ناول

هينئڙو ٻہ اڌ

هي ناول هڪ پڙھيل لکيل ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ نوجوان جي ڪجهه آواره ۽ ڪجھه سنجيده روين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو غير هموار ۽ نامناسب حالتن جي هٿن ۾، ڪڏهن چاهتن سان لڪ لڪوٽيون ڪري ٿو، ته ڪڏھن وري سونهن ۽ جوڀن جي رنگبرنگي وادين ۾ زندگيءَ جي زخمن کي وقتي طور وسارڻ جا جتن ڪري ٿو. ذھني طور پسمانده ماڻهن جي صحبت ۾، منطقي ۽ عقلي آڱرين ۾ دليلن جي بلورن سان، حقيتن جا نشانا وٺڻ ڪيترو مشڪل آھي؟ اهو هن ناول جي درمياني صفحن جي ڪپڙن جو رنگ آھي! انساني فطرت جي چڱاين توڻي مداين تي مشتمل سماجي ڪردارن ۽ سالن کان تصور جي تالاب ۾ وهجندڙ واقعن کي، قلم جي بيساخته چميءَ ناول جو روپ ڏيئي ڇڏيو آھي!

Title Cover of book Heana'ro Ba Adh

اداس ڇوڪري ۽ پُرفريب ڪيفيتون

هوءَ پنهنجي آفيس ۾ موجود هئي. دائي سليمت هنکي پاڻيءَ جو گلاس آڻي ڏنو. هن يڪ ساهيءَ ۾ گلاس خالي ڪيو. گمنام خطن متعلق سوچڻ لڳي. ٻه هفتا گذري چڪا هئا، ڪو به خط نه آيو هو، هن کي گمنام خطن جو بي چينيءَ سان انتظار هو، هن سوچيو:”هر هفتي هن جا ٻه خط پهچندا آهن پر پويون هفتو به ڪورو گذري ويو، هي هفتو به پڄاڻيءَ تي پهچي پيو، پر هن جو ڪو به خط ناهي آيو. ياسمين جي بيچيني وڌندي رهي. هن سوچيو: “ٿي سگهي ٿو، اجنبي شخص خط لکڻ بند ڪري ڇڏي !“ خطن جي بند ٿيڻ جو تصور، هن لاءِ عذيتناڪ هو، هن ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيا. دائي سليمت هن جي ڀرسان اچي بيٺي، پريشانيءَ مان پڇيائين: ”باجي اوهان ڪجهه پريشان لڳي رهيا آهيو- ڇا ٿو ٿئي ؟“ ياسمين مٿي تان هٿ لاهيندي، وراڻيو: ”ڪجهه ناهي، مٿي ۾ هلڪو سور اٿم“ هن اصل ڳالهه لڪائڻ لاءِ پرس مان زينيڪس گوري ڪڍي، پاڻيءَ سان ڳڙڪائي ڇڏي. خيال آيس :”ٿي سگهي ٿو ٽپالي ايم ايس آفيس ۾ ڊاڪٽر لونگ يا ڪنهن ٻئي کي خط ڏيئي ويو هجي“. خيال آيس: ”دائي سليمت کي مردانه وارڊ ڏانهن موڪلجي، خطن جي پڇا ڪرائجي“. پر جلد احساس ٿيئس ته ايئن هوءَ اجايو ٻين جي نظر ۾اچي ويندي ۽ ڪنهن نه ڪنهن جو ڌيان لاڳيتو ايندڙ خطن ڏانهن ڇڪجي سگهي ٿو. هن بيزاريءَ مان ڪرسيءَ تي پاسو ڦيرايو. کيس خبر هئي ته هن شهر جي ماڻهن ۾ ڳالهين جا ڏڙا اڇلائڻ جي عادت هئي ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون وڏا اسڪينڊل ٺهندي دير نه ڪنديون هيون. ان ڪري هن احتياط ۽ هوشياريءَ سان خطن وارو معاملو هيستائين لڪائي رکيو هو، پر اڄ هوءَ خطن جي انتظار ۾ بي چين ٿي رهي هئي، ۽ اهڙيون ئي ڪيفيتون، عشق کي مشق جيان ڊسڪور ڪري وجھنديون آهن. کيس ڊپ هو ته متان وچان ڪٿان، خط اغوا نه ٿي وڃن. هن مرداني وارڊ ۽ ايم ايس جي آفيس مان چڪر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. ”ڪنهن کي خط مليا هوندا ته مونکي ڏسي ڏيئي ڇڏيندو“. هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ ڪرسيءَ تان اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي. سامهون اينداڙ ٽپالي تي نظر پيئس ته اڻجهل خوشي جي لهر، هن جي جسم ۾ برقي ڪرنٽ جيئن ڊوڙڻ لڳي. پر هن پاڻ تي ضابطو رکي، ٽپالي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ٽپالي هن کي سڏ ڪندي چيو:”ميڊم اوهان جا خط آهن“ هوءَ بيهه رهي. ٽپالي ٻه لفافا ڏيئي هليو ويو. هوءَ واپس ڪرسي تي ويهي، لفافا کولي خط پڙهڻ لڳي
مٺڙي جانان
شال تنهنجي دل جي بدن ۾ زماني جو ڪو ڪنڊو نه لڳي !
