پهرين ملاقات
دلڪش اٿي بيٺو. پرجوش لهجي ۾ چيائين: ”مونکي ٻن هفتن کانپوءِ پلان نمبر 3 تي عمل ڪرڻو هو، پر هدايت جي ڪيپسول ۾ ويڙهيل، تنهنجن مٺن مهڻن، مونکي ايمرجنسي پلان4 تي عمل ڪرڻ لاءِ هينئر ئي آماده ڪري ورتو آهي!“. رمضان حيرت مان پڇيو: ”پلان 4. . . . . . . . . . . ڇا مطلب؟“ دلڪش اعتماد مان وراڻيو: ”آئون هينئر ئي، رورل هيلٿ سينٽر ۾ ياسمين سان ملڻ وڃي رهيو آهيان. “ رمضان غير يقينيءَ مان پڇيو ”سچ پچ!؟“ دلڪش ورندي ڏيڻ بنا ئي پوسٽ آفيس مان ٻاهر نڪري آيو.
ٻاهر اچڻ کان پوءِ هن R. H. C جو رخ رکيو. پلان نمبر4 ۾، کيس صحافيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻو هو ۽ ياسمين کي اهو ٻڌائڻو هو ته پاڻ صحافي هو ۽ ٽنڊي باگي مان خاص طور ٿر ۾، صحت جي صورتحال تي اسٽوري ڪرڻ لاءِ نڪتل هو. ٽنڊي باگي جو نالو ٻڌڻ کان پوءِ، ياسمين جي امڪاني رد عمل ۽ چهري جي تاثرات موجب کيس اڳتي عمل ڪرڻو هو.
دلڪش ٿري سرڪاري اسپتال جي احاطي ۾ داخل ٿيو ته سندس دل، زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. اها هستي جنهن کي هيستائين هن، خوابن جي شوڪيس ۾ سجائي رکيو هو، جنهن کي هن لفظن جي پيالن ۾، انوکي عشق جا انوکا اظهار اوتي اماڻيا هئا، چند لمحن بعد هُن جي سامهون ٿيڻ وارو هو. هڪ طرف بي انتها محبت جي ميلاپ جي خوشي کينچل ڪري رهي هئي، ته ٻي طرف ياسمين جي بي رخي ۽ نفرت جو انديشو، سندس جيءُ جھورڻ لڳو هو. هن سوچيو: ”مون معصوم لفظن جا انيڪ گلاب، کيس ڀيٽا ڪيا آهن، پر سکڻا لفظ کيس ڇا ڏئي سگھيا هوندا!. ؟ محبت جي دعوا ته منهنجي آهي. هن مان محبت جي ڪهڙي اميد رکجي، جڏهن ته، ڪڏهن روبرو به نه مليا آهيون!“. هن پاڻ کان پڇيو: ”خوشفهمين جو ڪاغذ محل اڏي، ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ هن جا وڌندڙ قدم رڪجي پيا. چهري تي پگھر اچڻ لڳس. کيسي مان رومال ڪڍي، پگر اگھي ورتائين. واپس موٽڻ جو ارادو ڪيائين ته، رمضان جو چهرو سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳو! اوچتو هن جي وجود ۾، خود اعتماديءَ جي لهر ڊوڙي اُٿي ۽ سندس وکون وري اڳتي وڌڻ لڳيون.
ياسمين جي آفيس جي ڪمري ٻاهريان، ٻهراڙيءَ جي عورتن جو هجوم موجود هو. جيڪي اتي حامله عورتن کي W. F. P طرفان مفت ملندڙ گيھه جا دٻا وٺڻ لاءِ موجود هيون. هجوم مان جڳهه ٺاهيندو ڪمري جي گيٽ تائين پهتو. گيٽ تي دائي سليمت کي چيائين ”آئون صحافي آهيان. آئل جي ورهاست متعلق ڊاڪٽرياڻي سان ملڻ گھران ٿو“. سندس جملا ڪمري ۾ موجود ياسمين به ٻڌا، جيڪا حامله عورت کي گيهه جو دٻو جاري ڪرڻ لاءِ ليٽر ٺاهي رهي هئي. ياسمين دائي سليمت کي صحافي اندر اماڻڻ جي اجازت ڏني ته، دلڪش سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو. ڪرسيءَ تي ويهندي ئي صحافتي اتاولائيءَ مان پڇيائين: ”ٻاهر سوڙهي جڳهه تي حامله عورتن کي ويهڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي. اوهان ان لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن؟“ ياسمين سوچيندي وراڻيو ”اسپتال طرفان ٿڌي پاڻيءَ جو انتظام ٿيل آهي. هوا لاءِ ورانڊي ۾ ٻه پکا به لڳل آهن. باقي گيهه جو دٻو نمبر سان ملي ٿو. ها_ پر توهان جو تعارف؟“ دلڪش کي ٿورڙي شرمندگي محسوس ٿي. هن تعارف کان اڳ ئي سوال پڇڻ شروع ڪياهئا. دلڪش تعارف ڪرائيندي وراڻيو: ”صحافي دلڪش. ٽنڊي باگي کان آيو آهيان. ٿر ۾ صحت جي صورتحال تي اسٽوري ڪري رهيو آهيان. “ ياسمين پنهنجي ساءِ ڀڻڪي: ”ٽنڊو باگو!“. هوءَ سوچ ۾ ٻڏي وئي، دلڪش ٿري، سندس چهري تي تاثر ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر حيرت انگيز طور ياسمين جو چهرو سوچ ويچار کان سواءِ، ٻي ڪنهن به تاثر کان خالي هو. دلڪش کي بيچيني ٿيڻ لڳي. ياسمين ماٺ کي ٽوڙيندي پڇيو ”ڇا ٽنڊي باگي ۾ صحافتي موضوع کٽي پيا آهن، جو ٿر ڏانهن نڪتا آهيو؟“ دلڪش جھٽ پٽ پاڻ سنڀاليندي وراڻيو: ”موضوع کوڙ آهن پر لُٻيل، ۽ پاروٿا، ڪجھه نواڻ جي تلاش ٿر گھيلي آئي“. ياسمين جي چپن تي لڄاري مرڪ جھاتي پائي گم ٿي وئي. ان ئي لمحي ڪمري جي در وٽان هڪ عورت زور سان سڏيندي چيو: ”او دليا! آئون تنهنجي ڳوٺ جي آهيان ۽ ٻن ڏينهن کان پنڌ ڪيا اٿم، گيهه نٿو ملي، ڊاڪٽرياڻي کي چئو ته دٻو ڏي!“
دلڪش کي پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿي. ٽنڊي باگي جي صحافي هجڻ واري سندس ناٽڪ جي ڪاڪ محل جي، سر سر وڄڻ لڳي. هن جي ڳوٺ جي شودر ڪاسٽ جي عورت، هن کي پنهنجو ڳوٺائي ظاهر ڪري، ياسمين اڳيان کيس مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو هو!
دلڪش کي خاموش ڏسي، در تي بيٺل عورت گونگھٽ هٽائيندي چيو: ”آئون سوني آهيان، تنهنجي ڪنهن وقت جي هارياڻي، گيهه جو دٻو وٺي ڏي نه!؟“ هن اها هُجت ڍاٽڪي زبان ۾ ڪئي هئي، جنهن احترام جي آميزش ۾، هجت جو وزن وڌائي ڇڏيو!. دلڪش حيرت ۽ گٻراهٽ مان عورت جي چهري تي اکيون اٽڪائي ڇڏيون، جيڪا اهائي ساڳي سوني هئي، جنهن سان گڏ هن شوق مان ”لابارا“ ڪيا هئا! پر غربت، وقت کان اڳ کانئس سونهن ۽ جوڀن ڦري ورتا هئا ۽ جنهن چهري تي، هن جي اڌورين چمين جا نقشا اتاريل هئا، اهو غربت جي تيزاب ۾ کامي، رنگ، روپ ۽ رعنائي وڃائي، بدصورت بڻجي پيو هو. دلڪش سوچيو: ”چهرن تي تيزاب هاريندڙ هٿن تائين قانون پهچي سگي ٿو، پر جن چهرن تي غربت جي ڏائڻ تيزاب هاري ٿي، ان جي F. I. R ڪنهن تي ڪٽرائجي!؟“ ياسمين حيرت مان ڪنهن پل سوني، ته ڪنهن پل دلڪش کي ڏسڻ لڳي. ياسمين جي حيرت ۽ تجسس کي محسوس ڪندي، دلڪش مصنوئي ٽهڪ ڏيندي ڳالهايو: ”اصل ۾ آئون ٿريو آهيان. چند سالن کان ٽنڊي باگي ۾ رهندڙ آهيان. سوني منهنجي ڳوٺائڻ ۽ هارياڻي رهي آهي، اڄ ڪافي سالن کان پوءِ کيس ڏٺم ته سڃاڻي نه سگھيس. وقت هن کي ڪيترو نه بدلائي ڇڏيو آهي!“ گيٽ تي بيٺل سوني ڀڻڪي: ”زميندار جي ڪئمپ تي ساڍا ڇهه سال بيگار ڪندا رهياسين، ٻچا بچن ڪامريڊ قادر جا، جنهن اسان کي آزاد ڪرايو“. ياسمين ڳالهه ڪٽيندي ماسيءَ کي گيهه جو دٻو سونيءَ کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. سونيءَ ڪجھه وڌيڪ ڳالهائڻ چاهيو، پر ياسمين ڇڙٻيندي چيس: ”گيهه مليو هاڻ هل، ڳوٺائيءَ سان ڪچهري ڳوٺ ۾ ڪجان“. هن جي پوئين جملي جي تلخي ۽ طنز، سونيءَ ۽ دلڪش سميت، در تي موجود ٻين عورتن به محسوس ڪئي، جن مان ڪن ته ٽهڪ ڏيئي، هڪ ٻي سان تاڙي به ملائي ورتي!
