ناول

هينئڙو ٻہ اڌ

هي ناول هڪ پڙھيل لکيل ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ نوجوان جي ڪجهه آواره ۽ ڪجھه سنجيده روين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو غير هموار ۽ نامناسب حالتن جي هٿن ۾، ڪڏهن چاهتن سان لڪ لڪوٽيون ڪري ٿو، ته ڪڏھن وري سونهن ۽ جوڀن جي رنگبرنگي وادين ۾ زندگيءَ جي زخمن کي وقتي طور وسارڻ جا جتن ڪري ٿو. ذھني طور پسمانده ماڻهن جي صحبت ۾، منطقي ۽ عقلي آڱرين ۾ دليلن جي بلورن سان، حقيتن جا نشانا وٺڻ ڪيترو مشڪل آھي؟ اهو هن ناول جي درمياني صفحن جي ڪپڙن جو رنگ آھي! انساني فطرت جي چڱاين توڻي مداين تي مشتمل سماجي ڪردارن ۽ سالن کان تصور جي تالاب ۾ وهجندڙ واقعن کي، قلم جي بيساخته چميءَ ناول جو روپ ڏيئي ڇڏيو آھي!

Title Cover of book Heana'ro Ba Adh

تعارفي خط ۽ ڌونئر ڍڳي

هوءَ جيئن ئي اسپتال پهتي، دائي سليمت کيس ڳرو خاڪي لفافو ڏنو. جنهن تي پوسٽ جو ٽڪليون لڳل هيون. هن تڙتڪڙ ۾ لفافو کوليو ۽ منجهس ٽانچڻي لڳل فل سائيز ڪاڳرن تي لکيل مواد پڙهڻ لڳي.
شال تنهنجي ڳلن تي باکن جي ڦٽڻ جون شاهديون هر وقت موجود رهن!
خط ڏسي تنهنجي ذهن ۾ پهريون سوال هيءَ گھوماٽيو هوندو ته اڳي هر هفتي ٻه خط لکندو آهيان، پر اڄ هڪڙو ڇو؟ ان لاءِ عرض ته هن خط ۾ ٻن خطن کان به وڌيڪ مواد موجود آهي ۽ ايئن ٻن هفتن جي ڪوٽا مڪمل!
جانان! تون يقينن منهنجي متعلق ڄاڻڻ چاهين ٿي. پر سڀ ڳالهيون توکي هينئر ٻڌائي نٿو سگهان. تنهنجو تجسس ڪجهه ٿڌو ڪرڻ لاءِ اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته اصل ۾ آئون ٿر جو آهيان. هتي لاڙ جي جنهن ڳوٺ ۾ رهان پيو، اتي سندم مائٽاڻي ڄاڻ سڃاڻ آهي. منهنجو چاچو سارنگ سانگي، ڏڪار جي ڏينهن ۾، هتي ئي ڍور ڪاهي ايندو هو ۽ وسڪاري جي ويل سڪار جي سانگ ۾ وري ٿر موٽي ويندو هو. چاچا سارنگ جو اصل واسطو اڄ ڏينهن تائين برقرار آهي. هن ڳوٺڙي جا ماڻهو، مون کي گهرڀاتيءَ جيان پنهنجو سمجهندا آهن. ڪجهه وقت کان آئون هتي زمين جو مقاطعو کڻي ترسيل آهيان. هينئر جتان ويهي توکي خط لکي رهيوآهيان، اتان چاچوسارنگ، ڪيئي سال اڳ کُونٽن سان ٻڌل پنهنجن ڍورن کي ڏسندو هو، مونکي به ٻالڪپڻ ۾، هنج تي کڻي چاچا سارنگ هتان جون ڪيئي ڪهاڻيون ٻڌايون هيون. گهڻيون ته وسري ويئم، پر هڪ ڪهاڻيءَ جو تاثر اڃان تائين تصور ۾ سمايل آهي. چاچا سارنگ سانگي جي ٻڌايل واقعي ۽ سندم سئوٽ راول جي ڪيل ڳالهه کي، آئون مختصر ڪهاڻيءَ جي رنگ ۾ لکي رهيو آهيان.
وسڪاري جي ويل وري هئي. ٽوليءَ مان ٽٽل ڪو هيڪلو مسافر بادل، مندائتي مينهن جون ڪجهه ڪڻيون کڻي، لاڙ پٽ جي ڪلرانٺي ڀونءِ مٿان رمجهم لائڻ لڳو هو. برسات ته هلڪي وٺي هئي، پر لاڙ جي چيڪي مٽي، پلر جي ان پالوٽ کي به اندر ۾ اوتڻ لئه، تيار نه هئي. آسپاس گپ ۽ چڪ جي موجودگي، پير ترڪڻ جو جوکم بڻيل هئي. سارنگ سانگي اڪيلي بچيل ڌونئر ڳنئون کي، کونٽي سان ٻڌي واپس اچي ويٺو، ترڪي ڪرڻ سبب ساڄي ٽنگ ۾ لڳل ڌڪ مان سور جي هلڪي سٽ محسوس ٿيئس. سارنگ سانگيءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ٿڌو ساهه کڻي، سامهون ڌونئر ڳئون تي نظر وڌائين، جيڪا رسي جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ لئه آتي هئي. ڏور ٿر واري پاسي کنوڻ جا اهاءُ، ڍڳيءَ جي بيچينيءَ ۾ اضافو ڪندا رهيا. سارنگ جي اندر ۾ به آنڌمانڌ مچڻ لڳي. ٿر پهچڻ جي آس، پڃري ۾ تازو قيدي ڪيل پکي جيان اتاولي ٿيڻ لڳي. حسرت مان کنوڻ جا کيل ڏسڻ لڳو. پنهنجي ڳوٺ ۽ کنون جي رخ ۾ هڪجهڙائي ڳولڻ لڳو. محرومي، غيريقيني ۽ آس نراس جا گڏ وچڙا احساس، سندس دل کي مهٽيندا رهيا. هيل به ٿر وسندو يا الاءِ نه ؟! ملهاري مند جي شامن ۾، ولر واريندڙ ڌنارن جي بانسري، ٻنين تان موٽندڙ هارين سان سرگوشيون ڪندي يا الاءِ نه! جاٽولين ۾ وڃڻ ويل، ڀنل واريءَ گھرڙا ٺاهيندڙ سندس ٻارڙا، جھنگ مان پيون ۽ ڳاڱيان آڻڻ جي فرمائش ڪري سگھندا يا الاءِ نه!؟ ۽ سانوڻ جي صبحن ۾، مکڻ رکيل ٻاجھر جي ماني، لسيءَ سان کائيندي، سندس سهاڳڻ جي اها شرميلي مرڪ، وري الاءِ ڪڏهن ڏسڻ نصيب ٿيندي، جيڪا هن آخري دفعو 10 مهينا اڳ تڏهن ڏٺي هئي، جڏهن هو ڍڳيون ڪاهي بئراج ڏانهن پنڌ پيو پيو هو. موڪلائڻ مهل سندس ڀرپور نظرون، سڪينه جي چهري تي اٽڪي پيون هيون ۽ سڪينه جي شرميلي مرڪ، وڇوڙي جي واريءَ ۾، لوٽيءَ مان هاريل کير جيان وڃائي ويئي هئي. سارنگ جي هٿن مان پٽا لڳيل وانجھيل لٺ، سرڪي زمين تي اچي ڪري هئي ۽ پوءِ ستن ڍڳين جو ولر ڪاهي لاڙ جي ڪلرانٺن پوٺن تي اچي پهتو هو. جتي ستن ڍڳين جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي هيئس. سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ هئي. ڍنڍون ۽ واهه ڪڏهن سڪل، ته ڪڏهن ساوا هوندا هئا. مائٽاڻي ڄاڻ سڃاڻ جي سهاري، جن واسطيدارن وٽ ترسيل هو، تن سندس سٺي مدد ڪئي هئي. گاهه چاري کان ويندي، ماني ڳڀي تائين، سڀ ڪجھه کيس ميزبانن کان ملندو رهيو. سندس سڄو ڏينهن پوٺن تي ڍڳيون چاريندي گذرندو هو. ڪڏهن ڪڏهن گھر ۽ ڳوٺ جي ڪا ياد روئاري وجھندي هئس ۽ هو ڪو ٿري گيت جھونگاري وجھندو هو! جڏهن به لوسڻ جي ساون کيتن مٿان، ڪنهن سفيد ٻگهلي کي، ڏکڻ اوڀر ڏانهن اڏندي ڏسندو هو ته، بيساخته سندس دل به هٿن سان نڪرڻ لئه سنبريندي هئي. سارين جي سرهاڻ، هن جي اندر جي انهن احساسن جا کاٽ هڻندي هئي، جن احساسن ۾ ٿري ڌرتيءَ جي ڀنل ڀنل خوشبوءِ اوتيل هئي ۽ اتي ئي هن جو ڳوٺڙو هو، اتي ئي زال سڪينه ۽ ٻه ٻارڙا، ڏڪار جي ڏينهن ۾ سندس واپسيءَ جي اوسيئڙي ۾، آڱرين تي مهينا ڳڻي رهيا هئا، هن جي دل ته گھڻو ئي ٿي چاهيو ته هو جھٽ پٽ ٿر هليو وڃي، پر آسمان جي ڪتين جيان سندس ستن ڍڳين جو جُھڳٽو، هن لاءِ هڪ وڏو سوال بڻجي پيو هو. اهوئي ڍڳين جو ولر پاڻ ۽ سندس گھر وارن لاءِ ڪل ڪائنات هو. اهوئي ولر هنن لاءِ نه رڳو گذر سفر جو اڪيلو ذريعو هو. پر گڏو گڏ انهن ڍڳين جا مخصوص نالا، نزاڪتون ۽ روين ۾ به، هنن لاءِ عجيب ڪشش هئي. اهوئي سبب هو جو، انهن ڀٽارين جي جياپي خاطر، هتي هن پنهنجي دل تي پٿر ٻڌو هو، ۽ هُتي ٻن ٻارن سان گڏ سڪينه پڻ اڻکٽ انتظار جي ٿوهر کي ڀاڪر ۾ ڀريو هو! پر هڪ ڌُنڌلي آس هئي ته ايندڙ سال وسڪارو ورندو، مينهن وسندا، گاهه ڦٽندا ۽ وري ماروئڙن جا ميلا مچندا ۽ مور نچندا. اهائي سڪار جي سنڌ هئي، جنهن هر محروميءَ تي مرهم رکيو ٿي!
