ناول

هينئڙو ٻہ اڌ

هي ناول هڪ پڙھيل لکيل ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ نوجوان جي ڪجهه آواره ۽ ڪجھه سنجيده روين جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو غير هموار ۽ نامناسب حالتن جي هٿن ۾، ڪڏهن چاهتن سان لڪ لڪوٽيون ڪري ٿو، ته ڪڏھن وري سونهن ۽ جوڀن جي رنگبرنگي وادين ۾ زندگيءَ جي زخمن کي وقتي طور وسارڻ جا جتن ڪري ٿو. ذھني طور پسمانده ماڻهن جي صحبت ۾، منطقي ۽ عقلي آڱرين ۾ دليلن جي بلورن سان، حقيتن جا نشانا وٺڻ ڪيترو مشڪل آھي؟ اهو هن ناول جي درمياني صفحن جي ڪپڙن جو رنگ آھي! انساني فطرت جي چڱاين توڻي مداين تي مشتمل سماجي ڪردارن ۽ سالن کان تصور جي تالاب ۾ وهجندڙ واقعن کي، قلم جي بيساخته چميءَ ناول جو روپ ڏيئي ڇڏيو آھي!

Title Cover of book Heana'ro Ba Adh

ميرپورخاص ۾!

عيد جي ٻئي ڏينهن، دلڪش ڳوٺان موٽي آيو. ساڳي ڏينهن ياسمين وارا به پهچي ويا ۽ ايئن سپنا ۽ دلڪش جو وري ملڻ ٿي نه سگھيو. سپنا، ياسمين جي گھر جا چند چڪر لڳايا پر اک ٽيٽ ڏسڻ کان اڳتي، ڪير به وڌي نه سگھيو. انهيءَ دوران ياسمين، شايد سپنا جي دلڪش ۾ دلچسپي محسوس ڪري ورتي هئي، جو هن سپنا سان بيرُخي ۽ ڌڪار وارو رؤيو رکڻ شروع ڪري ڇڏيو هو!
ٻي عجيب ڳالهه اها هئي ته ميرپورخاص مان موٽڻ کانپوءِ، ياسمين پاڻ مرادو دلڪش سان سرچي پيئي هئي. سندس رؤيي ۾ انتهائي پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ جي خوشبوءِ رچيل هئي. انهيءَ رؤيي جو هر رنگ، دلڪش کي ياسمين سان ڪيل پنهنجي ننڍڙي بيوفائيءَ جو زخمي احساس ياد ڏياريندو هو!
ميرپورخاص مان موٽڻ کانپوءِ چوٿين ڏينهن، ياسمين اهو انڪشاف ڪيو ته هن ڇهن مهينن جو پروفيشنل ڪورس ڪرڻ لاءِ، پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ داخلا ورتي آهي ۽ ايئن کين ايندڙ پندرهن ڏينهن ۾، ميرپورخاص شفٽ ٿيڻو هو. جتي هن سندس مائٽن جي پاڙي ڀرسان ئي ڪرائي جو مڪان وٺي ڇڏيو هو. هوءَ اهو فخر سان ٻڌائي رهي هئي ته داخلا کان ويندي مڪان حاصل ڪرڻ تائين، سندس مٽن مائٽن تمام گھڻي مدد ڪئي هئي. دلڪش پنهنجي اختلاف جو اظهار، انتهائي نرمي ۽ احتياط سان ڪيو. ”خرچ پنهنجو، پوءِ داخلا وٺرائي ڏيڻ ۽ ڪرائي جو مڪان وٺڻ ڪهڙو ڪارنامو آهي؟. ٻي ڳالهه ته گھر جو ڌڻي هجڻ ناتي، توکي ۽ تنهنجي مائٽن کي مونسان مشورو ڪرڻ کپندو هو. ياسمين ان جي جواب ۾، محدود وقت هجڻ سميت ڪجھه ٻيا بهانا گھڙي ورتا. دلڪش پنهنجي ناراضگي اندر ۾ لڪائي ڇڏي ۽ خاموشيءَ سان ميرپورخاص شفٽ ٿيڻ جي تيارين ۾، ياسمين جو هٿ ونڊرائڻ لڳو.
اسلامڪوٽ مان لڏو کڻي ميرپورخاص ڏانهن ويندي، سپنا جي پويان رهجي وڃڻ جو جھوريندڙ احساس، سڄي سفر ۾، بس جي سيٽ تي، دلڪش جي ڀرسان ئي ويٺل رهيو! جيڪو رکي رکي سرگوشين ۾ سپنا کان وڇڙڻ جو ڏوراپو، کيس ياد ڏياريندو رهيو! ميرپورخاص ۾ به اهو الميو، ڪجھه ڏينهن تائين هن جي آسپاس بار بار ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. پر آهستي آهستي وقت گھڻو ڪجھه وسارائي ڇڏيو!.
ميرپورخاص ۾ هن جا شروعاتي چار مهينا، نه سمجھه ۾ ايندڙ حالتن جي حوالي ٿيل هئا. ياسمين کيس التجا آميز تلقين ڪئي هئي ته سندس مائٽن سان سهڻو سلوڪ روا رکي، ڇو ته اهي پنهنجي ناٺيءَ مان بااخلاق، ماٺيڻي ۽ فرمانبردار هجڻ جي اميد رکندڙ هئا. دلڪش ياسمين جي دل رکڻ خاطر سندس صلاح تي عمل ڪرڻ لاءِ، ڇهن مهينن لاءِ پاڻ کي بدلائڻ جو مشڪل فيصلو ڪري ورتو. هن ياسمين جي برادريءَ جي رواجن موجب وڏڙن اڳيان مٿي تي ڪپڙو ڍڪڻ، زائفافن اڳيان نظر جھڪائي رکڻ ۽ هدايت ٻڌڻ وقت، بنا ڪنهن اختلاف يا سوال پڇڻ جي، اسڪولي ٻارن جيئن رڳو ڪنڌ ڌوڻڻ سميت، انيڪ پابنديون پاڻ تي مڙهي ڇڏيون هيون ۽ اهو سڀ ڪجھه هن جي طبيعت جي ابتڙ هو!