ياسمين ماين طرفان شور ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪندئي، دائيءَ سليمت کي در ٻيڪڙي، ميل وارڊ مان هڪ عورت جو الٽرا سائوند ڪرائڻ جو چيو. در بند ٿيڻ بعد ياسمين دلڪش جي چهري تي نظرون کُپائي ڇڏيون. ننهن کان چوٽيءَ تائين ڏسندي، سندس پراسرار خاموشي، دلڪش جا ڇوڏا لاهيندي رهي، دلڪش سندس نظرن ۾ مشڪوڪ بڻجي پيو هو. سوني طرفان ساڻس ڄاڻ سڃاڻپ جي اظهار، هن کي مصنوئي خول مان ٻاهر آڻي بيهاريو هو، ماحول جي بيچينيءَ کي محسوس ڪندئي، دلڪش چرچي ۾ پڇيو: ”ميڊم ايترو ڌيان سان مونکي ڏسي رهيا آهيو، ڇا منهنجي مٿي تي سنڱ نڪري آيا آهن ڇا؟“. ياسمين ڀوڳ کي نظرانداز ڪندي، وراڻيو: “نه _ هن اسپتال ۾ جانورن جو نه، پر انسانن جو علاج ٿيندو آهي!“ ياسمين جي سنجيدگيءَ، دلڪش کي محطاط بڻائي ڇڏيو. دلڪش دل ئي دل ۾ سوچيو: ”ياسمين جيڪڏهن هنگامو ڪيو ته، آئون صحافي هجڻ واري ڳالهه تي پڙ ڪڍي بيهه رهندس!، ان جي ثابتيءَ لاءِ اخباري ڪارڊ به موجود آهي. “ هن پاسي واري کيسي ۾ هٿ هڻي، پراڻي اخباري ڪارڊ جي موجودگيءَ جي تصديق ڪئي. ياسمين سندس اکين ۾ اکيون ملائيندي پڇيو: ”توهان جو نالو ڇا آهي؟“ دلڪش لاپرواهيءَ مان وراڻيو: “دلڪش ٿري“. مايوسيءَ جو تاثر، ياسمين جي چهري تان ڊوڙ پائي موٽي ويو! ”ڇا توهان جو ٻيو نالو به آهي؟!“ پهريون دفعو ياسمين جي چهري تان هٺ ۽ غرور جا پاڇا گم ٿيڻ لڳا. لهجي ۾ التجا آميزيءَ جي جھلڪ شامل ٿي پئي. دلڪش کيس عجيب نظرن سان ڏسندي وراڻيو:”هر انسان جي اندر ۾، هڪ ٻيو انسان به هوندو آهي. جنهنکي ٻاهر جون اکيون ڏسي نه سگھنديون آهن!“ ياسمين جي چهري تي مرڪ موٽي آئي. رازداريءَ مان پڇيائين: “هاها _ اهو ڪير آهي؟“ دلڪش رڳو عاشقانه نگاهن سان ڏسندو ئي رهيو. ياسمين بيقراريءَ مان پڇيو:”سندس نالو بيچين ساگر ته نه آهي؟!“ دلڪش کي پڪ ٿي پيئي ته گمنام خطن، ياسمين جي دل ۾ ايتري جاءِ ضرور جوڙي هئي جو، هوءَ گھٽ ۾ گھٽ سخت رد عمل نه ڏيکاريندي. دلڪش سندس نگاهن ۾ نگاهون اوتي، چيو: ”جنهن البيلي شخص تولاءِ ڪيئي ڏينهن، ڪيئي راتيون، رت جا لڙڪ رنا آهن، اهو تنهنجو مجرم تنهنجي اڳيان موجود آهي!“. ياسمين جي اکين ۾ آلاڻ ڀرجي آئي، دلڪش سمجھي نه سگھيو ته اهي ڳوڙها خوشيءَ جا هئا، يا غم جا هئا!؟ ياسمين ڦڪي مرڪ مرڪندي چيو ”ذليل! تنهنجن ظالم خطن مونکي ڏاڍو تڙپايو آهي!“. دلڪش کي اهو جملو، عورتاڻي انا جي شڪست جو اعتراف محسوس ٿيو! جڏهن ته جملي ۾ موجود لفظ ذليل، پنهنجي لغوي معنيٰ جي ابتڙ، بنهه پنهنجائپ ۽ هجت ۾ ويڙهيل محسوس ٿيو. هن جي دل چاهيو ته هو ياسمين کي ڀاڪر ۾ ڀري، لوڪ کان لڪائي ڇڏي، يا وري هن جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي روئي پوي. دلڪش ڏوراپو ڏيندي چيو: ”جانان! تو خط جو جواب ڇو نه لکيو؟“ ياسمين پيار مان ڏسندي وراڻيو: ”مونکي تنهنجي ائڊرس اصلي هجڻ جو يقين نه هو“. دلڪش شرارتي نگاهن سان ڏسندي چيو: ”آزمائي ته ڏسين ها“ ياسمين وراڻيو ”خط لکان ها ته تون ايترو جلد نه اچين ها“.
ٻنهين جي دل چاهيو ته پل به پري نه ٿين. پر سازشي شهر جي ماحول جي کين خبر هئي، ان ڪري دلڪش وري ملڻ جو واعدو ڪري موڪلايو. موڪلائڻ مهل ياسمين جي اکين ۾ آلاڻ هئي. ويندي ويندي ياسمين سان هٿ ملايائين، ته گداز هٿ جي گرميءَ جي ڪشش کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو. پر دل تي پٿر رکي اسپتال کان ٻاهر نڪري آيو. ٻنهين کي پڪ هئي ته هاڻ هو ايترو آسانيءَ سان هڪ ٻئي کان پري ٿي ڪونه سگھندا. ان ڪري سندن دل _ ڪتاب جي ورقن ۾، وري ملڻ جون اميدون، مور کنڀن جيان موجود هيون!.
دلڪش ٿري پوسٽ آفيس ۾ داخل ٿيو ته رمضان جي سواليه نظرن سندس سواڳت ڪيو. دلڪش جي هشاش بشاش چهري جي فاتحانه مرڪ، رمضان کي اتاولو بڻائي ڇڏيو. هن ٽيليفون جو بل کڻي ايندڙ شخص کي جلد فارغ ڪيو ۽ پوءِ دلڪش کان حال احوال وٺڻ لڳو. دلڪش سموري ماجرا ٻڌايس ته بي اعتباري ڪندي، پڇيائين: ”تون مونسان ڊرامو ته نه ڪري رهيو آهين؟!“.
***
اسپتال کان موٽندي ياسمين جا قدم هلڪا هلڪا ٿي پيا، ڄڻ سالن جو بار هن تان لهي پيو هو. طلاق کانپوءِ بيرنگ بڻيل هن جي زندگي ۾، دلڪش جو پيار نوان رنگ پينٽ ڪرڻ لڳو هو. پهرين ملاقات ۾ ئي دلڪش کيس پنهنجي لفظن جيان سهڻو، من موهڻو ۽ منفرد لڳو هو. پهرين ملاقات ۾، جڏهن کيس دلڪش جي اصليت معلوم ٿي هئي ته هن اڳيان شاديءَ جو تصور آرس ڀڃي جاڳي پيو هو. هن خيالن ئي خيالن ۾، پنهنجن مينڌي هاڻن هٿن ڏانهن ڏٺو هو. ان وقت شرميلي احساس جي چادر ۾ ويڙهجي، هن دلڪش ڏانهن ڏٺـو هو، جيڪو بند دروازي ڏانهن ڏسي رهيو هو!
ياسمين جڏهن گھر پهتي ته هن پنهنجي ٻنهي ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀري چميون ڏنيون. ٻنهي ٻارن هڪ ٻئي جون شڪايتون ڪيون ۽ ماءُ کان خرچي گھري. ياسمين هر هڪ کي ڏهن رپين جا ٻه نوٽ ڏنا، پر ٻار راضي نه ٿيا ڪبير ٻانهن جي گھڙي ۽ بشير ريڊيو وٺي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ياسمين کين سمجھائيندي چيو: ”اوهان اهي شيون اڳي به ڪيترائي دفعا ورتيون ۽ ٽوڙيون آهن، وري اڄ وٺندا، سڀاڻي ٽوڙي ڇڏيندا، مون وٽ ايترا پئسا ناهن جو اوهان کي وٺي ڏيان“. پر ٻئي ٻارڙا روڄ راڙي ۾ لڳي ويا. جڏهن روڄ راڙي اثر نه ڪيو ته، گھر جا برتن کڻي ٽوڙڻ لڳا. ياسمين جو پوڙهو پيءُ جمال خان پنهنجي عادت موجب ٻارڙن کي نصيحتون ڪندو رهيو، پر اٺ ۽ ڏه سالن جي انهن ڇيڳرن ٻارن لاءِ سندس نصيحت، سانن لاءِ مک وانگر هئي. ياسمين جي گھريلو ملازمه پنهنجو زخمي هٿ ڏيکاريندي، ياسمين کي دانهن ڏني”باجي ڪبير منهنجو هٿ ڦٽيو آهي، ۽ بشير پاڻي جو دلو ٽوڙي ڇڏيو آهي“ ياسمين ڪاوڙ ۾ پاراتا ڏئي، ٻارن ڏانهن الر ڪئي. ٻئي ٻار ڊوڙي گيٽ وٽ وڃي بيٺا. ڪبير چيو، ”آئون ڪراچيءَ جي گاڏي ۾ چڙهان ٿو. بشير ڌمڪي ڏني، “ ريڊيو نه مليو ته آئون اوهان جي سمهڻ کان پوءِ رسيءَ سان ٻڌل ٻڪري کولي ڇڏيندس، جيئن وڃائجي وڃي ۽ اوهان کي چانهه لاءِ کير نه ملي. “ اوچتو جمال خان جو ڏهٽن لاءِ سانڍيل پيار جاڳي پيو. ياسمين کي چيائين:”امان! ٻارن جي دل آزاري نه ڪر، پيءُ کان محروم آهن“ ياسمين پرس کولي ٻارن کي گھڙي ۽ ريڊيو وٺڻ لاءِ پئسا ڏنا ته، ٻئي ٻار گدگد ٿيندا بازار هليا ويا. ياسمين باورچي عورت کي ماني آڻڻ لاءِ چيو ۽ بيڊ تي ويهي رهي.
ياسمين کي بيڊ تي ويهندي محسوس ٿيو ته بيڊ جي پاسي واري پٽي ٽٽل آهي. هوءَ جھٽ پٽ بيڊ تان لهي جمال سان گڏ کٽ تي وڃي ويٺي. ماني کڻي ايندڙ باورچي عورت کي سخت لهجي ۾ چيائين ”اڄ وري بيڊ ٽٽو آهي!؟“. باورچياڻي افسوس ڪندي وراڻيو:”تنهنجن ٻارن بيڊ تي ملهه راند پئي ڪئي ۽ ٽپا پئي ڏنا، مون گھڻو ئي چيو پر مڃين ئي نه!“ ياسمين سختيءَ مان چيو: “تون روڪين ها نه!“.