سيارو گذري ويو، لاڙ جي وڻن، بهارن جا ويس وڳا پائڻ شروع ڪيا، پر سارنگ سانگيءَ جي اندر ۾ ڊگھي خزان ترسيل هئي. هن پنهنجا جذبا ڄڻ ته ڍورن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڳانين، چنگن ۽ چڙن ۾ پوئي ڇڏيا هئا. جيڪي کيس هر ويل بيچين بڻائيندا هئا. هن جا سمورا سپنا، ڄڻ ته ايندڙ سال جي بيوفا بادلن وٽ گروي هئا! ڪڻڪن جا لابارا لٿا ته، هن جي ڍورن به ڍئو ڪيا ۽ مينهوڳي مند، جيئن جيئن ويجھو اچڻ لڳي، هن جي جذبن ۾ به جڙن وڇيرن جيئن آوارگي اچڻ لڳي. پر اهي عارضي خوشيون، ٿري کنڀين جيئن ڊگھي عمر ماڻي ڪون سگھيون. هڪ رات هن جا پنج ڍور چوري ٿي ويا. صبح سويل ڳوٺاڻن واهراڙو ته ڪيو، پر ڀرواري وڏيري جي ڳوٺ پيرا وڃائجي ويا. ڪجھه ڏينهن پڇا هلندي رهي، ڀنگ تي ڍور واپس ملڻ جا دلاسا به ملندا رهيا. باقي بچيل ٻن ڍورن مان هڪ ڍڳي، ان خرچ ۾ کپي ويئي، پر مليو ڪجھه به ڪون. آسرن جا پيرُون، نااميديءَ جي لُڪ ۾ هڪ هڪ ٿي ڇڻندا رهيا ۽ نيٺ اها رات به اچي پهتي، جڏهن وسڪاري جو پهريون ڪڪر بارش جون ڪي ڪڻيون کڻي لاڙ تي اچي برسيو. مند جي پهرئين کنوڻ جون مرڪون، ٿري ڀٽن جا سڏڙا، اشارن ۾ ارپڻ لڳيون. ڌونئر ڍڳي پيرن ۾ ٻڌل رسو ڇنائڻ لاءِ زور لڳائڻ لڳي. ڍڳيءَ جي بيجپيءَ ۾، ٿر وڃڻ جي شديد خواهش تڙپي ٿي. سارنگ سانگي ست پيڙهياتو ڀاڳيو ۽ ڍورن جي روين جو پارکو هو. کيس خبر هئي ته ٿري ڍڳين ۾ وسڪاري جي ويل، قدرتي سوجھيون سجاڳ ٿي پونديون آهن ۽ اهي ٿر کان ٻاهر جتي به هونديون، رات پيٽ ۾ ان هوري ۾، ٿر ڀڄي وينديون. سارنگ جي اندر ۾ به اڻتڻ هئي. دل چاهيس: هينئر ئي ٿر هليو وڃي ۽ اٺي جي هوا ۾ پنهنجي ڳڱاٽيل ڳوٺ کي ڏسي. پر هڪ بييقيني هئي، جيڪا هرهر دل ۾ وڍ وجھندي رهي. ”هي کنوڻ به الاءِ ڪٿي پيئي وسي! اسانجي ڳوٺ تي مينهن وسي پيو يا الاءِ نه!؟ آئون صبح سويل ڍڳي ڪاهي هليو ويندس. پرجي ڳوٺ مينهن نه وٺو هوندو ته ڍڳي بک مرندي. ماڻهون کلندا، چوندا ”کنوڻ تي مال مورک ڪاهيندا آهن“.
اوچتو ڍڳيءَ جي رنڀ هن کي خيالن مان جاڳائي وڌو. بيقرار ڍڳي رسيءَ ۾ وچڙي ڪري پيئي، سارنگ ڊوڙ پائي ڍڳيءَ وٽ پهتو. تڪڙو تڪڙو رسيءَ جا ٻنڌڻ کولي ڇڏيائين. ڍڳي آجي ٿيڻ کانپوءِ اٿي بيٺي. سارنگ چتائي ڏٺو. ڪجھه سوچيندي ڍڳيءَ کي وري رسيءَ سان ٻڌائين ۽ واپس بستري تي اچي ليٽيو. دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيائين ته، صبح سويل ڍڳي ڪاهي ڳوٺ هليو ويندس. بستر تي پاسا ورائيندي الاءِ ڪيڏي مهل سندس اک لڳي ويئي. صبح سويل ننڊ مان جاڳندي ئي، سندس نگاهه خالي کُونٽي وٽ ٽٽل رسيءَ تي اٽڪي پيئي. ڍڳي رسو ٽوڙائي، ٿر رواني ٿي ويئي هئي. سارنگ سانگي پيرا کڻي ڍڳيءَ جي پٺيان هلڻ لڳو. سڄو ڏينهن پڇائون ڪندو، پيرا کڻندو رهيو، پر ڍڳي ته هن کان به تڪڙي هئي ۽ ٿر ڏانهن رخ رکي وڃي رهي هئي. سارنگ کي خوف هو ته متان هيءَ ڍڳي به ڪن شاهينگ چورن جي ور چڙهي نه وڃي. اڳئين ڳوٺ ۾ رات پئجي ويئس. صبح سويل وري ڍڳيءَ جو پيرو کنيائين، پر ٿورڙو اڳيان پيرو وڃائجي ويو ۽ سارنگ هٿ مليندو رهجي ويو! آسپاس گھڻو ئي وڙولُون وڌائين، پر ڍڳيءَ جو پتو پئجي نه سگھيو. نيٺ سمورا آسرا پلي، ٿر ويندڙ بس ۾ چڙهي ويٺو.