جانان! هونئن ته توکي هر هفتي ٻه خط لکندو آهيان. پر پوئين هفتي توکي خط لکي نه سگهيس. ان جو سبب، بي رحم مصروفيتن جي ستم ظريفي هئي. بهرحال اڄ توکي وري خط لکان پيو، جنهن کي ڪالهه لکيل خط سان گڏ اڄ پوسٽ ڪندس. جلد تو تائين پهچندا. هڪ هفتي جي غير حاضري معاف ڪجان. فقيرن تي ميارون ڪون ڪبيون آهن. حالتن هٿان مجبور ٿي پيل ماڻهو، وڇڙي وڃڻ جا ويلا ۽ ۽ وري ملڻ جو تاريخون ياد رکي ناهن سگهندا. اکين سان اکيون ملڻ باوجود به هڪ ٻئي کي ڏوراپو ڏيئي ناهن سگهندا. سڪي ويل وڻن جون ٽاريون پکين سان شڪايتون ناهن ڪنديون. اجڙي ويل شهرن جون ديوارون، سيلانين کي ميارون نه ڏينديون آهن. ساڳي طرح دل جي ڌرتي جڏهن برباد ٿي پوندي آهي ته، سنگدل صنم کان برباديءَ جو ڪارڻ نه پڇندي آهي. مري ويل مسرتن ۽ رهجي ويل حسرتن جا حساب ڪتاب ته پيار ۽ پنهنجائپ ۾ ڪبا آهن. ٽٽي پيل ناتن ۾ ته پيار جي کاتن جا پنا به ڦاٽي پوندا آهن. آئينا پٽ تي ڪري ٽٽندا آهن ته ڇڻڪو ٿيندو آهي، ڌرتي گرم ٿيندي آهي ته، زلزلا ايندا آهن ۽ دريا سڪي ويندا آهن ته، مٽي اڏامندي آهي، پر جڏهن دل ٽٽندي آهي ته ڪو به طوفان ناهي ايندو. بس رڳو درد جي راک بچندي آهي، جيڪا نه ڏيڻ جهڙي ۽ نه ئي وٺڻ جهڙي !
جانان تنهنجي پيار ۾ عجيب ڪيفيتن کي ڦلورڻ لڳو آهيان، ڇا سوچيان ٿو؟ ڇا لکان ٿو؟ مون پاڻ کي خبر نه ٿي پئي. تنهنجي اڌوري عشق جي اُڻ تُڻ ۾ تصور جي ريت مٿان ڪيئي چٽ چٽيندو آهيان ۽ وري ڊاهيندو به آهيان، تون ته ناهين، تنهنجيون يادون آهن. هونئن به جڏهن وقت گذري ويندو آهي ته پويان رڳو يادن جا کنڊر باقي رهجي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سنگسار خوابن جا مقبرا، ان اڌوري عشق جي ڪهاڻي ياد ڏياريندا آهن، جيڪو عشق، ڪڏهن ڪڏهن زماني جي خاردار راهن تان هلندو آهي، ڪڏهن ڪنهن بانوري بادل جو ٽهڪ بڻجي نيري امبر تي نچندو آهي. ڪڏهن اجڙيل بستين جي روح جو سڏڪو بڻجي، ويران رستن تي وڇائجي ويندو آهي. بس اڌوري عشق جي اڻ تڻ وسري به ناهي وسرندي. جيئن ڪن وڻن جون ڄمارون سالن نه پر صدين تي مشتمل هونديون آهن. ساڳي طرح لازوال عشق به وقت جي قيد کان مٿاهون هوندو آهي. جيئن پريت جا پنڌ ڪندڙ پکين ۽ مسافر اکين جا ڪي به ٺڪاڻا نه هوندا آهن، ايئن پيار جي ڪا به تشريح ناهي. بس اکيون اٽڪنديون آهن، ته دليون ڀٽڪنديون آهن. پيار جي ٻولي اکيون سمجهنديون آهن ۽ اندر جا اڻجهل جذبا، درد جي دلبريءَ کان آشنه ٿي، ڪيفيتن جا اهي ورق ڦلورڻ لڳندا آهن، جنهن ۾ ڪو ڪنهن کان پري هوندي به ويجهو هوندو آهي! سمونڊن ۾ لڙ ناهن ٿيندا، جبلن کي ڪلر نه لڳندو آهي. ستارن کي سلهاڙ ڏيئي نه سگهبا آهن ۽ چنڊ تي دز به ناهي چڙهندي، ساڳي طرح لازوال عشق جي گلشن کي وڇوڙن جون خزائون اجاڙي نه سگهنديون آهن. ڪير ٿو چوي ته پيار پوڙها ٿي پوندا آهن؟ ڪير ٿو چوي ته جدائيءَ ۾ جاڳندڙ اکين کي ننڊ اچي ويندي آهي؟ ۽ ڪير ٿو چوي ته وقت جو ٻهارو، يادگيرين جون تصويرون به ٻهاري ويندو آهي !؟
جڏهن توکي ڏٺو هئم، ته توسان ڪنهن بي عنوان رشتي جو احساس اکيون مهٽي اٿي پيو هو. پر جڏهن کان باقاعدگيءَ سان توکي خط لکڻ لڳو آهيان، ته اهو رشتو وڌيڪ گهرو ٿيڻ لڳو آهي ۽ هاڻي ته هر جذبي ۾ ڪا ئي نرالي ڪشش ۽ اڻ ڄاتي خوشبوءِ ليٽڻ لڳي آهي. ايئن جيئن وڻ ڦوٽ رت جي هنن مهڪندڙن راتين ۾، ٿر جي نفيس واري ءَ مٿان ڦوڳ جي ڪنهن اداس پاڇي ۾، ڪو بي جوڙ ڪاريهر ليٽڻ لڳندو آهي، يا وري لاڙ جي هڳاءُ هاڻي چانڊوڪيءَ ۾، ڪوئي بانسري وڄائيندو آهي. ڇو ته کيس اهو الڪو هوندو آهي ته جيڪو ڇلڙو هن گلاب ٻوٽي مٿان رکيو هو، اهو پرينءَ تائين پهتو به يا الاءِ نه؟ اهڙا ڪومل رشتا اڪثر فرش تي ڪريل شيشي جي گلاس جيان ٽتي پوندا آهن. بلڪل ايئن جيئن پوئين پهر جا خواب اکين ۾ ٽٽي پوندا آهن. جيئن جهنگ جا ڪنڊا هاريءَ جي هٿن ۾ جهري پوندا آهن ۽ جيئن پهريون دفعو عشق جو اظهار ڪندڙ عاشق جا لفظ شرميلن چپن تي وکري پوندا آهن، پر ڪي نظارا ته اکيون ٻوٽي به پسي سگهجن ٿا، ڪي لفظ ته، خاموش رهي به ڳالهائي سگهجن ٿا. ڪي نياپا ته، نه ڏيئي به ڏيئي سگهجن ٿا ۽ ڪنهن کان دُور رهي به، ڪنهنجي بدن جي خوشبوءِ پري کان جهٽي سگهجي ٿي !
توسان ڳالهيون ڪندي پيار جا ٿڪ لهي پوندا آهن. تڏهن ئي ته ڊگها خط لکندو آهيان. ڪا خبر ناهي ته منهنجا خط پڙهي، تون ڇا سوچي رهي آهين؟ اها به خبر ناهي، ته منهنجي پيار جي متعلق تنهنجو رايو ڇا آهي؟ منهنجي خطن کي، تو دل ڪٻٺ جي ڪهڙي خاني ۾ رکيو آهي؟ منهنجي پيار جو اظهار غير روايتي آهي، منفرد آهي ۽ منفرد شيون ايترو جلد قابل قبول نه بڻبيون آهن. اهي يا ته رد ٿينديون آهن يا وري انهن خلاف سازشون ۽ بغاوتون ٿينديون آهن! بهرحال آئون مطئمن آهيان ته، مون منهنجي پيار جا احساس تو تائين پهچائي ڇڏيا آهن، اها تنهنجي مرضي آهي ته تون انهن کي ديواني جو خواب سمجهي لتاڙي ڇڏين ٿي يا وري انوکي محبت جي منفرد اظهار کي مثبت موٽ ڏيئي، دل جي ان گلدستي ۾ سجائين ٿي، اها ئي آس، جنهن ۾ اهي ڊگهو پنڌ ڪري تو تائين پهتا آهن!