باورچياڻي ٻانهن تي لڳل زخم ڏيکاريندي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو ”روڪيم تڏهن بشير مونکي ٻانهن تي لٺ هڻي ڪڍي، چاچي جمال به گھڻو ئي سمجھايو پر مڙيا ڪونه“. ياسمين خاموش ٿي ويئي. جمال ڳالهاڻو ”ڪبير ۽ بشير دادلا آهن. ياسمين جي طلاق کان پوءِ ٻارن جي پيءُ، ٻار وٺڻ لاءِ ڪورٽ ڪئي پر اسان ٻه سال کيس وڙهي ٻار وٺي ورتا هئا. “ باورچياڻي انهن جملن ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي. جمال جون اهي ڳالهيون هن ڪيئي ڀيرا ٻڌيون هيون. جمال انهن ماڻهن مان هو، جن وٽ محدود موضوع هوندا آهن، جن کي وري وري رڳڙيندي، اهو ناهن ڏسندا ته ٻڌندڙ تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو! جمال، ٻارن جي حاصلات لاءِ ياسمين سان گڏجي ڪيل پنهنجي جدوجهد جي ڊگھي وارتا ٻڌائيندو رهيو. باورچياڻي کي منجھند جي بچيل ماني پنهنجي ٻارن کي کارائڻ لاءِ جلدي گھر وڃڻو هو. پر جمال خان جي ڳالهه نه ٻڌي، هن پنهنجي روزيءَ تي لت ڏيڻ جو رسڪ کڻڻ نه ٿي چاهيو. کيس خبر هئي ته جمال خان جي ناپسنديدگي، نيٺ ياسمين تي به اثر انداز ٿي سگھي ٿي! هوءَ بي دليءَ مان جمال خان جون ڳالهيون ٻڌندي ۽ بور ٿيندي رهي. هن جي تصور ۾ بکايل ٻارن جون اکيون آليون ٿينديون رهيون، جيڪي سندس اوسيئڙي ۾، ٽري ويل ٽاڻي جي بک سان جھيڙي رهيا هئا. جمال جي ڳالهه ڊگھي ٿي پئي. نيٺ ياسمين کي مداخلت ڪرڻي پيئي : ”بابا هاڻ اوهين پنهنجي ڪمري ۾ وڃو، آئون سمهان ٿي“. ياسمين ڪمري جون دريون بند ڪري، کٽ تي ليٽي پيئي. اکيون بند ڪيائين ته دلڪش جو وجود هن جي تصور ۾ سرڪي آيو. ان تصور منجھان کيس عجيب آسيس محسوس ٿيڻ لڳي. سندس احساس، دلڪش جي يادن جي چيچ جھلي، چهل قدمي ڪرڻ لڳا. هن جي دل چاهيو ته هوءَ سدائين انهن خيالن جي سمنڊ مٿان ترندي رهي!
اوچتو هن کي هڪ خيال ڇرڪائي وڌو : ”دلڪش وري ڪڏهن ايندو؟“ هن سوچيو: ”هن وري ملڻ جو واعدو ڪيو آهي، ٿي سگھي ٿو، هن جو وري ملڻ ٻن مهينن تي محيط هجي“. ياسمين کي بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. خطن جي اذيت ناڪ انتظار جي تجربي، کيس بيحد حساس بڻائي ڇڏيو هو. بييقين انتظار جوتصور هن لاءِ عذاب بڻجي پيو. هن پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيو: ”دلڪش جو ڳوٺ پري ناهي، اچڻ ۾ دير ڪيائين ته ڪرائي تي ٽيڪسي کڻي، اتي هلي وينديس“ هن پاڻ کي تسلي ڏني. ٻي لمحي وهم جي ٻي ڇيت، سندس هانءُ ۾ کپي ويئي. ”دلڪش ٽنڊي باگي هليو ويو ته پوءِ. . . . . . . . . . !؟ “. هن جون ٻوٽيل اکيون کلي ويون. هن وري اهو سوچي پاڻ کي مطئمن ڪيو ته سرڪاري اسپتال ۾ دلڪش جي ڳوٺ جون شودر عورتون اچن ٿيون، جن هٿان چٺي موڪلي هوءَ کيس گھرائي وٺندي ۽ پوءِ تاڪيد ڪندي ته هو بنا ٻڌائڻ جي ٽنڊي باگي نه وڃي. حاڪميت ۽ ملڪيت جي ان احساس ۾ دلڪش کيس وڌيڪ پيارو ۽ پنهنجو پنهنجو لڳو!
***
دلڪش ٿري ڳوٺ کان شهر ايندڙ ڇڪڙي جي ڇت تي ويٺو ته ڇڪڙو ڪچي رستي جي ڌوڙ اڏائيندو شهر ڏانهن وڌڻ لڳو. ياسمين سان ملڻ جي رنگين تصور ڇڪڙي جي اڙانگي سفر کي به آسان بنائي ڇڏيو. پر هڪ حقيقت هن کي ٿورو پريشان بڻائي وڌو. ڇڪڙي جي مسافرن مان چند اکيون، هن ۾ اٽڪي پيون هيون. چپندڙ نظرن جي گھيري ۾ هن پاڻ کي بيچين محسوس ڪيو. هن پريشانيءَ ۾ ڪپڙن ڏانهن ڏٺو، پر ڪٿي به کيس ڪو داغ يا ٽوٽو نظر نه آيو. هن بيساخته مٿي تي هٿ ڦيرائي وار ڇنڊيا، جيئن اها تسلي ڪجي ته ڪچي رستي جي اڏندڙ ڌوڙ ۾ ڪوئي ڪک پن ته وارن ۾ ناهي ڦاٿو، جيڪو ڄاتل سڃاتل مسافرن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيو هو. پر وارن ۾ کيس نه ته ڪو ڪک پن لڌو ۽ نه ئي مسافرن جي غير معمولي ڌيان جو ڪو سبب سمجھه ۾ آيو. اهي مسافر آسپاس جي راڄن جا سندس سڃاڻو هئا. هڪ همراهه هن ڏانهن ڏسندي چيو ”اڄ ڪلهه ڏاڍا خوش آهيو سائين!“ همراهه جي ڳالهه کيس سمجھه ۾ نه آئي،. چپندڙ نظرن ۾ پاڻ پريشان ٿي رهيو هو، پر ماڻهو کيس خوش ڏسي رهيا هئا!
ڇڪڙي مان لهي اسلام ڪوٽ جي ننڍڙي شهر جي پراڻي ڇوٽڙي بازار مان لنگھيو ته ٻين ماڻهن جون نظرون به مٿس اٽڪي پيون. هن کي ياد آيو ته ٻه سال اڳ جڏهن هن اخبارن لاءِ ڪالم لکيا هئا ته، هن شهر جي ماڻهن کيس ايئن ئي حيرت مان ڏٺو هو، جيئن اهو انهن جي تر جو، انهن ئي منجھان نه پر ڪو معزز شخص هو. پر آهستي آهستي اهو چارم گھٽجي ويو ۽ هاڻ وري انهن نگاهن جي دلچسپي کيس سمجھ ۾ نه آئي. بزار مان لنگھندي ڪن ماڻهن هن کي هوٽل جي چانهه لاءِ صلاحيو پر معذرت ڪري اڳتي وڌي ويو. پوسٽ آفيس ۾ پهتو ته رمضان شرارتي مرڪ سان سندس سواڳت ڪيو. رسمي حال کانپوءِ رمضان ٻڌايس :”يار تنهنجي معاشقي جي خبر، سڄي شهر ۾ جھنگ جي باهه جيئن پکڙجي پئي آهي. حيرت آهي جو ايترو جلد، اها خبر ايتري عام ڪيئن ٿي آهي؟“. رمضان جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ دلڪش کي پاڻ تي اٽڪيل پرُتجسس نگاهن جو سبب سمجھه ۾ اچڻ لڳو. هن کي خبر هئي ته ٿر جي گھٽ مصروف ۽ غير گنجان آباديءَ ۾ خبرون ڪيئن نه جلدي، بيپاڙي ول جيئان پکڙنديون آهن. سنسني خيز خبرون پکيڙڻ جي هيراڪ چپن وٽ هاڻ هي پاڻ دلچسپ موضوع بڻجي پيو هو، انهيءَ ڳالهه جو کيس چڱيءَ ريت احساس هو. کيس اهو به محسوس ٿيو ته ياسمين سان ملاقات وقت گيهه وٺڻ لاءِ آيل عورتن، دائي سليمت يا ياسمين جو ميسيج کڻي ايندڙ شودر عورت مان ڪنهن هڪ وات مان اها ڳالهه ليڪ ٿي هئي. جيئن ته ياسمين کي سڀ ڊاڪٽرياڻي چوندا هئا ۽ دلڪش پاڻ چڱي مڙس جو پٽ ۽ قلمڪار هو، تنهن ڪري ان قصي کي اهميت ۽ دلچسپي ملي هئي. هن کي خاموش ڏسي رمضان رازداريءَ مان چيو : ”ٿاڻي جي هڪڙي سپاهيءَ به مونکان تنهنجي معاشقي متعلق پڇيو، پر مون لاعلمي ظاهر ڪئي“. دلڪش وراڻيو: ”مهرباني!“. رمضان صلاح ڏيندي چيس :”باهه ٻري وئي آهي، تون ڪجھه ڏينهن لاٰءِ ٽنڊي باگي هليو وڃ“ دلڪش مرڪندي وراڻيو: ”عشق ۽ مشق لڪائي نه لڪندا. هونئن به مارئي سينڊ ۾ ڪونه ڳائبي. ڀل ته فسانو ٺهي دنگ ڪري، آئون افيئر جو حصو ٿيڻ کي انجواءِ ڪندس!“.
