گمنام خط ۽ مونجھارا
بهار جي هڪ خوشگوار صبح ٽاڻي، هوءَ جيئن ئي اسپتال پهتي ته اڳ موجود دائيءَ سليمت هن کي لفافو ڏيندي چيو ”هينئر هينئر ٽپالي ڏئي ويو آهي“ هن حيرت مان لفافو کڻي ڏٺو، جنهن تي سندس نالو ۽ ايڊريس سهڻن اکرن ۾ لکيل هئا. ”خط لکڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو“ هن سوچيو. طلاق کانپوءِ ساهرن ته هن سان قطع تعلق ڪري ڇڏيو هو، والد سان گڏ رهندي هئي. هن کي ڪو به ڀاءَ نه هو. البته هڪ ڀيڻ ڏورانهين شهر ۾ رهندي هئي. ان جو اولاد ڪڏهن هن سان ملڻ ايندو هو. انهن مان ڪنهن به ڪڏهن هن کي خط نه لکيو هو. ”آخر خط ڪنهن لکيو آهي. . . . . ؟“هن اتاولي ٿيندي لفافو کوليو، لفافي مان هڪ ڊگهو خط هن جي اکين اڳيان پکڙي پيو.
مٺي جانان
شال سدائين چانڊوڪيءَ جيان جرڪندي ۽ مرڪندي رهين !
جانان بهار جون راتيون ڏاڍو بيقرار ٿي پيون آهن. خاص طور هتي لاڙ ۾ رات جي پوئين پهر، جڏهن سامونڊي گهميل هوائون گهلن ٿيون ته جذبن جي دلبري اکين ۾ ڪيئي خواب ٽانڪي وڃي ٿي. چانڊوڪين جا ٽهڪ، پيار جي قيدي دلين کي چهڪ هڻندا رهن ٿا ۽ شام ويلا لوسڻ جي ساون کيتن مٿان ٻگهه پکين جون اڏارون، يادن جا ڪيئي شهر ڦلورين ٿيون. بهار جي انهن ئي رنگن مونکي هي ڪنوارو خط لکڻ تي مجبور ڪيو آهي. تنهنجو پيار منهنجي وجود مان ڦوٽهڙي جيئن ڦٽي پيو آهي. مون بي انتها ڪوشش ڪئي ته اظهار کي دل ۾ دفن ڪري ڇڏيان، پر لاڙ جي ڌرتيءَ تي هاريل بهار جي رنگن ۾ بيقابو بڻجي پيل احساس، لفظن جو روپ ڌاري تو تائين پهچي چڪا آهن، پر الميو اهو آهي جو منهنجي محبت هڪ طرفي آهي. مڃان ٿو ته پيار ڪرڻ جي حماقت مون ڪئي آهي، تو نه ڪئي آهي. اجنبي رشتن جي سوداگري مون ڪئي آهي، تو ته نه ڪئي آهي! منهنجا هي بي ترتيب لفظ پڙهي توکي يقينن حيرت ٿيندي ته، آئون ڪير آهيان جو توسان روبرو ملڻ بنا ئي محبت جي دعويٰ ڪري رهيو آهيان، پر جانان محبتون ملڻ جون محتاج ڪٿي هونديون آهن ؟ وڇوڙن ۾ پروان چڙهيل پيار، وصل جون واٽون ڳولڻ بنا ئي پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو آهي. تنهنجن دلرُبا ڪاڪلن ۾ ايتري ته سونهن آهي، جو ان کي ڇُهندڙ آڱريون به ڪيتريون نه ڀاڳن واريون هونديون! تنهنجي اکڙين جون ادائون، هزارين حياتين جي حسن کان مٿڀريون آهن. تنهنجي چپن تي ڀلجي ويهندڙ پوپٽن کي، گلابن جو گُمان ٿيندو آهي! تنهنجي چقمقي ٻانهن ۽ بخملي ڀاڪرن ۾، صدين جا ٿڪ لاهي سگھجن ٿا!
عشق کان يرغمال بڻيل منهنجيءَ دل، زوري مونکان هي خط لکرايو آهي. توسان ڪڏهن به روبرو نه مليو آهيان. سپنا ڪلينڪ اڳيان تنهنجي رڳو هڪڙي جهلڪ ڏٺي هئم. تنهنجين ڪجلين اکين ۾ ڪجهه نه ڪجهه ته هو جانم، جو پنهنجي دل تنهنجن ڊگهن وارن ۾ وڃائي ويٺس. تون يقينن سوچيندئين ته هڪ نظر ۾ عشق ٿي وڃڻ جي دعويٰ يا ته مذاق آهي يا وري چريائي! پر جن سان روحن جا رشتا هوندا آهن، تن سان دنياداريءَ جا دستور لاڳو ڪري نٿا سگهجن. تون مونکي ڏٺي به ڪونه سڃاڻدئين، پر مون توکي پهرين نظر ۾ سڃاڻي ورتو هو. تون منهنجي هُيئين، منهنجي آهين، ۽ منهنجي رهندئين! توسان جنم جنم جو رشتو آهي، ۽ اهڙا رشتا تعارف جا محتاج هوندائي ناهن!
منهنجو هي خط پڙهي، منهنجي بيوقوفيءَ تي کلي پوندئين يا وري ڪاوڙ مان معصوم لفظن جو هي پنو ڦاڙي ڇڏيندئين. ڪاڳر ڦاڙين ته تنهنجي مرضي، پر هنن مسافر محبتن کي ڊسٽربن ۾ متان اڇلائين، ڇو ته لڙڪن سان وضو ڪندڙ لفظن سان اها بيحرمتي نه ٿي جڳائي!
معصوم لفظن جي پارت هجنئي! وري ملبو
تنهنجو نه ٿي سگهيل، تنهنجو بيچين ساگر
ياسمين خط پڙهي ڇرڪي آسپاس نهاريو. ايئن ڄڻ ڪو ڏسي ته نه رهيو هو. سندس آفيس جي ڪمري ۾ دائي سليمت کان سواءِ ڪو به موجود نه هو. جيڪا پاڻ ڌياني ڪنهن مريضه سان ڳالهائي رهي هئي. ياسمين دلجاءِ ڪندي وري خط پڙهيو. خط جو لفظ لفظ هن کي حيرت جو جزيرو محسوس ٿيو. خط ۾ لاڙ جو پسمنظر رچيل هو. هن لاڙ ڪڏهن ڏٺو به نه هو. لکڻ واري پاڻ کي اڻ ڏٺل ڄاڻايو هو، سندس نالو بيچين ساگر يا ته شاعراڻو تخلص هو يا وري فرضي اسم! مجموعي طور سڄو خط هن لاءِ ڳجهارت بڻجي پيو. هن کي خط لکڻ واري شخص تي شديد ڪاوڙ آئي. خط ڦاڙي ڊسٽربن ۾ اڇلائڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌايائين، پر هٿ رڪجي پيئس، لڙڪن سان وضو ڪندڙ لفظ وارو جملو ياد آيس. هن ڦاٽل خط جا ٽڪرا ڪمري جي دري کان ٻاهر اڇلي ڇڏيا. واهوندي واءُ جو جهونڪو، ڦاٽل ڪاڳرن کي وکيري ويو.