دلڪش کي حيرت اها ٿي ته هن جي ساهرن مان ڪنهن به کيس پنهنجي گھر وٺي وڃڻ جي لائق نه سمجھيو هو ۽ نه ئي هن سان پنهنجائپ وارو ميل جول رکيو هو. صرف ٻه ڪراڙيون عورتون ۽ ٻه جھونڙا هن کي هدايتون ڏيڻ لاءِ اڪثر ايندا رهندا هئا. هڪ ڪراڙي رحمت هن کي اڪثر ٻاراڻا ۽ کل جوڳا درس ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن هن کي سمجھائيندي، چيائين: ”پٽ جڏهن ڪنهن وٽ وڃبو آهي ته اسلام عليڪم چئبو آهي ۽ ان جي جواب ۾ چئبو آهي وعليڪم سلام“ ڪراڙيءَ اهي جملا، طوطي جيئن دلڪش کي رٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. دلڪش ڪراڙيءَ جي دل رکڻ خاطر، سندس حڪمن تي عمل ڪيو. ڪراڙيءَ کي جڏهن پڪ ٿي ويئي ته سندس ڏنل سبق ياد ٿي ويو آهي ته هن چند حلال ۽ حرام جانورن جا نالا ياد ڪرايا ۽ پوءِ پنهنجي روحاني پيشوا جا فرمان ٻڌائي رواني ٿيڻ لڳي. دلڪش کي حيرت اها ٿي ته ياسمين انتهائي احترام ۽ تعظيم سان ڪراڙيءَ کان موڪلائڻ بعد دلڪش کي چيو: ”ماسي رحمت ئي اسان جي برادريءَ ۾، سنڱابنديون ڪرائيندي آئي آهي!“ دلڪش حيرت مان ڏسندي وراڻيو ”پوءِ ته گھوٽن ۽ ڪنوارن جو خير هجي!!“
ان کانپوءِ ايندڙ رات، دلڪش دير تائين سمهي نه سگھيو هو. هن پاڻ کي ذلالتن جي دلدل ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو هو. تڏهن هن پنهنجي زندگيءَ کي گار ڏيئي سوچيو هو. ”ڪيڏانهن ويو منهنجو مطالعو؟ ڪيڏانهن ويئي منهنجي اهليت؟ ڪيڏانهن ويو منهنجو علم؟! ۽ ڪيڏانهن ويئي منهنجي شخصيت؟! ايبنارمل ماڻهو مونکي جاهل سمجھي، پارٽ پڙهائي رهيا آهن. هائي زمانا!، هائي قسمت! منهنجو هاڻ اهو قدر وڃي بچيو آهي!“ هن جي اکين ۾ ڳوڙها، ٿوهر بڻجي ڦٽي آيا. هن پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل پنهنجن انهن مقالن، مضمونن ۽ ڪالمن متعلق سوچڻ شروع ڪيو، جن کي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ تمام گھڻي پذيرائي ملي هئي. هن پنهنجن انهن شعرن تي سوچيو، جن کي مشاعرن ۾ پڙهندي، هن لاءِ گھڻيون تاڙيون وڳيون هيون. هن پنهنجن انهن اڻڇپيل ڪتابن تي به سوچيو، جيڪي هو پئسي جي اڻهوند باعث اڃان ڇپائي نه سگھيو هو. کيس پنهنجا اهي مداح به ياد آيا، جن مختلف وقتن تي، هن کان آٽوگراف ورتا هئا. تڏهن وڃي هن کي ڪجھه ڪجھه اعتبار آيو ته هو ايترو جاهل نه هو، جيترو هن جا ساهرا سمجھي رهيا هئا! هن محسوس ڪيو ته سندس ساهرن جي دنيا ئي ڌار هئي، انهن جو ذهن فقط پنهنجي برادري، فرقي ۽ آڻڻ چاڙهڻ تائين محدود هو. ننڍا توڙي وڏا پنهنجي جماعت جي روحاني پيشوا جي حڪمن تي اکيون ٻوٽي عمل ڪندڙ هئا. جماعتي طور طريقن کي ئي سڀ ڪجھه سمجھندا هئا. سندن نظر ۾ غير جماعتي ماڻهو جاهل ۽ ڀليل هئا.
اثر انگيز گفتگو ڪندڙ هڪ شخص، دلڪش سان خاص طور ملڻ لاءِ آيو. جنهن هن کي پنهنجي جماعت ۾ آڻڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ تائين هدايت ڪئي. دلڪش نيٺ بيزار ٿي چيو: ”ڇا اهو ڪافي ناهي ته آئون مسلمان آهيان؟!“ واعظ ڪندڙ شخص جھٽ پٽ وراڻيو: ”نه. . . . . رڳو مسلمان هجڻ ڪافي ناهي، مسلمانن ۾ ٽيهتر فرقا آهن، انهن مان صرف هڪڙو صحيح رستي جو راهي آهي!“ دلڪش پهريون ڀيرو سندس اکين ۾ اکيون وجھندي رڳو اهو چيو: “توهان رانگ نمبر ملايو آهي سائين!“ سامهون ويٺل شخص، سندس مقصد سمجھي ويو ۽ چهري تي نانگواريءَ جو تاثر آڻي هليو ويو.