پوسٽ آفيس مان نڪري، هو جيئن ئي، اسپتال پهتو ته کيس ڏسي ياسمين ٿورڙي پريشان ٿي پيئي. سندس پريشانيءَ جو اهو تاثر محسوس ڪندئي، دلڪش کي عجب لڳو ته آخر ياسمين کي سندس هتي اچڻ ڇو برو لڳو هو!؟. ياسمين پريشانيءَ مان آسپاس نهاريندي دائي سليمت کي گائننگ روم ڏانهن موڪليندئي، دلڪش کي چيو : ”پنهنجي پيار جي خبر الاءِ ڪيئن اسپتال جي ڊاڪٽرن کي پئجي چڪي آهي. ڪالهه ايم ايس مونکي آفيس ۾ گھرائي توهانجي هتي نه اچڻ ۽ اسپتال ۾ پنهنجي نه ملڻ جي سخت تنبيهه ڪئي آهي“. دلڪش کي پڇتاءُ ۽ درد گاڏڙ رهنڊ لڳي. اداس لهجي ۾ پڇيائين: ”ڇا بدمزاج ڊاڪٽر جي اها تنبيهه، هر هنڌ ملڻ تي لاڳو رهندي؟!“ ياسمين کي هن جملي ۾ موجود شڪايتي ميار جي زهر ماري وڌو. انتهائي پيار مان وراڻيائين: ”منهنجا مٺا! آئون توکي هتي اچڻ کان روڪيان ته نه ٿي، پر ڊاڪٽر جي رويي جي ڳالهه ٻڌائي رهي آهيان. هونئن به تنهنجي لاءِ هر رسڪ کڻڻ لاءِ تيار آهيان. “ دلڪش کي ياسمين جو اهو انداز بنهه پنهنجائپ وارو لڳو. بيساخته سندس نظرون ياسمين جي اکين سان ٻکجي پيون. هن جي اندر مان محبت، پيار ۽ پنهنجائپ جا احساس، سندس نگاهن ۾ اوتجي آيا، جن کي ياسمين به محسوس ڪيو! دلڪش چيو: ”تنهنجي عزت خاطر، هاڻ ڪڏهن به اسپتال نه ايندس، ملڻ لاءِ ڪا ٻي واٽ ڳولڻي پوندي“. ياسمين چيس: ”اڄ موڪل کانپوءِ توهان منهنجي گھر اچجو، بابا کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو گھڙي وٺجو“. دلڪش ڪجھه سوچيندي چيو: ”تون ايئن سمجھه ته منهنجي وابستگي ريڊيو حيدرآباد سان آهي. نوان آواز ڳولڻ لاءِ تو تائين پهتو آهيان. وڌيڪ ڳالهين لاءِ اڄ توسان ملڻ تنهنجي گھر اچي رهيو آهيان“. ياسمين کان پوپٽ جھڙو ٽهڪ ڇڏائي ويو. چيائين: ”واهه! ڇا ته ڪهاڻي گھڙي اٿئي. ڪاش اهو سچ هجي ها! ننڍپڻ ۾ آئون ريڊيو شوق سان ٻڌندي هئس. ريڊيو تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ جي شوق جو ذڪر، مون بابا سان اڪثر ڪيو آهي. “ دلڪش ڪجھه سوچيندي چيو:”اوهان جي والد صاحب جيڪڏهن ڪمپيئرنگ جي معاوضي، ۽ پروگرام ڪرڻ جي حتمي تاريخ متعلق پڇيو ته پوءِ. . . . . . ؟!“ ياسمين وراڻيو: ”نه نه، بابا ايئن نه پڇندو، بس هو مطمئن ٿي ويندو“ دلڪش ياسمين جي گھر اچڻ جو واعدو ڪري اسپتال مان ٻاهر نڪري آيو.
***
جڏهن دلڪش ياسمين جي گھر جو در کڙڪائي رهيو هو ته شام جا 3 ٿي رهيا هئا. ياسمين دلربا مرڪ سان دروازو کولي کيس اندر وٺي آئي. ياسمين جو ڪرائي وارو گھر ورانڊن سميت ٻن جاڙن ڪمرن تي مشتمل هو. ننڍڙي دروازي جي ڪري ٻئي ڪمرا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا. هڪ ڪمري جو دروازو ٻاهر به کليو ٿي، جيئن ان کي بيٺڪ طور به استعمال ڪري سگھجي. دلڪش جون اکيون گھر جي لوڪيشن جو جائزو وٺـنديون رهيون. ياسمين سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿيو ته جمال خان کٽ تي ويٺل هو ۽ ٻئي ڇوڪرا کٽ تي ماني کائڻ ۾ مصروف هئا. دلڪش احترام سان جمال خان کي کيڪاريو. جمال خان جي عمر سٺ سال هئي. جسماني طور صحت مند ۽ مٿي جا وار اڇا هئس. سندس چهرو ڪنهن به تاثر کان خالي هو. دلڪش کي محسوس ٿيو ته ياسمين واتان سندس جو تعارف جمال خان سان اڳ ئي ٿيل هو.
مختصر خاموشيءّ بعد جمال خان چيو:”ياسمين ننڍڙي هئي ته آئون ريڊيو وٺي آيو هئس. شروع ۾ ياسمين ريڊيو سان کيڏندي هئي، پر پوءِ هوءَ ريڊيو جا پروگرام ٻڌڻ لڳي. . !“ ياسمين جمال خان جي ڳالهه ڪٽيندي چيو: ”منهنجو اهو شوق نوڪري ملڻ تائين جاري رهيو“ دلڪش موضوع جي گھرج کي سمجھندي چيو: ”منهنجي وابستگي اڄڪلهه ريڊيو پاڪستان سان آهي. اسان کي هڪ پروگرام لاءِ هڪ زنانه آواز جي ضرورت آهي، شايد ياسمين ان لاءِ موزون رهندي. “ جمال خان جھٽپٽ وراڻيو: ”ياسمين صلاحيتن سان مالا مال آهي. ڏکي کان ڏکيو ڪم به هن اڳيان آسان ٿي پوندو آهي. . . . . . . . . . . “ ۽ ايئن جمال خان، ياسمين جي ننڍپڻ، شادي ۽ ملازمت تائين زندگيءَ جو احوال اوريندو رهيو. ياسمين جون خوبيون ڄڻ کيس پنهنجيون خوبيون محسوس ٿي رهيون هيون. جمال خان خاص طور انهن ڳالهين تي وڌيڪ زور ڏيئي رهيو هو، جڏهن سندس بقول زندگيءَ جي مشڪل مرحلن ۾ هن ياسمين جي رهنمائي ڪئي هئي. جمال خان جي ڊگھي وارتا جاري رهي. دلڪش سک جو ساهه کنيو جو جمال خان، هن کان ياسمين جي ريڊيو تي پهچڻ متعلق وڌيڪ سوال ڪونه پڇيا. هن نوٽ ڪيو ته جمال خان کي پڇڻ کان وڌيڪ ٻڌائڻ سان دلچسپي هئي ۽ هو ٻڌندڙ جي رد عمل کان به بلڪل بي نياز شخص هو.
باورچياڻي بدران ياسمين پاڻ ماني کڻي آئي. جمال خان اڳ ئي مانيءَ مان فارغ ٿي چڪو هو. ان ڪري دلڪش کي اڪيلي سر ماني کائڻي پيئي. گھربل شيون ياسمين پاڻ کڻي رهي هئي. هڪ مرحلي تي هن بشير ۽ ڪبير کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو پر ٻئي ڄڻا ٻڌو اڻٻڌو ڪري، ڇڪو راند کيڏڻ ۾ مصروف رهيا. دلڪش ماني کائيندو رهيو، جمال خان جي اڻکٽ وارتا جاري رهي. حيرت انگيز طور سندس موضوع چيوگم جيان اينگھندو رهيو. انهي دوران ڪبير ياسمين کي خرچي ڏيڻ لاءِ زور ڀريو. سندس آواز ٻڌي بشير به اچي پهتو ۽ ٻئي ياسمين کان خرچي گھرڻ لڳا. ياسمين ٻنهين کي ڏهه رپين جا ٻه نوٽ ڏنا ۽ اهو به ياد ڏياريو ته صبح کان هيستائين اهي ٻه دفعا اڳي ئي خرچي وٺي چڪا هئا. پر ڇوڪرن ڏهن روپين تي بس نه ڪئي، ڪبير چيو ته هن کي سائيڪل ڪرائي تي هلائڻ، فلم ڏسڻ سميت سنبوسا کائڻا آهن. جڏهن ته بشير اسڪولي دوستن سان گڏ پيپسي پيئڻ ۽ وڊيو گيم کيڏڻ لاءِ وڌيڪ خرچيءَ جو مطالبو ڪيو. ياسمين وٽ ان وقت شايد کُلا پئسه موجود نه هئا، ان ڪري هن ڏيڻ کان مجبوري ظاهر ڪئي. ڇوڪرن روڄ راڙو شروع ڪري ڏنو. گھربل خرچي وٺڻ لاءِ هل هنگامو وڌيو ته دلڪش ماحول جي تلخيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ کيسي کي هٿ هنيو. ياسمين جي اکين ۾ هلڪي شرمندگي رهجي ويئي.
جمال خان جي ڊگھي وارتا شام 5 وڳي تائين جاري رهي. هتي دلڪش ٻه ڳالهيون نوٽ ڪيون، هڪ ته ياسمين کي دلڪش جي بوريت جو احساس ڇو ڪونه ٿيو؟ ٻيو ته ڇا هوءَ جمال خان کي رڳو ان ڪري صحيح سمجهي رهي هئي، جو هو سندس والد هو. نيٺ ياسمين شام جي چانهه هوٽل تان آڻڻ لاءِ جمال خان کي روانو ڪيو. ڪمري ۾ اڪيلائيءَ جا لمحا ملندئي ئي، انوکن احساسن ۽ جذبن جي دلبريءَ جي بارش وسڻ لڳي، جنهن دلڪش جا سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيا. هن آسپاس ڏسندي ياسمين کان پڇيو: ”اوهان رات جو ڪٿي سمهندا آهيو؟“ ياسمين وراڻيو: ”اسان سڀ گھر ڀاتي ٻاهر اڱڻ تي پٽ پنکو رکي سمهندا آهيون. “ دلڪش مرڪندي چيو: ”اڄ رات تون هن ڪمري ۾ سمجھان. رات 12 وڳي کانپوءِ آئون هن ڪمري جي گليءَ ڏانهن کُلندڙ ڄاريءَ واري دريءَ تي هلڪي دستڪ ڏيندس. تون وچئين در مان ڀر واري ڪمري ۾ پهچي، پويون چور دروازو کولجان. آئون هليو ايندس“ ياسمين مرڪي پيئي. پڇيائين: “ايترو جلدي اهڙو منصوبو ڪيئن ٺاهيئي“.
دلڪش به مرڪندي وراڻيو: ”جنهن وقت جمال خان ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو. ان وقت منهنجو ڌيان ظاهري طور سندس ڳالهين ۾ هو، پر اصل ۾ آئون توسان اڄ ئي ملڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو هئس ۽ خيالن ئي خيالن ۾ چور دروازي مان توسان ڳجھو ملڻ جي ريهرسل ڪندو رهيس ۽ جيئن. ئي اڪيلائي نصيب ٿي ته منصوبو تو اڳيان رکيو اٿم. “ ياسمين مصنوعي رعب مان چيو: ”آئون ايئن ئي ڪنديس، پر سامهون گھر واري همراهه جو خيال رکجان، بيٺڪ ۾ ويهي دير تائين جاڳندو آهي. “
چانهه پيئڻ کانپوءِ دلڪش رسمي طور عورت ياسمين بدران، جمال خان سان الوداعي هٿ ملايو. ياسمين تي هن رڳو حسرت آميز نگاهه وڌي. ياسمين جي اکين ۾ کيس اڄ رات ملڻ جو واعدو اٽڪيل نطر آيو!