اڄ الاءِ ڇو؟ هن کان اسپتال جو ڪم ڪار نه پئي ٿيو. واپس گهر آئي ته گهر جون ڀتيون به اجنبي شخص جي اوپري خط جيان اوپريون اوپريون محسوس ٿيئس. اجنبي شخص هن جي اعصابن تي تجسس جو ٿوهر بڻجي وچڙي پيو. هن کي پنهنجو پاڻ تي چڙ آئي. ”ڪنهن واندي مذاق ڪيو هوندو، آئون هروڀرو پريشان ٿي رهي آهيان، روبرو مليو ته جوتي جي کڙيءَ جي ماپ معلوم ٿي وينديئس “. هن ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏني. ڪمري جو در بند ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪيائين ته خط ۾ لکيل سندس ڪجلين اکين ۽ ڊگهن وارن وارو ذڪر ياد آيس جهٽپٽ اٿي ديوار تي ٽنگيل آئيني اڳيان اچي بيٺي. اکين ۽ وارن کي مختلف زاوين سان ڏسڻ لڳي. اجنبي شخص جو مبهم عڪس آئيني ۾ ترندي محسوس ٿيئس. شرمائي آسپاس ڏسڻ لڳي. پنهنجو پاڻ تي کل آيس. واپس اچي پلنگ تي ليٽي پيئي.
ٽن ڏينهن تائين هن جي سوچ تي گمنام خط لکندڙ شخص جو تصور گنگهور گهٽا جيئن ڇانئيل رهيو. اسپتال ۾ هوندي هئي ته ڪمري جي دريءَ مان ڦاڙيل خط جا ٽڪرا ڏسڻ لاءِ جهاتي پائيندي هئي. پر پوءِ آهستي آهستي اهو خيال هن کان دُور ٿيڻ لڳو. هن جي زندگي وري معلوم تي اچڻ لڳي.
***
وري هڪ صبح هوءَ اسپتال جي گائيننگ روم ۾ هڪ عورت جي ڊي اين سي ڪرائڻ کانپوءِ دوائن جي پرچي لکي واپس اچي پنهنجي ڪمري ۾ ڪرسي تي ويٺي. ”گڊ مارننگ“ چئي اندر ايندڙ پوسٽ مين هن کي ٻه لفافا ڏيئي واپس هليو ويو. هن لفافن کي چتائي ڏٺو، ٻنهي لفافن تي ساڳي لکت هئي. گمنام خط لکندڙ اجنبي شخص جو تصور، هن جي سوچ ۾ اٽڪي پيو. خيال آيس ته ٻنهين لفافن کي خطن سميت ڦاڙي دريءَ کان ٻاهر اڇلي ڇڏجي. هوءَ اٿي اچي دريءَ وٽ بيٺي. اڳ ڦاڙيل خط ياد آيس، ان ۾ لکيل جملا ياد آيس، اهو خط وري پڙهڻ لاءِ دل انگل ڪيئس. هن دريءَ مان جهاتي پاتي، ڦاٽل خط جا ٽڪرا، هوائون الاءِ ڪيڏانهن کڻي ويون هيون. واپس اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. هڪڙو لفافو کوليائين ته منجهان ڊگهو خط نڪري آيو.
مٺي جانان
شال بهارن ڀاڪر توکان پل به پري نه ٿين !
جانان ! اڄ تو کي بهار تي ڊگهو خط لکڻ چاهيان ٿو، ڇو ته چنڊ جي مٽيءَ مان چورايل تنهنجو بدن بهار جو دلنشين سڏ آهي ۽ بهار جي موسم پيار جي محبوب علامت آهي، سوچيان پيو بهار جي نظارن ۽ تنهنجي تصور ۾ ڪهڙي عجيب هڪجهڙائي آهي. ڪجهه دير پهرين سرنهن تي ويٺل ڪوئل ڪوڪيو پئي ته مونکي بي اختيار تنهنجي ياد تڙپائڻ لڳي هئي. جهٽ پٽ پين پنو کڻي توکي خط لکن ويٺو آهيان. سوچيان پيو هيءَ بهار جي بيچيئي موسم ڪيتري نه کينچلي آهي. ٽارين تي گل ٽڙيا آهن، ڪچڙا گونچ لامن تي لڏيا آهن ۽ پوپٽن جا رنگ برنگي پر، ڪومل ڪلين سان لائون به لهن پيا. هي بهار جا رنگ، ڪن وڇڙيل دلين جو ڏوراپو به بڻيا آهن، ته ڪٿي وري ڪنهن ٽٽل ٽاريءَ تي اٽڪيل جدائيءَ جو ذرد رنگ، پيار جي قيدي نماڻين اکين کي، ويل وقت جون بي رحم خزائون به ياد ڏيارڻ لڳو آهي. پٿر جي شهر جي ديوارن تي نکريل رتا پيلا گل، انهن معصوم چاهتن جو هار لڳن ٿا، جن چاهتن ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون هار پائڻ جا خواب لڌا آهن! باغن ۾ ويٺل بلبل جا ٻول، انبن جي ٻور سان سرگوشيون جڏهن به ڪندا آهن، ته انهن پنن جي بيوسي جا نوحا به ڪٿي نه ڪٿي ڀُڻڪو ضرور ڪندا آهن، جن کي پنڇڻ جون هوائون هرسال ڇاڻينديون رهن ٿيون. انهن اداس دلين جي درد جا گيت به اهي ئي هوائون ڳائينديون آهن، جيڪي ڪنهن برباد ڳوٺ جي ديوارن تان گذرنديون آهن، جتي جون ٻليون حسرت مان ڊٺل باورچي خانن کي ڏسنديون آهن !
ٿر جي ڀٽن تي ڪنڊين جي نفيس ٻُور ۽ ماڇڪ پيروئن سان کينچل ڪندڙ اهي چلولا پکي، انهن وڻن جي آکيرن کي ڪيئن وساري سگهندا، جن وڻن تي وڄون ڪريون آهن، جن جي ٽارين تي ڪهاڙين جا ڳن اُڀا ٿيا آهن ۽ اهي البيلا پيار به ڪيئن وسري سگهندا، جن تي جدايون اويليون اينديون آهن. هن ممنوع موسم جون راتيون وري ٿڌيريون هجن ٿيون- پوئين پهر جون وياڪل چانڊوڪيون ۽ واهوندي واءُ مان ڇڻندڙ رات راڻيءَ جو هڳاءُ - جهڙو پرين جي وڳي جو ساءُ ! رات جو اجري آڪاش جي ستارن هيٺان سمهيءَ پرينءَ کي ياد ڪرڻ جا هي پهر به ڪيڏا نه پيارا ۽ نيارا آهن ! پر جانان شهر جي بي روح مشيني زندگي جيئندڙ ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته بهار جا اجرا صبح، چنچل شامون ۽ ڀنل ڀنل راتڙيون، زندگيءَ جو ڪهڙو انمول سرمايو آهن. اهي آڱريون جن سدائين فائيل ڦلوريا آهن، انهن کي ڪهڙي خبر ته ريشمي زلفن جهڙيون گل جون پنکڙيون ڪيترو حساس آهن. جن اکين سدائين جهڳڙا ٽائيپ فلمون ڏٺيون آهن. انهن کي نيرين اڪ ڦلڙين سان چلولائي ڪندڙ مور پکيءَ جو منظر ناهي موهيندو. بڪواس ٻڌڻ جون هيراڪ ۽ خوشبوءُ کان خالي سماعتون به بلبل جا گيت سمجهي نٿيون سگهن. اٽي ۽ لٽي کان اڳتي ڪجهه نه سوچيندڙ ۽ سدائين ملڪيت ميڙڻ لاءِ سرگرم ماڻهن جون بي احساس اکيون پڻ موسم جا مزاج پرکي ۽ پروڙي ناهن سگهنديون! جوڳين جا ڪستا، کدڙن جون تاڙيون ۽ بنگلن جا ماڻهو به بهارن جون ٻوليون ۽ لوليون سمجهي ناهن سگهندا.
