جي رڳ رڳ ۾، ديويءَ جي ڪنڊن جيئن اٽڪي پيون. اهو پوڙهو پيءُ، جنهنجي هنج ۾ ويهي، هن ڪي چلولاليون ۽ ڪي چاڳ ڪيا هئا. ان سان ملڻ جي آرزو به، هن لاءِ موت جي سزا سڻايل قيديءَ جيان بيوس بڻجي پيئي هئي. وقت لنگھندو رهيو، سالون گذرنديون رهيون. هن جي اباڻي قبرستان ۾ به سندس اباڻن جا ڪتبا وڌندا رهيا. زمانو هن جو دشمن هو. هن صبر ۽ ماٺ ۾ وحشي وقت جا وار برداشت ڪيا هئا. هوءَ ساهراڻي ڳوٺ ۾ پرديسڻ هئي. هانءُ جا حال ۽ اندر جا سور، آخر ڪنهن کي سڻائي. هن جي اها جيجل ماءُ، جيڪا ننڍپڻ ۾ هن کي مٺڙي لولي ٻڌائيندي هئي ته هن کي ننڊ ورائي ويندي هئي. هن جا سمورا ٿڪ لهي ويندا هئا. نرم وارن ۾ آڱريون ڦيرندي هئي ته، هن کي ننڊ ورائي ويندي هئي. اهائي جيجل، بي سهارا پوڙهپڻ ۾، هن کان پري اڪيلي ڌيءَ سان ملڻ جي سڪ ساهه ۾ سانڍي مري رهي هئي. حڪيمه کي هن جي لاش جو ديدار به نصيب نه ٿيو. ماءُ جي موت جي خبر ٻڌي حڪيمه، رسم موجود پار ڪڍي روئي به نه سگھي هئي. ڇو ته قاسم جي ناگواريءَ جي خوف کان پاڙي جون عورتون، ان رسم جي پورائي ۾، سندس هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار نه هيون. دردن هن جي هانءُ کي ڌوٻيءَ جي هٿن جيئن نپوڙيو هو، ته هن جي ماٺ به گونگن لڙڪن جو روپ ڌاري ڳلن تي تري آئي هئي! هن جون ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ به جوان ٿي چڪا هئا. سندس موڀي پٽ کي سرڪاري نوڪري به ملي هئي ۽ گڏوگڏ شعرو شاعري ۾ به، شاعر تبسم جي نالي سان سڃاڻپ ملي هئس. ڪيئي سال گذري چڪا هئا، حڪيمه مائٽياڻي خاندان جي ڪنهن به فرد جو ڪڏهن منهن ڪون ڏٺوهو، ڪڏهن ڪي ساڙيليون مايون، حڪيمه کي ڏکوئڻ لاءِ، هن جي خاندان جي بربادي ۽ سندس وڏڙن جي نڌڻڪائيءَ ۾ مرڻ جون خبرون به هڪٻئي سان ونڊينديون هيون. پر حڪيمه انهن کي ٻڌواڻٻُڌو ڪري ٻئي پاسي هلي ويندي هئي. هن جي خاندان جا سمورا وڏڙا هڪ هڪ ٿي گذري ويا. پر هن جو والد سڄي تباهي اکين سان ڏسندڙ اڪيلو ڀاتي، اسي سالن جي ڄمار ۾ اڃان جيئرو هو. جنهن جي پالنا، سندس نوڪر ڪري رهيا هئا، جن جون نظرون هن جي خانداني زمين تي اٽڪيل هيون.
مينهوڳيءَ جي هڪڙي گھميل شام ۾، حڪيمه پنهنجي گھر جي اڱڻ تي اداس بيٺي هئي. ڪا پراسرار بيقراري هن جي اندر ۾ اٽڪي پيئي هئي. آسمان تي ڊوڙندڙ ڪارا ڪڪر، هن جي وسريل خيالن کي ڦلوري رهيا هئا. وٺي جي هوا ۾، ڀرسان بيٺل نم جون ٻه ٽاريون هڪٻئي سان کينچل ڪري جدا ٿي رهيون هيون. اڪ جي پتن تي وکريل مينهن ڪڻيون، ڪنهن اڌوري نظم جا لفظ لڳيون پئي. حڪيمه اباڻي پار ڏانهن حسرت سان ڏسي رهي هئي. سندس شاعر پٽ تبسم ڀرسان اچي بيٺو. ماءُ کي اداس ڏسي پاڻ به ملول ٿي پيو. ماءُ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اڏامندڙ مڪڙن ڏانهن اشارو ڪندئي چيائين: “ٿر ۾ مڪڙ رڳو وسڪاري ۾ ظاهر ٿيندا آهن!؟“.
حڪيمه لڙڪ اگھندي وراڻيو”پٽ ننڍپڻ ۾ هي مڪڙ ڀينوريءَ ۾ جڏهن به ٽولا ٺاهي، اسانجي ڳوٺ وٽان لگھندا هئا، ته آئون ننڍڙي ڀاءُ سان گڏ انهن کي جھليندي هئس، ۽ پوءِ انهن جون سيخون ٽانڊن تي پچائي کائيندا هئاسين. ڀنل ڀٽن تي کنڀيون چنڊيندي، مورن جا ڇڻيل کنڀ هٿ ايندا هئا ته امان کي آڻي ڏيندا هئاسين. جيڪا انهن مان هوا هڻڻي ٺاهيندي هئي. سيجڙائيءَ جي موسم ۾، منهنجو پيءُ اسانکي ڀينوريءَ جي سيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪونڀٽ جي ڪاٺ جا مچ ٻاريندو هو. جنهن تي هٿ سيڪيندي، دودي سومري، اوڍي ڪيهر ۽ سڏونت سارنگها جون آکاڻيون، بابا کان ٻڌندا هئاسين. اڄ منهنجو اهو پوڙهو پيءُ نوڪرن جي آسري الاءِ ڪيئن هوندو؟! کيس ماني به ملي هوندي يا الاءِ نه!؟ مون ڪيئي سال هن کان ڌار گذاريا آهن. پر اڄ الاءِ ڇو منهنجو ابا مونکي ڏاڍو ياد ٿو اچي. حڪيمه جي اکين مان لڙڪ ٽمڻ لڳا. تبسم به لڙڪ روڪي نه سگھيو. ان ئي لمحي، حڪيمه جي پيءُ جو پراڻو هاري، اٺ سميت گھر جي گھٽيءَ تي ظاهر ٿيو. پنجويهه سالن پڄاڻا، پنهنجي ڳوٺ جو ماڻهو ڏسي، حڪيمه جي احساسن ۾ عجيب اڻتڻ ٿيڻ لڳي. اباڻي ڳوٺ مان ايندڙ هاريءَ نه رڳو حڪيمه جي والد جي طبيعت جي شديد خرابيءَ جي خبر ٻڌائي پر سندس اهو التجا آميز نياپو به قاسم کي ٻڌايو ته، مرڻ کان اڳ هو ڌيءَ حڪيمه کي آخري ڀيرو ڏسڻ چاهي ٿو. پر سهري جي اها آخري التجا به، قاسم ٺڪرائي ڇڏي. هاريءَ کي چيائين: ”منهنجي سهري جي بيحالي جو مونکي ڏک ضرور آهي. پر آئون پنهنجا ڪيل فيصلا واپس وٺي ڪون ڄاڻان. منهنجي سهري کي چئجان ؛ ”منهنجي شاديءَ ۾ ڀري ڄڃ جي اڳيان تو اهو چيو هو ته ماڻهو ته مڙس ماڙهوءَ جي پاڙي ۾ ويهڻ به وڏائي سمجھندا آهن. مونکي فخر آهي ته آئون پنهنجي نياڻي ان مڙس ماڙهوءَ ناٺيءَ جي حوالي ڪريان پيو. جنهن جي زبان به هڪڙي ۽ ڳالهه به لوهه تي ليڪو. ”. قاسم مٺيون ڀڪوڙي ڇڏيون. پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺو. هاريءَ کي مخاطب ٿي چيائين: ”سهري کي چئجان ته تنهنجي ارڏي ناٺيءِ جي زبان، اڄ به اهائي ساڳي آهي. جنهن تان هٽي نه پنهنجي نظرن ۾ ڪرڻ پسند ڪندس ۽ نه ئي تنهنجي پراڻي فخر کي ميرو ٿيڻ ڏيندس“. قاسم تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃڻ لڳو. حڪيمه پنهنجي جاءِ تي پٿر جيئن خاموش رهي. تبسم ڊوڙندو قاسم جي اڳ ڦري بيهي رهيو. چيائين:”تنهنجي کوکلي انا، منهنجي ماءُ تي هيترا سال ظلم ڪيا آهن. اڄ تنهنجي اصولن ۽ منهنجي حياتيءَ وچان آخري معرڪو ٿيندو! امان کي موڪل ڏي نه ته آئون پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو وسايان ٿو. هڪ پاسي تنهنجا خودساخته اصول آهن. ٻئي پاسي منهنجي حياتي، فيصلو تو وٽ آهي!“. تبسم تيز وکون کڻي، کوهه ڏانهن وڃڻ لڳو. قاسم سوچ ۾ پئجي ويو. تبسم جي شخصيت ۾ کيس پنهنجي جوانيءَ واري ضد جا عڪس نظر آيا. کيس خبر هئي سڄي اولاد مان تبسم جي شخصيت سندس جھڙي هئي. هن محسوس ڪيو ته تبسم پنهنجي ضد تان ڪڏهن به ڪون مڙندو. کوهه ڏانهن ويندڙ تبسم کي سڏ ڪيائين. تبسم بيهه رهيو قاسم چيس: ”پنهنجي اٺ تي پاکڙو رکي، تنهنجي ماءُ کي، پيءُ سان ملائي اچ. پر واپس جلد اچجو. قاسم اوطاق ڏانهن هليو ويو، تبسم اٺ تي پاکڙو رکي، ماءُ سان گڏ، ناناڻن جي ڳوٺ وڃڻ لڳو. حڪيمه جي اندر، عجب جھڙي آنڌمانڌ هئي. هڪ طرف پنهنجويهن سالن کانپوءِ اباڻي ڳوٺ، پيءُ کي ڏسڻ پي ويئي، ته ٻي طرف قاسم جي ناراضگي به کيس جھوري رهي هئي. هن زندگيءَ ۾، قاسم جي مرضيءَ جي ابتڙ ڪوبه ڪم نه ڪيو هو. اڄ پهريون ڀيرو، وقت کيس اهو ڏينهن به ڏيکاري ڇڏيو. هن کي خبر هئي ته قاسم طرفان مجبوريءَ ۾ ڏنل موڪل ۾، سندس ذري برابر به راضپو ناهي. مڙس جي دل آزاري کيس تڙپائيندي رهي. ڳوٺ جا وڻ ۽ پيءَ سان ملڻ جي آرزو کيس بيقرار ڪندارهيا. پٽ تبسم سان گڏ اٺ مٿي پوئينءَ چونڪ ۾ پيل سندس وجود، ٻن متضاد ڪيفيتن جي ويڙهه جو ميدان بڻجي پيو. جتي نصيبن جون ديويون هن سان پريڪٽس ميچ کيڏي رهيون هيون!
ٻن ڪلاڪن جي مسافريءَ کانپوءِ اباڻي ڳوٺ جي خوشبوءُ پري کان محسوس ٿيڻ لڳس. اهي وڻ وڏا ٿي پيا هئا، جيڪي هن ننڍپڻ ۾ پوکيا هئا. اباڻي گھر پهتي ته، کپ جي نوڙين سان واڻيل کٽولي تي، سندس والد ستل نظر آيس. ڊوڙي وڃي کيس ڳراٽي پاتائين. سندس صنعيف پيءَ اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اٿي نه سگھيو. ڌيءَ جا هٿ چمندو رهيو. ٻنهين جي اکين جا بند ڀڄي پيا. لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. ڳپل ديرگذري ويئي. حڪيمه جي والد جھيڻي آواز ۾ ڳالهايو :”ڌيءَ آئون پنهنجي خاندان جي تباهيءَ جو بدنصيب شاهد آهيان. پٽ جي مرڻ جو هڪڙو ئي سور هو. پر تو جيئريءَ جا سئو سور سانڍيا اٿم. ڪاري مٿي جو انسان ڏاڍو آهي. ڇا ڪريان اڃان پيو جيئان!“ اوچتو خاموش ٿي ويو. چپ ٿڙڪڻ لڳس، رڦندي چيائين:”غلطي منهنجي هئي قاسم جي ڳالهه ڪون مڃيم. قاسم جھڙي ناٺيءَ جي هٿن ۾، مون توکي سدائين محفوظ سمجھيو آهي. ڌيءَ تون وڏي ٿي ويئي آهين، پر مون لاءَ تون اڄ به اهائي ننڍڙي حڪي آهين، جنهنکي اٺ تي چاڙهيندو هئس ته روئي پوندي هئي. اڄ مرڻ وقت دلجاءِ اٿم ته قاسم جي پاڇي ۾، توکي زماني جي ڪا ڇيت ڪون لڳندي. اوچتو وڏو ڇرڪ ڀريائين. ڄڻ ڇرو لڳو هئس. جھيڻي لهجي ۾ چيائين:”توکي اچڻ نه گهربو هو، ڇوته آئون قاسم کي سڃاڻا، هن جي زبان ڦري نه ٿي سگھي. تنهنجو هتي هجڻ، قاسم جي موت جو ثبوت آهي!“. ساهه ۾ وڏو ڏچڪو آيس ۽ هن جون اکيون هميشه لاءِ پورجي ويون.