دلڪش جي وڃڻ کانپوءِ ياسمين جمال خان اڳيان دلڪش جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريا، جن ۾ دلڪش جي ڳوٺان ايندڙ انهن عورتن طرفان ٻڌايل حوالا به شامل هئا، جيڪي انهن دلڪش ۽ سندس خاندان متعلق ٻڌايا هئا. جيئن ته ياسمين ۽ دلڪش جي پهرينءَ ملاقات بعد، انهن عورتن کي ياسمين ۽ دلڪش جي تعلق جي خبر پئجي چڪي هئي. ان ڪري انهن جيترو ٿي سگھيو، اوترو وڌائي، سڌائي دلڪش جي تعريف ڪئي. جيئن ياسمين جي خوشنودي حاصل ڪري، گيهه جو دٻو وٺي سگھجي. اهي ڳالهيون ياسمين کان جمال خان تائين پهچندي، پهچندي وڌيڪ مبالغه آرائيءَ ۾ ويڙهجي پيون. ڇو ته ياسمين جمال خان اڳيان دلڪش کي وڻائڻ چاهيو ٿي، جيئن هن جي اندر ۾ سانڍيل دلڪش سان شاديءَ جي حسرت جي پورائيءَ جو وقت اچي ته، جمال خان کي “ها”ڪرائڻ ۾ آساني ٿئي. جمال خان به اڪثر ماڻهن جيان هر ڳالهه کي پنهنجي پسند مطابق محسوس ڪرڻ جو قائل هو، ان ڪري پنهنجي شخصي معيارن موجب ڳالهه جو اثر قبول ڪندو هو! کيس پسند ايندڙ ۽ ويجھن رشتيدارن جي ٻڌايل ڳالهه صحيح، جڏهن ته ڌارين ۽ ناپسنديده ماڻهن جي ڳالهه غلط لڳندي هئي. هن وٽ صحيح ۽ غلط جا تصور، مذهبي، سماجي ۽ ذاتي مفادن مان گھڙيل خود ساخته ميارن جا محتاج هئا!
ياسمين کي ايندڙ رات جو الڪو بيچين بڻائي رهيو هو. هن جي نگاهه هر هر وال ڪلاڪ تي اٽڪي رهي هئي. گھڙيال جي ڪانٽن جيان سندس دل به تيزيءَ سان ٽُڪ ٽُڪ ڪري رهي هئي. باورچياڻيءَ کي هن بک لڳڻ جو بهانو ٻڌائي، رات جي ماني معمول کان ڪجھه سوير پچائڻ جو حڪم ڏنو. نيل پالش هڻڻ کانپوءِ هن ٽٿ پيسٽ جو استعمال ڪيو ۽ پوءِ هوءَ ٻاهر اڳڻ تي رکيل کٽ تي اچي ليٽي. بنا شڪ جي ايندڙ رات هن لاءِ خوشيءَ جي رات هئي. جنهن جو انتظار ڊگھي عرصي تائين، هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ اٽڪيل رهيو هو! پر الاءِ ڇو؟ سماجي جرم جي چور احساس، هر هر سندس خوشين ۾، رخنو ٿي وڌو! ۽ ايئن هوءَ ايندڙ رات جي ڪٺن انتظار ۾، دلڪش سان ملڻ جي پُراسرار ڪيفيتن تي سوچي، خوشي ۽ شرمندگيءَ جي احساسن جي اجرڪ ۾ ويڙهجي رهي هئي، ته ٻئي طرف سماجي جرم جي انديشي ۾، پنهنجو پاڻ سان اٽڪي رهي هئي. اڳئين خيالن جو سحر، بهرحال پوئين خيالن تي حاوي هو!.
سج لٿو ته سانجهه جي ستارن آڪاش جي سينڌ سجائي ڇڏي. ياسمين ستارن تي نظر وڌي ته هن کي تازو خريد ڪيل چڪني جو بلو جوڙو ياد آيو. جنهن جي چولي تي ستارون ايئن جڙيل هيون، جيئن آسمان تي تارا. هن سوچيو: ”اڄ هوءَ اهو ئي وڳو پائيندي“. پر ٻئي لمحي هن کي خيال آيو: “نه اهو جوڙو گرم ۽ کُهرو آهي ۽ اهڙن موقعن لاءِ نامناسب به!“ ٻئي لمحي هن جو خيال، گلابي رنگ جي سنهين ريشمي وڳي ڏانهن هليو ويو. هن فيصلو ڪيو ته هوءَ اڄ رات لاءِ اهوئي جوڙو پائيندي. ان وقت بشير ۽ ڪبير هڪٻئي سان وڙهي رهيا هئا. بشير جا داٻا ۽ ڪبير جون دانهون ياسمين جي خيالن کي وکيرڻ لڳا. انهن محبوب خيالن ۾، اهو رخنو ياسمين کي ناگوار لڳو.
رات جي مانيءَ کانپوءِ باورچياڻي پنهنجي گھر هلي ويئي. ياسمين ڪپڙن جي ڪٻٽ مان ڳاڙهو جوڙو ڪڍي، باٿ روم ۾ هلي ويئي. تيز بلب جي روشنيءَ ۾، شاور هيٺان هن جي نرم بدن تان شيمپو ترڪندو رهيو. سفيد شيمپوءَ جي نفيس ڇهاءُ ۾، کيس پنهنجو بدن نئين دريافت محسوس ٿيو. ساڄي ٽنگ تي شيمپوءَ جي هاريل گھاٽي ڦُڙي تي نظر پيئس ته، هوءَ لڄاري مرڪ ۾ شرم ٻوٽي بڻجي پيئي!
باٿ روم مان نڪري، ڳاڙهو جوڙو پائي، هوءَ آئيني اڳيان اچي بيٺي، بلب جي تيز روشنيءَ ۾ سندس چهرو چمڪي رهيو هو. ڳاڙهي جوڙي ۽ دلڪش سان ملڻ جي خوشيءَ، سندس رنگت ۾ زبردست نکار آندو هو. اڄ آئيني ۾ کيس پنهنجي تصوير سٺي لڳي رهي هئي. هن وارن کي ڦڻي ڏيئي بڪل لڳايو ۽ هلڪو ميڪ اپ ڪري پرفيوم هنيو. کيس خيال آيو: ”ڏينهن جو دلڪش سان ملڻ کان هن وقت وڌيڪ سهڻي لڳي رهي آهيان. ڪاش! هن وقت دلڪش مونکي ڏسي!“. پر ٻئي لمحي هن کي هڪ خيال، ٿورڙو مايوس ڪيو ته دلڪش رات جي اونڌاهيءَ ۾ چور دروازي مان داخل ٿيندو ۽ بلب وسائڻ مجبوري هوندي، ان ڪري هو کيس ڳاڙهي جوڙي ۾ ڏسي نه سگھندو! آئيني تان هٽي هن ٻاهر اڱڻ تي نظر وڌي. جمال خان جي کٽ ڀرسان ڇوڪرا ستل هئا. جڏهن ته جمال خان کٽ تي پاسا ورائي رهيو هو. هوءَ اڱڻ تي هلي آئي. جمال خان کي چيائين: ”بابا آئون ڪمري اندر بيڊ تي سمهان ٿي، ڇت پنکي ۾ وڌيڪ هوا آهي. “
واپس ڪمري ۾ اچڻ کانپوءِ هن وري آئيني ۾ پنهنجي تصوير ڏٺي ۽ وال ڪلاڪ تي نظرون اٽڪائي ڇڏيون. رات جا پوڻا يارهن ٿيا هئا. هن کي گھڙيال جي ڪانٽن جي رفتار بنهه سست محسوس ٿي. هن کي خيال آيو ته چاٻيءَ تي هٿ رکي، گهڙيال جي ڪانٽن کي اڳتي ڪري ڇڏجي. پنهنجي ان احمقاڻي خيال تي، هوءَ پاڻ ئي مرڪي پيئي.
***
دلڪش ٿري ياسمين وارن کان موڪلائي جيئن ئي بس اسٽاپ تي پهتو ته ڪيئي نگاهون مٿس اٽڪي پيون. کيس نگاهن جي دلچسپيءَ جي ڪارڻ جي خبر پئجي چڪي هئي، ان ڪري انهن کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌندو رهيو. کيس اڄوڪي رات هن شهر ۾، ڪنهن واسطيدار وٽ ترسڻو هو، جتان آڌي رات جو ياسمين سان ملڻو هئس. هن جي سوچ ۾ ڪيترن ئي مقامي دوستن ۽ واقفڪارن جا نالا ايندا رهيا. جن تي هو منتخب يا رد ڪرڻ جي انداز سان سوچيندو رهيو. ڪيئي نالا رد ٿيڻ پڄاڻا نيٺ ٽي نالا، آپشن طور هن جي سوچ ۾ تري آيا. رمضان، رحمت علي ۽ ديا رام. بيشڪ رمضان هن جو دلبر دوست ۽ گھڻگھرو هو، پر سندس سوچ سماجي ضابطن جي تابع هئي. وڏڙن جي پسند تي هلڻ به سندس مجبورين ۾ شامل هو. هن جي خيرخواهيءَ تي شڪ نه هو، پر سندس خلوص، ڳالهين ۽ مشورن تائين محدود هو. عملي طور رسڪي ڪمن کان لنوائيندڙ هو. ان ڪري دلڪش وٽس ترسڻ جي زحمت ڏيڻ مناسب نه سمجھي. رحمت علي دلڪش کي پنهنجو دوست سمجھندو هو، پر دلڪش کيس عليڪ سليڪ کان وڌيڪ دوستيءَ جي جاءِ ڏيئي نه سگھيو هو. ان جو سبب ٻنهين جي طبعيتن جا فرق هئا. رحمت ٻئي جي دانگهيءَ تي لولو پچائڻ جون اٽڪليون ڳوليندڙ ۽ ڪم ڪڍائيندڙ شخص هو. قربانيءَ جي جذبي کان خالي ۽ چاپلوسيءَ جا تاج محل اڏيندڙ انسان! بيوقوفيءَ جي حد تائين جذباتي ۽ پنهنجي تعريف ٻڌڻ جو ڪوڏيو هو. افواهه ٻڌڻ ۽ افواهه پکيڙن جو هيراڪ، لٻاڙي ۽ چالباز! طاقتور ۽ بااثر ماڻهو سندس آئيڊيل هئا! اهڙي ماڻهوءَ تي اعتبار ڪرڻ ايئن هو، جيئن بڊي جي ڪوسي رات ۾، ٿري ڀٽن تي اگھاڙن پيرن هلڻ باوجود اها اميد رکجي ته نانگ بلا جي ڏنگ کان محفوظ رهبو!