جانان ! مون هي خط توکي لاڙ جي ٻهراڙي مان بيدمشڪ جي وڻ هيٺان ويهي لکيو آهي. تنهنجي يادن جا رستا لتاڙيندي، بهارن جي رنگن ۾ ايترو ته وڃائجي ويس، جو الاءِ ڪهڙن ڪهڙن احساسن جا گونگهٽ لهرايا اٿم. تون بور ته نه ٿي آهين نه! تنهنجي بوريت سڄي ڪائنات کي بور بنائي ڇڏيندي. تنهنجيون مرڪون ستارن کي کلائيندون آهن ۽ تنهنجا ٽهڪ هوائن کي رقص ڪرائيندا آهن. تون سدائين مهڪندي رهو، گلن جيان! فطرت توکي ايئن ئي ٽڙندئي ڏسڻ چاهي ٿي.
تنهنجي ريشمي وارن جي ڇانءُ ۾ ٿڪ ڀڃڻ جو آرزومند بي چين ساگر
ياسمين خط پڙهي ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ ٻيو خط کولي پڙهڻ لڳي.
مٺي جانان !
شال تنهنجا ڪجل ڀنا نيڻ ڳوڙهن جي دوستي کان دُور رهن !
جانان! هڪ خط توکي ڪالهه لکيو هئم ۽ اڄ وري هي ٻيو خط لکي رهيو آهيان. سوچيان ٿو هي ڪهڙو پيار آهي، جنهن ۾رڳو آئون تڙپي رهيون آهيان. هڪ طرفي محبت ۾ رڳو خط لکي رهيو آهيان. تنهنجي رد عمل جي به خبر نه اٿم، تون منهنجي خطن جي باري ۾ به الاءِ ڇا سوچيندي هوندئين؟! خوف ٿو ٿيئيم ته متان منهنجي هيءَ محبت صحرا جو سڏ بڻجي رهجي نه وڃي. ڇو ته موسمون به مٽجي وينديون آهن، چاهتون به گهٽجي پونديون آهن، دلبرين جا به ڪي دنگ هوندا آهن، پيار جي به ڪا پڄاڻي هوندي آهي، نيٺ ته خوابن جو به انت اچي ويندو آهي ۽ واسطن جي واٽ به آخرڪار کٽي پوندي آهي. جتي زندگيءَ جو به ڪو اعتبار ڪونهي، اتي مسافر محبتون ڪيئن سدائين ساڳي رهي سگهنديون!
مون توسان پيار ڪيو آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو هوندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سان پيار ڪندا هوندا، پر عجيب ڳالهه اها آِهي جو آئون توسان اهڙو پيار ڪريان ٿو، جنهن جي ڪا به تشريح ممڪن ناهي. نه توسان ڪڏهن مليو آهيان ۽ نه ئي تو مون کي ڏٺو آهي ۽ نه ئي پنهنجو نالو توکي ٻڌايو اٿم، ڇا اها انوکي ڳالهه ناهي !؟ منهنجي خيال ۾ هجڻ اهم ناهي هوندو، پر ٿيڻ جي نوعيت ئي هجڻ کي اهم يا انوکو بڻائي ٿي. جيئن ڪنهن باغ مان هٺيليون هوائون انب ڇاڻينديون آهن، ته اها بس عام ڳالهه هوندي آهي، پر جڏهن ڪوئي بنا اجازت جي انهن لامن کي لوڏي، انب پٽي فرار ٿي ويندو آهي ته اها ڳالهه اهم واقعو ٿي پوندي آهي. رات جي خاموشيءَ ۾ سڄي رات ڪتا ڀونڪندا رهندا آهن، ڪو به خاص ڌيان ناهي ڏيندو، پرساڳي ڪتا ڇتا ٿي ڪنهن کي ڏاڙهيندا آهن ته اها ڳالهه اهم ٿي پوندي آهي. هفتن، مهينن ۽ سالن جو ليکو ڪرڻ ويهي رهجي ته الاءِ ڪيترا کٽا مٺا گرهه اسين کائي ويندا آهيون، انهن جو تعداد ڳاڻيٽي کان مٿاهون هوندو آهي. پر هڪ گرهه اونارن جو يا اٽڪيل هڪ داڻو به ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي!ساڳي طرح ڪير ڪنهن کان وڇڙي وڃي ٿو، اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر وڇڙي وڃڻ کانپوءِ ڪو ڪنهن کي وساري ڇڏي ٿو، اها بنهه وڏي وارتا بڻجو پوي! پل به پري نه ٿيندڙ ماڻهو ڪڏهن ڀلجي به ياد نه ڪن، سالن جا ساٿ مجبورين جا محتاج بڻجيو پون، سالن جو صحبتون وقت وسارائي ڇڏي، ڇا اها وڏي ڳالهه ناهي! ڪنهن کي زخم ڏئي وري پڇجي ته ڪهڙاحال آهن؟ پرپٺ گلائون ڪجن، منهن تي مٺ مٺ سان دوستيءَ جي دعوا ڪجي- ڇا اها وڏي ڳالهه ناهي!؟
وعدا وسري ويندا آهن، پيار وسري ويندا آهن، احسان وسري ويندا آهن، اهي اکيون وسري وينديون آهن، جن جا لڙڪ ڪڏهن ڪڏهن هٿن سان اگهبا آهن!اهي چپ وسري ويندا آهن، جن مان ڇڻندڙ ڳالهيون ڪڏهن گلن جون موسمون لڳنديون آهن. اهي آڱريون به وسري وينديون آهن، جن مان لاهي ڏنل ٽڪي جا ڇلڙا، ڪڏهن لکن جي سوکڙي سمجهبا آهن- بس انسان آهي ئي بيوفا - پنهنجي مالڪ کي به وساري ويهي ٿو رهي، سُرهن ناتن ۽ بي عنوان رشتن کي وسارڻ ڀلا ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!؟
جانان !؟ الاءِ ڇو تنهنجو پيار منهنجي وجود کي خوشبو جيئن واسي رهيو آهي ۽ آئون احساسن جي انهن رستن تي رلان ٿو، جتي پنهنجو پاڻ وسري ويندو آهيان. ڪڏهن پنهنجو پاڻ سان ڳلهايان ٿو ۽ ڪڏهن وري ڀوڳنا جي عجائب گهر ۾، درد آشنائيءَ جا انوکا تجربا ڪريان ٿو.
جڏهن درد دل مٿان اچي ويندا آهن ۽ خوابن جا شهر اجڙڻ لڳندا آهن، ته حسرتون ميلي ۾ وڃائجي ويل ٻهراڙيءَ جي ٻار جيان روئڻهارڪيون ٿي پونديون آهن. پاڻ وندارائڻ لاءِ سپنا ڪلينڪ اڳيان تنهجي ڏٺل وجود جو تصور دلآويز ڪندو آهيان ۽ اهي ئي لمحا يادن جي اجرڪ اوڍي من جي هندوري ۾ سمهي پوندا آهن، بس ڪڏهن ڪي سارون انهن کي جاڳائي وجهنديون آهن، يادن جي برسات ۾ اهي لڙڪ لڙڪ ٿي ڇڻي پوندا آهن ۽ خطن ۾ پوئجي تو تائين پهچندا آهن.