حڪيمه والد جي لاش جي کٽ ڀرسان ڏکاري ويٺل هئي. تبسم نوڪرن ۽ آس پاس جيڳوٺن سان گڏ تدفين جي تياري ۾ رڌل هو. پراوچتوگھران ايندڙ ماڻهو، قاسم جي آپگھاتي موت جي خبر کڻي آيو. تبسم ۽ حڪيمه جي دليون ڏهين محرم جو پڙ بڻجي پيون. ساڳي اٺ تي واپس ويندي، حڪيمه جون سوچون ساٿ ڇڏي ويون هيون، ڪجھه به هن جي وس ۾ نه هو. ڄڻ هوءَ دهل هئي، جنهن کي جيون جو ڏانڊيو بيرحميءَ سان وڄائي رهيو هو. قاسم جي ميت تي پهچي، حڪيمه جي ضبط جون ديوارون ٽٽي پيون. ماٺ جا مينار ڪرڻ لڳا. هوءَ چرين وانگي اوڇنگارون ڏيندي رهي. تبسم پنهنجا لڙڪ روڪي ورتا، ڀڻڪيو :”آزمائش جو معرڪو، توهان کٽي ورتو پاپا! منهنجي جيت عارضي هئي!“
قاسم جي وڇوڙي کانپوءِ حڪيمه چونئري ۾ بند ٿي رهجي ويئي. اڪثر گھر ۾ ئي رهندي هئي. ٻن سالن کانپوءِ هڪ صبح سويل رمتي جوڳيءَ، سندس گھر اڳيان صدا هنئي. جوڳيءَ جي سئين جي آواز ۾ کيس پنهنجائپ جي آسيس محسوس ٿي. هوءَ اٿي درتائين هلي آئي، جوڳيءَ کي خيرات ڏيئي پڇيائين :”فقير نالو ڇا اٿئي؟“ جوڳيءَ ڪجھه سوچندي وراڻيو ”پيرو“. ”منهنجي مرحوم ڀاءُ جو نالو به پيرو هو“ جوڳيءَ اداس ٿيندي وراڻيو ”تنهنجو اهو بدنصيب ڀاءُ آئون آهيان“. حڪيمه بيزاريءَ مان ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”چرچا ٻين سان ڪر، خيرات ملي هاڻ ڀڄ، نه ته تبسم کي ٿي سڏيان!“. تبسم ۽ ٻيا گھر وارا به پهچي ويا. جوڳي جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. چيائين :”حڪي آئون تنهنجو ننڍڙو ڀاءُ پيرو آهيان. حڪيمه دڙڪو ڏيندي وراڻيو :”ڇويھه سال اڳ چونئري جي باهه ۾ جلي فوت ٿيل منهنجو ڀاءُ جيئرو ٿي نه ٿو سگھي!“. جوڳيءَ معصوميت مان پڇيو: ”تنهنجو ڀاءُ ڳوٺ کان پري کوهه واري ٻنيءَ تي، چاري سان ڀريل چونئري ۾ ستل هو نه، جڏهن باهه لڳي؟“
حڪيمه حيرت سان چيو: ”ها، ها ڳوٺ کان پري هئڻ ڪري ڪو به سندس مدد لاءِ پهچي ڪون سگھيو“. جوڳيءَ ورائي پڇيو:”ان چونئري کان سڏ پنڌ پري، جوڳين جو سرو به لٿل هو نه؟“
حڪيمه کي جوڳيءَ کان ڊپ ٿيڻ لڳو. خوف کي لڪائيندي، چيائين:”باهه لڳڻ واري رات کان اڳئين ڏينهن تائين، اهو سرو اتي موجود هو“ جوڳيءَ چيو:“جنهن رات آئون، ان چونئري ۾ ستل هئس، ان رات چار جوڳي آڌي رات جو تازو مري ويل پنهنجي ڪنهن پوڙهي جوڳيءَ جو اڌ جليل لاش کڻي اتي آيا. جنهن کي منهنجي کٽ تي رکي تيل هاري باهه ڏنائون ۽ پوءِ سڄو چونئرو جلڻ لڳو. منهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي الاءِ ڪيڏانهن کڻي ويا!“ حڪيمه پنهنجي منهن ڀڻڪي :”باهه لڳڻ جي باري ۾ انومان هو ته پيري جي ٻيڙيءَ مان لڳي هئي. پر لاش سڃاڻڻ جھڙو ڪون هو“. جوڳيءَ ڳالهه جاري رکي:”جوڳي رڻ ڪڇ جي پٽي پار ڪري، هن پار هليا ويا، پوءِ راجستان ۽نيٺ ڪوهستان ۾ دردر جو پاڻي پياريندا رهيا. وڏي جوڳيءَ منهنجي شادي به پنهنجي ڌيءَ سان ڪرائي ڇڏي. 20 سالن تائين مون تي پهرو هلندو رهيو. ٻٽي ڀيرا ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيم، پر سخت سزائون ڏيئي واپس وٺي ويا. پوءِ مونکي خبر پئي ته منهنجي اڳئين زال سان شادي ڪرڻ جي خواهشمند شخص، مونکي مارڻ جو ناٽڪ ڪرڻ لاءِ، جوڳين کي ڳري رقم ڏني هئي. جوڳي ٿڌو ساهه کڻي وري ڳالهايو:”منهنجا جوڳڻ ڄايا ٻار به جواڻ آهن، هاڻ مون تي ڪو به پهرو ڪونهي. ادي رڳو توکي ڏسڻ آيو آهيان. جلدي واپس هليو ويندس. هي وٺ هزار روپيه، هڪ ڀاءُ طرفان ڀيڻ لاءِ تحفو!“
حڪيمه اکيون ڦاڙي جوڳيءَ کي ڏسڻ لڳي، جنهن جي چهري جا نقش هوبهو سندس ڀاءُ جھڙا هئا. پر پڪ ڪرڻ خاطر جوڳيءَ کي چيائين:”منهنجي ڀاءُ کي ننڍي هوندي، پُٺن تي ڦٽ ٿيا هئا. جن تي ٻه جاڙا ڏنڀ ڏنل هئا“. جوڳيءَ پٺن تان ڪپڙو لاٿو. سندس پٺن تي جاڙن ڏنڀن جا نشان موجود هئا. حڪيمه کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ايئن ڄڻ وري وڃائجي نه وڃي!
ڪجھه ڏينهن کانپوءِ حڪيمه جو ڀاءُ پيرو به اوچتو هارٽ اٽيڪ ۾ گذاري ويو. . حڪيم جو پٽ تبسم پرائمري ماستر، جڏهن ته ٻيو پٽ لاڙ ۾ زمينداري ڪندو آهي. سندس ڏير گلاب، جيڪو ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندو هو، سو به هڪ ڏينهن پٽ روشن سان ملڻ، جيئن ئي ويو ته واپس نه وريو. گھڻو پوءِ نازيه نالي عورت، هن جي وفات تي سندس ڊائري ڪنهن رسالي ۾ ڇپائي هئي. اها ڊائري ۽ وڏڙن کان ٻڌل ڳالهه کي، ڪهاڻيءَ جي رنگ ۾ لکي رهيوآهيان.