ديا رام هن جو ڳوٺائي دوست هو. جنهن جي عمر 18 سال هئي. دير سان اسڪول ۾ داخل ٿيڻ سبب ڏهين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو. سچار، مخلص ۽ سنگت ۾ سڀ ڪجھ سر تي سهندڙ نوجوان هو! سوچڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت سان مالا مال، دوستيءَ ۾ دوکو کائي پوءِ به نه پڇتائيندڙ! بيڊپائي، مضبوط ارادي ۽ ثابت قدميءَ جي سينڌ سينگاريندڙ فُقرا طبعيت ڇوڪرو!. ياسمين سان ملڻ جي واعدي واري رات به ترسڻ لاءِ ديا رام کان وڌيڪ بهتر آپشن کيس ڪو ٻيو نه سُجھيو ۽ ايئن هن جا پير، ڪرائي جي مڪان ۾ رهندڙ ديا رام ڏانهن وڌڻ لڳا. وٽس پهتو ته هن پرجوش ڀاڪر پائي سندس سواڳت ڪيو. خوش خير عافيت پڄاڻا ديا رام پڇيس: ”مون هڪ ڳالهه ٻڌي آهي، سچ آهي يا افواهه. ؟“ دلڪش سوال م لڪيل مقدص سمجھي ورتو. مرڪندي وراڻيائين: ”بلڪل سچ. !“ ديا رام حيرت مان پڇيو ”نه نه. . . . . . !؟“ دلڪش ياسمين سان هيستائين هليل سندس معاشقي متعلق کيس ٻڌايو ۽ پوءِ ٻئي دوست ايندڙ رات رٿيل ملاقات جي منصوبي تي ڳالهائڻ لڳا.
رات جي ماني کائڻ کانپوءِ دلڪش ٿريءَ جون نظرون، هرهر هٿ ۾ ٻڌل گھڙيءَ تي اٽڪي رهيون هيون. هو ديا رام سان ڪچهري به ڪندو رهيو ۽ رکي رکي تصور ئي تصور ۾ ياسمين سان پهرين ملاقات جي امڪاني لمحن جي محبوب خيالن مان به آنند ماڻيندو رهيو. پر اڻکُٽ انتظار ۾، گهڙيءَ جا ڪانٽا، ڄڻ سلائي مشين جي سُئي هئا، جن ۾ سندس دل ڪپڙي جيان سبجي رهي هئي!
ساڍا ٻارنهن وڳي، هو ياسمين جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. ڳوٺ ٽائيپ هن شهر ۾ ماڻهو جلد سمهڻ جا عادي هئا. جمالياتي چوريءَ جي احساس مان ملندڙ فطري مسرت جي آشنائيءَ کيس عجيب ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو. پهريون ڀيرو کيس مهم جوئي ۽ احتياط مان اڀرندڙ انوکن جذبن جھنجھوڙي وڌو! بس اسٽاپ جي آسپاس سمورا دڪان بند ٿي چڪا هئا. هر پاسي ويراني جو واسو هو. هڪ جھوپڙا هوٽل تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڏٺاڻا پئي، جيڪي شايد بيرا هئا ۽ سمهڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. دلڪش انهن جي نظرن کان بچڻ لاءِ پاسي وارو رستو منتخب ڪيو. جنهن جي هڪ پاسي ڊگھا نم موجود هئا. ڏُور ڏُور ٻرندڙ بلبن جي روشني، نم جي ٽارين ۾ وچڙي رهي هئي. نم جي پاڇن منجھان هلندي هن پاڻ کي، ڪنهن حد تائين لڪيل ۽ رليڪس محسوس ڪيو. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن ڪنهن کيس ڏسي ورتو ته پهريون سوال ميزائيل بڻجي مٿس ڪرندو “ڪير آهين؟ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ في الحال ته کيس ڪو، نه ڪو روڪيندو پر ياسمين ۽ سندس تعلق جي باهه جيئن پکڙيل خبر مٿان اهو نئون چوٻول تيل بڻجي ڪرندو ۽ سندس مخالف ان کي هاءِ لائيٽ ڪري، حد جي پوليس کان هن ۽ ياسمين کي تنگ ڪري سگھيا ٿي.
پنجاهه قدم اڳتي هلڻ کانپوءِ هوٽل تي بيٺل ماڻهو، هن جي نظرن کان اوجھل ٿي ويا ۽ هن سڪون جو ساهه کنيو ته هاڻ هو ڪنهن جي نظر ۾ اچڻ بنا، ياسمين تائين پهچي ويندو. پر چند قدم هلڻ کانپوءِ سامهون اوندهه مان هڪ پاڇو کيس پاڻ ڏانهن چُرندي نظر آيو. دلڪش بيهه رهيو. پاڇو هن ڏانهن وڌي رهيو هو. جيئن جيئن اڳتي آيو پئي، ان جو وجود واضح ٿيندو رهيو. دلڪش اندازو لڳايو ته ننڍي قد جو هڪ شخص، نمن هيٺان اوندهه مان هن ڏانهن اچي رهيو هو. لمحي لاءِ خيال آيس ته ساڄي پاسي نڪري وڃجي، پر ان پاسي روشنيءَ ۾ ظاهر ٿيڻ جو خطرو هو. ٻيو ته سامهون ايندڙ شخص مٿس شڪ ڪري سگھيو ٿي، جيڪو کيس ويجھو پهچي چڪو هو. دلڪش ساڳي رخ ۾ سامهون هلڻ لڳو.
”ڀائو ڏي خبر ڪير مڙس آهين؟“ سامهون ايندڙ ماڻهوءَ پڇيو. ”پنهنجو ادا“ دلڪش وراڻيو. ”دليو آهين يا آئون ڀلجان ٿو؟“ جهوني پڇيو ”هائو چاچا ساڳيو“ دلڪش ورندي ڏني. جهوني چيو:”ٻيلي نظر گھٽ آهي، پر اڃان سُرت گھٽي ڪونهي، ماڻهوءَ کي وک مان ئي سڃاڻان!“
جهوني جي پوئيين جملي ۾ لڪيل اشاري، دلڪش کي اهو احساس ڏياريو ته شايد آڌي رات جو هن شهر ۾ دلڪش جي موجودگيءَ کيس جھوني وٽ شڪي بڻائي ڇڏيو هو. دلڪش جهوني جو شڪ مٽائڻ لاءِ چيو: ”چاچا پانڌي! هلڪو بخار ٿي پيو آهي، سوچيم ڊاڪٽر لونگ جي اسپتال تان ڪمپائونڊر کان انجيڪشن هڻائي اچان، متان صبح تائين بخار وڌي وڃي!. “ جهونو پانڌي خاموش رهيو. دلڪش کي جھوني پانڌيءَ جي خاموشي معنيٰ خيز لڳي. اڻوڻندڙ خاموشي ٽوڙيندي پڇيائين ”چاچا تون مڙهو مڙس، اوندهه ۾ ڪيڏانهن نڪتو آهين؟“. ”ابا گھر ٻڌل گابو کُلي ويو، ان کي ڳولڻ نڪتس. وڃڻ جو سور ته ڪونهين، پر گابو هينئر نه لڌو ته صبح سويل ڍڳي ڏهڻ ڪونه ڏيندي. “ پوڙهي افسوس مان وراڻيو. دلڪش چيس ”چڱو چاچا آئون هلان ٿو“. پوڙهي وراڻيو ”هائو ٻيلي، جوان آهيو موج ڪريو!“ جھوني جي جملي ۾ به طنز لڪيل هئي.
دلڪش ساڳي رخ ۾ اڳتي وڌندو رهيو. ڪجھه اڳتي هلي هن پوئتي لوڻو ڦيريو. هن کي حيرت ٿي ته جھوني جو ڌنڌلو وجود، اڃان اتي ئي نظر اچي رهيو هو، جتي هن ڇڏيو هو. هن اندازو لڳايو ته شايد جھوني پانڌيءَ تائين به هن ۽ ياسمين جي معاملي جي خبر پهتل هئي ۽ جڏهن جھوني پانڌيءَ کيس اويلو ياسمين جي گھر جي آسپاس ڏٺو ته مٿس شڪ ڪيائين. جھونو اڃان تائين اُتي ان لاءِ بيٺل هو، جيئن تسلي ڪري ته دلڪش ڊاڪٽر لونگ جي ڪلينڪ ڏانهن مڙي ٿو يا ياسمين جي گھر ڏانهن؟!
دلڪش پوڙهي کي چقمو ڏيڻ لاءِ ساڄي طرف گھُچي هنئي. ڏيڍ سئو کن وکون هلڻ کانپوءِ کاٻي طرف مڙيو. ڪجھه مفاصلي کانپوءِ وري کاٻي طرف هلڻ لڳو. ٿورڙي دير کانپوءِ، هو ياسمين جي گھر جي پوئينءِ دروازي وٽ موجود هو.
هلڪي اوندهه ۾ هن آسپاس نهاريو. اها تسلي ڪرڻ کانپوء ته ڪو به کيس نٿو ڏسي، هن ياسمين جي ڪمري جي پوئين دريءَ تي، ساڄي هٿ جي آڱر سان ٺونگ هنئيِ. دريءَ جي لوهي ڄاريءَ مان هلڪو آواز اُڀريو، ٻي لمحي بيڊ چُرڻ ۽ ان تان ڪنهن جي لهڻ جو کڙڪو ٿيو. دلڪش پوئين در وٽ اچي بيٺو، چند سڪنڊن کانپوءِ دروازي جو هڪ تاڪ کليو ۽ دلڪش اندر داخل ٿيو. ياسمين جھٽپٽ دروازي جو تاڪ ٻيڪڙي، ڪُنڊو بند ڪيو. گھر جا سڀ بلب وساميل هئا، گھگھه اوندهه ۾، ڪجھه به نظر نه پئي آيو. دلڪش اوندهه ۾ جھوتون پائيندئي، ياسمين جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو، جيڪا ڇهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سهاري، ٻنهين ڪمرن وچان کلندڙ در ڏانهن وڌي رهي هئي. اوندهه ۾ دلڪش لاءِ ياسمين جي بدن جو ڇهاءُ برقي ڪرنٽ جيان، لُونءِ لُونءِ ڪانڊاريندڙ تجربو هو! انهن لمحن ۾، هن کي زندگي بنهه پراسرار لڳي هئي. انهن مختصر گھڙين ۾ هن، محسوسات جي ان انوکي تهه کي ڦلوريو هو، جيڪو هيستائين هن جي اندر ۾ هوندي به هن کان لڪيل هو! شايد ڪي احساس انسان جي اندر هوندي به سڄي ڄمار رڳو ان ڪري ستل رهجي ويندا آهن، جو انهن کي ڦلوريندڙ محرڪ ملي نه سگھندا آهن! دلڪش اوندهه ۾ هلندي بنهه آهستي آهستي وکون کڻي رهيو هو، جيئن جيترو ٿي سگھي انهن لمحن کي ڊيگھه ڏيئي سگھجي. ڍري وک کڻندي دلڪش جو گوڏو ڪمري ۾ رکيل کٽ کي ٽڪريو ۽ کٽ جي چيچاٽ جو آواز ڪمري ۾ پکڙجي پيو. ياسمين دلڪش جي هٿ کي زور ڏيندي سڙٻاٽ ۾ چيو : ”هوش ڪر، کٽ جو آواز بابا کي جاڳائي سگھي ٿو!“ ڪمرن کي ملائيندڙ سوڙهي دروازي مان لنگھندي، دلڪش ۽ ياسمين جا جسم، هڪٻئي کي ايترو ويجھو ۽ چنبڙيل هئا، جو هڪ ٻئي جي دل جي چرپر محسوس ڪرڻ مشڪل نه هئي. دلڪش ۽ ياسمين ان عجيب ويجھڙائيءَ ۾، رڳو ڇُهڻ ۽ سنگھڻ جي حواسن سان هڪٻئي کي محسوس ڪري رهيا هئا. جسم جي لمس، ڪپڙن جي هڳاءُ ۽ پرفيوم جي البيلي خوشبوءَ ۾، سندن جذبا ايئن چرپر ڪري رهيا هئا، جيئن ڀريل تلاءُ تي وسندڙ وڏ ڦڙي ۾، جر جا ڦوٽا!