ان کانپوءِ ياسمين جي برادريءَ وارن جو، دلڪش وٽ اچڻ وڃڻ گھٽ ٿي ويو. هن جي ڪيترن ئي مٿو کائيندڙ ڳالهين مان جان ڇٽڻ سان گڏ، ان اذيتناڪ سوال مان به جند آجي ٿي پئي، جنهن ۾ پڇندا هئا: ”تون ڪم ڪهڙو ڪندو آهين؟!“ ڪم مان انهن جي مراد سرڪاري ملازمت هئي. ڪي نودولتيا ته هن کي احساس محروميءَ ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ پنهنجي برتريءَ جي نمائش لاءِ وڏن ۽ سڻڀن عهدن تي ڪم ڪندڙ پنهنجن عزيزن جون وارتائون ڇيڙي وهندا هئا. پر هاڻي انهن جو اچڻ وڃڻ گھٽجي ويو هو. شايد کين احساس ٿيو هو ته دلڪش انهن لاءِ غير موزون ماڻهو هو. هن وٽ ان جھوني به اچڻ ڇڏي ڏنو هو، جيڪو اڪثر منجھند ويل دلڪش سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو ۽ ان جي منجھند واري ننڊ ڦٽائيندو هو. اهو جھونو پاڻ کي اديب ۽ عالم سمجھڻ جي خوشفهميءَ ۾ به مبتلا هو. هن کي ان ڳالهه تي فخر هو ته هن جي پڇيل سوالن جا جواب وڏا وڏا عالم به ڏيئي نه سگھندا آهن. هن جا سوال به هن جيئن عجيب هوندا هئا. ”قاعد اعظم جو ڏاڏو ڪهڙي تاريخ تي ڄائو هو؟ مينار پاڪستان جي اڏاوت ۾ ڪيترن مزدورن حصو ورتو هو؟، ٽيپو سلطان آخري جنگ ۾، جنهن گھوڙي تي چڙهيو هو، ان جو رنگ ڪهڙوهو؟ اهو پهاڪو ڪنهن ايجاد ڪيو هو ته کٽر پنهنجو ته هاري پر پرايو به هارائي؟“ دلڪش هن جي اڳيان اڪثر پنهنجي وجود جو احساس به وساري ويهندو هو. ، ۽ پاڻ کي رڳو هڪ ٻڌندڙ ظاهر ڪرڻ لاءِ ”ها هون“ ڪندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رستي ڏانهن کلندڙ ڪمري جي دريءَ مان، جھوني کي پري کان ايندي ڏسندو هو ته پاسي واري در مان نڪري، ڀر واري دڪان ۾ ويهي رهندو هو ۽ لاڳيتو ان رستي جي ڇيڙي ڏانهن ڏسندو هو، جتان جھوني کي واپس وڃڻو هوندو هو! جھونو اڪثر ڪمري ۾ دلڪش کي نه ڏسي مايوسيءَ مان موٽي ويندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن ٻن ٻن ڪلاڪن تائين هن جي موٽڻ جو اوسيئڙو ڪندو هو. دلڪش جنهن دڪان تي ويهندو هو، ان جي مالڪ جو تعلق هڪ ٻئي فرقي سان هو، جيڪو منجھند ويل جي گرميءَ ۾ گرهاڪن جي اڻموجودگيءَ جو فائدو وٺي، دلڪش کي پنهنجي فرقي جي صداقتن متعلق ٻڌائيندو هو. پنهنجي فرقي وارن طرفان ڪڏهن ڪڏهن منعقد ٿيندڙ ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين ۾ هلڻ لاءِ به زور ڀريندو هو. ان وقت دلڪش لاءِ ميرپورخاص جو شهر بنهه سوڙهو ۽ ساهه منجھائيندڙ ٿي پوندو هو!
ياسمين جي تربيتي ڪورس دوران، جڏهن پئسي جي هٿ منجھه ٿي پيئي هئي ته، گهربل رقم جي پورائي لاءِ دلڪش، ڏهن ڏينهن لاءِ ڳوٺ آيو هو. جتي هن پنهنجي ماءُ حڪيمه کي اڳ کان وڌيڪ ڪمزور ۽ نٻل ڏٺو. کيس دلڪش کان دوريءَ جو احساس، اندر ئي اندر ۾ اڏوهي بڻجي کائي رهيو هو. پر حڪيمه پنهنجي طبيعيت موجب پنهنجي پٽ اڳيان ڪا به شڪايت آڏي ڪونه آندي، ڄڻ کيس دلڪش جي مجبورين جو ڳوڙهو احساس هو!
دلڪش هارين وٽ پالنا لاءِ ڏنل پنهنجي چوپائي مال مان، ٻه اٺ، هڪ وهڙي ۽ ويھه ڇيلا وڪرو ڪيا. هارين جو حصو پتي ڪڍڻ کانپوءِ به هن وٽ وڏي رقم موجود هئي. خرچ پکي لاءِ حڪيمه ۽ تبسم کي ڪجھه پتي ڏيئي، باقي رقم کيسي ۾ وجھي، اسلام ڪوٽ مان ميرپورخاص ويندڙ بس ۾ چڙهي ويٺو هو.