لکيم تو ڏي لفافي ۾ ڳجهيون ڳالهيون هيون ڪي ڪي
لکيم ساري سموريون پر، اڃا روئندي رهيون ڪي ڪي.
چانڊوڪي رات ۾ ٿر جي ڀٽن تي بيٺل ڦوڳ جهڙا ڪن لمحن جا ڀوڳ، الاءِ ڇو جيون جوڳ بڻبا آهن، ته يادن جون آرسيون ويل وقت جا چهرا ڏيکاري ڪڏهن، اڻپورا سوال پڇنديون آهن ۽ ڪڏهن روئاري، ته ڪڏهن کلائي وجهنديون آهن. ستارن هيٺان سمهي جڏهن اڌ رات جي امبر تي نهار وجھندو آهيان ته سمورو آسمان يادن جي آرسي ڀاسندو آهي، هر ستارو ڪا سار لڳندو آهي. تون ئي ٻڌائي جانان! اڌ رات جي کليل دروازن ۾ کتل اکين جا اڻپورا اوسيئڙا ڪٿي رکجن ۽ ڪيڏانهن ڪجن !؟
جانان! توسان ملڻ لاءِ دل ته گهڻي ماندي آهي، پر ڇا ڪجي، ڪي الڪا، ڪي انديشا، ڪي مجبوريون آهن، جن توکان پري ڪري ڇڏيو آهي.
توکان ڏور هوندي به توکي ويجهو
تنهجو بي چين ساگر
***
ٻئي خط ياسمين جي پرس ۾ موجود هئا. هن ڪيسٽي شاعري ٻڌي هئي. جاسوسي ۽ تفريحي ڊائجسٽ پڙهيا هئا، رشتيدارن ۽ سهلين جا روايتي خط ڏٺا هئا. پر هي خط هن کي بنهه نرالا محسوس ٿيا، ڪن جملن هن جي سوچ کي جنجهوڙيو هو. ڪن سٽن جا منظر ۽ تاثر، هرهر هن جي اکين اڳيان ڦري رهيا هئا. ياسمين هنن خطن کي منفرد محسوس ڪيو. خط لکڻ وارو گمنام شخص، هن کي الڳ ماڻهو محسوس ٿيو. ياسمين ڄاڻُوسُڃاڻو ۽ لهه وچڙ ۾ رهندڙ ماڻهن جي متعلق سوچڻ شروع ڪيو، هن سوچيو: ”ٿي سگهي ٿو ڪو ڄاتل سڃاتل ماڻهو، اظهار جي سگهه نه ساري پري کان تير نشاني تي هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. “ سڄو هفتو هوءَ مختلف نالن تي سوچيندي رهي ۽ گمنام خط وري وري پڙهندي رهي. گمنام ۽ غيريقينيءَ جي رڻ ۾ رلندي ٻه نالا هرهر هن جو ڌيان ڇڪائيندا رهيا، هڪ هن جي سهيلي شگفته ۽ ٻيو ڊاڪٽر لونگ. . . !
شگفته ڏانهن شڪ وڃڻ جو سبب اهو هو جو شگفته هن جي ڇيڳري سهيلي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن سان عجيب ۽ چيڙائيندڙ مذاق ڪندي هئي. هن کي تنگ ڪرڻ ۽ سرپرائيز ڏيڻ شگفته جو دلچسپ مشغلو هو. پر ياسمين جي ٿر ۾ پوسٽنگ ٿيڻ کانپوءِ شگفته جو هن سان رابطو ڪٽيل هو. ياسمين سوچيو:”ٿي سگهي ٿو شگفته کي ڪٿان نئون پتو معلوم ٿيو هجي ۽ شگفته مذاق طور خط لکيا هجن. شگفته جي رائيٽنگ هن لاءِ ڄاتل سڃاتل هئي. پر ٿي سگهي ٿو، هن اهي خط ڪنهن ٻئي کان لکرايا هجن“. گهر جي ڪمري جي بيڊ تي ستل ياسمين سوچيندي رهي. ”شگفته خط ڪنهن ٻئي کان لکرايا آهن ته اهو پڪ سان ڪو وڏو شاعر هوندو، پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اهو هڪ ئي وقت لاڙ ۽ ٿر جون تشبيهون استعمال ڪندو رهي ۽ سپنا ڪلنڪ جو حوالو به ڪٿان آيو؟ ۽ وڏي ڳالهه ته خطن جي ڪيفيت ۾ شامل هجڻ کانسواءِ رڳو ٻئي جي چوڻ تي اهڙا خط ڪيئن ٿا لکي سگهجن!؟“ ياسمين دل ئي دل ۾ انڪار ڪيو. شگفته کي رد ڪرڻ کانپوءِ هن ڊاڪٽر لونگ تي سوچڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر لونگ هن سا گڏ سرڪاري اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو. هن سان سدائين عزت سان ملندو هو. پر هن ڏانهن شڪ وڃڻ جو سبب اهو هو جو هو اسپتال ۾ منعقد ٿيندڙ هر تقريب ۾ ڪمپيئرنگ ڪرڻ لاءِ سدائين اڳيان اڳيان هوندو هو. مائيڪ تي روايتي شعر پڙهي ٻڌندڙن کان داد وصول ڪرڻ لاءِ ڪمپئرنگ بابت رايو پڇندو ۽ اڪثر فخر سان اهو ٻڌائيندو هو ته يونيورسٽي ۾ پاڻ شاعري به ڪندو هو ۽ ڇوڪريون هن کان شعر ٻڌڻ جي فرمائش ڪنديون هيون. ڊاڪٽر لونگ اڪثر اخبارن مان لطيفا پڙهي ٻين کي ٻڌائيندو هو ۽ پاڻ کلندو هو، پاڻ کي وڏو شاعر سمجهندو هو ۽ ٻين مان به اها اميد رکندو هو ته هن کي وڏو شاعر مڃيو وڃي. هن کي ماڻهن کان اها شڪايت هئي ته سٺن ماڻهن جو قدر ناهي رهيو.
ياسمين سوچيو: ”ٿي سگهي ٿو ڊاڪٽر لونگ سچ پچ وڏو شاعر هجي ۽ هن جي اها شڪايت بجا هجي ته قدردان مري ويا آهن. بيقدريءَ جي ان خوف کان هن گمنام ٿي خط لکيا هجن. “
ڊاڪٽر لونگ جو وجود، هن اڳيان ڳجهارت بڻجي پيو. هن کي لونگ جي رائيٽنگ ڏسڻ جو ڪڏهن موقعو نه مليو هو. هن فيصلو ڪيو ته هو سڀاڻي ڊاڪٽر لونگ جي اصليت معلوم ڪندي. ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ هوءَ جيئن ئي ڊاڪٽر لونگ جي ڪمري ۾ داخل ٿي ته ڊاڪٽر لونگ ڪو رسالو پڙهي رهيو هو. ياسمين کي ايندي ڏسي هن وڏو ٽهڪ ڏنو. چيائين
”مونکي خبر هئي ته اوهان ضرور ايندا “ ياسمين جو شڪ، پڪ ۾ بدلجي پيو. شرمندگي ۽ ڪاوڙ جي مليل جليل احساسن ۾، هوءَ ڪرسي تي ويهي رهي. ڊاڪٽر لونگ رسالي مان ڪنهنجو قول وڏي آواز سان هن کي پڙهي ٻڌايو ”جتي دنيا جي هر طاقت ختم ٿي وڃي ٿي، اتي اهو ڪم لفظ ڪن ٿا“.