غير يقينيءَ جي صليب تي لٽڪيل _ تنهنجو بيچين ساگر
ياسمين خط پڙهي سوچيو: ”چريو اجنبي اجايو شڪ ڪري رهيو آهي، محبت ڪري ٿو ته سامهون ڇو نٿو اچي؟“ هن پنهنجي ساءِ سوچيو. پر هن کي احساس نه هو ته اجنبي جن حالتن مان خط لکي رهيو هو ۽ جن فاصلن هن کي روڪي رکيو هو. اتان بدگمانيون ڦُٽڻ ته فطري عمل هو. ياسمين ٻيو خط کولي پڙهڻ لڳي.
مٺي جانان. . . . . .
شال تنهنجن لبن جا سُرندا ٽهڪن جا سرگم ڇيڙيندا رهن!
جانان! آئون توکي اڄ ان سانوري ڇوڪريءَ جي متعلق ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جنهن هڪ طرفي محبت جا زخم سٺا آهن۽ جنهن جو بارشن جهڙو پيار، پهاڙن تي وسي ضايع ته ٿيو آهي، پر صحرا جي سڪ تائين پهچي ناهي سگهيو. هن به هڪ سال اڳ ان چريائيءَ جي شروعات ڪئي هئي. جيڪا شايد اڄڪلهه آئون توکي بيمقصد خط لکي ڪري رهيو آهيان. آئون لاڙ جي جنهن ڳوٺ ۾ رهان ٿو، اتي جي اسڪول ۾ ڏيڍ سال اڳ سلمه نالي ماسترياڻي بدلي ٿي آئي هُئي. علمي ادبي شوق، هن کي منهنجي ويجهو گهيلي آيو هو. اسانجون اڪثر رهاڻيون ادبي نوعيت جون هونديون هيون. پر اڳتي هلي مون محسوس ڪيو ته هُوءَ مون ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي ۽ وقت سان گڏ اسانجو تعلق گهرو ٿيندو رهيو. منهنجي زندگيءَ جا چند حسين پل به ساڻس گڏ گذريا آهن ۽ هن طرفان لکيل محبتي خطن جي موٽ ۾، مون به ڊگها خط کيس لکيا آهن. پر حقيقت اها آهي ته ان تعلق کي آئون اڄ تائين پيار جو نالو ڏيئي نه سگهيو آهيان. ڇو ته منهنجي ذهن ۾ جنهن محبوبه جو تصور آهي، ان تي سلمه پورو لهي نه سگهي آهي. هن جي سيرت صدا بهار آهي، پر هن جي صورت ۾ جيڪي نقش، آئون ڳوليان ٿو، اهي منجهس ناهن. تڏهن سوچيان ٿو هر انسان جي اندر ۾ محبوب جو تصور اڳواٽ ئي لڪيل هوندو آهي، پوءِ جڏهن اها ساڳي يا ٿورو گهڻو ملندڙ جلندڙ هستي ملندي آهي ته، انسان پنهنجو وڃايل پيار ڳولي وٺندو آهي !
سلمه خوشفهمي جي صحرا ۾، جڏهن گهڻو اڳتي نڪري آئي ته، هن پنهنجي خطن ۾ مون اڳيان شاديءَ جو پروپوزل آڻي رکيو ۽ تڏهن ئي مون کيس اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو هو. کيس خط ۾ لکيم ته:”آئون ياسمين نالي عورت سان پيار ڪريان ٿو، جيڪا منهنجي مٽيءَ ۾ ڳوهيل آهي. هن جي موجودگيءَ جي احساس سان ئي منهنجي دل ڌڙڪي ٿي، هوءَ ئي سندم جيئڻ جو جواز آهي. توسان حياتي جا انمول لمحا گڏ گذريا آهن، دل جي اٿاهه گهراين سان تنهنجي عزت ڪندو آهيان، پر شادي ڪري نٿو سگهان. شادي ڪيم ته ياسمين سان ڪندس ڇو ته هو ءَ ئي سندم هينئڙي جو وڃايل ٻيو اڌ آهي! اها ئي حقيقت آهي ۽ حقيقت کان منهن موڙڻ بيوقوفي آهي. تون مناسب سمجهين ته آخري ڀيرو مونسان ضرور مل، جيئن تلخ سچائي جي ڪنڊن مٿان بيهي الوداع جي اذيت ۾ هڪ ٻئي کي خدا حافظ چئي سگهون!“
منهنجي خط جي جواب ۾، اداس ڇوڪري ءَ جو اداس ڪري وجهندڙ آخري خط پهتو آهي، جنهن مونکي ڏاڍو روئاريو آهي. لکيو اٿس:
”تنهنجو خط پهتو، حقيقت بياني ۽ صاف گوئي ڏاڍي وڻي. گمراهي ۾ رکڻ بدران وقت سر معذرت لاءِ مهرباني!