ماستر گلاب، اڱڻ تي بيٺل روهيڙي هيٺيان موجود هو. سندس پراڻو پاليل مور پکي, روهيڙي جي لامن تي لڏي رهيو هو. ڦڳڻ جو نماڻو صبح، ٿر جي ڀٽن تي ليٽيو پئي. ٿڌڙي هير جي جھونڪي سان روهيڙي جي ٽارين ۾ ٽاهه پئجي ويو. ڪنهن لام تان ڇڻندڙ هڪ ڳاڙهو گل ٻڍڙي گلاب جي هنج ۾ اچي ڪريو. هن گل کي هٿن ۾ کڻي ورتو. نظر جي عينڪ کي جانئينو ڪندي، گل کي چڱيءَ طرح ڏسڻ لڳو. گل جي رنگت ۽ ڪوملتا ڏسي کيس ٽيهه سال اڳ ڏٺل نصرت جو چهرو ياد اچڻ لڳو. جنهنجون ڳاڙهيون ڳلون گلاليي ڇانهئين جي ڦار لڳنديون هيون، جنهن جي گل جھڙي چهري تي ڪلجين اکين جون نهارون، سونهن جي انوکي تشريح ڀاسنديون هيون. گوڏن جي سروڀر ايندڙ ڪارا ڊگها زلف، پدمڻي عورت هجڻ جي چغلي هڻي رهيا هئس. ڀريل ۽ سڊول بدن جي مالڪ نصرت، گلاب جي زندگيءَ ۾ ايئن آئي هئي، جيئن آڙنگائي تتل صحرا تي وٺي جو واءُ ورندو آهي ۽ جيئن سڪل وڻن تي وري گونچ ڦٽي پوندا آهن. نصرت سان گلاب جي پهرئين ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن مٺي ضلعو، پراڻي ميرپورخاص ضلعي جو حصو هوندو هو. گلاب پرائمري ماستر هو. هن جي بدلي ڊگھڙيءَ ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ٿي هئي، جتي اسڪول جي ڀر ۾ ئي نصرت جو گھر هو. هن جي ماني به نصرت جي گھران ئي ايندي هئي. نصرت پاڻ به ان ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. نصرت جو سٺ ورهن جو پوڙهو مڙس رشيد، ماني کڻي ايندو هو، ۽ گلاب سان دير تائين ڳالهيون ڪندو رهندو هو. ڀورڙو ۽ سادڙو رشيد عرف شيدو، گلاب سان ايترو ته ويجھو ٿي ويو جو، اڪثر گلاب کي مانيءَ جي مهل گھر وٺي ويندو هو. نصرت گلاب لاءِ سٺاسٺا طعام رڌيندي هئي. گلاب ٿري لوڪ ادب جا ورق ڦلوريندو هوته، سگھڙپڻي جي سرهاڻ چوڏسا پکڙي پوندي هئي، مرشد لطيف جا بيت گلاب جي چپن تان دلڇهندڙ اسلوب ۾، ترڪندا هئا. گلاب شاهه جي بيتن جو ترجمو جڏهن به رشيد کي ٻڌائيندو هو ته، ماني گھڙيندڙ نصرت جا هٿ ويلڻ تي بيهه رهندا هئا، ۽ دانگھيءَ ۾ پچندڙ ماني سڙي پوندي هئي. ان لڪاءُ کي گلاب اک ٽيٽ ڪري ڏسندو هو ته، نصرت جي لڄاري مرڪ پشيمانيءَ جي تاثر م ويڙهجي پوندي هئي. رشيد ڳالهين ۾ گلاب کي ٻڌايو هو ته سندس ڀاءُ جي خون بدلي، نصرت جو سنڱ کيس چٽيءَ ۾ مليو هو. نصرت جي ڪک مان رشيد کي هڪ ڌيءَ نازيه جو اولاد هو، جيڪا پرائمري اسڪول ۾ گلاب وٽ پڙهندي هئي. نصرت پنهنجي ڌيءَ کي اهو چئي گلاب وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو هوته اولاد مائٽ وٽ صحيح پڙهي نه سگھندوآهي. گلاب کي ان ڳوٺ ۾ ٻار پڙهائيندي هڪ سال گذري ويو. جڏهن به هو اسڪول جي اڱڻ ۾ اچي بيهندو هو ته، نصرت ڀت تان کيس ٽڪ ٻڌي ڏسندي هئي. نصرت جي چهري جا وڄ¬_ وراڪا کيس بيچين بڻائي وجھندا هئا. هن جي دل چاهيندي هئي ته نصرت کي اکين ۾ ويهاري لوڪ کان لڪائي ڇڏي، پر هڪ بينام واسطو ۽ گونگو ڀرم، هن کي ايئن ڪرڻ کان روڪي وٺندو هو. هوءَ رشيد جي لڄ هئي، شيدو جنهن هن کي عزت ڏيئي ٻچن ۾ ويهاريو هو، جنهنجو داڻو پاڻي کائي، ٻيائي ڪرڻ مڙس جو وڙ ڪون لڳس، هن پنهنجي دل تي پٿر ٻڌي ڇڏيو هو، چري دل جي چاهت کي روڪي ورتو هئائين. محبت جي جذبن جو مچ، ضبط جي پاڻيءَ سان وسائي ڇڏيو هئائين، زندگيءَ کي آزمائش سمجھي، پنهنجي پيار کان پاسيرو ٿي بيٺو هو. نصرت جي هر اڳرائي، هن بيرحميءَ سان ٺڪرائي ڇڏي هئي.
هن نصرت کي بظاهر نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو، پر هن جي اندر محبت جو جذبو لوسڻ گاهه جيان وڍڻ باوجود ويراوير وڌڻ لڳو.
هڪ سانجھه ننڍڙي نازيه هڪ ڪاغذ کڻي آئي، کيس ڏيندي چيائين: “ امان ڏنو آهي”. گلاب ڪاغذ کوليو، مٿس لکيل هو.
اکين ۾ ٿي ويهه ته، واري ڇپر ڍڪيان
تارن ۾ ڪر تڪيو، ڇپر ۾ ٿي ڇيهه
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪو ٻيو!
گلاب بيت وري وري پڙهيو. نصرت جي ماڌري زبان سنڌي نه هئي، پوءِ به هر لفظ درست لکيل هو. گلاب جي اندر اُڻتڻ وڌڻ لڳي. بيساخته سندس هٿ قلم ڏانهن وڌڻ لڳا، ساڳي ڪاغذ جي ٻئي پاسي لکيائين
ڀنڀيون هڏ م ڀير، کڻ سُبتيون سپرين
توجي چاهه چلايون، تن وڌو جيءَ سين وير
ڪجل اک ۾ ڦير، تنهنجين رُکين ئي رڻ ڪيو!
ڪاغذ نازيه کي ڏنائين، نازيه ڪاغذ کڻي واپس هلي ويئي. رات جو اسڪول جي اڱڻ ۾ سُتل پيو گلاب جو وجود، پيار جي فطري جذبن ۽ مصنوعي اصولن جي ويڙهه جو ميدان بڻجي پيو. اندر جا اڌما، ضبط جي تلوارن جا ڌڪ سهندا رهيا. نيڻن کان ننڊ رسي ويس. سڄي رات پاسا ورائيندو رهيو. رکي رکي شاهه جو بيت سندس دل ۾ ڪاريهر جيئن وراڪا وجھڻ لڳو، بلند آواز ۾ اچاريائين
هُن تاري، هن هيٺ، هت منهنجا سپرين
سڄڻ ماکيءَ ميٽ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهن
هن بيت ختم ئي مس ڪيو ته ڀرسان بيٺل نصرت اچاريو
نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکڙئين
اجھاميو ٻرن توکي، ساريو سپرين
گلاب ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو. وائڙو ٿي نصرت کي ڏسڻ لڳو. الاءِ ڪيتري دير کان نصرت اتي بيٺي هئي. نصرت کلندي چيو:
”منهنجي دل جا چور، تون سکيو ڪيئن سمھندين!“. گلاب خاموش رهيو. خاموشي ڊگھي ٿيڻ لڳي ته نصرت سنجيده ٿيندي، وري ڳالهايو:”منهنجي دل منهنجي وس ۾ ناهي گلاب ! تون منهنجو پهريون ۽ آخري پيار آهين. مونکي پنهنجو نه ڪندين گلاب ؟!“.