بيڊ جي نرم فوم تي ويهڻ کانپوءِ دلڪش ۽ ياسمين هڪٻئي جي چهرن تي ايئن چميون وکيرڻ لڳا جيئن مورن جو جوڙو ڀٽ تي هاريل داڻا چڳي رهيو هجي! ٻئي ڄڻا سرور جي سمنڊ ۾ ترڻ لڳا. دلڪش ڪنهن ماهر ٽوٻوءَ جيان گھرائين جا گس ڳولڻ لڳو. بيقابو جذبن جو طوفان برپا ٿي پيو. ٻئي وجود، هڪ ٻئي ۾ وڃائجي وڃڻ لاءِ اتاولا ٿي پيا. ڪيفيتن جي لهرن تي لڏندي، هنن فطرت جو اهو ذائقو چکيو، جيڪو ٻن وجودن کي پاڻ ۾ ملائي، نئين تخليق کي جنم ڏيندو آهي. طوفان آيو گذري ويو، خاموشي ڇانئجي ويئي.
”ذليل ڪٿان جو!“. نيٺ ياسمين جي جملي سانت کي مات ڏني. دلڪش کي ياسمين جو پويون جملو بنهه پيار، پنهنجائپ ۽ هجت جي رنگ ۾ رنڱيل محسوس ٿيو ۽ ايئن ٻئي دير تائين سڙٻاٽن ۾ ڳالهائيندا رهيا. ٻنهين کي هڪ ٻئي جي ٻانهن جا هار پاتل هئا ۽ سڙٻاٽن جي اها ڪچهري، جتي ويل وقت جي دُورين ۾ وڃايل لفظن کي ڦلوري رهي هئي، اتي آئيندي جا محبوب سپنا به لفظن جو روپ ڌاري، چپن تي رانديون ڪرڻ لڳا هئا.
آسپاس جي گھرن مان ڪڪڙ ٻي ٻانگ ڏني ته دلڪش، ياسمين کان موڪلايو. ياسمين دريءَ جي ڄاريءَ مان ٻاهر نهاريو. سامهون گليءَ جي پرينءَ ڀر، هڪ سپاهي ڀت تي ويهي سگريٽ ڇڪڻ ۾ مصروف هو. ياسمين دلڪش کي آڱر مان جھلي واپس بيڊ تي ويهاريو ۽ سامهون گليءَ ۾ پوليس واري جي موجودگيءَ کان آگاهه ڪيو. ڪافي دير انتظار کانپوءِ ياسمين ۽ دلڪش وري دريءَ وٽ وڃي بيٺا. سپاهي اڃان اتي ئي موجود هو. سندس نگاهه ياسمين جي دروازي تي اٽڪيل هئي. ڪجھه وڌيڪ دير انتظار کانپوءِ به جڏهن سپاهي اتي ئي موجود رهيو ته ياسمين پريشانيءَ مان دلڪش کان سڙٻاٽ ۾پڇيو: ”هاڻ ڇا ٿيندو؟ بابا اُٿڻ وارو آهي؟!“ دلڪش وراڻيو: ”ڏسجي ڇا ٿو ٿئي!“. صبح جي روشنيءَ جا پهريان ڪرڻا آسمان تي پکڙڻ لڳا. تارا تيزيءَ سان لڪي رهيا هئا. ياسمين ۽ دلڪش ڄاريدار دريءَ جي سوراخن مان گليءَ ۾ ويٺل سپاهي کي ڏسي رهيا هئا، جنهن کي سامهون واري گهر جي، باب جي صبح جي سوجهري ۾وجود وڃائيندڙ روشني چٽو ڪري رهي هئي. دلڪش چور دروازي مان ٻاهر نڪري نه ٿي سگھيو. سپاهي هن کي ياسمين سان ناجائز تعلق جو الزام هڻي، تنگ ۽ رسوا ڪري سگھيو ٿي. جڏهن ته ياسمين هن کي وڌيڪ دير گھر ۾ ترسائڻ کان لاچار هئي، ڇو ته جمال خان جي اٿڻ جو وقت ٿي چڪو هو. صبح جو سوجھرو، درين جي وٿين مان اندر اچڻ لڳو. ياسمين پريشانيءَ مان ڪمري ۾ چڪر ڪاٽڻ لڳي. ٻاهرين باٿ روم ۾ بالٽي ۽ لوٽو ٽڪرائجڻ جو آواز اڀريو، شايد جمال خان جاڳي پيو هو. دلڪش ۽ ياسمين مشڪل صورتحال ۾ ڦاٿل هئا. هنن وري جھاتي پائي دريءَ جي وٿين مان سپاهي کي ڏٺو، جيڪو اڃان اتي ئي موجود هو. ياسمين پريشان ٿيندي پڇيو: ”توهان کي هيڏانهن ايندي ڪنهن ڏٺو ته نه هو. ؟!“ دلڪش وراڻيو: ”هڪ بد مزاج پوڙهو واٽ تي مليو هو، جيڪو شايد شڪجي پيو هو. “ جملو پورو ڪري دلڪش سپاهي ڏانهن ڏٺو، جنهن جو مهانڊو صبح جي روشنيءَ ۾ چٽو نظر اچن لڳو هو. سپاهي راتوڪي پوڙهي جي ئي برادريءَ جو ۽ سندس پاڙي ۾ رهندڙ هو. دلڪش ڪجھه سوچيندي وري سڙٻاٽ ۾ڳالهايو: ”پوڙهي کان في الحال ته گوهي ڏيئي، نڪري آيس پر هن شايد منهنجو پيڇو ڪيو هو. جڏهن کيس منهنجي هتي موجودگيءَ جو پتو پيو هوندو ته هن شايد سپاهيءَ کي ٻڌايو هوندو، جيئن اويلو گھر مان نڪرندو ڏسي، ناجائز تعلق جي الزام ۾ مونکي ۽ توکي بليڪ ميل ڪري سگھجي “. ان وقت جمال خان جي کنگھڻ جو آواز آيو، جيڪو اڱڻ تي هلي رهيو هو. اڱڻ ڏانهن کلندڙ دروازو، دريون، ۽ ڪمرن جا بلب بند هئا، ان ڪري اندر ڏسي نه ٿي سگھيو. هو دروازي تائين هليو آيو ۽ دروازو کڙڪائي، وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو: ”ياسمين بابا جاڳ، اٿڻ جو وقت ٿي چڪو آهي“. هن ساڳيو جملو ٻه دفعا ورجايو. ”ها بابا ها“ ياسمين جو آواز، مايوسيءَ جي کوهه مان اڀريو. جمال خان واپس اڱڻ تي رکيل کٽ ڏانهن موٽي ويو. ياسمين پنهنجي ساءِ، مايوسيءَ مان سڙٻاٽ ڪيو: ”هائي گھوڙا هاڻ بابا اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙي نه رهنديس!“ دلڪش سپاهيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو ساڄي طرف مڙيو ۽ پوءِ واپس وڃڻ لڳو. ويندي ويندي هن ڪنڌ ڦيري ياسمين جي در ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ساڄي طرف گھٽيءَ ۾ گم ٿي ويو. ياسمين جي منهن تي سرهائي موٽي آئي، هن دلڪش جي آڱر جھلي، ٻنهين ڪمرن جي وچئين در مان لنگھي، ڀر واري ڪمري جي پوئين در تي اچي بيٺي. آهستي آهستي هن دروازي جو هڪ طاق کوليو، دلڪش تيزيءَ سان ٻاهر نڪري کاٻي پاسي جي گھٽيءَ مان مڙي ويو، ياسمين دروازي جي طاق جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن تائين دلڪش ۽ ياسمين طرفان، رات جو چوري ملڻ جي خبر، سڄي شهر ۾ پکڙجي پيئي. هڪ پوڙهي عورت ته اها خبر جمال خان تائين به پهچائي ڇڏي. جيئن ته گھر جي آمدنيءَ جو اڪيلو وسيلو ياسمين هئي، ان ڪري جمال خان مٿس گھڻي سختي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ بلڪل ئي نه هو. پر جيئن ته اهو معاملو خود ياسمين جي ساک لاءِ هاڃيڪار هو، ان ڪري هوءَ بنهه گھڻو محتاط ٿي پيئي. هن دلڪش کي به ڪجھه وقت لاءِ ملڻ کان روڪي ڇڏيو. بندش جي احساس، بيقرارين کي وڌائي ڇڏيو. ننڍڙي شهر جي گھٽي گھٽيءَ ۾ سازشن جي بارودي سرنگون وڇائجي ويون. ياسمين جي گھر جي پوئين دروازي جي سامهون واري بيٺڪ ۾، گھر ڌڻي دير تائين جاڳڻ لڳو، جيئن دلڪش چوري ياسمين جي گھر ۾ داخل ٿئي ته پوليس کي اطلاع ڏجي. هن سهوليت خاطر بيٺڪ ٻاهران تيز روشنيءَ وارو وڏو بلب لڳرائي ڇڏيو. ننڍڙي صحرائي شهر جي خاموش ۽ غير مصروف زندگيءَ ۾، اهو موضوع دلچسپ ڪٿا بڻجي پيو. ماڻهن جي اڪثريت، دلڪش ۽ ياسمين جي مخالف بڻجي پيئي. جيئن ماڪوڙا ٻرن مان نڪري، هجوم جو حصو بڻجي هڪ رخ ۾ هلندا آهن، ايئن ئي ماڻهن جي سوچ به انفرادي حدون اورانگھي، هڪ طرفي هلڻ لڳي. جنهن جو بنياد دلڪش ۽ ياسمين کي هرحال ڌار ڏسڻ تي بيٺل هو! ان ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو شامل هئا. هڪ اهي جن ۾ مالڪانه ۽ جنسي رقابت جاڳي پيئي هئي. انهن لاءِ اهو برداشت ڪرڻ مشڪل هو ته هڪ پڙهيل لکيل جوان اڪيلي عورت انهن کي ملڻ بدران هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري جي هٿن ۾ هلي ويئي. ٻيو قسم دلڪش کي ذاتي طورناپسند ڪندڙ ماڻهن جو هو، جن لاءِ دلڪش جي هر خوشي ڪنڊن جي گرهه مثل هئي ۽ انهن هر صورت ۾ کيس ڏکارو ڏسڻ چاهيو ٿي. جڏهن ته ٽيان ماڻهو قدامت پرست هئا، جيڪي هر غير روايتي سرگرميءَ جا مخالف هئا. انهن لاءِ ياسمين ۽ دلڪش جو معاشقو، لسيءَ جي گلاس ۾ ڪري پيل مک جيان، ناگوار ۽ اُلٽي آڻيندڙ هو. ڇو ته سندن خيال موجب، ان سان سندن عورتن ۽ نوجوان نسل تي خراب اثر پئجي رهيا هئا. ان عمل جي حوصلا شڪني نه ٿيڻ جي صورت ۾، پريمي جوڙن جو لاڙو اڀري سگھيو ٿي. انهن ٽنهين قسمن جي ماڻهن سان اهي ماڻهو به گڏجي رهيا هئا، جيڪي پاڻ سوچڻ ۽ سمجھڻ بنا، اڪثريتي ڳالهين جا اثر جھٽپٽ قبول ڪري وٺندا آهن.