تنهنجو ڪو به قصور ناهي، سڄي گڙٻڙ منهنجي قسمت ۾ آهي، جڏهن به هٿ جي لڪيرن ۾، نصيبن جا پيرا کڻان ٿي ته، هر ليڪو اڌ مان شروع ٿي، اڌ ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. ايئن جيئن هر ڪهاڻي اڌ مان شروع ٿي، اڌ ۾ ئي ختم ٿي وڃي ٿي. جيئن جُهڙ ڦُڙ جهڙالين راتين ۾ آسمان جا ستارا چٽا نظر ناهن ايندا، ايئن جيون جو ڪو به ڪردار، يادن جي آرسي ۾ واضح نظر نٿو اچي. رڳو ايئن به ناهي ته هر سپني بيمنزل مسافرين جا پنڌ جهاڳيا آهن. رڳو ايئن به ناهي ته هر خوشي پارس پٿر جيان افسانو بڻجي، اڻ لڀ ٿي آهي ۽ رڳو ايئن به ناهي ته هر خواهش حسرتن جي مزارن جي مجاوري ڪئي آهي. پر ٿيو ايئن آهي جو، ڪڏهن ڪڏهن اکين مان دربدر ٿيل ڪو نڌڻڪو ڳوڙهو، خزان رسيده پن جيان ڳلن تان ڇڻيو آهي. ڪڏهن ڪي معصوم مُرڪون، چيٽي کنوڻ جي چمڪي جيان، آس نراس جي امبر تي وڃائجي ويون آهن. بس ڪڏهن ڪڏهن مسافر دل جو ڪو ئي هيڪلو جذبو لادوا بڻجي پيل مريض جيان اڪيلائي ۾ منهن ڍڪي رنو آهي ۽ ڪڏهن وري بيگار ڪئمپ تي ڪم ڪندڙ ٻار جهڙو ٻالا ڀولو احساس، سراب آسرن تي ڌتارجي کليو آهي ۽ محرومين سان مليو آهي. جڏهن به ساروڻين جي ديس ۾ سوچ جا پير پهچن ٿا ته، توسان گڏ گهاريل دلفريب لمحن جا منظر، اکيون مهٽي اٿي پون ٿا. جن ۾ ڪي بانورا ٽهڪ لڪيل آهن، حُسن جون ڪي دلبريون ليٽيل آهن ۽ توسان رچيل املهه ڳالهين جا صفحا کليل آهن. هاڻ ته بس اهي ئي ساروڻيون زندگيءَ جو سرمايو رهنديون!
بهرحال اڄ مون محسوس ڪيو آهي ته، جذباتي تعلق خودفريبيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. هر رشتو مطلب جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿو. هر سپنو سماجي روين جو محتاج بڻجي ٿو. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سطح تي خود غرضيءَ جي گپ ۾ ترڪيل آهي، ڇا چئجي ۽ ڇا نه چئجي. . ؟! المين جي آئيني ۾ هاڃيڪار حقيقتون به نظر نه اينديون آهن!
تنهنجو خط پڙهي ڪابه حيرت نه ٿي، ڇو ته ڪجهه ڏينهن کان تنهنجي روئي مان، مون سڀ ڪجهه سمجهي ورتو هو. بس توکان انڪار ٻڌڻ چاهيم ٿي، جيئن پنهنجي چري دل کي سمجهائي سگهان. پر تنهنجي بيدرد انڪار جي باوجود به بيچيئي دل مڃي ئي نه ٿي! سوچيان ٿي، آئون اجڙيل خوابن جو شهر ڇو بڻي آهيان، محرومين جي پنج ڪڻي رڳو منهنجي حصي ۾ ڇو آئي آهي؟ اهو ئي سوچي انهن وڻن جيان ٿي پئي آهيان، جن وڻن تي وڄون ڪرنديون آهن ۽ جن تي پکي به رانديون ڪرڻ گواره نه ڪندا آهن! مون سڀ شوق وساري ڇڏيا آهن يا وري وسري ويا آهن. هونئن به توکانسواءِ ياد رکڻ لاءِ مون وٽ رهيو به ڇا آهي. . . !؟. متان اهو سمجهين ته وڌاءُ يا مبالغو پئي ڪريان. اڻڀن وارن جي بدتر شڪل جو ٻيو ڪهڙو ڀلا مبالغو ٿي سگهندو ؟ لڙڪن جي سنگت ۾ ڪجل کان منهن موڙي ويندڙ نيڻ، ٻيا ڪهڙا لفظ ڳولي سگهندا!؟ تون ئي ٻڌا ڍوليا. . . . . . ويران واٽن تي ڦٽي پيل ٿوهر، ڪتن جي گهيري ۾زخمي ٿيل مور پکي، رات جي پوئين پهر اکين مان هارجي وهاڻن ۾ جذب ٿيل لڙڪ، بدذوق ذهنن جي محفل ۾ ضايع بڻيل بانورا نظم ۽ صحرا ۾ ڦٽي پيل روهيڙن جهڙا بدنصيب مون پارا ماڻهو، پنهنجي بدحالي لاءِ ڀلا ٻيا ڪهڙا لفظ، اڌارا آڻي سگهندا!؟ تون ئي ٻڌائي ڍوليا. . ؟ چوندا آهن ته وقت مرهم بڻبو آهي، پر جي وقت ئي زخم بڻجي پوي، ته مرهم ڪٿان آڻجي؟!