نصرت جي ان جرئتمنديءَ گلاب کي عجب جو شهر ٺاهي وڌو. سندس اصولن جا ڀرم پيار جي جذبن کان شڪست کائڻ لڳا. سندس دل چاهيو ته هو نصرت اڳيان پنهنجي اصولن جي هار تسليم ڪندي، اهو اعتراف ڪري ته هو به نصرت لاءَ ايئن ئي تڙپي ٿو، جيئن مور مينهن لاءِ، چڪور چنڊ لاءِ، ۽ دليون دل وارن لاءِ ! پر سگهوئي پاڻ سنڀالي ورتائين، ڄڻ منجهس ڪا ازغيبي قوت اچي ويئي هئي. نصرت کان پُٺيرو ٿي چيائين: ”مڃان ٿو ته تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهين. تنهنجي پيار ۾ تڙپڻ ۽ پنهنجن جذبن جو قتل ڪرڻ، منهنجو مقدر آهي. تنهنجو پيار منهنجي دل ۾ خوشبوءِ جيئن پاڻمرادو داخل ٿي چڪو آهي. اهومتان سمجھين ته مون توکي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. پر مون ته پنهنجو پاڻ کي اصولن جي سوليءَ تي ٽنگي ڇڏيو آهي. پيار دل جا در ڀڃي ٻاهر اچي نه سگھندو. اسين سنڌي ماڻهو، انوکن واسطن جا امين آهيون. جنهن گھر جو نمڪ کائون ان گھر جي ڌڻيءَ سان ويساهه گھاتي، اسانجو وڙ ڪونهين. بگھڙ به گھنڊيءَ واريءَ جو ٽارو ڪندو آهي. آئون ته پوءِ به انسان آهيان. مردن ۽ گھوڙن جو انت ناهي لهبو نصرت!. منهنجي برداشت جو امتحان نه وٺ مٺي! گلاب جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. نصرت به لڙڪ روڪي نه سگھي، پير پير ۾ ڏيئي واپس وڃڻ لڳي! اسڪول جي در وٽ پهچي، شاهه جو بيت اچاريائين.
نينهن نيهائين جيئن، ڍڪيو ڪوه ڍڪئين
ڄرنه ڄيري ڇڏي ته رڇ پڇندا ڪيئن
تون پڻ ڪريج تيئن، جيئن ڪنڀار ڪن ڪنن سين!
گلاب رات جو باقي حصو سمهي ڪو نه سگهيو، هن جي پيار ۽ ضمير وچان ويڙهاند هلندي رهي. هن جي منڙي جي ماٽي منجهه، احساسن جو ڌونئرو، سوچ جي جهرڻي سان ولوڙبو رهيو. هن واسطن جو ڀرم رکڻ خاطر پيار کي قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. صبح سويل سندس اکين ۾ اوجاڳي جي ڳاڙهاڻ اٽڪيل هئي. شهر ويندڙ بس ۾ سوار ٿي ٻه ڏينهن آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو. ٽئين ڏينهن پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جو آرڊ مليس، ليٽر کڻي بيدخل ٿيڻ لاءِ اڳوڻي اسڪول پهتو. ننڍڙي نازيه کيس ڪاغذ آڻي ڏنو، جنهن تي لکيل هو.
سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن ملڻ جا
گلاب پنهنجو مختصر سامان سهيڙڻ شروع ڪيو، سندس خبرون ٻڌڻ وارو ريڊيو، نصرت جي گهر رهجي ويو، گلاب اهو کڻڻ مناسب نه سمجهيو، ان سان سندس بدليءَ جي خبر نصرت کي پئجي سگهي ٿي. اسڪول جي ٻارن کان به موڪلائي نه سگهيو. ننڍڙي نازيه کي ڪاغذ ڏيندي چيائين:”نصرت کي ڏيئي ڇڏجان!“ ڪاغذ تي تي شاهه جو بيت لکيل هو:
جيڪو فيراقان، سو وصالئان نه ٿئي
اچي اوطاقان، مونکي پرينءَ پري ڪيو
گلاب ڳوٺ موٽي آيو. ڳوٺاڻي اسڪول ۾ ٻارڙا پڙهائڻ لڳو. ڏينهن لنگهيا، سال لنگهيا، پر هڪ لمحي لاءِ به نصرت کانئس وسري نه سگهي. هن جي وڇوڙي ۾ به ڪو مٺو درد هو، هن جي دلربا يادگيرين جي انوکي خوشبوءِ، هن جي وجود کي نازبوءِ جي واس جيان واسي ڇڏيو هو. گلاب شوقين مڙس هو، ڀلن اٺن ۽ بڻيادي گهوڙن کي سينگارڻ ۽ سواري ڪرڻ، سندس خاص شغل هوندا هئا. سفيد ڪپڙا، اڇو پٽڪو، زري لڳل چاملي جتي، هٿ ۾ نيٽ، صبح سويل جاڳڻ، ريڊيو تان بي بي سي ٻڌڻ، شاهه جو رسالو پاڻ سان گڏ رکڻ، پکي پالڻ ۽ وڻ پوکڻ، هن جي عادت ۽ سڃاڻپ هوندا هئا. گلاب پنهنجو سمورو ڌيان اڪيلي پٽ جي پڙهائيءَ تي ڌري ڇڏيو هو، هن پنهنجي پگهار مان پائي پائي بچائي پٽ روشن کي ڪاليج تائين پڙهايو، پر يونيورسٽي پڙهائڻ لاءِ جڏهن وٽس پئسوکٽي پيو ته، پٽ جي آئيندي خاطر وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ وٺڻي پيئس. پينشن جي پئسن مان روشن جو يونيورسٽي خرچ ڀرڻ لڳو. تعليم مڪمل ٿيندي ئي روشن کي 17 گريڊ جي نوڪري ملي ويئي. هن ڳوٺ اچڻ گهٽائي ڇڏيو. ماءُ جي موت تي ٻن ڏينهن لاءِ ڳوٺ آيو، پر پوءِ سالون لنگهي ويون، هن ڳوٺ جو منهن ڪون ڏٺو، گلاب پڇائون ۽ نياپا ڪندو رهيو، پر روشن ڳوٺ ڪون آيو. گلاب کي ڪنهن ٻڌايو ته روشن اتي شهر ۾ شادي به ڪئي هئي. گلاب هن جي شاديءَ کي پسند جو حق سمجهي، قبول ڪري ورتو، پر گلاب کي اها شڪايت ضرور هئي ته، روشن پنهنجي ڳوٺ ۽ پيءُ کي بيدرديءَ سان وساري چڱو نه ڪيو هو. پوڙهپڻ ۾ گلاب کي پنهنجي پٽ جي سهاري جي گهرج هئي.