بس ڳوٺ کان ڪجھه پرڀرو گذري ٿي. بس مان لهڻ کانپوءِ سڌو ڳوٺ جو رخ رکيائين. ٻٽي ڏينهن اڳ برسات وٺي هئي، ٿر جي واريءَ مان ڪنوار جي وڳي جھڙو هڳاءُ وکري رهيو هو. آسمان چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾، ڪنجري جي ٽڪن جيئن چٽو چمڪي رهيو هو. هڪ ڀٽ پوئتي ڇڏي، اڳئين ڀٽ جي چڙهائي چڙهيو ته، ڀٽ جي هنج ۾، سندس ڳوٺ جا چونئرا نظر اچڻ لڳا. ڀرسان ڳوٺاڻي ترائي، چنڊ جي روشنيءَ ۾ آرسيءَ جو اولڙو ڀاسڻ لڳي، واهوندي واءُ ۾ ڀرسان بيٺل ڦوڳ جي لڏندڙ ٽارين جا پاڇا، چانڊوڪيءَ ۾ عجيب منظر آڇن لڳا. رات جي سانت ۾، ڏور ڪٿي ڪو مور پڪاري رهيو هو. سارنگ سانگي ڀٽ جي چوٽيءَ مٿي صاف سٿري ريٽ تي ويهي رهيو. هن 10 مهينا اڳ، جڏهن هن ڳوٺ کي ڇڏيو هو ته هر پاسي ڏڪار جي ويرانيءَ جو واسو هو. وني سڪينه ۽ ٻارن کان سڄي سال جي جدائيءَ جو صدمو به سندس سامهون هو، پر هڪ آس هئي، هڪ سپنو هو، جنهن سان هن جي دل آباد هئي، هن وٽ ستن ڍڳين جو ولر هو، جنهن کي ڏڪار کان بچائڻ لاءِ هن بئراج علائقي جا پنڌ ڪيا هئا. پر هن جا ڏک ۽ ڏاکڙا ڪنهن ڪم جا ڪون ٿيا. اڄ هن وٽ هڪڙي ڍڳي به موجود نه هئي، هن جو اندر، مند مٽي ويل ڇانهين جيئان خالي خالي ٿي پيو هو. وني ۽ ٻارن سان ملڻ جي تانگهه ۽ تڙپ هڪ پاسي هئي ته، ولر وڃائڻ جي محرومي ٻئي پاسي هئي. سارنگ سوچيو: ”گهر وڃي سڪينه کي ڪهڙو جواب ڏيندس، ته ڍور ڪيڏانهن ويا!؟ پاڙي وارا ولر ورائيندا ته اسان جي اندر جا احساس ڪهڙا هوندا. سڪينه کي رُکي سُڪي ماني چٻاڙڻ لئه، پاڙي وارن کان لسي پنڻي پوندي! گزر سفر لاءِ ڪنهن ڀاڳئي وٽ پگهاردار ڌنار بيهڻو پوندم. ٻارڙا جڏهن ننڍڙن گابڙن سان ٻين ٻارن کي کيڏندي ڏسندا ته، سندن حسرتن ڀريل نگهائن کي ڪيئن ڏسي سگهندس !؟“ سارنگ جي سوچ ۾ آئيندي جا انديشه، ڪنڊن جيئن اٽڪي پيا. سندس دماغ چڪرائجڻ لڳو. اکين اڳيان اوندهه ٿڙڻ لڳي. اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ته پير ٿاٻڙجڻ لڳس. ٿاٻڙجي ڀٽ جي چوٽيءَ تان هيٺ ترڪڻ لڳو. بدن ساڻو ٿي پيئس، توازن وڃائي ويٺو. ڀٽ جي هيٺيائين ڏانهن بولاٽيون کائيندو رهيو. نرم واري کيس رهنڊن ۽ رهڙن کان ته محفوظ رکيو، پر هموار زمين تي پهچي، اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ته اٿي نه سگھيو. ڪجھه دير ساهي پٽي سامت ۾ آيو ته اٿي بيٺو. هليو ته قدم ڏانوڻ ڏنل اٺ جيئن ڳرا تي پيئس. گھر جي گھٽيءَ وٽ سندس پاليل ڪتو ڀونڪندو سامهون آيس. پر جلدي مالڪ کي سڃاڻي ورتائين ۽ پڇ لوڏي آجيان ڪرڻ لڳو. ڪتي جي ڀونڪ ۽ سارنگ جي پير جو کڙڪو ٻڌي سڪينه سجاڳ ٿي پيئي، ڊوڙ پائي سامهون آئي. ٻنهين جي دل چاهيو ته ڊگھيءَ دوريءَ دوران کين مليل زخمن کي ڳڻي، هڪٻئي جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي روئي پئجي. ڪنهن ڏوراپي، ڪنهن چلولائي، ڪنهن چاهت ۽ ڪنهن کٽي مٺي کينچل جي، وري تجديد ڪجي! پر ٿري زندگيءَ جي حيا جي هُرکر، ٻنهين وچان ديوار بڻجي پيئي. سارنگ خالي خالي نظرن سان سڪينه ڏانهن ڏسڻ لڳو. سڪينه جي شرميلي مرڪ، احساسن ۾ ڊوڙڻ لڳي، پر چپن تي اچي نه سگھي. سارنگ جي خاموشي، سڪينه کي بيقرار ڪرڻ لڳي. پنهنجائپ جي احساس ۾، اوپرائپ جو واسو وچڙي پيو. ماحول جي پراسراريت ٽوڙن لئه سڪينه ڳالهايو:”تو مونکي وساري ڇڏيو!“. سارنگ ڳالهائڻ چاهيو، پر ڳالهائي نه سگھيو. سڪينه جي بيچينيءَ ۾ واڌارو ٿيندو رهيو، ماٺ جو هر لمحو، ڪاوو بنجي پيو. سڪينه کي ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه پئي سجھيا. ايئن ئي پڇيائين :”مونکان وڌ توکي تنهنجا ڍور مٺا آهن!؟
سارنگ جي سوچ جو آنچل، درد جي ٿوهرن ۾ اٽڪي پيو. وائڙو ٿيندي، چيائين: ”سڀ ڪجهه لٽائي موٽيو آهيان سڪينه!“. سڪينه ڪجهه نه سمجهندئي، ٻئي هٿ مٿي تي رکي روئڻ لڳي. سارنگ پاڻ سنڀالي ورتو. ننڍڙن ٻارن جيئن سڪينه کي ماٺ ڪرائڻ لڳو. ۽ پوءِ پنج ڍور چوري ٿيڻ، هڪ وهڙي پڙيءَ تي وڪامڻ ۽ ڌونئر ڍڳيءَ جي گم ٿيڻ واري وارتا سڪينه کي سڻائڻ لڳو. سڪينه جو اندر آلي بنڊ جيئن ٻرندو رهيو. سارنگ جي اکين مان ٻٽا ٻٽا لڙڪ، پنڇڻ جي پنن جيئن ڇڻندا رهيا. سڪينه ضبط ڪندئي سارنگ کي آٿت ڏني: ”ڇال تون چڱو ڀلو هجين، سُڃي جو سر وڃي، ڀاڳيئي جو مال. رب روزي ڏيندو. ٻين کان پيرائتيون، آڌياريون وٺي، وري ڇانگون ڇيڪارينداسين. ڪي ڪونهين، ڇال تون چڱو ڀلو هجين!“ سڪينه جي آٿت سارنگ کي وري جيون ۾ دلچسپي ۽ آئيندي ۾ آسرو آڻي ڏنو. ماءٌ، پيءَ جي ڀُڻ ڀُڻ ٻڌي ٻئي ٻارڙا، راول ۽ سونا جاڳي پيا. ڊوڙ پائي سارنگ کي چنبڙي پيا. ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي پيار ڪرڻ لڳا. راول چيو: ”بابا مون ڀٽ تي راند ڪندئي چنگ لڌو آهي، ڌونئر ڍڳيءَ جي ڪنڌ ۾ ٻڌندس“. ننڍڙي سونا چيو: ”آئون اڪ جي ڦلڙين جي مالها ٺاهي، ماروڙيِ ڳئون جي سڱن ۾ ٻڌنديس ابا“. ٻارن جون اهي معصوم ڳالهيون ٻڌي سڪينه ۽ سارنگ جي دل گدري جي ڦارن جيئن ڦٽي پيئي. اوچتو گھر جي گھٽيءَ تي ڍڳي رنڀڻ لڳي. ڪتو هڪ ڀونڪ ڪري خاموش ٿي ويو. سڪينه لوڻا هڻندي، چيو : ”گھٽيءَ تي رنڀندڙ ڍور جي رنڀ، هُوبهو پنهنجي ڌونئر ڍڳيءَ جھڙي آهي!“ سارنگ چيس: ”ڳوٺ جو ڪو ڍور هوندو!“ وري ٻي رنڀ ٿي. سڪينه گدگد ٿيندي چيو: ”هيءَ ته منهنجي ماروئڙيءَ جي رنڀ آهي!“ سارنگ ڇڙٻيندي چيس: ”چري آهين ڇا؟ ماروڙي ته چورن جي کونٽي چڙهي ويئي، واپس ڪٿي ٿي اچي!؟“ ننڍڙي سونا وچ ۾ ڳالهايو : ”بابا جڏهن به ڌاريون جانور پنهنجي گھٽيءَ تي ايندو آهي ته پنهنجو ڪتو ڀونڪي ڀڄائي ايندو آهي، هينئر ڪتو ماٺڪو ڇو بيٺو آهي؟!“ سارنگ سوچ ۾ پئجي ويو. اوچتو هڪ خيال کيس ڇرڪائي وڌو : ”جانورن جون سُوجھيون ڏاڍو تيز آهن، ٿري ڍور مينهوڳي مند ۾ بئراج علائقي ۾ ترسي نه سگھندا آهن ۽ وجھه وٺي ٿر ۾ اباڻي واڙي تي پهچي ويندا آهن. “ سارنگ ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. سامهون سندس چوري ٿيل پنجن ئي ڍورن سميت ڇهين ڌونئر ڍڳي به موجود هئي، جنهنکي سڪينه ڪٽڪاريو پئي.
سارنگ سانگي اسي سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. زال سڪينه جي موت کانپوءِ سارنگ ڀاءُ قاسم سان گڏ ئي رهندو هو. هن پنهنجي ڌيءَ سونا جو بدو ڏيئي قاسم کي پرڻايو هو. پر مڙس مري وڃن کانپوءِ سونا طرفان پيار جو پرڻو ڪرڻ سبب، قاسم پنهنجي ساهرن توڻي، سونا سان قطح تعلق ڪري ڇڏيو هو. قاسم سڀني ڀائرن مان ننڊو هجڻ باوجود پڳدار هو. ان ڪري سندس ٻنهين ڀائرن سارنگ ۽ ماستر گلاب، هن جي فيصلي کي قبول ڪري ورتو هو. اهو ئي سبب آهي جو سارنگ سانگي جي مرڻ وقت، سندس اڪيلي ڌيءَ سونا، پنهنجي پيءَ جو منهن ڏسي نه سگھي هئي. مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سارنگ سانگي، قاسم کان انتهائي بيوسيءَ مان پڇيو هو، ”راول ڪڏهن ايندو؟ ”قاسم کيس ورندي ڏيئي نه سگھيو هو، اکين منجھه پاڻي ڀرجي آيو هئس. کيس آٿت ڏيندي چيو هئائين: ”ڪو ڇوڪرو موڪليون ٿا. سڀاڻي اچي ويندو“. سارنگ خاموش ٿي ويو هو. سندس پٽ راول ان وقت ڪاليج جو پرينسيپال هو. جنهن وقت سارنگ سانگي، هن کان ڏور ٿر جي ڏورانهين ڳوٺ ۾ مري رهيو هو، ان وقت پروفيسر راول، پنهنجي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل هو. هن جي اڳيان ٽيبل تي ڪاغذن جي ٿهي موجود هئي. انهن ڪاغذن تي کيس اڄ ئي صحيحون ڪرڻيون هيون. سڀاڻيءَ کان موڪلون شروع ٿيڻيون هيون. هن وٽ وقت ٿورو هو ۽ ڪم گھڻو. ڪال بيل تي هٿ رکيائين، پٽيوالو ڊوڙندو سامهون اچي بيٺس، پٽيوالي کي چانهه آڻڻ جو چئي پاڻ ڪم ۾ جنبي ويو. ٿوري دير پڄاڻا پٽيوالي چانهه جو ڪوپ ٽيبل تي رکندي احترام سان چيو: ”سائين ٻاهر برڪت نالي شخص توهان سان ملڻ گھري ٿو“ راول چانهه جو ڪوپ کڻندي وراڻيو: ”پندرهن منٽن کانپوءِ اندر اماڻينس“.