ياسمين کي پڪ ٿي ويئي ته ڊاڪٽر لونگ کي پنهنجن لکيل لفظن تي پڪو ڀروسو هو ۽ هن کي اڳواٽ خبر هئي ته مان هن سان ملڻ ضرور اينديس. ياسمين کي ڊاڪٽر لونگ جي تڪبر کان چڙ محسوس ٿي. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي ٻاهر وڃڻ لڳي. ڊاڪٽر لونگ سڏ ڪندي چيو ”اوهان جنهن ڪم لاءِ آيا، ان جو پڇڻ بدران جلدي واپس وڃي رهيا آهيو¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬_ڇو؟“. ياسمين کي ڊاڪٽر جو هر جملو طنز جو تير محسوس ٿي رهيو هو. ياسمين بيهه رهي. ڊاڪٽرلونگ ٽيبل جي خاني مان ٻه لفافا ڪڍي ياسمين کي ڏيندي چيو ”لفافا ڏاڍا وزني آهن“.
لفافن تي رائيٽنگ به گمنام خطن واري ساڳي موجود هئي. ڊاڪٽر لونگ کلندي چيو:”هي خط اوهانکي هيڏانهن ڇڪي آيا آهن، نه ته اوهان ڪٿي ٿا اچو!“
ياسمين جي صبر جو پئمانو لبريز ٿيڻ لڳو. هن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان ڊاڪٽر لونگ کي گهوري ڏٺو. ڊاڪٽر لونگ چيو:”ڪالهه اوهان اسپتال نه آيا، ٽپالي اوهان جا خط ڏئي ويو. دائي سليمت اوهانکي ٻڌايو هوندو. مونکي خبر هئي ته اوهان خط کڻڻ ضرور ايندا“.
ياسمين جي سڄي ڪاوڙ لهي ويئي. چيائين :”دائي سليمت اڄ موڪل تي آهي. آئون ايئن ئي هلي آيس. سٺو ٿيو سهيليءَ جا خط ملي ويا“. ڊاڪٽر لونگ چيو:”اوهان جي سهيلي ڊگھا ڊگھا خط لکندي آهي. لفافا ڏاڍا ڳرا آهن“. ياسمين کلندي چيس:”سهيلي شاعره آهي، ابتيون سبتيون ڳالهيون لکي، ڪيئي صفحا ڪارا ڪندي آهي “.
ڊاڪٽر لونگ سنجيده ٿيندي چيس ”سٺي ڳالهه آهي، آئون به دوستن کي ڊگها خط لکندو آهيان. هي ڏس هڪ دوست کي خط لکيو اٿم، سڀاڻي پوسٽ ڪندس“ ياسمين ڊاڪٽرلونگ جو دوست کي لکيل خط ڏسڻ لڳي. جنهن جي نه رڳو رائيٽنگ گمنام خطن کان مختلف هئي. پر ٻنهي جي انداز بيان، نفاست ۽ اسٽائيل ۾ پڻ زمين آسمان جو فرق هو. ڊاڪٽر لونگ جي لکيل خط ۾عام ٻڌل لطيفا، بي ربط عام ڳالهيون، رسمي دعا سلام، بي سواد شعرن ۽ سکڻين ميارن کانسواءِ ڪجهه به ڪو نه هو. ياسمين کي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ آئي ته هن ڊاڪٽر لونگ تي شڪ ڇو ڪيو؟ گمنام خطن کي هن خط سان ڀيٽڻ، لفظن جي توهين محسوس ٿيئس. ان وقت هن کي ڊاڪٽر لونگ ڪجهه نيچ ۽ گمنام خط لکندڙ اجنبي شخص بنهه معتبر محسوس ٿيو.
واپس ايم سي ايڇ ۾ سندس ڪمري ۾ اچڻ کانپوءِ هن هڪ لفافو کوليو ۽ منجهان ظاهر ٿيندڙ خط کولي پڙهڻ لڳي.
مٺڙي جانان. . . . . . . . .
شال تنهنجي دل دولابن کان بچيل رهي ۽ اکيون پرک جي پيچرن تي هلنديون رهن.
جانان! تنهنجي محبت ۾ مون آئينا ڀڄي ڇڏيا آهن ۽ ڪيلينڊر ڦاڙي ڇڏيا آهن. وقت جو احساس به رڳو رات جي پاڇن ۽ سج جي ڪرڻن مان ڦٽي ٿو. خبر ناهي اڄڪلهه ڪٿي آهيان، پر لڳي ٿو اتي ئي اٽڪيو پيو آهيان، جتي سپنا ڪلينڪ اڳيان تنهنجو پهريون ۽ آخري ديدار ڇڏي ويو هئم. وقت جي تبديلي به مون لاءِ رات ڏينهن ۽ موسم جي مٽا سٽا سان مشروط بڻجي پيئي آهي. پر منهنجي ڀانئڻ، نه ڀانئڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي، وقت بدلجي رهيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته بدلجي ويل وقت گهڻو ڪجهه بدلائي ويو آهي. انساني زندگيءَ جا طور طريقا ته بدليا ئي آهن، پر انساني سوچ جا انداز به بدليا آهن. رشتن جون ريتون ۽ واسطن جا رنگ به هاڻي ساڳيا ناهن رهيا. ڏيڻ وٺڻ، ملڻ وڇڙڻ، اچڻ وڃڻ، رُسڻ پرچڻ، چاهڻ ڌڪارڻ ۽ روئڻ کلڻ جا پئمانا به ته ساڳيا ناهن رهيا. بس وقت بدليو آهي! هاڻ ته چنڊ جي چاهه ۾ چانڊوڪين سان ياريون رکندڙ نيڻ به بلبن جي مصنوعي روشنيءَ ۾ اهڙا ته گم ٿيا آهن جو، وونڻن جي کيتن مٿان لٿل چلولي چانڊوڪيءَ جا منظر به کين ياد ناهن رهيا! سون روپي جي سوداگر وڻجهارن جي مهانتا جا مثال، اڪائونٽ هولڊرن جي حصي ۾ آيا آهن، پرهه ڦُٽيءَ مهل وٿاڻن ۾ وڄندڙ چڙن ۽ چنگن جا سدا سرها آواز ٻڌي جاڳندڙ سماعتون، هاڻ گهنٽين ۽ الارم جي آواز جون هيراڪ بڻجي پيون آهن. کير جي ماٽيءَ ۾ گهاٽي لسيءَ مٿان ترندڙ تازي مکڻ جا چس چکندڙ چپن به هاڻ آئسڪريم جي چمچن ۾، ماضيءَ کي وساري ڇڏيو آهي، بس وقت بدلجي پيو آهي! سچائيءَ جي سرهاڻ ۽ خلوص جا خزانا به اهڙا کٽا آهن، جو سازشي ذهن ۽ موقعي پرست ماڻهو مهندار بڻجي اڳيان آيا آهن. جن گندي ۽ گرهه جي هٻڇ ۾، نه ڪڏهن رشتن جو احترام رکيو آهي ۽ نه ئي وري دوستين جا ڀرم سنڀاليا آهن، بيساختگين کي انائن اچي ڀيليو آهي. رشتن ۾ ملاوٽون رهجي پيون آهن ۽ ايئن دلين جي آرسيءَ ۾ زماني جون سموريون تصويرون ابتيون آهن. پيار جي خوشبو به پراڻي ٿي پئي آهي. حرمچ ڪنجرن جي ٽونئرن ۾ ٽانڪيل نگهائون، هاڻ ميڪ اپ جي رنگن ۾ اٽڪيون آهن! رومالن ۾ ويڙهيل ڦوٽن ۽ مصري تڙن جا سرها سنيها، هاڻ مارڪيٽ ۾ موجود پاروٿنsms هٿان هارائي گم ٿي ويا آهن. ٽيليفون جي گهنٽين تي منتظر سماعتن، قاصد ڪانگن جي ٻولين تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. لازوال محبتن جا شهر، اڏوهي کاڌل نقشن جا ڏيک ڏيڻ لڳا آهن. چنچل چاهتون، رنگين جذبا ۽ ستارن جهڙا سندر احساس، بيحسين جي خزان ۾ رلي ويا آهن. اکين جي ٻوليءَ مان جهاتي پائيندڙ صدائون، صحرا جو سڏ بڻيون آهن، اڳي ته ايئن ڪون هو- بس وقت بدليو آهي!