ياسمين کان هڪ مهيني جي دُوري، دلڪش لاءِ عذاب بڻجي پيئي. ملڻ جي آس، مبهم ٿي پيئي. سماجي رڪاوٽن، سندس اندر ۾ بغاوت جي لاڙن کي جنم ڏنو. ممنوع محبت، اڻجھل جذبن جي آماجگاهه بڻجي پيئي. ٽٽل رابطن ۾، اڻ اظهاريل احساس، دل جي ڌرتيءَ مٿان ٿوهر جيئن ڦٽڻ لڳا. هن ياسمين کي خط لکڻ جو ارادو ڪيو پر انهن حالتن ۾ پوسٽ ذريعي خط لکڻ کيس رسڪي عمل لڳو. هن شهر جي اسپتال ۾ آئل وٺڻ لاءِ ويندڙ سندس هارياڻين هٿان خط اماڻڻ جو فيصلو ڪيو. شام جي تنهائي ۾، هن قلم ۽ ڪاغذ کنيا، سندس گھر ڀرسان اڪيلي ڀٽ تي ويهي، خط لکڻ لڳو. آسمان تي ڪڪر ڇانئيل هئا. ٿڌي هير گهلي رهي هئي. واريءَ مٿان سائي گاهه جي چادر ڍڪيل هئي. ڀٽ جي لهواريءَ تي، ڍڳين جو ولر چري رهيو هو. ڏُور هيٺيائينءَ ۾، ٻڪرين ۽ رڍن جا ولر نظر اچي رهيا هئا، ڌنار ڇوڪرا بانسريون ۽ بورينڊا وڄائي رهيا هئا. ڪي ٻارڙا ڳاڱيان، پپون ۽ کُنڀيون چُنڍڻ ۾ رُڌل هئا. آسپاس جي سونهن اکين ۾ اوتن پڄاڻا، هن خط جي شروعات ڪرڻ چاهي ته، ياسمين جي وجود سان لاڳاپيل يادون، هن جي سوچ ۾ ايئن سلهاڙجي پيون، جيئن گلن تي ڀنئورا ۽ پوپٽ پهچي ايندا آهن!
مٺڙي جانان
شال تنهنجي محبوب مک تي جوڀن جي جوت جھيڻي نه ٿئي!
تون مونکان ڏور آهين، پر يادن ۾ مونسان ڀيڙي ويٺي آهين. تنهنجي بدن ۾ چقمقي ڪشش آهي، تنهنجا ناسي نيڻ جُھڪن ٿا ته، لمحن کي گرهڻ لڳي وڃي ٿو. نظرون نظرن سان ملن ٿيون ته ڪائنات مهڪي پوي ٿي. تنهنجي مرڪ وڄ جو وراڪو آهي ۽ تنهنجا ٽهڪ ڪلواڙي جي سنگيت جھڙا آهن. تنهنجي هلڻي مور جي ٽور آهي ۽ تنهنجيون ڳالهيون، پايل جي ڇم ڇم جو رڌم لڳن ٿيون. تنهنجين ادائن ۾ گلابن جي تازگي آهي ۽ تنهنجو چهرو انڊلٺ مان چورايل رنگن جو امتزاج لڳيم ٿو! تنهنجي مونسان ويجھڙائي ماڻهن جي گلي ۾ مرچ جيان اٽڪي پيئي آهي. اهي پاڻ کي ڌار ڏسڻ چاهين ٿا. هي اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي سونهن سچ، ساڃاهه ۽ پيار جا ازلي دشمن آهن. جن هڏن تي اکيون اٽڪائيندڙ ڪتن جيئن، سونهن کي ڏسي ٿڪون ته ڳڙڪايون آهن پر انهن جي اکين سدائين سونهن کي برباد ڏسڻ جا سپنا ڏٺا آهن. انهن جي وحشي هٿن روهيڙي لامن تي ڪهاڙا اڀا ڪيا آهن. سچ سدائين انهن جي هاضمي جي خرابيءَ جو ڪارڻ رهيو آهي. فتوائون ڏيئي عقل کي سنگسار ڪندڙ اهڙن ماڻهن جي رهزن ذهنن، سدائين محبت جي خلاف سازشون سٽيون آهن، فطرت کي گٽر ۽ انسانيت کي ڏينڀوئن جو مانارو بنائڻ لا سرگرم اهي ماڻهو، دنيا کي جنگ جو ميدان ڏسڻ چاهين ٿا. جن ماڻهن ڪڏهن لڙڪن جو قدر ناهي ڪيو، اهي مرڪون ڪيئن ورهائي سگھندا؟! جن هٿن سدائين ورتو آهي، انهن اڳيان ڪشڪول ٽنگڻ جو ڪهڙو فائدو؟! جن ذهنن ٻڌڻ سان ڪڏهن دلچسپي ناهي رکي، انهن کان ڪجھه خاص ٻڌڻ جي اميد ڪهڙي رکبي؟! نفرت جا نغارا وڄائيندڙ، محبت جو پيغام ڪيئن پروڙي سگھندا؟! شڪاري جبلت ۾، دهلن تي نچندڙ ماڻهن ۾، بکايل مورن کي چوڳو ڏيڻ جي اميد ئي فضول آهي! پر اهڙا ماڻهو هر دور ۾، بظاهر ڪامياب ٿيڻ باوجود هارائيندا رهيا آهن. تون يقين ڄاڻ ته اهي ماڻهو، پنهنجو ڪجھه به بگاڙي ڪين سگھندا. وڇوڙا عارضي آهن، آئون تنهنجو آهيان، تون منهنجي آهين. ارادن جي مضبوطي، عمل جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندي آهي، بس پنهنجائپ جي ٻهروپ ۾، دشمنن جي ڏنگ کان محتاط رهجان!
توسان رابطو ٽٽل آهي، ڪيئن ملان؟! تنهنجي عزت خاطر توکان پري ٿي ويو آهيان، پر آخر ڪيترا ڏينهن؟! اهو سوال بڙڇي جيان هرهر هانءُ ۾ کپندو رهي ٿو. توسان آخري ملاقات جا خمار اڃان تائين اندر ۾ اوتيل آهن، پر سوچيان ٿو ڇا اها پهرين ملاقات ئي آخري ثابت ٿيندي؟! ڇا اسين زماني وارن جي سازشن هٿان هارائي، قسمت تي بوتانو ڏيئي ويهي رهنداسين؟ ڇا تون آزمائش جي صحرا ۾، درد جي سفر مان هٿڙو ڇڏائي هلي ويندئين؟! فيصلو توکي ڪرڻو آهي. آئون تو لاءِ سڀ ڪجھه سر تي سهڻ لاءِ تيار آهيان، محبت جو مينار فتح ڪرڻ لاءِ، مونسان گڏ، تلوارن جي سامهون نه هلندئين ياسمين؟!
توسان ملڻ جي انتظاري اوندهه ۾ دل جي اماڙي ٻاري جيئندڙ _ بيچين ساگر.
دلڪش خط لکي پورو ڪيو. ڌنار ڇوڪرن جي هوڪي جو آواز، سندس سماعتن سان ٽڪرايو، هن اچرج مان ڇوڪرن ڏانهن ڏٺو، جيڪي ٻُوهه جي ٻُوڙن مان ڀڙڪو کائي ڀڄندڙ سهي پويان ڊوڙي هوڪا ڪري تاڙيون وڄائي رهيا هئا. دلڪش واپس گهر ڏانهن مڙيو.
ٻئي ڏينهن اسپتال ويندڙ هارياڻيءَ هٿان، ياسمين کي خط اماڻيائين. خط کڻي ويندڙ هارياڻيءَ واپس اچي اهو ٻڌايو ته ياسمين خط کڻي پرس ۾ رکي ڇڏيو. ٻين عورتن جي موجودگيءَ سبب، هوءَ ڪجھه به ڳالهائي نه سگھي. دلڪش ايندڙ ڪجھه ڏينهن، ياسمين جي خط جو انتظار ڪندو رهيو. ياسمين جي عشق ۾ دوريءَ جو احساس کيس جھوري رهيو هو. ٿر جي ڀٽن تي وکريل سانوڻيءَ جا رنگ به هن جي دل کي وندرائي نه سگھيا. سونهن جو هر ڏيک، هن جي تانگھه ۽ تڙپ ۾ واڌارو ڪندو رهيو. ڪٿي به کيس سڪون نه پئي آيو. چند ڏينهن لاءِ هن لاڙ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.