پٽيوالو در ٻيڪڙي ٻاهر هليو ويو. پروفيسر راول چانهه جوسرڪ ڀري، اوپري شخص تي سوچڻ لڳو، جيڪو پندرهن منٽن کانپوءِ هن سان ملڻ وارو هو. برڪت ڪير ٿي سگھيو ٿي؟. ڪنهن وقت جو هن جو پيارو دوست، جنهن پرائمري کان مئٽرڪ تائين هن سان گڏ تعليم حاصل ڪئي هئي. ٻنهين جا ڳوٺ به هڪٻئي کي ويجھو هئا. شهر جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ وقت کين چارميل ڊگھو پنڌ ڪري اسڪول پهچڻو پوندو هو. سياري جي صبحن ۾ سڪل ٻُوهن ۽ کپن کي باهه ڏيئي سيءُ لاهيندا هئا. اونهاري ۾ اسڪول کان موٽندي، ڄارين جا رتا پيلا پيرُون کائي پيٽ ڀريندا هئا. وسڪاري جي آڙنگائي تتل ڏينهن ۾، شهر کان واپس ورندي چاچا ڏني جي ٻنيءَ مان گلاليا ڇانهيان ڇني کائيندا هئا. برڪت ۽ راول جي رفافت، سالن جي سنگت ۾ بدلجي ويئي. راول ۽ برڪت سدائين گڏگڏ هوندا هئا. راول درياءُ دل ۽ ڪڏهن به ليکو نه ڪندڙ هو. هن جو ڪوبه سڳو ڀاءُ نه هو. ڀاءُ جي محروميءَ مان ڦٽندڙ سمورو پيار، برڪت تي نڇاور ڪيو هئائين. راول اسڪول ٻاهران جڏهن به ڇولا، چڻا ۽ پڪوان وٺـندو هو ته، برڪت کي گڏ کارائيندو هو. پر برڪت جڏهن به ڪجھه وٺندو هو ته، ڪنهن ڪم جو بهانو گھڙي، ٻاهر وڃي کائيندو هو. جيئن راول حصيدار نه بڻجي. ڪڏهن چنڊ چانڊوڻي راول کي ڪجھه کارائيندو هو ته، ٻين ساٿين اڳيان هرهر احسان جتائيندو وتندو هو. برڪت فطرتن مفت خوريو ۽ موقعا تاڙيندڙ هو. سدائين وٺڻ جي پويان پويان، ڪڏهن ڪجھه ڏيڻ هن سکيو ئي نه هو. ننڍڙي ۽ غير اهم ڳالهه کي وڏي ڪري پيش ڪرڻ، هن جو دلچسپ مشغلو هو. ٻي جي احسان کي يا ته پنهنجي چالاڪي سمجھندو هو يا وري ٻي جي بيوقوفي! منهن تي مٺ مٺ ۽ پرپٽ گلائون، هن جي عادت جو حصو هيون! ڪنهن جي به تعريف ۽ سٺائيءَ کي هن ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو. چڱائي ۽ برائيءَ جا تصور، هن وٽ چٽا هئا ئي ڪون. ان ڪري غلط بياني، هن جي زبان کي وڻ ويڙهي جيان وروڪيل هئي. خلوص کان خالي هن جي دل ۾، ڪنهن رشتي لاءِ ڪوبه احترام نه هو. هن جا هٿ دوستن جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ لاءِ، هر ويل ڦڙت هوندا هئا. هن جي انهن سمورين بيسرائين کي سماجي نظام هٿي ڏني هئي. اهڙو سماجي نظام، جنهن ۾ چالاڪي ۽ ڏاهپ کي، ساڳي ڳالهه سمجھبو آهي. دولت ۽ طاقت کي ڪاميابيءَ جي نشاني سمجھيوآهي. لباس، ڪرسي، ڪار، بنگلو۽ بينڪ بيلنس جا ماڻ ماپا، شخصيتن جي قد ڪاٺ جي ڪٿ ڪندا آهن. هيرو ازم، عملي ڪارنامن بدران نعريبازيءَ سان ملي پوندو آهي!. اهڙي سماج جي تاش ۾، برڪت جوڪر پتي جيان جت ڪٿ فٽ ٿي ويندڙ شخص هو. جڏهن ته راول اهليت باوجود خودداري ۽ دل جو چيو مڃڻ ڪري سدائين مس فٽ ئي رهيو!
ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ ٻنهين وٽ واندڪائيءَ جو ويلو ترسي پيو. راول قلمي صلاحيتن سان مالامال هو. هن جا لکيل ليک اخبارن ۾ مقبوليت ماڻي رهيا هئا. هڪ نئين جاري ٿيندڙ ڏهاڙي اخبار ۾کيس ڪالمن جي صفحي جو انچارج مقرر ڪيو ويو. دلچسپ اسٽوريون، محبوب ڪالم ۽ غير روايتي انداز، اخبار جي سرڪيوليشن ۾ ريڪارڊ واڌارو آندو. ساڳي اخبار ۾ برڪت به جيئن تيئن پروف ريڊر مقرر ٿيو. برڪت جي پروف ريڊنگ به راول ڪرڻ لڳو، جيئن اخبار جي ڪوالٽي تي ڪو فرق نه اچي. راول سان ساڙ کائيندڙ ڪيترائي ملازم، برڪت جي نااهليت کي بهانو بڻائي ايڊيٽر تائين راول جو شڪايتون پهچائڻ لڳا. برڪت جون دشمنيون ۽ ڪوتاهيون به اڪثر راول کي ڀوڳڻيون پونديون هيون. برڪت هن جو دوست هو، ۽ دوستن لاءِ سڀ ڪجھ سر تي سهڻ، راول جو ئي شيوو هو. اداري ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ملازمن جي لابيءَ سازشون، بهتان، سفيدن وڻن جيان وڌائي ڇڏيا، تڏهن راول، برڪت کي دفتري ڪم مان هٽارائي، اسٽاف رپورٽر مقرر ڪرايو ۽ اهو ئي ڪم برڪت جي مزاج سان ٺهڪندڙ ثابت ٿيو. دفتر کان ٻاهر ماڻهن جي سمونڊ ۾، برڪت لاءِ خبرن جي کوٽ نه هئي. هن جي لکيل خبرن ۾ شروع شروع ۾ ڪيئي غلطيون هونديون هيون. جيئن ٻهراڙيءَ ۾ مقرر نمائدن جي رپورٽنگ ۾ هونديون آهن، ۽ سب ايڊيٽر پنهنجو فرض سمجھي درستگيون ڪندو آهي. پراڳتي هلي برڪت ان ڪم جو بنيادي ڳالهيون سکي ورتيون، گڏوگڏ اداري جي آڙ وٺي، شخصي مفاد ماڻڻ ۾ لڳي ويو. جتي لوڀي هوندا آهن، اتي ٺوڳي بک ناهن مرندا. ناجائز ذريعن سان ملڪيت ميڙيندڙ ۽ ٻيا ڪيئي قانون شڪن ماڻهو، پنهنجا ڪڌا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ، هن جي مٺ گرم ڪرڻ لڳا. برڪت عزتدار ماڻهن جي پٽڪي ۾ به هٿ وجھڻ شروع ڪيو. هر روز ايڊيٽر جي آفيس ۾، ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا. جيڪي پنهنجو موقف يا اڳ ڇپيل خبر جي ترديد ڇاپڻ لاءِ ڳري قيمت ڏيڻ سان گڏ منٿ ميڙ به ڪندا هئا. خبرن جو مهانڊو ڦيرائڻ ته، صفا سولو آهي. مظلوم تي حملي کي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لکي سگھجي ٿو!پريمي شادي لاءَ وقتي روپوشيءَ کي، مُبينه اغوا ۾ به بدلائي سگھجي ٿو. برڪت سان گڏ ايڊيٽر جا به ٺٺ ٿيڻ لڳا. هن جي انا جي تسڪين سان گڏ، دولت جي به ريل ڇيل ٿيڻ لڳي. برڪت ايڊيٽر لاءِ کاٽائو پٽ ثابت ٿيو ۽ ايئن هن کي سڀني کان ويجھو ماڻهو به! اهي ئي ملازم جيڪي اڳي برڪت جي خلاف سازشن ۽ گلائن مان نه ورچندا هئا، سي هن جي ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳا. هر ڪو هن کي ويجھو ٿيڻ لڳو. جڏهن ساڳي اخبار جي مالڪ طرفان هڪ پرائيويٽ ٽي- وي چينل شروع ٿيو ته، اخبار جي ايڊيٽر کي ٽي- وي چينل تي ذميواريون سونپيون ويون. اڳوڻي انچارج ايڊيٽر ويندي ويندي برڪت کي پنهنجي جاءِ تي انچارج ايڊيٽر مقرر ڪرائي ڇڏيو. هاڻي برڪت جا ٻئي هٿ گيهه ۾ هئا. هن جي پويان چاپلوسين ماڻهن جا هجوم هئا. جن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا. جن ڪنهن دور ۾ هن جا پير ڪڍڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا هئا. خوشامدي ماڻهن جي ان هجوم ۾، راول جي جڳه ٺهي نه پئي سگھي. ڪنهن وقت، راول جي شاگرد ۽ دوست واري سڃاڻپ رکندڙ، برڪت جي رويي ۾ هاڻ، باس واري بيرخي اچڻ لڳي هئي. هن راول جا فون اٽينڊ ڪرڻ به گھٽائي ڇڏيا هئا. راول ان مزاج تي پورو لهي نه پئي سگھيو. هڪ ڏينهن جڏهن راول کي ڳوٺاڻي دوست جي شادي ڪاڄ جو دعوتنامو مليو ته، راول پير پير ۾ ڏيئي برڪت جي آفيس ۾ پهتو. برڪت ملاوتي مرڪ سان آجيان ڪندي، هن کان پڇيو: ”مون لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“. راول وراڻيو