جرواريءَ کان والڪرٽ روڊ تائين، هن ڪرائي جو رڪشو کنيو، گھر پهتو هو ته چانڊوڪي ۽ برکا کيس چنبڙي پيون. هن ٻنهين ڌيئرن سان راند روند ڪئي ۽ کين خرچي ڏني ۽ پوءِ کٽ تي ويهي رهيو. سندس ڀرسان ٻي کٽ تي ياسمين ويٺل هئي، جنهن جي پاسي ۾، ساڻس گڏ تربيتي ڪورس ڪندڙ سندس سهيلي سارا ويٺي هئي. سارا پنجابي لهجي ۾، ياسمين کي ٻڌائي رهي هئي ته ڪيئن نه ڏکڻ پنجاب جي هڪ بااثر سندس سنڱ وٺڻ لاءِ هن جي پيءُ کي بليڪ ميل ڪيو هو. هڪ رات غنڊن کان سندن الهه تلهه ڦرائي، ڪچي گھر کي باهه ڏياري هئي ۽ پوءِ سارا جو والد، پنهنجي زال ۽ اڪيلي ڌيءَ جي جان بچائي سنڌ آيو هو. جتي چند سالن ۾، نه رڳو روزيءَ روٽيءَ جا مسئلا حل ٿيا هئا، بلڪه وٽن رهڻ لاءِ پڪو گھر به موجود هو. سارا اهو به ٻڌايو ته چند مهينا اڳ سندس والد فوت ٿي چڪو هو.
دلڪش جي ذهن ۾ چند سوال ڏنگ هڻي رهيا هئا، پر ياسمين جي امڪاني ناراضگيءَ سبب سارا کان پڇي نه سگھيو هو. چانڊوڪي ۽ برکا، هن جي هنج ۾ کيڏي رهيون هيون. اوچتو برکا هٿ وڌائي، هن جي کيسي مان نوٽن جي ٿهي ڪڍي وکيري ڇڏي هئي. هزار ۽ پنج سئو جا ڪيئي نوٽ کٽ تي پکڙجي پيا هئا. دلڪش نوٽ ميڙي کيسي ۾ وجھي ڇڏيا. هن ڏٺو ته سارا اک ٽيٽ انداز سان، هن جي کيسي کي ڏسي، پوءِ ياسمين کان پڇيو “توهان جو مڙس ڪهڙي نوڪريءَ ۾ آهي؟“
ياسمين لاپرواهيءَ مان کلندي وراڻيو: “اڃان تائين ته بيروزگار آهي. هونئن به هن تان ڪم معاف آهي. آئون جو آهيان ڪمائڻ لاءِ!“ دلڪش محسوس ڪيو ته ياسمين جو اهو جواب، سارا کي مطئمن ڪري نه سگھيو هو! پر سارا، الاءِ ڇا سوچي خاموش ٿي ويئي هئي. ڪجھه دير وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ، ياسمين رات جو ماني ٺاهڻ لاءِ جڏهن باورچي خاني ڏانهن رواني ٿي، ته سارا به جھٽ پٽ اٿي هن سان گڏ هلڻ لڳي، ايئن ڄڻ ياسمين جي وڃڻ کانپوءِ دلڪش وٽ اڪيلو ويهڻ کيس پسند نه هو.
رات جي ماني کائڻ کانپوءِ، سارا اوچتو ڦاٽ کاڌو، ”آئون هينئر جو هينئر گھر وينديس. “ياسمين حيرت مان ڏسندي پڇيو: ”توهان اچڻ وقت ٻڌايو هو ته توهان اڄوڪي رات هتي ئي ترسندؤ؟!“ سارا جلديءَ مان وراڻيو: ”ان وقت مونکي اهو ياد نه رهيو هو ته مونکي ئي امان کي، رات جي دوا پيارڻي آهي ۽ نه ئي مونکي اهو ياد هو ته سڀاڻي آچر آهي، ۽ بابا جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ، پاڙي جي نينگرين کي قرآن خواني ڪرڻ جو سڏ ڏنل آهي، ان لاءِ صبح سويل کير آڻيندڙ کيرڙيي کان ٻه ڪلو اضافي کير به وٺڻو آهي“ ياسمين ڪجھه سوچيندي چيو: ”هينئر رات جا ڏھ ٿيا آهن، آسپاس ڪو رڪشو به نه ملندو. تون اڪيلي. . . . . . . . !؟“ سارا پر اعتماد لهجي ۾ وراڻيو: ”هونئن ته آئون اڪيلي به وڃي سگھان ٿي، ڇو ته مون زندگيءَ ۾، مردن کي جوتي جي نمبر کان وڌيڪ اهميت ناهي ڏني. بسن، آفيسن ۽ روڊن تي ڪيترن ئي مردن کي جوتا هڻي اهو سبق سيکاريو اٿم ته عورت کيڏڻ جو رانديڪو ناهي، جو جھٽ پٽ اوهان جي هٿن ۾ هلي اچي، مگر اوها صحيح ٿا چئو ته هن بيگا وقت عزتدار عورت جو اڪيلو هلڻ سٺو نٿو لڳي!“