جنهن وقت گلاب روهيڙي جي وڻ هيٺيان ڇڻيل گل کي هٿن ۾ جهلي، نصرت جي يادن ۾ ٻُڏل هو، ان ويل سندس پراڻو يار الهرکيو، ڀرسان اچي بيٺو، گلاب کي ڀاڪر پائيندي چيائين: “يار گل ۾ ڇا ڏٺو اٿئي !؟” گلاب يادن جي ننڊ مان جاڳي پيو. الهرکئي سان ڀاڪر پائي مليو. کيس پنهنجي چونئري تي وٺي آيو. الهرکئي لاءِ چانهه ٺاهڻ خاطر ڪاٺيون چلهه ۾ وجهڻ لڳو. الهرکئي پڇيس : ”هٿ جي ماني ڪڏهن کان ڪرڻ لڳو آهين ؟“ گلاب چلهه دکائيندي وراڻيو : ”يار هڪڙي نياڻي هئم. پرائي پاڙي پرڻايم. پوئين اليڪشن ۾ هُن پاڙي هڪڙي پارٽي کي ووٽ ڏنا ۽ اسانجي پاڙي ٻئي پارٽي کي، پولنگ تي جهيڙو ٿي پيو. ٻئي پاڙا وڙهي ويا. مرڻي پرڻي اچڻ وڃڻ بند، اڳي ڌيءَ جي گهران ماني ايندي هئي. هاڻ ماني ته ٺهي مورڳو ڌيءَ جو منهن ڏسڻ کان به سڪي ويوآهيان !“ الهرکئي مٿو کهندي ڳالهه جي سر جهلي : ”يار اسانجي ڳوٺ جو به ساڳيو حال آهي. گهر، گهر کي پيو کائي، ڪٿي ڪنهن جو يڪسالو پيو ڪٽجي، ڪٿي ماستر پيو بدلي ٿئي، ڪٿي جهيڙو پيو ٿئي، هڪڙا وڏيرا، هڪڙي پاسي، ٻيا ٻئي پاسي، روز روز پوليسون ۽ آفيسر اچن، وڏيرن جا خرچ مفت، وٺ وٺان لڳي پيئي آهي!“ گلاب ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”اهو به دؤر هوندو هو، ڳوٺن ۾ ٻڌي ۽ امن هو، صبر ۽ شڪر جي دولت هئي، شادين ۾ طعام سادا هوندا هئا، پر محبتون ۽ خوشيون هونديون هيون. ڀلا اٺ ۽ گهوڙا گهمندا هئا ته واهه واهه ٿي پوندي هئي، اڄڪلهه مهانگا طعام آهن، شاميانه آهن، روشنيون ۽ رنگ آهن، پر ڪلفتون ۽ ڪينه وڌي ويا آهن. هل. . . . . . . . . . . . . . . . ڪاٺين جي ڇني م ڪا محبت هوندي هئي. الهرکئي وڏو شوڪارو ڀريو، چيائين اڳي سيم ۾ وڏا وڻ هوندا هئا، هاڻ اهي به وڍجي ويا. جهنگلي جانور به شڪارين جو کاڄ ٿي ويا. برساتون وسڻ به گهٽجي ويون، اڳي ڪو ڇورو ٻاڪر ڏوهه ڪندو هو ته چار چڱا، ڏوهي کي ڏوهي ڪري ڏنڊ ڏوهه ڪندا هئا، هاڻ ته ڪوڙ جي ڪُني چڙهي پيئي آهي، اڳي سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ڪانڀو ڪڍي وٿاڻن ۾ اچي ويهندا هئا، رايون رنڀنديون هيون، ڪچهريون ۽ ڪوڏ هوندا هئا. اوطاقن ۾ سگهڙپڻي جو سامان ورهائبو هو، آئي جو آڌرڀاءُ ٿيندو هو، هاڻ ته مهمانن کان به اوطاقون وسري ويون آهن. ميزبانن وٽ مهمان جو مان به مٽجي ويو آهي. هل ڪو وقت هو، پيار ۽ ٻاٻوه مان پياريل رٻ ۾ ڪا سيري هوندي هئي، ڪاڄن ۾ ڦنڊرن جو گوشت، ڀانءِ ته آڱريون کائي ڇڏيان، پر هاڻ ته ڪپهه جهڙي مُرغي_توبهن!!“. گلاب چانهه ڪوپن ۾ اوتي، هڪ ڪوپ الهرکئي ڏانهن وڌائيندي چيائين: ”وقت جي حال جي چال ڏسي، اکين کي اعتبار ئي نٿواچي ته، ڪي هي اسانجا ڳوٺ آهن. اڳي ڳوٺ جي حدن جا سمورا چراگاهه، جهنگلي جيوت، وڻ پکي ۽ لنگهه سڀ ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت هئا. انهن جو بچاءُ به سڀ گڏجي ڪندا هئا. چوپائي مال جا ڊٽ هوندا هئا، اسر ويل هر گهر مان ولوڙي جو آوازايندو هو. مکڻ رکيل ٻاجهر جي ماني ڏڌ سان کائيندي، ڪيڏو چس ڏيندي هئي!. سچي کرتائي گيهه جا وسناڻ به وڻندڙ هوندا هئا، پر جڏهن کان کير وڪاڻا، تڏهن سڀ ڪجهه وڪجي ويو، ۽ پئسو ڪميڻي شيءِ ٿي اڀريو. محبت، محابو، ماڻهپو دنگ ننگ، رشتا ناتا، ڪجهه به ساڳيو ناهي رهيو!“ گلاب اداس ٿي پيو. سُرڪ سرڪ ڪري چانهه پيئڻ لڳو. وڏو سرڪ ڀري وري ڳالهاڻو :”غربت اڳي به هئي، پر سهپ ۽ سادگي هئي، زندگيءَ ۾ سڪون ۽ خوشيون هوندا هئا، اڄڪلهه ته وٺ پڪڙ ايتري وڌي وئي آهي جو، زندگي بي آرام بڻجي پيئي آهي. هٻڇ ۽ لالچ ايترا وڌي ويا آهن جو، ماڻهن ڀٽون ۽ پاساڙا به پوکڻ شروع ڪيا آهن“ الهرکئي سندس جملي کي جهٽي ورتو، چيائين:
”اڄ تنهنجي ڊاڀي ٻني منجهان لنگهيس پئي ته ڏٺم تنهنجا هاري ڀٽ جي پاساڙي جا وڻ وڍي رهيا هئا، سوچيم گلاب ته ايترو اکپُور ناهي جو ڀٽون کيڙي، پڪ سان اهو ڪم هارين جو هوندو !“ گلاب کان ڇرڪ نڪري ويو، ڪوپ ۾ بچيل چانهه هارجي پيئي، :”منهنجا هاري بئراج ويل آهن، مينهن وٺي جو ايندا. اڄ منهنجي ٻنيءَ جا وڻ وڍيندڙ ماڻهو پڪ سان وڏيري يعقوب وارا آهن. جن ٻه سال اڳ منهنجي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺهرائي، ٻن ٻنين تي قبضو ڪيو هو. ڪامورن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيئس، حق رسائي ڪو نه ٿي، منهنجو سچ سدائين رشوت ۽ سفارش جي اڳيان هار کائيندو رهيو، پر اڄ آئون پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندس، هاڻ يعقوب منهنجي جيئري، منهنجي ٻنيءَ مان وڻ وڍي نه سگهندو !“
گلاب لڪڻ کڻي اٿي بيٺو. الهرکئي اٿي وڃي ٻانهن مان جهليئس، سمجهايندي چيائين :”ڏس تون پيرسن ماڙهو، يعقوب جي ٽولي کي ڇا ڪري سگهندين!؟ هنن جي پارٽي چڙهيل آهي، اجايو ماڻهو کلندا، توکي آئون صلاح ڏيان، زمين جو وارث تنهنجو پٽ روشن آهي، تون وٽس وڃ، سڄي حقيقت ڪجان، آفيسر ماڻهو آهي، سندس هٿ ڊگها هوندا، ڪو نه ڪو کڙتيل ڪڍندو“. الهرکئي جي ڳالهه گلاب کي دل سان لڳي. چيائين ”واهه جي ڳالهه ڪيئي اٿئي، روشن جي نئين آفيس جو پتو مون وٽ لکيل آهي، هينئر ئي وڃان ٿو، پر منهنجي هن پاليل مور پکيءَ جي پارت اٿئي، ٻه ٽي ڏينهن ۾ موٽي ايندس. “