: ”ڳوٺاڻي دوست کمون جي شادي آهي. ٻن ڏينهن لاءِ ڳوٺ پيو وڃان موڪل کپي“. برڪت ڪجھه سوچندي وراڻيو : ”اڄڪلهه سياسي موسم گرم آهي. اوهانجو اخباري ڪم سنڀالڻ لاءِ، هتي ترسڻ ضروري آهي. “ راول چيو: ”ها پر سياست کان کان وڌيڪ مونکي دوستيءَ ۾ دلچسپي آهي. “ برڪت سنجيدهه ٿيندي، چيس : ”توکي ملازمت ۾ دلچسپي رکڻ گھرجي. ادارو اوهانکي پنج هزار پگھار ڪم لاءِ ڏي ٿو، ان لاءِ نه جو، اوهان شادين جي ڪاڄن ۾ گھمندا رهو“ راول ورندي ڏنس :
”هن اداري جي بهتري لاءِ اسان راتين جون ننڊون ڦٽايون آهن. پنج هزار پگھار اسانجي ڪم کان گھڻي گھٽ آهي. ٽن چئن مهينن کانپوءِ ٻه ٽي ڏينهن موڪل ته اسانجو به حق آهي نه!“ برڪت بيرخيءَ مان چيو : “هتي اسانجو موضوع حق ۽ ناحق ناهي. ڀلا اهو ٻڌائي ته کمون، اهوئي ساڳي آهي نه، جيڪو اٺين ڪلاس تائين پاڻ سان گڏ پڙهندو هو. ڏاڍو هوشيار شاگرد هو. هڪ ڏينهن دير ڪري اسڪول آيو، ماستر مرغو ٺاهي، ساٿي شاگردن کان ٿڏا هڻاياس، ان بيعزتيءَ کانپوءِ ڪڏهن به اسڪول ڪون آيو. وڃي مائٽن جو ٻڪريون چاريائين“ برڪت وڏو ٽهڪ ڏيئي پڇيو“: ”اهوئي کمون نه؟“ راول هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. برڪت ڳالهه جاري رکندي چيو: ”ان ڌراڙ ٻڪراڙ جي شاديءَ ۾ رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن جا ولر هوندا. ڇا ڏسندين؟“ راول بيزاريءَ مان وراڻيو:”توهان وٽ جيڪي ترجيحون ۽ اوليتون آهن، ضروري ناهي ته آئون به ايئن سوچيان،. منهنجي نظر ۾، دعوتون سڪ جا سڏڙا آهن. جن منجھان خلوص جي خوشبوءِ ايندي آهي!“
برڪت چهري تي بيسرو گھنڊ وجھي، سختيءَ مان چيو: ”گھڻا هر زمين کي ڏبا، آئون توکي واضح ٻڌايان، موڪل نه ملندي، ملازمت مٺي اٿئي ته ماٺڙي ڪري ويهي رهيو!“ راول ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو. چيائين : ”نوڪري ويئي ته آئي آڱوٺي تان، دوست جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيندس“. برڪت حيرت مان چيو: ”عجيب ڳالهه آهي، ڌراڙ ٻڪراڙ کمونءَ جي شاديءَ ۾ ڇا رکيو آهي!؟“ راول واپس ويندي چيو : ”تون دولت جي دنيا جو رهندڙ آهين برڪت، توکي ڪهڙي خبر ته ڪنهن مسڪين مگر مخلص دوست هٿان، پيار مان پياريل رٻ، آب حيات کان وڌيڪ اهم آهي!؟“
برڪت ڪاوڙ مان چيو: ”آئون تنهنجو باس آهيان. منهنجو حڪم نٿو مڃين“.
راول وراڻيو: ”اڄ پنهنجي نوڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهيان. جيستائين تو دوستيءَ جي ٻولي ۾ حڪم پئي ڏنا، تيستائين اکين تي هئا. پر هاڻي تنهنجي ٻولڪي بدليل آهي. خير. . . . آئون توکي ۽ تنهنجي نوڪريءَ کي نيڪ تمنائن سان خدا حافظ ٿو چوان. اوهانکي اوهانجو هي ادارو مبارڪ هجي- آئون هلان ٿو“
برڪت مصنوعي کل کلندي چيو: ”ڪو فرق نه پوندو راول- تون پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻي رهيو آهين. “
راول ويندي ويندي بيهه رهيو. ڪنڌ پوئتي ورائي برڪت سان مخاطب ٿيو: ”برڪت توکي دولت، ڪرسي ۽ رتبي جي چڪر منجھائي ڇڏيو آهي. پر پوءِ به تون منهنجو دوست آهين ۽ دوست رهندين. اسين اهي البيلا ماڻهو آهيون، جيڪي نقصان ته کائي ويندا آهيون، پر ڪنهن سان ويساهه گھاتي ڪري ناهيون سگھندا. دماغ جا دليل نه مڃي، دل کان دوکو ته کائي ويهندا آهيون، پر آزمائش ۾ پير پوئتي ناهيون ڏيندا. رهزن هٿن سدائين اسان جي ڪلهن تان بندوقون ڇوڙيون آهن. پر هر دفعي، اسان سڀ ڪجھه سمجھندي به فريب کاڌا آهن، ۽ ڪڏهن به ڪو ڏوراپو ناهي ڏنو! اسين سچ جي راهن تي هرهر ڪٺا آهيون، پر اسان شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڱوٺن کي ڏانٽن جا وڍ ناهن ڏنا ۽ اسانجي دل به ان ارڏي گھوڙي جيان آهي. جنهن جي رڪيب ۾ دوستن کانسواءِ، ٻيو ڪو به پير پائي ئي نه سگھندوءَ“ راول آفيس مان ٻاهر هليو ويو.
اخباري ملازمت ڇڏڻ کانپوءِ، ڪجھه وقت هن وٽ مالي هٿ منجھه ۽ کيسا خالي هجڻ وارو دؤر ترسي پيو. پر هن ليڪچرشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ورتو. جلدي کيس ليڪچرار طور سرڪاري ملازمت ملي ويئي. اها اخبار، جنهن جي آبياري هن پنهنجي پگھر سان ڪئي هئي، هن جي ڇڏڻ کانپوءِ ان جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرڻ لڳو، ڪڏهن ڪڏهن ساڳي اخبار پڙهڻ لاءِ ملندي هئس ته، غير دلچسپ سرخيون، بي سواد ڪالم، ناڪام عاشقن جون ڊائريون ۽ رڌپچاءُ جون ترڪيبون پڙهي، هن جون اکيون رت جا لڙڪ هارڻ لڳنديون هيون. اخبار ڇڏڻ کانپوءِ راول ڪڏهن ڪنهن اخبار لاءِ ڪو ڪالم نه لکيو. هن جي دل به ان پکي جيان هئي، جيڪو هڪ آکيرو اجڙڻ کانپوءِ، جلدي ٻيو ٺڪاڻو ڳولي ناهي سگھندو ۽ انهن لامن تي لڏڻ لاءِ وري وري تانگھائيندو آهن، جتي هن ڪي لاتيون، ڪي باتيون ڪيون هونديون آهنء!
ليڪچرار ٿيڻ کانپوءِ راول جي ساٿين ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ڪاٽن ڪپڙا ۽ چشما پاتل ڪيئي پڙهيا لکيا، هن جا ساٿي، جڏهن ايوننگ واڪ تي هن سان گڏ هلندا هئا، ته راول اڪثر پنهنجي غريب دوستن وٽ بيهي ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو، جن مان ڪو موچي، ته ڪو هوٽل جو بيرو ۽ ڪو وري پٽيوالو به هوندو هو. انهن مان ڪو ويهڻ جي صلاح ڪندو هئس، ته ويهي رهندو هو. نه ڏسندو کٽ، نه ڏسندو پٽ، بس انهن سان انهن جھڙو ٿي ويهي ڳالهيون ڪندو. ڪپڙا ڇنڊيندڙ ۽ ٽشو پيپر سان پگھر اگھندڙ، هن جي ساٿين جي نڪ ۾ وٽ پئجي ويندا! اهي انهن سان گڏ ويهڻ، پنهنجي رتبي جي تذليل سمجھندا، هڪٻئي سان راول جي ذهني حالت تي ڀڻ ڀڻ ڪندا ۽ نيٺ هڪ هڪ ٿي، هن کان پري ٿي ويا، پر راول پنهنجي دل کان پري ٿي نه سگھيو. پرنسپل جون ذميواريون ملڻ کانپوءِ به، هن جي رويي ۾ ڪا تبديلي ڪون آئي. ساڳيو فقير منش ماڻهو، مرضيءَ جو موليٰ، رڪشن ۾ رلندڙ، پيرين پنڌ ڪندڙ، نه ڪالهه تي پڇتاءُ، نه سڀاڻي لاءِ پريشان. بس جھڙو اندران تهڙو ٻاهران، زندگيءَ جي راهن تي راضي رهندڙ- هڪ دلبر شخص !!