سارا جا جوشيلا جملا ٻڌي، ياسمين به پاڻ کي روڪي نه سگھي. ”مرد بنهه ڪميڻا هوندا آهن، عورت کي ايئن ڏسندا آهن، جيئن ٻلو، ڪوئي کي ڏسندو آهي. . . . . “ سارا کيس جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو. : ”مرد ڇا به سمجھن پر عورت جي عزت پنهنجي وس ۾ آهي. هونئن به عورت جو زيور حياءُ آهي. مذهب به اسان کي اهو ٿو سيکاري ته پنهنجي عزت جي حفاظت ڪريو، بيحيائيءَ کان بچو. منهنجو مرحوم بابا چوندو هو ته ڪڏهن به برقي کانسواءِ گھر مان متان نڪرين ۽ نه ئي غير مرد سان ڪڏهن بيتڪلفي ڪجان. . . “ سارا ڳالهه پوري ڪري سواليه نظرن سان ياسمين کي ڏسڻ لڳي. ياسمين ڪجھه سوچيندي پڇيو: “هينئر اوهان ڪيئن ويندا؟!“ سارا دلڪش ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”ادا کي چئو ته مونکي ڇڏي اچي“ ياسمين مشڪل فيصلي جو زهريلو ڪيپسول ڳڙڪائڻ لاءِ ڳيت ڏيئي چيو: ”توهانجو ادا، ٿر جي ٿڪائيندڙ سفر تان موٽيو آهي، الاءِ هلندو يا نه!؟“ سارا اعتماد سان چيو: ”ادا ايترو خود غرض ۽ بي وڙو ناهي، جو مونسان گڏ هلڻ کان انڪار ڪري. “ سارا لفظ ادا تي وڌيڪ زور ڏنو، جيڪو دلڪش کي ڪڏهن ڏاڍو مٺو، ته ڪڏهن وري بنهه کارو لڳندو هو. ياسمين ڪجھه سوچيو ۽ پوءِ دلڪش ڏانهن ڏسندي، بيدليءَ مان چيو: “سارا کي گھر ڇڏي جلد موٽي اچو“. سارا ڪمري مان برقو پائي، ياسمين کان موڪلايو ۽ دلڪش سان گڏجي، پنهنجي گھر ڏانهن هلڻ لڳي. شارٽ ڪٽ ڪرڻ لاءِ، هن سوڙهين ۽ اونداهين گھٽين جي به پرواهه نه پئي ڪئي. هوءَ دلڪش سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي رهي هئي، ڇا ته بولڊ ڇوڪري هئي. هڪ سوڙهي گھٽيءَ مان گذرندي، هڪ ٻه ڀيرا هن جو جسم دلڪش کي لڳو ته دلڪش اسپرنگ جيان ڇرڪ کائي پرتي هٽي ويو. هر ڀيري دلڪش جي ڪنن ۾، ياسمين جي اڳيان سارا جي ڳالهايل جملن جا پڙاڏا گونجي پيا ”مون زندگيءَ ۾، مردن کي جوتي جي نمبر کان وڌيڪ اهميت ناهي ڏني. . . . . . . . . . . . . مردن کي جوتا هڻي، اهو سبق سيکاريو اٿم ته عورت کيڏڻ جو رانديڪو ناهي. . . . !“
چند قدم اڳتي هلڻ کانپوءِ، سارا هڪ سوڙهي گھٽيءَ ڏانهن مڙي ويئي، جتي اوندهه نسبتن وڌيڪ هئي. شروع ۾ هوءَ ايترو اعتماد سان هلي رهي هئي، ڄڻ ڪو جنگي سورمو، پنهنجي فتح ڪيل، علائقن جو معائنو ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. پر چند قدم اڳتي هلڻ کانپوءِ، هوءَ بيهي رهي. دلڪش به ٻه قدم اڳتي هلي بيهه رهيو. سارا کيس ويجھو هلي آئي. پنهنجو هٿ ڏيئي چيائين: ”منهنجي هٿ سان هٿ ملائي پوءِ هلون، جيئن اونداهيءَ ۾ هلندي مونکي آساني ٿئي. “ دلڪش پنهنجو هٿ هن ڏانهن وڌائي ڇڏيو. سارا هٿ ۾ هٿ ملائيندي هلڪو زور ڏنو ته دلڪش جي من ۾، سارا لاءِ موجود سمورا گمان غلط ثابت ٿي پيا. هن جو مردانه اعتماد موٽي آيو ۽ دلڪش جي ڳراٽڙِيءَ، ٻنهين وچان موجود دُوريءَ جي ديوار ڊاهي وڌي. ڊگھي قد ۽ وڏي هيل واري جتيءَ جي ڪري، بيٺي بيٺي چمي ڏيڻ ۾ سارا کي خاص ڪوشش ڪرڻي ڪونه پيئي. ان ئي گھٽيءَ ۾ سارا جو گھر موجود هو، جنهن جي لوهي در کي ٻه ڀيرا کڙڪائڻ کانپوءِ سارا جي پوڙهي ماءُ دروازو کوليو. دلڪش واپس وڃڻ لاءِ اجازت گھري پر سارا چيو: ”ترس، آئون بيٺڪ جو در کوليان ٿي. “ هوءَ ماءُ سان گڏ اندر هلي ويئي. ڪجھه گھڙين کانپوءِ بيٺڪ جي ڪمري جو بلب ٻريو ۽ پوءِ دروازو کليو. دلڪش اندر وڃي بيڊ تي ويٺو. سارا برقعو لاهي ڪليءَ ۾ ٽنگيو ۽ پوءِ هن سان گڏ بيڊ تي ويهي رهي. اداسيءَ مان چيائين: ”اڄڪلهه اسين مالي مشڪلاتن جو شڪار آهيون. مون گذريل ٽن مهينن کان نئون جوڙو به ناهي ورتو. مونکي پئسه گھرجن “. دلڪش کيسي مان پنج سئو جو نوٽ ڪڍي، سندس تريءَ تي رکندي چيو: ”سڀاڻي نئون جوڙو خريد ڪجانءِ. “ ياسمين چيو: ”سينڊل، ميڪ اپ ۽ نئون پرس به وٺڻو اٿم. “ دلڪش پنج هزار جو ٻيو نوٽ ڏيندي چيو: “اڃان ته پهرين ملاقات به مڪمل ناهي ٿي، فرمائشون وڌي ويون آهن. “ سارا جي چهري تي مفتوج علائقن جو معائنو ڪندڙ جنگي سورمي جھڙو اعتماد نه رهيوهو، اتي هاڻي پهرين چوري ڪندي پڪڙجي پيل شخص جيئن ڦڪائي ڦهليل هئي!