هٿ جي لڪيرن ۾، زندگيءَ جي لڪير ته ملي ويندي آهي، پر جيئري مري وڃڻ واري لڪير، ڪٿي ڳولجي!؟ مون فلسفو ته نه پڙهيو آهي، پر تنهنجا خط پڙهي، زندگيءَ سان لاڳاپيل سادا ۽ سلوڻا سوال سمجهڻ لڳي آهيان. يا مرڳو ايئن نه به هجي! جيئن اسين سمجهندا آهيون، ضروري ناهي ته اهو ايئن ئي هجي. جيئن اسين ٻڌندا آهيون، اهو ايئن هجڻ به ضروري ناهي. توکي جڏهن پهرين نظر ۾ ڏٺو هئم ته، مونکي صفا پنهنجو ئي لڳو هئين، پر وقت جي هن موڙ تي، تون منهنجو هوندي به، ڪنهن ٻئي جو آهين!
توسان ملڻ کان اڳي، زماني وارن کان تنهنجون گلائون ٻڌيون هئم، پر ملڻ کانپوءِ تنهنجي ساراهه جا سرڪ ڀرڻ مجبوري بڻجي پيئي. اهوئي شايد اصل ۾ ڪجهه هجڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو فرق آهي!
ڊگهي وڇوٽيءَ کانپوءِ تنهنجو خط پهتو آهي. اهي ئي ساڳي دلڪش لفظ، ساڳي ڀنل ڀنل ڳالهيون، ساڳي معصوم انداز، ساڳي کينچلو لهجو! تنهنجو خط پڙهي روئي ويٺي آهيان. جن آڱرين سان ڪڏهن تنهنجا وار سنواريا هئم، انهن آڱرين سان اڄ پنهنجا لڙڪ اگهڻا پيا اٿم. تو خط جي آخر ۾ لکيو آهي ته تون مونسان آخري ڀيرو ملڻ چاهين ٿو. پر منهنجا ڍوليا. . . . آئون تنهنجي اها خواهش پوري ڪري نٿي سگهان. تنهنجي دل شاهد هوندي ته اڄ تائين منهنجي گنهگار زبان مان ڪڏهن به تولاءِ انڪار ناهي نڪتو. پر اڄ منهجو هي پهريون انڪار، يقينن توکي ڏکوئيندو. آخر ڇا ڪجي، آئون به کير ڇڏي، پاڻي پيئڻ جي هيراڪ ناهيان. جڏهن تون ئي منهنجو ناهين رهيو، ته پوءِ ٻن لمحن لئه تنهنجو چوري چوري ملڻ ڪهڙي ڪم جو!؟. جتي ڇانگون وڃائجي وڃن، اتي هڪڙو ڇيلڙو ڪير ڇيڪاريندو!؟ جتي ٻيلا ئي ٻري وڃن، اتي چند سلا سنڀالڻ مان ڪهڙو فائدو!؟ جتي مالهائون ئي هٿن مان هليون وڃن، اتي ٻن ٽن مڻڪن کي ڪير ميڙيندو!؟“
جانان! اداس ڇوڪريءَ جو خط هتي ان لاءِ لکيو اٿم، جيئن ڪابه ڳالهه توکان لڪيل نه رهي. توکان ڪجهه لڪائيندي پاڻ کي مجرم محسوس ڪريان ٿو. هيستائين نالي سميت چند پهلو، توکان رڳو مجبوريءَ تحت لڪايا اٿم. ايندڙ خطن ۾ اهي لڪيل پهلو، توسان شيئر ڪندو رهندس. ٿي سگهي ٿو ان کان اڳي پنهنجي ملاقات ٿي پوي! خبر ناهي منهنجن خطن جو ڪهڙو رد عمل نڪتو آهي؟ سندءِ رشتيدارن تائين ڳالهه ته ناهي پهتي نه!؟ يا وري تنهنجي شهر ۾ ڪوئي فسانو ته ناهي ٺهيو نه؟ جيڪڏهن منهنجي خطن سان توکي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته منع ڪري ڇڏجان، وري خط نه لکندس. ايندڙ خط ۾ پنهنجي ائڊرس لکندس ۽ ها- ظالم خط ضرور لکجان!