اُس ۾ ڌوئي سڪايل هلواڻ جي ڪپڙي جيان زماني ته رنگ مٽايا آهن، پر پرينءَ جي طلسمي وجود سان ڳنڊير ول جيان وروڪيل هينئڙي جا اتاولا احساس ۽ انوکيون آسون سدائين ساڳي رهنديون اچن. مڃون ٿا سهڻي ۽ سسئيءَ جهڙين چاهتن جي تجديد ناهي ٿي، پر اڄ به الائي ته ڪيترين لٽايل جوانين جي، جلايل اکين جون ڦٽايل ننڊون، جدائيءَ ۾ جلن ٿيون ۽ پرينءَ جو پڇن ٿيون. سانوڻي رُت ۾ ڀوڏيسر جي ڀونءُ تي مورن جي درديلي پڪار ۾ پرين جي پچار اڃا به ٻڌجي ٿي. اڃان به چانڊوڪين ۾ وهنتل لاڙي راتين ۾، چنڊ ۽ چڪور جون رهاڻيون رچن ٿيون ۽ محبتون مچن ٿيون. سپنن جي وستين ۾، پرين جي پوڄاري هستين جون سونهن شناس اکڙيون، ستارا ڳڻين ٿيون ۽ سارين جهڙا انتظار ڇڙين ٿيون. اڄ به پرديسي پرينءَ جي سڪ ۽ ملڻ جي ڇڪ ۾ چانڊوڪين جا ٽهڪ ۽ چهڪ، سوجهاڪن تائين اوجاڳن ۾، ڪنڊن جي سيج سجائين ٿا. ممنوع محبت ۾ پروان چڙهيل بيچين جذبا، چوٽيءَ جي گجرن ۾ قابو ٿيل زلفن جيان بيوس بڻيل آهن! ڇلن تي وڪاميل دليون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون ته، ساز ۽ آواز جي سرهاڻ ڇا ٿيندي آهي!؟ حساس سماعتون ئي سمجهن ٿيون ته ڪنهن وڇڙيل ڪونج جي ڪرڪ ۽ سانوڻي رت ۾ ٿر جي ڪنهن اڪيلي ڀٽ تان هوائن ۾ وکريل بانسريءَ جو درد فطرت جي ڪهڙي چغلي آهي!؟ رات جي پوئين پهر، ڪومل پير جي ڇير جو ڇمڪو ۽ ڪڻڪ رنگين ٻانهنُ جي ڪنگڻ جو چمڪو، آخر ڪهڙو راز آهي؟ ڀنل پهرن ۾ پرينءَ جي وڳي جي هڳاءُ سان گڏ، بي ترتيب ساهن جو سرگم ڪهڙي ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي!؟ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪوئل جي مٺڙي لات ۽ اڪ ڦلڙين مٿان ڀونئرن جي جهنڪار ڪهڙن سُرن جو ردهم آهي؟ پر اهو سڀ ڪجهه اهي سماعتون وساري ويهنديون آهن، جيڪي ٻهروپي آواز کان دوکو کائي ويهنديون آهن. جن جي صدمن ساڻي دل ۾ وقت رڳو حسرتن جون تربتون ٺاهي ويندو آهي. بس اڻکُٽ انتظار ۾ جاڳي گهاريل راتين جا اوجاڳا، ڪڏهن ڪڏهن پڇندا آهن. ”ڇا پائي پراڻا ڪيل ڪپڙن جيان پيار به بدلائبا آهن. “
مٺڙي جانان! تون منهنجي روح ۾ رچي ويئي آهين. تنهنجو حسن منهنجي احساسن ۾ پيوند ٿي پيو آهي. تنهنجو جوڀن منهنجن جذبن کي جنجهوڙي رهيو آهي. سوچيان ٿو ته تون منهنجي اڻٿانيڪي تصور جي دريافت آهين ته پوءِ هي اڻ منزلي مهم ڇا لاءِ !؟
تنهنجي ياد ۾ پاڻ وساريندڙ _ تنهنجو بي چين ساگر
ياسمين خط جون آخري سٽون ٻيهر پڙهيون ۽ پوءِ ٻيو خط کولي پڙهڻ لڳي
مٺڙي جانان !