پروفيسر راول جنهن وقت، پنهنجي آفيس ۾، چانهه پيئندي برڪت نالي شخص تي سوچي رهيو هو. ان وقت ويهه سال اڳ جو زمانو هن جي اکين اڳيان ڦرندو رهيو.
ويهن سالن کان برڪت کي نه ڏٺو هئائين، هن جو تجسس وڌندو رهيو. پندرهن منٽن کانپوءِ هن سال ملڻ وارو شخص ڪير ٿي سگھيو ٿي. برڪت هجي يا وري ڪو ٻيو!؟
“هن چانهه جو خالي ڪوپ رکيو. واچ ۾ وقت ڏٺائين، ”پندرهن منٽن مان ڏهه منٽ گذريا هئا، پنج منٽ باقي هئا. الاءِ ڇو؟ هن جي اڳيان برڪت جي ٻالڪ پڻ واري تصوير ڦري رهي هئي. هو اتاولو ٿيڻ لڳو. پندرهن منٽن جو وقت، هن لاءِ پندرهن صديون ٿي پيو. راول پنهنجو هٿ ڪال بيل تي رکڻ کان روڪي نه سگھيو. پٽيوالو اڳيان اچي بيٺس. پٽيوالي کي چيائين : ”برڪت نالي شخص کي اندر موڪل“. ٻئي لمحي برڪت هن جي سامهون موجود هو. هن جو ننڍپڻ جو دوست، اهوئي ساڳي ٻهروپي انداز، اهائي مصنوئي مرڪ ۽ اهوئي ساڳي خوشامدي لهجو. راول برڪت کي ڀاڪر پائي مليو، عزت سان ڪرسي تي ويهاريائين. پٽيوالي کي چانهه آڻن جو چئي، برڪت کان حال احوال وٺڻ لڳو. برڪت ٻڌايس : ”يار اڄڪلهه قاسم آباد ۾ رهان ٿو. اخبار بند ٿي ويئي. هڪ مل ۾ مينيجر آهيان!“
راول جي اندر ۾ آيو ته کيس چوي ”اڃا مل بند ناهي ٿي!“ پر خاموش رهيو. برڪت چيس : ”تنهنجو پٽ ضرياب، قاسم آباد ڪاليج ۾ پڙهي ٿو نه؟“ راول هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. برڪت ڳالهه جاري رکي: ”ساڳي ڪاليج ۾ منهنجو ڇوڪرو رجب، تنهنجي پٽ جو هم ڪلاس آهي. اتان ئي مونکي اوهاجي هتي هجڻ جي خبر پيئي. هڪ ڪم وجھي هليو آيو آهيان. “.
راول کان ڇرڪ نڪري ويو: ”مون ۾ ڪهڙو ڪم ٿي سگھي ٿو “. ”بس مڙئي معمولي آهي، تنهنجي ڏائي هٿ جو کيل!“
راول سواليه نظرن سان برڪت کي ڏسڻ لڳو. برڪت وراڻيو ”قاسم آباد ڪاليج جا امتحاني پرچا هتي، اوهان جي ڪاليج ۾ چڪاس لاءِ آيل آهن“.
”ته پوءِ ان ۾ ڪم جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
برڪت ڪياڙي کهڻ لڳو. راول جي بيقراري وڌندي رهي. نيٺ برڪت چيو : ”اصل ۾ منهنجي ڇوڪري جي ميڊيڪل ۾ سليڪشن ڪرائڻي آهي. گذريل سال اهو ڪم مون ڏي وٺ سان بورڊ مان ڪرايو هو. پر هن سال پکي پاڻهي اچي ڳوڙهي سان لڳو آهي. تون هن سال جون مارڪون وڌائي سگھين ٿو. گھربل مارڪون ملڻ کان پوءِ رجب ڊاڪٽري ۾ سليڪٽ ٿي ويندو “ راول حيرت مان برڪت کي ڏسڻ لڳو. برڪت وري چيو: ”پرچا چيڪ ڪرڻ وارا به تنهنجا ماتحت ليڪچرار هوندا. “ راول مايوسي مان وراڻيو: ”افسوس، اهڙو ڪم ڪرڻ جو آئون سوچي به نٿو سگھان، پرچا چيڪ ٿي چڪا آهن. اڄ ئي واپس موڪليون پيا“، برڪت تڪڙ مان وراڻيو : ”چيڪ ٿي چڪا آهن ته، مڙئي خير آهي. انگن کي بدلائي سگھجي ٿو“راول معذرت واري لهجي ۾ ورندي ڏيندي چيو : ”دوستيءَ ۾ سر گھرين ته حاضر آهي، پر ڪم اهڙو رک، جنهن ۾ ضمير ملامت نه ڪري !“
برڪت اصليت تي لهي آيو. چيائين:”تون منهنجو ننڍپڻ جو يار آهين، اهو خسيس ڪم توکان نٿو پڄي! ياد اٿئي اهي ڏينهن، آئون توکي اسڪول ۾ چڻا ڇولا ۽ پڪوان کارائيندو هئس. هڪ دفعي صبح سويل مون واٽ تي ستل بلا کان توکي بچايو هو“. راول جي لبن تي بيساخته مرڪ تري آئي. هن کي اهو صبح ياد آيو، جڏهن ٻئي اسڪول اچي رهيا هئا. ڀرسان بيٺل وڻ وٽان هڪ خونخوار ڪتي، برڪت تي حملو ڪيو. برڪت جي قميص جي چال ۾، ڪتي جو چڪ پئجي ويو. برڪت زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو، ڀرسان بيٺل راول نه ڪئي هم، نه تم، سڌو ڪتي جي ڪنن ۾ هٿ وڌائين. ڪنهن ماهر ملهه پهلوان جي واري جيان ڪتي کي چوڦير ڦيراڻ لڳو. گهمائي گھمائي جڏهن ڪتي مان هٿ ڪڍيائين ته، ڪتو پري وڃي ڪريو. ڪتي کي ڦيري اچي ويئي، پير ٺاهه تي نه پئي آيس، ٿڙندو ٿاٻڙجندو، هڪ طرف وڃڻ لڳو. راول پوئتي لوڻو ڦيريو ته پاسي واري ڄار تي چڙهيل برڪت، حيرت ۽ خوف مان پري ويندڙ ڪتي کي ڏسي رهيو هو. ڄار تان لهي جڏهن زمين تي آيو ته، هن جي قميص ڦاٽل هئي ۽ شلوار به آلي هئس! ان حالت ۾ اسڪول وڃڻ مناسب نه هو. ٻئي ڄڻا واپس گھر وڃڻ لڳا. واپسيءَ ۾ اڳيان ويندڙ برڪت، گس تي ويٺل لنڊي بلا ڏٺي. جھٽ پٽ پير جي جوتي سان ماري وڌائين. داد طلب نظرن سان گدگد ٿيندي، راول کي چيائين:
”ڏس توکي مون بلا کان بچائي ورتو. مون ڪيئن نه ڦڙتيءَ سان بلا ماري، منهنجي دل ته ڏس!“.
برڪت هن ڳالهه جو هر ملندڙ سان ذڪر ڪيو. ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ هر ساٿي اڳيان بلا مارڻ واري ڳالهه جو ذڪر ڪندو رهيو ۽ ان ننڍڙي ڳالهه کي به پنهنجي ڪارنامي طور ڳڻائيندو رهيو. جڏهن ته راول ۽ ڪتي جي مقابلي جو ذڪر ڪنهن اڳيان به نه ڪيائين. نه ئي راول ان ڳالهه جو احوال، ڪنهن سان اورڻ ضروري سمجھيو. راول انهن ماڻهن مان هو، جيڪي ڪندا ته گھڻو ڪجھه آهن، پر ظاهر ڪجھه به ناهن ڪندا. جڏهن ته برڪت جھڙا ماڻهو ڪندا گھٽ آهن، ۽ ظاهر گھڻو ڪجھه ڪندا آهن! ۽ ٻنهين جي وچان، اهوئي بنيادي فرق هو.
راول کي گم ڏسي، برڪت چيو: ”وائڙو ڇو ٿيو آهين، منهنجا احسان توتي اڃان به گھڻا آهن. آخر منهنجو ننڍڙو ڪم ڇو نه ٿو ڪرين“
راول عذيت جي سمونڊ ۾ ٻڏڻ لڳو. بيوسيءَ مان چيائين: ”دوستيءَ ۾ آئون پنهنجو پاڻ کي ته نقصان ڏيئي سگھان ٿو، پر اهڙو ڪو به ڪم نه ڪندس، جيڪو سڄي ڄمار مون کي پڇتاءُ جو ڪاريهر بڻجي ڏنگيندو رهي“.