هن جا چپ ٿلها، نڪ ويڪرو ۽ اکيون ننڍيون پر شرارتي ۽ رنگ ڳورو هئس. ڀريل بدن ڪجھه موٽو لڳي رهيو هو. جوڀن جي ڏايا، هن کي پرڪشش بڻائي ڇڏيو هو. سارا چيس: ”جلدي ڪريو، پويان ياسمين شڪي ٿي پوندي“ دلڪش وراڻيو: ”اهو منهنجو مسئلو آهي. جيئن توهان مونکان پنهنجيون فرمائشون پوريون ڪرايون آهن، ايئن منهنجيون فرمائشون به پوريون ڪريو. “. سارا خاموش رهي. کيس محسوس ٿيو ته هن کي ورتل پئسن جو پورو معاوضو چُڪائڻو هو! تيز بلب جي روشنيءَ ۾، هوءَ هر حڪم جي پيروي ڪري رهي هئي ۽ دلڪش لاءِ اهو پهريون ڀيرو هو جو ٽڪن سان ورتل رتيءَ جي رهاڻ سان سندس آشنائي ٿي رهي هئي، جنهن ۾ هن جو ڪردار حاڪمانه هو ۽ اهو سپنا واري ملاقات جي فرمانبردار رول کان گهڻو مختلف هو. ”تو مونکي ڏاڍو رڳڙيو ۽ ولوڙيو آهي“. سارا جي جملي ۾، احسان جتائڻ جي آميزش اٽڪيل هئي. دلڪش سوچيو ”ڪن ماڻهن سان دوستي ۽ احسانمنديءَ جي بار ۾، نڀائڻ کان پڙ تي وهنوار ڪرڻ بهتر آهي!“. اهوئي سوچي هن سارا کان پڇيو:”چئبو ته اڃان حساب برابر ناهي؟“ سارا مرڪندي وراڻيو: ”نه. . . . بلڪل نه!“ دلڪش سيريئس ٿي پڇيو: ”بقايا ٻڌايو؟“ سارا وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو: ”مون ته مذاق ڪيو پئي، اوهين سنڌي سچ پچ ڀورڙا آهيو، جيترو تو انجوائي ڪيو، شايد مون اڄ ان کان به وڌيڪ انجوائي ڪيو آهي، حساب ته اتي ئي برابر ٿي ويو، باقي تنهنجي ڏنل ۽ منهنجي ورتل خرچي ته بونس آهي!“ دلڪش کيس تاڙي ملائي روانو ٿيو ته پويان سارا چيو:”تو، منهنجو گھر ڏسي ڇڏيو آهي، جڏهن دل چاهي هليو اچجان، تنهنجو قرض اڃان مون تي رهيل آهي. !“ واپس گهر ڏانهن ايندي، دلڪش کي ٽڪن ۽ ٽونئرن وارو گج پاتل اها ارڏي ٿرياڻي ياد آئي هئي، جنهن جي روح ۾ مارئيءَ جي روح جو واسو هو، جنهن جو ڳوٺ، هن جي ڳوٺ جي ڀرسان ئي هو، جنهن کي دلڪش گهڻا سال اڳ، ياري رکڻ لاءِ ڇڪيو هو، پر ان عورت، هن جي هر التجا کي بيدرديءَ سان ٿڏي ڇڏيو هو. دلڪش جي ٻن سالن جي ڪوشش تڏهن صفا ختم ٿي ويئي هئي، جڏهن هڪ ڏينهن ترائيءَ تي دلا کڻي ايندڙ ان عورت اڪيلائي ۾ هن کي سمجهايو هو: ”تون ڀائين ٿو، آئون ڪا اڪ جي ماکي آهيان، جنهن کي تون تڪڙو ڇاڻي وٺندين، منهنجو مڙس جيئرو ويٺو آهي، جيڪو منهنجو پهريون ۽ آخري پيار آهي. مونکي ڇا ٿو کپي جو آئون توسان ياري رکان. مون پهرين ڏينهن توکي ادا چيو هو، اڄ تائين توکي ننڍو ڀاءُ سمجهان ٿي، انڪري هيستائين تنهنجيون شرارتون سهندي رهي آهيان. نه ته هن کان اڳ ۾ توکي خبر پئجي وڃي ها ته مون لاءِ تون ڪهڙي باغ جي موري آهين ؟“ دلڪش خاموش ٿي ويو هو. ان عورت ترائي جي پاڻي مان دلو ڀريندي چيو هو.