گلاب ڇڪڙي جي اسٽاپ تي پهتو، پريان سندس ٻنيءَ ۾ يعقوب جا ماڻهو، وڻ وڍي رهيا هئا. نفرت ۽ ڪروڌ، هن جي وجود مان ٿوهر ٿي ڦٽي پيا. ڇڪڙي ۾ چڙهي ويٺو. ڇڪڙي جا لوڏا کيس پنهنجي زندگيءَ جي بسيرائيءَ جيئن محسوس ٿيا. ايندڙ رات هڪ ننڍڙي شهر ۾، جهوپڙا هوٽل تي ترسيو، ٻئي ڏينهن منجهند ويل حيدرآباد ۾ روشن جي آفيس ۾ پهچي ويو. روشن پنهنجي ڪمري ۾ دوستن سان گڏ چانهه پي رهيو هو. گلاب کي ڪمري ۾ ايندي ڏٺائين ته، پٽيوالي کي روڪڻ جو اشارو ڪندي، چيائين: ”پوڙهي کي پنج منٽ ٻاهر ويهار، فارغ ٿي، ملان ٿو. “ گلاب کي حيرت ٿي. هن جو سڳو پٽ هن کي سڃاڻي نه پئي سگهيو. گلاب بيهڻ بنا اڳتي وڌندي چيو :”روشن مونکي به نه سڃاتئي، مان تنهنجو پيءٌ گلاب آهيان!“. روشن ڪرسيءَ تان اٿي، گلاب کي سامهون آيو، گلاب جي وڌايل ڀاڪر کي نظر انداز ڪندئي، کيس ٻانهن مان جهلي ٻاهر تاڻيندي چيائين: ”تون پنهنجو ڪم اڪلائيءَ ۾ ٻڌائي. هليا مونسان گڏ“. گلاب وائڙن جيان روشن جي ڀرسان هلڻ لڳو. روشن گلاب جي ڪن ۾ سڙٻاٽ ڪندئي چيو: ”بابا منهنجي ماتحت ملازمن ۽ دوستن اڳيان تون پاڻ کي منهنجو پيءُ ظاهر نه ڪر. تنهنجي لباس بيوقوف ڳوٺاڻي جهڙي آهي، منهنجي بيعزتي نه ڪرائي!“ گلاب پگھر اگھندي، جھيڻي آواز ۾ چيو ته: ”پوءِ کڻي گھر جو پتو ٻڌائي، منهنجي نُنهن جي مٿي تي به هٿ رکڻو اٿم!“ روشن سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو: ”نه نه هرگذ نه، ڪلثوم کي مون ٻڌايو هو ته بابا ريٽائر ڪمشنر هو، گھڻو اڳ مري چڪو آهي. هي هزار روپيه وٺ، ڊرائيور کي چوان ٿو، توکي سٺي هوٽل تي ڇڏي ايندو، ڪمرو وٺجان، آئون واپسيءَ ۾ توسان مليو ويندس!“. گلاب جو رت ٽهڪڻ لڳو. ٻانهن ڇڏائيندي، وڏي واڪ چيائين: ”آئون تنهنجو پيءُ آهيان، پينو فقير نه! پنهنجي اصليت کي نه وسار روشن!“ پوشاڪ هر ماڻهوءَ جي ذاتي پسند جو معاملو آهي. شخصيت جو معيار هر گذ نه! جيئن تنهنجو نالو روشن، تنهنجي روشن خياليءَ جي ضمانت نٿو بڻجي، ايئن تنهنجي مهانگي پوشاڪ، تنهنجي نيچ شخصيت کي لڪائي نه ٿي سگھي. آئون وڃان ٿو پر ياد رک، منهنجي هي موجلي ٿري جتي، تنهنجي ظرف کان هرحال ٻيڻي آهي. منهنجو هي ننڍڙو لڪڻ، تنهنجي شخصيت کان گهڻو وڏو آهي، هي پراڻا ڪپڙا، تنهنجي ڪاري دل کان وڌيڪ صاف سُٿرا آهن، ۽ منهنجي هن اڇي پٽڪي جو هر ور، تنهنجي ڪوڙي ٺٺ ٺانگر جي ڪميڻي ٻهروپ تي ڀونڊو آهي! آئون تنهنجي هزار روپين جي نوٽ تي ٿڪڻ به پسند نه ڪندس!“ آفيس جي ڪمرن مان سڀ ملازم ٻاهر اچي ويا. هڪٻئي سان سڙٻاٽ ڪرڻ لڳا. روشن پنهنجي شرمندگي لڪائڻ لاءِ وڏي آواز ۾چيو ”جهونو مينٽل ڪيس آهي، وڃڻ ڏيوس!“ طنزيه ٽهڪن جا ٽولا، آفيس جي ديوارن سان ٽڪرائجڻ لڳا. گلاب تيز تيز وکون کڻي وڃڻ لڳو. ٻاهر روڊ تي آيو ته گاڏين جا هارن ڪتن جيان ڀونڪڻ لڳا. هن جو ذهن ان سُڪل وڻ جيان ٿي پيو، جنهن کي هڪ ئي وقت ڪيئي ڪهاڙا ڪپيندا آهن. هن جون سوچون کپ جون ڪاٺِيون بڻجي پيون، جن مان وقت جو ٻارڙو ٽانڊو ٻارڻ لاءِ آگيو ڪڍي رهيو هو!
روڊ تي هلندي هڪ ڪار جي هيٺيان ايندي ايندي بچيو. ڪار جي ڊرائيور دريءَ مان منهن ڪڍي کيس ٻه ٽي اُڳرا اکر آکيا ۽ اڳتي وڌي ويو. گلاب لوڻو ڦيريو ئي مس ته اڳيان هڪ رڪشه بريڪ هنيو. رڪشه ڊرائيور کلندي چيو ”چاچا قرض ۾ جهليل آهين ڇا؟“ رڪشه ڊرائيور کلندي اڳتي گذري ويو. پُر هجوم رستي تي گلاب کي پنهنجي زندگي بي معنيٰ ۽ قابل نفرت محسوس ٿي. هن سچ پچ ڪنهن گاڏي هيٺيان اچي زندگي کان انتقام وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سامهون ايندڙ ڪار جي اڳيان اچڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ڪار زوردار بريڪ سان بيهي رهي، ڪار جا ٽائر چيچاٽ ڪري ڦرڻ بند ٿي ويا، زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر هن کي هارائي ويئي! هڪ خوبصورت نوجوان عورت ڊرائيونگ سيٽ تان لهي، گلاب جي سامهون اچي بيٺي. انتهائي احترام سان چيائين ”سائين توهان ماستر گلاب ته ناهيو!؟“. جيڪو ڪجهه ٿيو هو، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو، تنهن گلاب کي ايترو ته بد دل بڻائي ڇڏيو هو جو، هن جو ڪنهن لفظ، ڪنهن رشتي ڪنهن واسطي ۽ ڪنهن جملي تي ڪوبه اعتبار نه رهيو هو، هو بي اعتبار اکين سان عورت کي ڏسڻ لڳو. عورت جي نيڻن ۽ نقشن ۾ نصرت جا عڪس هُوبهو نظر آيس. عوررت انتهائي معصوميت مان چيو”آئون نازيه آهيان. اوهانجي شاگردياڻي هجڻ تي فخر اٿم!“. گلاب پنهنجو هٿ عورت جي مٿي رکي ڇڏيو. نازيه بنهه عزت سان گلاب کي ڪار ۾ ويهاري، پنهنجي آفيس وٺي آئي. ملازمن اڳيان فخر سان گلاب جو تعارف ڪرائڻ لڳي”هي آهي استاد گلاب، شاهه سائين جو پارکُو ۽ سگھڙ. آئون چوٿين ڪلاس ۾ سائينءَ جي شاگردياڻي هيس. مون پنهنجي زندگي ۾ سائين جھڙو مهان ماڻهو ناهي ڏٺو!“ گلاب سوچيو”پٽ روشن کي پڙهائڻ بدران ڌيءَ سُکان کي پڙهايان ها ته پڪ سان نازيه جيئن دل کي ٿڌو ڇنڊو هڻي ها!“