برڪت زور ڏيندي چيو :”جڏهن آئون اخبار جو ايڊيٽر هئس، تو نوڪري ڇڏڻ وقت چيو هو ته آئون تنهنجو دوست هئس ۽ رهندس ۽ تون ڪنهن آزمائش ۾ پير پوئتي نه ڏيندين ! اڄ تولاءِ آزمائش آهي، هڪ طرف منهنجو پٽ، ٻئي طرف تنهنجو پٽ!. “
راول حيرت مان پڇيو:”تنهنجو پٽ، منهنجو پٽ، ڇا مطلب ؟“
برڪت مصنوعي مرڪ مرڪندي چيو: ”تنهنجو پٽ رجب گذريل سال جي امتحان ۾ پهريون نمبر رهيو هو. هن سال به سندس مارڪون گھٽ ڪون هونديون. هن جو سيٽ نمبر 22848 آهي. جڏهن ته منهنجي پٽ رجب جو سيٽ نمبر 22846 آهي. صرف ڇڪي کي اٺي ۾ بدلائڻو پوندو. ڪو فرق نه رهندو. باقي اٺ کي ڇهه ۾ آڻڻ لاءِ معمولي ڊاٺ ٿيندي. “ راول جي دل آزمائش جي ڪنڊن ۾ وچڙي پيئي. دوستيءَ جي آزمائش ۾ هو سدائين سرخرو رهيو هو. پر اڄ هن جي اڳيان وڏي آزمائش آيل هئي. هن کي برڪت جي ڪابه مجبوري نه هئي، پر هن کي مجبور ان دل ڪيو، جنهن دل، سدائين قرباني ڏيئي دوستيءَ جا ڀرم رکيا هئا.
ڏهن منٽن کانپوءِ ضرياب ۽ رجب جا امتحاني پيپر، راول جي ٽيبل تي موجود هئا. برڪت انگن کي بدلائي دادطلب نظرن سان راول ڏانهن ڏٺو، چيائين: ”بورڊ ۾ ان ڪم جا لک سوا لڳي وڃن ها، “
پروفيسر راول خاموش رهيو. برڪت ڪرسيءَ تان اٿي وڃڻ لڳو. راول ڏکوئيندڙ آواز ۾ چيو: ”اسين انهن عجيب رشتن جا اسير آهيون، جن رشتن کي دولت جي هن دنيا ۾ سمجھي نٿو سگھجي. اسين انهن املهه وفائن جا سوداگر آهيون، جن جي قيمت موجوده مارڪيٽ ۾ ڪريل آهي. اسانجي سچائي، انهن ماڻهن اڳيان تماشو بڻي آهي، جن بي پتن اٺن جيان، انهن ئي وڻن کي کاڌو آهي، جن وڻن سان اهي ٻڌبا آهن ۽ اسان دوستيءِ جي ديويءَ کي راضي رکڻ لاءِ، پنهنجن ئي هٿن سان، پنهنجي دل ۾ ڇرا هنيا آهن!“ برڪت لاپرواهيءَ سان ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
برڪت جي ٻاهر نڪري وڃڻ کانپوءَ، برڪت کي ضمير چُهنڊڙي هنئي: ”تو پنهنجو نقصان ڪيو يا پوري معاشري جو؟!“ هو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو، پڇتاءٌ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳو. سگھوئي پوءِ پٽيوالو ڪمري ۾ داخل ٿيو. احترام سان چيائين : ”سر اوهانجو ڳوٺاڻو آيل آهي، اندر موڪليانس“. ”ها ها منهنجو ڳوٺاڻو، هينئر ۽ هتي. . . . . ؟!“
ٻئي لمحي هن جي اڳيان سندس ڳوٺائي مکڻ موجود هو. جنهن کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو: ”يار وقت تمام ٿورو آهي. سارنگ جي طبعيت صحيح ناهي. اوهان جلد هلو!“ راول ڪجھه سالن کان شهر ۾ ئي رهندو هو. هن پيءَ کي شهر هلڻ لاءِ تمام گھڻو زور ڀريو. پر سارنگ شهر ۾ رهڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو. سارنگ ڀاءُ قاسم سان گڏ ئي رهندو هو. شهر ۾ هن جو ساهه منجھندو هو. ان ڪري پٽ راول سان گڏ شهر ۾ رهڻ بدران هن ڳوٺ ۾ رهڻ کي ئي ترجيح ڏني.
پر جنهن وقت پروفيسر راول پٽ ضرياب ۽ گھر واريءَ سان گڏ ڳوٺ پهتو، ان وقت سندس والد سارنگ جو لاش دفنائڻ لاءِ قبرستان ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا. جنهن وقت پروفيسر راول، پنهنجي پيءُ جي جنازي کي ڪلهو ڏنو، ان وقت هن کي سارنگ جو اهو ڪلهو ياد آيو. جنهن تي چڙهي ننڍپڻ ۾، هن ڪيئي منظر جھٽيا هئا، ڇيڳرايون ڪيون هيون ۽ ڀيڻ سونا سان گڏ ڪيئي معصوم کيٽا ڪيا هئا. ان وقت هن سچ پچ خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي پيءَ جي ڪلهي تي چڙهيل محسوس ڪيو. پر ٻيو ڪلهو خالي هو، اتي ننڍڙي سونا موجود نه هئي!
***

مٺي جانان! چاچا سارنگ جي زندگيءَ جو احوال، ان ڪري لکيو اٿم، جيئن مون طرفان لاڙ ۾ رهڻ ۽ ٿر ۾ منهنجي خانداني پس منظر متعلق ڄاڻي سگھين. اهي ڳالهيون افسانوي رنگ ۾ ان ڪري لکيو اٿم، جو انهن جا سمورا ڪردار ۽ واقعا، حيرت انگيز طور انوکا، دلچسپ ۽ افسانوي آهن. اميد ته توکي پڙهي گھڻي بوريت نه ٿي هوندي. بابا قاسم، امان حڪيمه ۽ چاچا گلاب جي زندگيءَ جا احوال به ڏاڍا عجيب آهن. وقت مهلت ڏني ته ايندڙ خطن ۾، اماڻڻ جي ڪوشش ڪندس، جيئن تون نه رڳو مونکي سمجھي سگھين، پر منهنجي خانداني پس منظر ۽ ٿري رهڻي ڪهڻيءَ جي چند پاسن کان به واقف رهين.
حجابن ۾ وڃائي ويل اڌوريءَ چميءَ جي هرکر
جھڙو – تنهنجو بيچين ساگر.
ڏس پتو
بيچين ساگر
صفوان ڪلينڪ، ٽنڊو باگو
ضلع بدين.
ياسمين جي لبن تي، ڪينجھر جي ڇولين جيان مرڪون ترڻ لڳيون. اجنبيءَ جي اڌوري ئي سهي، پر ڪجھه سڃاڻپ ته سامهون آئي هئي. ياسمين کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته اجنبي، آسپاس رهندڙ ڪو ٻهروپيو هجڻ بدران ٽنڊي باگي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندڙ شخص آهي. جنهن جو اصل ڳوٺ ٿر ۾ ڪٿي آهي. آخر ۾ سندس پوسٽل ائڊريس به موجود آهي. ياسمين جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. کيس پنهنجي پيار ڏانهن ويندڙ ڌنڌلو پيچرو معلوم ٿي چڪو هو. بلڪل ايئن جيئن ڪنهن ٿري اوٺار کي گھڻي وقت کان وڃايل پنهنجي ڏاچيءَ جي پير جو نشان، ڪنهن ڀٽ تي نظر ايندو آهي! ياسمين به پنهنجي پيار جو طرف معلوم ٿيڻ پڄاڻا، اوندهه ۾ جھوتون پائڻ بدران واضح رخ ۾ ڏسي رهي هئي.
رات جو جڏهن بستري مٿان ليٽي ته، دير تائين سمهي نه سگھي. ڪجھه ملي پوڻ جي اڻ لکيءَ خوشي جي احساس ۾ آئيندي جو ڪو محبوب سپنو سمائجي ويو. هن جي ذهن ۾ ٽنڊي باگي شهر جو نالو هرهر دهرائجي رهيو هو. اهو شهر ڏٺل ته نه هئس، پر ٻڌل ضرور هئس. هوءَ دير تائين ان شهر جي آسپاس رهندڙ اجنبي شخص ۽ سندس چاچي سارنگ سانگيءَ جي متعلق سوچندي رهي، اجنبي شخص طرفان چاچس سارنگ ۽ سئوٽ راول جي متعلق ڪهاڻي نما لکيل ڳالهين، بنهه گھڻو متاثر ڪيس. فلمو ڏسڻ ۽ جاسوسي ناول پڙهڻ جي هيراڪيءَ سبب هوءَ انهن ڳالهين ۾ تمام گھڻي دلچسپي وٺي رهي هئي. هن کي ايندڙ خط جو انتظار هو جنهن ۾، اجنبيءَ جي والد قاسم، ماءُ حڪيمه ۽ چاچي گلاب جو ذڪر ٿيڻو هو. اجنبيءَ پوئين خط ۾ ساڻس اهڙو واعدو ڪيو هو. اجنبيءَ جي خاندان جي ڪهاڻيءَ جي شروعات کيس انوکي ۽ دلچسپ لڳي هئي. هن پاڻ به اجنبيءَ سان جيون ساٿياڻي بڻجڻ جا خواب سجائي رکيا هئا. ان ڪري پاڻ کي به ان عجيب ناول جي ڪنهن ڪردار طور ڏسي رهي هئي! سندس اکين جي آکيري مان ننڊ جو پکي اڏامي چڪو هو ۽ هوءَ اجنبي سڄڻ جي خيالن ۾، ڪتڪائي ڪندڙ جذبن سان کينچيل ڪري رهي هئي. دير تائين سوچن جي سفر ۾، ننڊ ۽ جاڳ جي سنگم تان، هن فيصلو ڪيو ته هوءَ صبح سويل اجنبي سڄڻ کي خط لکندي. جيئن هن کي به احساس ٿئي ته کيس به ڪو ياد ڪري، ننڊون ڦٽائي ٿو.