شل تنهنجن نيڻن منجهه بهارن جا سپنا سلامت رهن
ڪالهه توکي هڪ خط لکيو هئم، پر پوسٽ ٿي نه سگهيو. اڄوڪي خط سان گڏ پوسٽ ڪندس، الاءِ ڇو جيستائين خط پوسٽ نه ڪندو آهيان، تيستائين لفظ اُماڙيون بڻجي ڏنڀيندا رهندا آهن. اڻ پوسٽ ٿيل ۽ اڻ اظهاريل لفظ مون لاءِ وڏو عذاب هوندا آهن! عذاب ته بنهه گهڻا آهن، آخر ڪهڙا ڪهڙا توسان شيئر ڪجن؟ هڪ اهڙي منافق دئور اسانجي حياتيءَ جي چيچ جهلي آهي، جڏهن رشتا، رشتا نه رهيا آهن. دليون دماع جون محتاج بڻيون آهن. دوستيءَ جا ڍنگ ۽ پيار جا رنگ به ته ساڳيا نه رهيا آهن. خلوص جي کوٽ ۽ سچائيءَ جي ڏڪار ۾ دل جي ڌرتيءَ مٿان احساسن جا ڪوهنڊير ۽ جذبن جون پپون به سُڪنديون رهيون. مصروفيتن جي نالي ۾ ماڻهن وٽ خط لکڻ جيترو وقت به ڪون بچيو! درن تي اٽڪيل جهاتين ۽ محبوب ملاقاتن جا لمحا، اويلين انائن ڀيلي ڇڏيا. اهو سڄو تماشو، امبر تي رُلندڙ چنڊ ڏسندو رهيو. پر نه پيار جي باغيچي کي پاڻي مليو ۽ نه ئي دل جي ڌرتي سيراب ٿي سگهي. ٻيو ته ٺهيو، ڄاتل سڃاتل هجتي لبن وٽ سرخي سجائڻ لاءِ ته وقت موجود رهيو، پر ڪنهنجو حال پُڇڻ جيترو وقت ڪونه بچيو! اسان ته زندگي کان ڪجهه به ڪونه گهريو هو، پر زندگيءَ اسان کان بنهه گهڻا مطالبا ڪيا. هونئن به لڙڪن کانسواءِ، زندگيءَ کي ڏيڻ لاءِ اسان وٽ ڪجهه به ڪونه هو! اهي لڙڪ جيڪي ڪڏهن ڏوراپو بڻجي ڳلن تي آيا، ڪڏهن اڌوري ڪهاڻي بڻجي مٽيءَ ۾ ڇڻندا رهيا ۽ ڪڏهن وري مٺو مٺو درد بڻجي دل جي درن تي دستڪ ڏيندا رهيا. اسين ته ڪچڙي ننڊ جا اهي خواب بڻياسين، جن جي ڪابه ياد به باقي ناهي رهندي. اسين انهن اُجڙيل تربتن جي مٽي بڻياسين، جن کي ڪوبه مجاور ناهي ملندو. اسين روهيڙن جا اهي گل بڻياسين، جيڪي صحرا ۾ ڦُٽا ۽ رڳو ٻڪرين کاڌا. نه ڪڏهن حالتن اسان سان رعايت ڪئي ۽ نه وري اسين ڪڏهن حالتن سان ٺهي سگهياسين. ايئن به نه هو ته ڪو خوشين اسانجا اڱڻ ڪو نه چميا پر اسانجون خوشيون به عارضي هيون، بلڪل ايئن جيئن ٿوهرن جي ٽارين تي ڀلجي ويهندڙ پکي، جلدي اڏامي ويندا آهن، جيئن وسندڙ بارش ۾ پاڻيءَ جا ڦوٽا تڪڙا ٽٽي پوندا آهن، جيئن آڪاش تان گذرندڙ جيٽ جهازجو ليڪو کن پل ۾ وکري ويندو آهي ۽ جيئن طوفان ۾ ٻاريل ڏيئا جلد ئي وسامي ويندا آهن، ايئن اسانجون خوشيون به عارضي هيون. ايترو عارضي، جيترا اسانجا سهارا! ماضيءَ جو ليکو چوکو ڪرڻ ويهون ٿا ته، اڻ پورڻتا جو پنڌ، اڌورا زخم آڇي ٿو. پر پوءِ به اسان انهن اکين کي سلام ڪرڻ وساريو ناهي، جن اکين ڳوڙهن سان ناتا نڀايا آهن. جن پرک جي پيچرن تي حسن جي چيچ جهلي، بي منزل نگاهن جا رولڙا ڪيا آهن! جيئن سونارو سون مان ٿڪبو ناهي، جيئن مور جو مينهن ڪڻين مان ڍئو ناهي ٿيندو، جيئن سخيءَ جي دل ڏيڻ مان ناهي ٿڪبي ۽ جيئن سيلاني پيرن جي آس، پرديس جي پنڌ مان ڪڏهن به پوري ناهي ٿيندي، بلڪل ايئن حسن جون هيراڪ اکيون، محبوب منظرن مان ڪڏهن به ٿڪبيون ناهن. ڇو ته جيئن موسيقي روح جي غذا هوندي آهي، ايئن سونهن پرست اکين جي غذا، دلڪش نظارا ئي هوندا آهن، جن جو ڪجل انهن البين اکين جي دنيا کي آباد رکندو آهي. نرمل نيڻن جا نياپا سمجهندڙ نيڻ، سونهن جي سنسار مان مسحور منظرن جا موتي، ايئن ڳوليندا آهن، جهڙوڪر کنڀيون چُنڊيندڙ ڪولهي ٻارڙا !
هر ٻانهن ۾ چوڙيون ناهن سونهنديون. هر نڪ، ڦليءَ جي سينگار سان سهڻو به ناهي لڳندو! ٻيرن تي پٽوريون ناهن اوڍائيبيون ۽ نه ئي مَڪار سياستڪارن تي هاريل گل، ڪڏهن گلدستي جو ڏيک ڏيندا آهن. بس ايئن ئي ڪجل هرڪو پائيندو آهي، پر اک، اک جو ڦير ضرور آهي! هر دل درد آشنه ناهي هوندي ۽ هر اک حسن شناس به نه ٿي هجي. بس ڪي اکيون ئي هونديون آهن، جيڪي حجابي نگاهن مان ڦٽندڙ پيار ۽ پنهنجائپ جي ڪٿ ڪري سگهنديون آهن. حسن جي دلبريءَ جو وجود پارکو اکين سان ئي مشروط هوندو آهي. اهو حسن ڪهڙي ڪم جو، جيڪو شاعرانه نظرن کان به روپوش رهجي وڃي! ٿري روهيڙن جا اهي گل، جن کي اُٺ کائيندا رهن، پر مالها ۾ پوئجي ڪنهن گلدستي جو سينگار نه بڻجڻ، اهي ته ان اڻجهل جوڀن جيان هوندا آهن، جيڪو سڄي ڄمار پرهيزگاريءَ جي چوديوارين جي اذيتناڪ خاموشي ءَ ۾، پنهنجو پاڻ کان لاجواب سوال پڇي پڇي نيٺ پوڙهو ٿي پوندو آهي!
سانوڻي رت جي جُهڙڦُڙ جهڙالي صبح ٽاڻي، بانورن بادلن جي چمڪيلين چوٽين تان انڊلٺ جون چلولايون به، ڪي ڪي نيڻ تجسس مان ڏسندا آهن. ڪارونجهر جي ڪور تان اڌ رات جي اُڀرندڙ نماني چنڊ جو اوسيڙو به، ڪي ڪي اکيون ڪنديون آهن. پن ڇڻ جي اداس شامن ۾، بيد مشڪ جي لامن تان لهندڙ سج جو پيلڙو چهرو به، ڪن ڪن نگاهن کي البيلايون ارپيندو آهي. گلابي چهرن تي جوانيءَ جي نشاني بنجندڙ مست موهيڙن مٿان به، ڪي ڪي اکيون اٽڪنديون آهن. بس ڪي ڪي نيڻ ئي هوندا آهن، جيڪي جيون جي راهن تي حسن جو هٿڙو جهلي دل جي دنيا سينگارينداآهن. تنهنجي چوٽيءَ جو گل ٿيڻ لاءِ بيقرار _ تنهنجو بيچين ساگر
ياسمين ٻنهين خطن کي پرس ۾ رکي ڇڏيو. ان وقت هن کي پنهنجن ضديلن هٿن سان فاڙيل پهرئين خط تي بنهه گهڻي پيشماني ٿي رهي هئي. هوءَ بي ساخته اُٿي وڃي دريءَ وٽ بيٺي. هن کي خبر هئي ته ڦاٽل خط جا ٽڪرا، هوائون اڏاري ويون آهن، پر پوءِ به هن دريءَ کان ٻاهر حسرت آميز نگاهه وڌي ۽ واپس ڪرسيءَ تي اچي ويٺي. گمنام خط لکندڙ اجنبي شخص، سواليه نشان بڻجي هن جي سوچ ۾ اٽڪيل رهيو. هوءَ واپس گهر آئي تڏهن به اجنبي شخص متعلق سوچيندي رهي. ان سوچ ۾ انيڪ سوال، وسوسا ۽ مٺا مٺا درد چنبڙيل هئا. پر نه ڄاڻ ڇو؟ ياسمين جي اها سوچ کيس اڻڄاتي خوشي ارپي رهي هئي. نه رڳو اجنبي شخص جو اڻ ڄاتو تصور، هن جي مٿان ماڪ جيئن ڇانئجي رهيو هو. پر گمنام خطن جون ڪي سٽون، ڪي جملا ۽ ڪجهه لفظ، هن کي هرهر خيال ۽ تاثر جي انوکي بارش ۾ ڀڄائي رهيا هئا!