نازيه گلاب کي گھر وٺي آئي. لنچ ڪرڻ کانپوءِ ٻئي نصرت جي ڪمري ۾ آيا. گلاب ديوار تي اکيون اٽڪائي ڇڏيون. سندس جوانيءَ جي تصوير نصرت جي ڦوٽوءَ ڀرسان ڀت تي فريم ۾ لڳل هئي. نازيه رموٽ کڻي ٽي وي آن ڪئي، ٽي ويءَ تي خبرون هلي رهيون هيون. نازيه چيس ”سائين توهان خبرن ٻڌڻ جا ڏاڍا شوقين هئا“ گلاب ڪنڌ لوڏيو. چيائين ”ها اڃان تائين ريڊيو تان بي بي سي جون خبرون روز ٻڌندو آهيان“ نازيه کي ڪجھه ياد آيو، نصرت جي الماڙيءَ ۾ رکيل پراڻُو ريڊيو کڻي گلاب کي ڏيندي چيائين ”ڳوٺان لڏڻ ويل، اوهانجو هي ريڊيو به امان گڏ کڻي آئي هُئي، ۽ سنڀالي رکيو اٿس “
گلاب جي حيرت جي حد نه رهي، ڪافي سال اڳ نصرت جي گھر وسري ويل ريڊيو، نصرت سنڀالي رکيو هو. گلاب بيتابيءَ مان پڇيو :”نصرت ڪٿي آهي؟“. نازيه وراڻيو :”امان صبح سويل ڊرائيور سان گڏ ڪار ۾ ڪيڏانهن نڪري ويئي آهي. ڏاڍي دير ٿي چڪي آهي، اڃا ناهي پهتي!“ ان ئي وقت نازيه جي موبائل فون جي گھنٽي وڳي. نصرت جي نمبر تان ڪال اچي رهي هئي. نازيه ڀڻڪي :”امان جي ڪال آهي“. ڪال وصول ڪندي اسپيڪر کولي ڇڏيائين. سامهون سندس ڊرائيور جو آواز آيو ”باجي اوهان جلد سول اسپتال پهچو!“. نازيه اٿي بيٺي. پڇيائين ”ڇو خير ته آهي!“. ڊرائيور جو ڏڪندڙ آواز آيو، “ اڄ ميڊئم گھران نڪرندي ئي ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي ورتي. آئون پوئين سيٽ تي ويهي رهيس. ميڊم هيڪلن رستن تي بيمقصد گاڏي ڊوڙائيندي رهي. رکي رکي هڪ شعر جھونگاري رهي هئي ”آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾“ ۽ پوءِ ميڊم، گاڏيءَ جو رُخ ڀٽ شاهه ڏانهن موڙي ڇڏيو. ڀٽائيءَ جي درگاهه تان حاضري ڀري، جيئن ئي ٻاهر نڪتي، سندس اکيون اوپريون ۽ پراسرا ٿي پيون. واپس ايندي ڪار جو سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو. ميڊم کي گھڻا ڌڪ لڳا آهن“.
نازيه ۽ گلاب سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهتا ته ڊاڪٽر کين ٻڌايو، :”ميڊم کي هوش اچي ويو آهي. پر هوءَ هرهر گلاب ۽ نازيه نالي رشتيدارن جو پُڇي رهي آهي. روم نمبر 12 اٿس“.
گلاب ۽ نازيه روم نمبر 12 ۾، هڪئي وقت داخل ٿيا. نصرت جون اکيون گلاب جي چهري تي اٽڪي پيون. ڄڻ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. چٽي آواز ۾ شاهه جو بيت اچاريائين
هيين اوڏا سپرين، هئا ڪي سوين
موسين ويل واٽون ڪيون، تون ڪٿ هئين
مون ڀانيو مئين پر جانب آهين جيئرو!
گلاب کي پنهنجو وجود وڍ جندي محسوس ٿيو. اندر جي دنيا ان انڌار ڀونئري جھڙي لڳيس. جنهن ۾ روشنيءَ جو ڪوبه ڪرڻو ڀلجي به ناهي ايندو. چئو طرف چمڙن، نانگن ۽ وڇوئن جا وجود هوندا آهن. چند لمحن جي وقفي کانپوءِ نيٺ، گلاب نصرت جي اکين ۾ اکيون ملائيندي، شاهه جو بيت اچاريو
اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون
اکيون عبدالطيف چئي ماڳ نه مٽائين
ٻي در واجھائين ته ڪڍي ڪانون کي ڏيان
نصرت جي چپن تي لازوال مرڪ تري آئي. چهري تي سدابهار سڪون ڇانئجي پيو. جھيڻي آواز ۾ بيت اچاريائين، پر بيت پورو ٿي نه سگھيو. ساهه جو سڳو ٽٽي پيس. بيت جي هڪ سٽ ڪمري ۾ واڪا ڪندي رهي.
”سيئي جوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا“
***

مٺي جانان! سئوٽ روشن سان ڪيترن ئي سالن کان اسانجي خاندان جو ڪوبه رابطو ناهي رهيو. هن وقت امان حڪيمه منهنجي ڀاءُ تبسم سان گڏ ڳوٺ ئي رهندي آهي. آئون جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان، مونکي ڀاڪر ۾ ڀري پڇندي آهي:”ڪنوار ڪڏهن ٿو آڻين، منهنجا ڪونڌر پٽ؟ يا مون کي موڪل ڏي!؟ آئون مختلف بهانا گھڙي کيس مطئمن ڪندو آهيان پر سندس اکين جي ٽيٽ مان لڳيم ٿو ته کيس مطئمن ڪري نه پيو سگھان ۽ هوءَ جلدي تبسم جيان مون لاءِ به پاڻ رشتو ڳوليندي.
پرين تنهنجو خط ناهي پهتو، ڇو؟ ڇا آئون اهو. سمجھان ته منهنجي لاءِ تنهنجي دل ۾ ڪابه جاءِ ناهي!؟
تنهنجي پيار لاءِ خالي ڪشڪول کڻي صدا هڻندڙ_ تنهنجو بيچين ساگر ڊگھو خط پڙهڻ پڄاڻا، ياسمين کي ٻن ڳالهين پريشان ڪيو. هڪ اها ته اجنبي اڃا تائين پنهنجو ۽ اصل ڳوٺ جو نالو لڪائي رکيو هو. اگر ايئن نه هجي ها ته، هوءَ اسپتال ۾ ايندڙ عورتن کان اجنبي جي متعلق گھڻو ڪجھه ڄاڻي وٺي ها، ڇو ته ٿر جي هر عورت آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي متعلق لڪڙتار وسيلي بنهه گھڻي معلومات رکي ٿي. ياسمين کي پريشان ڪندڙ ٻي ڳالهه، هن خط جو اهو جملو ته ”هوءَ جلد ئي تبسم جيان مون لاءِ به پاڻ رشتو ڳوليندي“ ياسمين حقارت مان خط کي ڏٺو ۽ ڏند ڪرٽي، حڪيمه تي خارکائن لڳي.