***

هن سرڪاري اسپتال مان پنجن ڏينهن جي موڪل وٺي ڇڏي ۽ پوڙهي پيءُ سان سهيلي کي خط لکڻ جو بهانو ڪري، پوسٽ جا لفافا گھرايائين. الڳ ڪمري م ويهي، هن اجنبيءَ جي پوئين خط کي وري پڙهيو. آخر ۾ لکيل ڏس پتي تي، هن جون نظرون اٽڪي پيون، ٻيو ته سڀ ڪجھه ٺيڪ لڳس، پر اجنبيءَ جي نالي بيچين ساگر کيس وري شڪ جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو. هن سوچيو: ”جڏهن اجنبي پاڻ به پوئين خطن ۾، هڪ هنڌ بيچين ساگر کي پنهنجي فرضي نالي طور مڃي چڪو آهي. ته پوءِ هن ائڊريس ۾ اهو فرضي نالو ڇو ڏنل آهي؟ فرضي نالي واري ائڊريس تي خط ڪيئن پهچندو؟ ڇا سمورو ڏس پتو فرضي ته ناهي؟ هن کي سمورو کيل، مومل جو ٽڪساٽ محسوس ٿيو. جنهن ۾ ناتر جھڙو ڪو ڪردار کيس اجايو ڌتلائي، گھويون ڏيئي رهيو هو. هن جھٽ ڏيئي خط ڦاڙي ڇڏيو. هٿ ۾ جھليل پين کي مروڙي ٽوڙي ڇڏيائين. ٽٽل پين جا ٻه اڌ ديوار ڏانهن اڇلائي، اٿي بيٺي. هن کي اجنبي شخص تي شديد ڪاوڙ آئي ۽ هوءَ تيزيءَ سان ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي.
هن ارادو ڪيو ته، هوءَ هاڻ ڪڏهن به اجنبي شخص جو خيال، دل ۾ ڪون آڻيندي. ان ڪوشش ۾ هوءَ اجنبيءَ کي وسارڻ جي ريهرسل ڪندي رهي. پنهنجي ساءِ هن ارادو ڪيو ته اجنبي شخص جو ايندڙ ڪنهن به خط کي هاڻ هوءَ نه پڙهندي ۽ لفافو کولڻ بنائي ڦاڙي ڊسٽربن ۾ اڇلائي ڇڏيندي. جيئن لفظن جي خوشبوءِ مان ڦٽندڙ پيار جي پيڙا کان بچي سگھجي!
ٻئي ڏينهن شام جو، هوءَ سپنا ڪلينڪ جي ڊليوري روم ۾ گائيننگ ٽيبل مٿان ستل حامله عورت کي، سينٽو جي ڊرپ لڳائي، پاڻ ڀرسان چيئر تي ويهي رهي. ڪمري کان ٻاهر مريضائن جا اٽينڊنٽ ويٺل هئا. جن مان هڪ ملوڪڙي مهانڊي وارو نوجوان لاڳيتو، هن ڏانهن ڏسي رهيو هو. ياسمين انهن نگاهن کان نطرون بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي رهي. هن طرفان دل اندر دٻايل اجنبي پيار جو سيلاب، ٻاهر نڪرڻ لاءِ پنهنجا رستا پاڻ ٺاهڻ لڳو. هن جي ذهن ۾ اجنبي شخص جا خود ساخته خدوخال اڀرڻ لڳا. هن ڀانيو: اهوئي اجنبي سڄڻ آهي. جنهن جلد هن سان ملڻ جو واعدو ڪيو هو. اڄ مريضه جي وارث طور سندس سامهون موجود آهي. هن کي ڪرسيءَ تي بيچيني محسوس ٿي. اٿي وڃي ڊرپ لڳيل عورت جي پاسي ۾ بيٺي. اتي هن پاڻ کي ڪنهن حد تائين رليڪس محسوس ڪيو، ڇو ته هاڻ هوءَ ٻاهر بيٺل نوجوان جي نظرن جي نشاني کان بچيل هئي. هن اجايو ڊرپ جي رفتار گھٽ وڌ ڪئي ۽ واپس اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. بيساخطه هن جون نظرون سامهون بينچ تي ويٺل نوجوان ڏانهن کڄي ويون. نوجوان جي چپن تي مرڪ پکڙي پيئي، شايد کيس احساس ٿي پيو هو ته، ياسمين هن ۾ دلچسپي وٺي رهي هئي. ياسمين لاءِ سامهون ويٺل نوجوان جي موجودگيءِ ۾، اجنبي سڄڻ جو گمان، دلڪش هرکر جو باعث بڻجي پيو. اوچتو بجلي هلي ويئي. ڊسپينسر ميڻ بتي ٻارڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. ياسمين اسپتال جي اڱڻ ۾ اچي بيٺي. ڀرسان ئي بينچن تي اٽينڊنٽس ويٺل هئا. جن ۾ مشڪوڪ نوجوان به موجود هو. ياسمين آسمان تي چمڪندڙ چوڏهينءَ جي چنڊ تي نظر وڌي، جنهن سان ڪائي ڀٽڪي ويٺل اڪيلي ڪڪري کينچل ڪري جدا ٿي رهي هئي. نوجوان ڀرسان ويٺل شخص سان ڳالهائي رهيو هو. هيلوڪي ڏڪار به ٿرين کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا آهن. ماڻهو بک ٿا مرن“ نوجوان ياسمين ڏانهن ڏسندي ڳالهايو. ڀرسان ويٺل همراهه وراڻيو “هائو ٻيلي، ڪالهه آئون ڀٽ چڙهيس ته، ڄار هيٺيان ٻه مور مئل ڏٺم“. نوجوان خود نمائي خاطر کيس ڇڙٻيندي چيو : ”مور مئا ته آيا ٺُٺيئي تان، بک ۽ بيماريءَ ۾ رڍون مري چٽ پيون ٿين“. ياسمين ڇرڪي پيئي. نوجوان طرفان مورن لاءِ ڳالهايل جملي کيس مايوس ڪيو!
هن سوچيو: ”اجنبي ته مورن لاءِ اهڙي لاپرواهي ۽ بيزاري رکي نٿو سگھي“. ڳالهيار قسم جو نوجوان پهريون ڀيرو ياسمين سان مخاطب ٿيو. : ”بجلي جي وڃڻ، اوهان کي ڏاڍو پريشان ڪيو. واقعي بجلي کانسواءِ زندگي اڌوري آهي“. ياسمين سوچيو: ”بجلي جي اهميت تي ڳالهائيندڙ نوجوان چنڊ ۽ چانڊوڪيءَ تي ته اڃان هڪ لفظ به ناهي ڳالهايو. هن کي پڪ ٿيڻ لڳي ته اهو نوجوان اجنبي خط لکاري سڄڻ ٿي نه ٿو سگھِي. ان وقت بجلي موٽي آئي ۽ هوءِ واپس وڃي، ڪرسيءَ تي ويٺي. اڱڻ تي لڳل بلب جي روشنيءَ ۾ نوجوان ساڳي جاءِ تي موجود هو. کيسي مان هزار هزار جا نوٽ ڪڍي ڳڻي رهيو هو. رکي رکي ياسمين ڏانهن ڏسي رهيو هو، پر هاڻي ياسمين جي چهري تي نه رڳو خود اعتمادي موٽي آئي هئي، پر سندس نظرن مان نفرت جا اُلا به نڪري رهيا هئا. هن سوچيو: ”نوجوان طرفان غير ضروري پئسن جو ڳاڻيٽو، دراصل ياسمين کي ملڪيت کان مرعوب ڪري پاڻ پڏائڻ جي ٽرڙائي آهي. اجنبي خط لکاري ايترو گھٽيا ٿي نٿو سگھي“.
ياسمين ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي ۽ تڪڙي ٻاهر بينچ تي ويٺل نوجوان ڏانهن وڌڻ لڳي. نوجوان خوشفهميءَ مان اکيون ڦاڙي کيس ڏسڻ لڳو. نوجوان جي سامهون پهچي، ياسمين زور سان ڳالهائيو: ”اڙي او ڪميڻا، واهيات، زندگيءَ ۾ ڪڏهن عورت نه ڏٺي اٿئي. جو گابي وانگر ڌوڏا ڦاڙي مونکي ڏسين ٿو. تون ڇا ٿو سمجھين؟ آئون تنهنجن پئسن کان متاثر ٿيندس!“. نوجوان کي ڪنبڻي وٺي ويئي. وائڙو ٿيندي چيائين :”ادي تون منهنجي ڀيڻ آهين!“. ڀرسان ويٺل اڌڙوٽ شخص، هٿ ٻڌندي ايلاز ڪيا. : ”امان ڊاڪٽرياڻي معاف ڪر. اسانجو ڇوڪرو ٻهراڙيءَ جو جھنگلي آهي. معاف ڪريو“.
ياسمين سختيءَ مان چيو: ”هن ٽرڙي کي هتان اٿار، آفيس جي ڪمري ۾ وڃي ويهه!“
ڇوڪرو ۽ همراه بينڄ تان اٿي ويا. ياسمين واپس اچي ويٺي. ٽشوپيپر سان پگھر اگھي ورتائين.