آڌيءَ رات جو جڏهن بجلي هلي ويئي ته، هوءَ اڱڻ تي کٽ رکي ليٽي پيئي ”هن جا ٻه ننڍڙا ڇوڪرا پوڙهي پيءَ جي پاسي ۾ ورانڊي منجهه ستل هئا. چانڊوڪيءَ جي نرم ۽ ٿڌي چني ڌرتيءَ مٿان اوڍيل هئي. ياسمين چتائي چنڊ کي ڏسڻ لڳي، جيڪو آڪاش جي رڻ ۾ اڪيلو بيٺل هو. هيستائين پهتل گمنام خطن ۾چنڊ، چانڊوڪي ۽ ان مناسبت سان موجود تشبيهون، هن جي هانءُ ۾ هرهر ڪتڪائي ڪرڻ لڳيون. چنڊ ۽ چڪور جي نرالي ناتي متعلق هن اڳي به ٻڌو هو، پر اڄ هن کي ٻنهي وچان موجود دوري ۽ چنڊ جي لاحاصل وجود جو احساس شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو! چنڊ کي هن اڳي به ڏٺو هو، پر گمنام خط پڙهڻ پڄاڻا هن جي تصور، جنهن رنگ ۾ رڱيل هو، ان ۾ اڄ چنڊ جو وجود، هن لاءِ بلڪل ڌار محسوسات ۽ محظوظات کڻي، اندر ۾ اڻ تڻ مچائڻ لڳو هو. ننڊ هن جي اکين کان ڏور هلي ويئي هئي. آڌي رات جو شبنمي ڇهاءُ ۽ ڀنل بستري جا چلولا احساس، هن جي بدن مان سسڪارا سوريندا رهيا. لُونءُ لُونءُ ڪانڊارجڻ واري ڪيفيت ۾، گمنام خطن جي لکاري اجنبي شخص جي اڻ موجودگيءَ جو احساس، هن کي تڙپائيندو رهيو. پاسا ورائيندي چنڊ کي ڏسي هوءَ سوچيندي رهي:
“هن وقت ٿي سگهي ٿو، هو به ڪٿان چنڊ کي ڏسندو هجي. جيئن مونکي هن جي مبهم ياد تڙپائي رهي آهي، ايئن ٿي سگهي ٿو ته هو به مونکي ياد ڪندو هجي!“.
ياسمين کٽ تان اٿي اڱڻ تي هلڻ لڳي. ورانڊي ۾ ستل پوڙهو ڀڻڪيو: ”اندر مڇر لڳن پيا، مونکي به ننڊ ڪو نه ٿي اچي. “. ياسمين سندس ها ۾ ها ملائيندي، ٻاهر رکيل دلي ڀرسان وڃي بيٺي. دلي مان لڳا تار ٻه گلاس پاڻي جا ڀري پيئڻ کانپوءَ، واپس اچي ليٽي پيئي. پر سندس اکين ۽ ننڊ وچان وڇوٽي موجود رهي. اجنبي شخص کي هن ڪڏهن به نه ڏٺو هو، پر پوءِ به خطن وسيلي هن جي چاهت خوشبو جيان هن جي اندر ۾ اوتجي رهي هئي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن جو پيار ڪهڙي ڏاڪي تي پهتو آهي. پر لاشعوري طور هوءَ اجنبي شخص کي چاهڻ لڳي هئي. هن جا خط وري وري پڙهندي، سڄو ڏينهن هن جي باري ۾ ئي سوچيندي هئي. سندس اها ڪيفيت هن پاڻ لاءِ به واضح نه هئي، هڪ پاسي هن کي، نالو لڪائي گمنام خط لکي، ايترو ديده دليري سان پيار جون گستاخيون ڪندڙ شخص تي ڪاوڙ هئي، جو هوءَ پنهنجي ظاهري انا جي تسڪين خاطر، هن کان انتقام وٺڻ جا پوهه پچائيندي هئي، ته ٻئي طرف اجنبي شخص جا خط هن کي وڻندا هئا. لفظن مان ظاهر ٿيندڙ هن جي شخصيت جا ڪجهه پاسا کيس متاثر ڪري رهيا هئا. ٻنهين متضاد ڪيفيتن مان پوئين ڪيفيت، گذريل ڪجهه ڏينهن کان هن مٿان حاوي ٿي رهي هي. طلاق کانپوءِ هن اڳيان بي معنيٰ بڻجي پيل پنهنجو وجود، وري نئين اتساهه سان اڳيان اچي رهيو هو. هوءَ سوچيندي هئي:”ڪو ته آهي، جيڪو پرپٺ مونکي چاهي ٿو. مون لاءِ لکي ٿو، مون لاءِ تڙپي ٿو ۽ مون لاءِ سوچي ٿو“. اڻ ڏٺل شخص، هن وٽ پنهنجي بي پناهه محبت جو يقين ڏيارڻ ۾ ته ڪامياب ويو ئي هو، پر گڏوگڏ عورتاڻي نفسيات جي انهن ڪمزورين کي فوڪس ڪندي، هنجي بدن جي حقيقي خوبين جي تعريف، دلڇهندڙ لفظن ۽ تشبيهن سان ڪئي هئائين، ته هو اڌ ڪلاڪ آئيني کان پري ٿي نه سگهي هئي. اڻ ڏٺل شخص جا خط هن کي احساسن جي انهن محبوب وادين ۾ آڻي بيهاريندا هئا، جتان ڪيئي مسرور منظر هنجي اندر ۾ انوکي هلچل مچائيندا هئا. ۽ هن جي انهن ڪيفيتن سان آشنائي ٿيندي هئي، جيڪي هيستائين هن جي اندر ۾ هوندي به هن کان لڪيل هيون. اڳي هوا هن لاءِ، رڳو گرمي گهٽ ڪرڻ جو نالو هو، پر هاڻي صبح جي هوا ۾ هن لاءِ عجيب احساس اوتيل هئا. اڳي اونداهي رات، هن کي بي معنيٰ ڀاسيندي هئي، پر هاڻ امبر تي ستارن جي سيج، هن لاءِ بامعنيٰ بڻجي پيئي. اڳي بهار جو تصور، هن وٽ گرمي، سرديءَ جي گهٽتائي ۽ وڻ ڦوٽ کان اڳتي ڪجهه به ڪو نه هو. پر هاڻ بهار جا ڪيئي رنگ، هن جي ڪيفيت ۾ اٽڪي پيا هئا! هن جي 28 سالن جي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پيار جي انوکي ڪيفيت، گونگهٽ لاهي پنهنجو چهرو ڏيکاري رهي هئي ۽ گمنام خطن جا البيلا لفظ، هن جي دل _دڙي ۾ ڪجهه نه ڪجهه کوٽي رهيا هئا، جتان دريافت ٿيندڙ احساسن جا آثار، هن پاڻ لاءِ به حيرت انگيز هئا. !