”مون کي لڳي ٿو، تون تڙ تڙ جو پاڻي پيئندڙ رول پکي آهين. ٿورو ٿورو سڪڻو، ٿورو ٿورو لُڌو. . . . . . . . . . . پر ڀيڻ جي هڪ ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ڇڏ. . . . هن زماني ۾ توکي تو جهڙيون ڪيئي مايون ملي وينديون، پر تون اها محبت ماڻي نه سگهندين، جنهن ۾ سينڌ تي هٿ رکي ڪيل وچن تان، سهسين سِسِيون ڪپائي ڇڏبيون آهن. يارن جا ڏنل ڦوٽا ۽ مصريءَ تڙن کي ساهه جيئن سانڍي رکبو آهي ۽ پڄاڻا پرين، ڀنڀور کي باهه ڏبي آهي! “ دلڪش گهر پهتو هو ته ياسمين ڪاوڙ مان پڇيو: ”هيتري دير ڪٿي هئين ؟“ دلڪش کي خبر هئي ته سارا جو گهر ياسمين جو ڏٺل نه هو. هن احسان جتائيندي مصنوعي ڪاوڙ مان چيو: ”تنهنجي سهيليءَ مان ماڳهين ڦاسي پيئس، هڪ سندس گهر پري ٻيو، وري شارٽ ڪٽ ڪرڻ لاءِ، سوڙهين گهٽين مان گهر جو گس ڀلجي ويئي، ٽيون وري گهر ۾ ننڊ ستل سندس امڙ، جاڳڻ ۽ در کولڻ ۾ ويهه پنجويهه منٽ لڳائي ڇڏيا !“
***

اها جون جي گرم شام هئي. چانڊوڪيءَ جي گلي ۾ سوپاري اٽڪي پيئي هئي. مارئي ميڊيڪل سينٽر جي روم نمبر8 ۾ ننڍڙي چانڊوڪيءَ جو علاج هلي رهيو هو. دلڪش جي اکين جو ٺار ننڍڙي چانڊوڪي، زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾، نماڻا نيڻ کڻي، ڪنهن ويل ماءُ، ته ڪنهن ويل پيءُ ڏانهن ڏسي رهي هئي. دلڪش جي دل منجهان سورن جون سُيون، آرپار لنگهي رهيون هيون !
ڊاڪٽر انور جي چهري تي مايوسي ڇانيئل هئي. چانڊوڪيءَ کي ساهه کڻڻ ۾ رنڊڪ ٿي رهي هئي. سندس نراڙ تي، پگهر جا ڦڙا ڦٽي رهيا هئا. نڪ تي لڳايل آڪسيجن ماسڪ، هٿ جي وين ۾ لڳل ڪينولا ۽ منجهندڙ ساهه سبب ٿيندڙ کنگهه باعث، هوءَ بنهه گهڻي بيزار ٿي رهي هئي.
چانڊوڪي پنهنجن معصوم روين ۾، غير معمولي ذهانت جي حامل لڳندي هئي. هن جو گهڻو وقت ماءُ بدران پيءُ سان گڏ گذرندو هو. دلڪش هن کي هنج تي کڻي وڏو ڪيو هو ۽ ايئن چانڊوڪيءَ جو پيار، دلڪش جي دل مٿي پروان چڙهيو هو، اهو ئي ڪارڻ هو، جو ماريه ميڊيڪل سينٽر جي روم نمبر 8 ۾، چانڊوڪي کي تڙپندي ڏسي. دلڪش جو وجود وڍجي رهيو هو!
جڏهن به دلڪش ڳوٺ سنبرندو هو ته اڪثر ننڍڙي چانڊوڪي، معصوم خوشي مان چوندي هئي. “پپا ملهاسر هلنداسين!”. چانڊوڪي جي ٻاتڙن ٻولن ۾، وچڙيل اهو جملو، دلڪش کي انوکو سرور آڇيندو هو. پر مارئي ميڊيڪل سينٽر جي روم نمبر 8 ۾، بنهه تڪليف ۾ مبتلا چانڊوڪيءَ جي التجا آميز نهارن مان نڪرندڙ اهو جملو دلڪش جي دل ۾ بليڊ بڻجي ڦري رهيو هو:”پپا ملهاسر هلنداسين“ دلڪش جا حواس طوفاني هوائن ۾ ، ڀٽ تي بيٺل اڪيلي نم جي ٽارين جيئن لڏي رهيا هئا. هن چاهيو ته هو مارئي ميڊيڪل سينٽر جي ڀتين سان مٿو ٽڪرائي چوي ته ”نه امان نه. . . . . اڄ ملهاسر نه هلنداسين !“ هن پاڻ تي گهڻو ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڃري جو در کُلندي ئي اڏامي ويندڙ قيدي پکي جيان اهو جملو هن کان ڇڏائي ويو “نه امان نه، اڄ ملهاسر نه هلنداسين!“
توائي لهجي ۾، هن جو اهو جملو ٻڌي، نرس کان ڇرڪ نڪري ويو. ٻه قدم پوئتي هٽي حيرت مان پڇيائين: ”دلڪش صاحب مون سمجهيو نه، اوهان ڇا چيو. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . ؟!“
جواب ۾ دلڪش پاڻ کي پاڻيءَ ۾ ڪري پيل ٿال مان هارجي پيل اناج جي داڻن وانگر وکريل محسوس ڪيو! ڪجهه به چئي نه سگهيو. ياسمين صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. ”اصل ۾ دلڪش کي چانڊوڪي سان گهڻو پيار آهي، سندس هي حالت کانئس ڏٺي نه ٿي ٿئي“ نرس دلداري ڏيندي وراڻيو: “سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو“
رات جو آخري پهر زخم زخم ٿي گذري رهيو هو. چانڊوڪي ءَ جي ساهه ۾ سوڙهه ٿي رهي هئي. ياسمين صدمي ساڻي ڪيفيت ۾، چانڊوڪيءَ ڀرسان ويٺل هئي. اوچتو چانڊوڪي جو ساهه ڏچڪن ۾ وچڙڻ لڳو. دلڪش پريشانيءَ مان ڊاڪٽر کي سڏڻ لاءِ ڊوڙ پاتي، ڊڪٽر سان گڏ واپس موٽيو ته روم نمبر 8 جي در وٽ اڇو ايپران پاتل نرس، پيشمانيءَ مان ڊاڪٽر کي چيو: “سر پيشنٽ. . . . . . . . . . ايڪسپائر. . . . . . !“
دلڪش جي اکين اڳيان اماس پکڙجي پيئي، مارئي ميڊيڪل سينٽر جون ديوارون ذهني زلزلي ۾ لڏڻ لڳيون. هن جو وجود ان شخص جهڙو ٿي پيو، جيڪو باهه لڳل عمارت جي ستين ماڙ تان ٽپ ڏيڻ جي آخري ڪوشش ڪري رهيو هجي! ياسمين جي سڏڪن جو آواز، هن جي ڪنن ۾ تتل شيهو بڻجي داخل ٿي رهيو هو! ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي هن جي نظر چانڊوڪي جي بي جان جسم تي پيئي هئي ۽ هن پنهنجي حواسن کي واچوڙي ۾ اڏندڙ ڪپهه جي ذرڙن جيئن وکرندي محسوس ڪيو هو. ان کان پوءِ هن کي خبر نه پيئي ته هن ڇا ڪيو هو ۽ ڇا ٿيو هو!؟. هو سامت ۾ تڏهن آيو هو جڏهن ياسمين جي جملن جا پڙاڏا هن جي ڪنن۾ گونجيا هئا ”تون مرد ٿي ڪري به ايترو ڪمزور حواس ٿي رهيو آهين. ڏس آئون عورت آهيان، پوءِ به پاڻ کي صبرمند رکي رهي آهيان. رب جي رضا کان ڪير ڏاڍو ٿيندو، تون ڪجهه به ڪرين چانڊوڪي موٽي ڪو نه ايندي! پاڻ کي سنڀال دلڪش. “
دلڪش پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هن محسوس ڪيو ته هن کي چار پنج ماڻهو جهلي بيٺا هئا ۽ هن جي ساڄِي هٿ جي تري مان رت ٽمي رهيو هو. هڪ جملو هن جي چپن تي اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ”اوهين سڀ منهنجي ڌيءَ جا قاتل آهيو”پر هن ضبط ڪري ورتو ڄڻ زهر جو درياءُ هو، جيڪو هن هڪ ئي تڪ ۾ پيءُ ورتو هو! هن جي ساڄي هٿ تي ملم پٽي ڪئي ويئي ۽ ان کانپوءِ هو چانڊوڪي جو لاش کڻائي گهر آيو هو، جتي هن جي ساهرن جو هجوم گڏ ٿي ويو. عورتن کي لاش وٽ هڪ پاسي ويهاريو ويو، جڏهن ته دلڪش ٻئي پاسي مردن سان گڏ موجود هو. هرڪو هن سان پنهنجائپ ۽ همدردي جو اظهار ڪري رهيو هو، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جيڪي عام حالتن ۾، هن کي سخت ناپسند ڪندا هئا. تڏهن دلڪش محسوس ڪيو ته رواجن ۽ رسمن جا ڏيکاءُ، حقيقي ۽ اندر جو آواز ناهن هوندا!
دلڪش جي ساهرن جو يڪراءَ فيصلو هو ته چانڊوڪيءَ کي سندن آبائي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو وڃي، پر دلڪش ان ڳالهه تي پڙ ڪڍي بيهي رهيو ته چانڊوڪيءَ کي سندس ڳوٺ ملهاسر جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪجي. دلڪش جي هوڏي طبيعت کي محسوس ڪندي، ياسمين پنهنجن رشتيدارن کي چيو ته چانڊوڪي جي موت جي صدمي، دلڪش کي بنهه گهڻو حساس بڻائي ڇڏيو آهي. اسپتال ۾ به ايبنارمل ٿي پيو. ڊاڪٽر کي گلي مان جهلي چيائين: ”اوهين سڀ منهنجي ڌيءَ جا قاتل آهيو. اوهان وٽ ساهه جي نلي ۾ ڦاٿل سوپاري ڪڍڻ لاءِ سڪر مشين نه هئي ته پوءِ اسان کي ريفر ڇو نه ڪيو، رڳو آڪسيجن ۽ اينٽيبايوٽڪس اصل علاج ته نه هو. اسپتال جي ملازمن هن کي وڏي مشڪل سان قابو ڪيو. پوءِ به دروازي کي مڪ هڻي پنهنجو هٿ ڦٽي وڌائين. دلڪش پنهنجي ضد تان اصل نه لهندو، ڇڏيوس ته چانڊوڪي جو لاش ملهاسر کڻائي هلي“
چانڊوڪي جو لاش ملهاسر کڄي رهيو هو ته دلڪش کي هرهر هڪ جملو ڪنڊن جي گرهه جيئن ڳڙڪائڻو پئجي رهيو هو
”ملهاسر هلنداسين !“
۽ ايئن اهو جملو چانڊوڪيءَ کي ملهاسر جي قبرستان ۾ دفنائڻ تائين، دلڪش جي دل ۾ سُيون بڻجي ٽنبجندو رهيو!