اڌوري عشق ۾ اڌورو رهجي ويل _ تنهنجو بي چين ساگر
ياسمين خط پڙهي ڪروڌ ۽ بيقراريءَ ۾ ويڙهجي ويئي. هن کي اداس ڇوڪريءَ کان شديد نفرت ٿيڻ لڳي. هن جي دل چاهيو ته، هوءَ هينئر جو هينئر، اداس ڇوڪريءَ وٽ پهچي وڃي ۽ کيس گلي مان جهلي، اهو ٻڌائي ته : ”رن دلي! تون منهنجي حق تي ڌاڙو هڻي رهي آهين. هو ته منهنجو آهي. منهنجي پيار کان پري ٿي وڃ. ڪتي ڪٿان جي!“ هن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان پويون خط ڦاڙي ڇڏيو. ايئن هن جي انا جي ٿورڙي تسڪين ٿي، ته هن اداس ڇوڪريءَ جا لفظ ڦاڙي ڇڏيا! رقابت جي ڪروڌ ۾، هن کي اجنبي شخص صفا پنهنجو پنهنجو ۽ اداس ڇوڪري دشمن محسوس ٿي رهي هئي. ان ڪيفيت ۾ هن کي پنهنجن حواسن تي ضابطو نه رهيو. خط ڦاڙڻ کانپوءِ هن آفيس ۾ ايندڙ مريضه عورت کي به ڪافي ڇڙٻون ڏنيون. پر هن جي ڪاوڙ نه پئي لٿي! ماسي سليمت هن جي اوچتو بدليل ڪيفيت کان پريشان ٿيڻ لڳي. سندس ڀرسان اچي احترام مان پُڇيائين :”باجي اوهانجي طبيعت ٺيڪ ته آهي نه!“. جواب مليو: ”منهنجي نگاهن کان پري ٿي وڃ. آئون ڪنهن به عورت کي ڏسڻ نٿي چاهيان. سڀني مريضن کي دروازي کان ٻاهر روڪي ڇڏ. دروازو بند ڪري مونکي اڪيلي ڇڏي ڏي. “.
دائي سليمت خوف ۽ حيرت مان دروازو ٻيڪڙي ٻاهر نڪري ويئي. اوندهه گاڏڙ ڪمري جي اڪيلائيءَ ۾ ياسمين جو ذهن اذيتناڪ سوچن جي آماجگاهه بڻجي پيو. ڪاوڙ، بيزاري، ساڙ ۽ وهمن جي ور چڙهيل وجود، پولو گرائونڊ جيان درد جي سنبن هيٺان لتاڙبو رهيو. ڏکوئيندڙ ڪيفيتن جا گهوڙا، هن جي وجود ۾ ڊوڙندا رهيا. اجنبي شخص مٿان هوءَ دل ئي دل ۾ پنهنجو ذاتي حق جتائي رهي هئي. ملڪيت پسندي واري ان پيار ۾، هن کي ڪابه حصيداري قبول نه هئي! اداس ڇوڪريءَ جي رقابت ۾، اجنبي شخص لاءِ هن جو اهو جبلي پيار جاڳي پيو، جنهن ۾ ڪجهه ڦُرجي وڃڻ جي خوف کان بچا طور جاندار، مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي پوندو آهي! هن کي پهريون دفعو اجنبي شخص جي ائڊريس جي اڻهوند، شدت سان محسوس ٿي. هن به اجنبيءَ کي طويل خط لکڻ ٿي چاهيو، بلڪل ايئن جيئن اداس ڇوڪريءَ لکيو هو. پر هن محبت سان ڀرپور جملا لکڻ چاهيا ٿي، جنهن ۾آئيندي جا ڪيئي محبوب سپنا سمايل هئا. ان وقت هن کي پهريون دفعو اها محرومي محسوس ٿي ته هوءَ اداس ڇوڪري جهڙو خط لکي ڪونه سگهندي. محرومي جي ان احساس ۾، هن کي پنهنجي هار ۽ اداس ڇوڪريءَ جي جيت محسوس ٿي. هن جهڙپ ڏيئي سامهون ٽيبل تان پئڊ ۽ پين کڻي ورتا. پنهنجي ساءِ اجنبي شخص ڏانهن خط لکڻ لڳي. کيس پيار جي پڪ ڏيارڻ سان گڏ، اداس ڇوڪريءَ کان خفا ڪرڻ خاطر ڪيئي ڇوڏا لاهيندڙ لفظ به لکندي رهي. جڏهن خط لکي ورتائين ته پڙهڻ لڳي، تڏهن کيس محسوس ٿيو ته، هوءَ اداس ڇوڪريءَ جهڙا خيال لکي نه سگهندي. هن کي پنهنجي خط، پنهنجن لفظن ۽ پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي. اندر ئي اندر ۾ کيس وري پنهنجي شڪست جو احساسس ٿيو. هن پنهنجو لکيل خط ڦاڙي ڇڏيو. هن اڳيان وهمن جا ولر ورڻ لڳا. کيس محسوس ٿيو ته ٿي سگهي ٿو: ”متان اجنبي ۽ اداس ڇوڪريءَ جو ٽٽل رابطو وري بحال ٿي وڃي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته مونسان ملڻ کانپوءِ اجنبي مون مان به خفا ٿي، وري اداس ڇوڪري ڏانهن ڇڪجي وڃي ۽ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هوءَ نڀاڳي، چنڊي، هن کي مون خلاف ڀڙڪائي!“. ياسمين کي اداس ڇوڪريءَ جي موجودگيءَ جو احساس هانءُ ۾ هٿوڙا هڻندو رهيو.
اجنبي شخص ڪير هو؟! جنهن هن کي عشقيه خط لکي، هن جي دل جي پکيءَ کي پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي ورتو هو. بنا ملڻ ۽ بنا ڏسڻ جي، هوءَ هن کي چاهڻ لڳي هئي. حيرت جوڳي ڳالهه اها هئي جو، هن جو نالو به کيس معلوم نه هو. پر پوءِ به هوءَ مٿس مالڪي جتائڻ لڳي هئي! اجنبي شخص هيستائين جوابي خط لکڻ لاءِ، پوسٽل ائڊريس به نه لکي هئي، ڇو ته ان جي مدد سان هن تائين پهچي سگهاڻو پئي. ٻئي ڳالهه اها هئي جو هن شايد تجسُس ۽ سسپنس ۾، لفظن جي خمارن سان، لاشعوري طور ياسمين جي مخصوص نفسيات ٺاهي ڇڏي هئي. جنهن ۾ هوءَ باقائده خطن جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي. جن جي ٻاڙ ۾، هوءَ بيقرار ٿي پوندي هئي. هيستائين اجنبي پنهنجو مخصوص خاڪو جوڙي چڪو هو. ياسمين جي سوچ ۾ هن جا مبهم خدوخال چٽيل هئا ۽ هوءَ ايئن ئي هن متعلق سوچڻ لڳي هئي! اجنبي آهستي پر ترتيب سان هن جي نفسيات کي ڇهي، سندس سوچ کي گهربل رُخ ۾ موڙي رهيو هو. پر هن جي اظهار، انداز ۽ ڪردار تائين، هر رنگ افساني جهڙو هو. جنهن ۾ ياسمين پاڻ کي ڪنهن فلمي ڪهاڻيءَ جو حصو سمجهي رهي هئي. اجنبي پهرين خط ۾ ياسمين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ، هن جي تعريف ڪئي هئي. پوءِ کيس پنهنجي انفراديت ۽ اٿاهه پيار جو يقين ڏياريو هئائين ۽ هاڻي اداس ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي، عورتاڻي رقابت کي جاڳائي ورتو هئائين، جيئن رقابت جي احساس ۾ جبلي پيار جي جذبي کي متحرڪ ڪجي! ان ڪيفيت ۾ عام طور ويجھا پري ٿي پوندا آهن ۽ پري وارا ويجهو اچي ويندا آهن! اجنبي شايد ان نفسياتي حقيقت کان واقف هو!
ياسمين سڄو هفتو پريشاني ۽ چڙچڙاهٽ جو شڪار رهي. هن جي مزاج جي اها تبديلي سندس پوڙهي پيءُ ۽ گهر ۾ ڪم ڪندڙ بورچياڻي به محسوس ڪئي. جن سان هن مٿي ۾ لاڳيتو شديد سور جو ڏٽو ملايو. هن کي اجنبي جي ايندڙ خط جو بي چيني سان انتظار هو، جنهن ۾ هن پوسٽل ائڊريس لکڻ جو واعدو ڪيو هو. هن کي اهو تجسس به اٿاري ويهاري رهيو هو ته اجنبي جو اصل نالو ڇا هو؟ ۽ سندس ائڊريس ڪهڙي هئي؟!