مهُاڳ
اهو منهنجو خيال آ.
تخليق موٽ آهه.
اهو منهنجو گُمان آ.
منهنجا خيال، منهنجا گُمان غلط ڀي ٿي سگهن ٿا پر مان ائين سمجهان ٿو جو ڪو اڌمو ئي موٽ بڻجي ٿو ۽ جيڪو عمل جي پيڙاءُ مان گُذري تخليق جي صورت وٺي ٿو ۽ اسان پارا اڌما کائي وٺندا آهن ته موٽ پوءِ ٿيندي آ تخيل ڏي ۽ تخيل کان پوءِ تخليق ڏي....
تصور جي دنيا ڏاڍي خوبصورت آ ۽ حقيقت جي دنيا وڏو جوکم آ ۽ اهو اڌمو ۽ اها موٽ جا تخليق ڪري ٿي سو ڏاڍو ڏکيو عمل آهي جيڪو جيءُ ولوڙي ڇڏي ٿو پر اڌمي وارا درويش وري به اڌمي کائڻ کان مڙندا ئي ناهن ۽ ڪجهه نه ڪجهه تخليق ته ڪندا ئي رهندا آهن ته اڌما ڀي گڏ کائيندا ئي رهندا آهن.
اڌما کائيندڙ انهن درويشن مان اسان جو پيارو عبدالغني شر به هڪ آهي ۽ سندس هڪ اُڌمو “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي سان ناول بڻجي ڪتابي صورت ۾ منهنجي اڳيان موجود آهي.
هن ناول کي مون ٻه کان ٽي چار ڀيرا مسلسل پڙهيو آهي جو هي عبدالغني شر جي حُجت ۽ اسرار سبب بار بار منهنجي پڙهڻ جي ٽيبل تي مون اڳيان ايندو رهيو آهي.
عبدالغني شر جي هن ناول تي ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ مان اهو ضرور چوندس ته عبدالغني شر پنهنجي مزاج ۽ سڀاءُ ۾ به درويش، ماٺيڻو، ملڻو، ملنسار، هر پل مُرڪندڙ ۽ عاجزي کي پنهنجي عادتن ۾ رکندڙ پيارو ماڻهو آهي.
اهي خوبيون آهن سندس انمول شخصيت جون جيڪي سدائين مان هر ڪنهن لاءِ ۽ گڏ پاڻ لاءِ به پسند ڪندو رهيو آهيان پر جيئن ته ڪي شيون مزاج ۾ قدرتي ملنديون آهن سي عبدالغني شر کي مليل آهن ۽ ضروري نه آهي ته اهي عنصر مزاج ۾ هرڪنهن کي ملن يا مون کي ملن يا ٻئي ڪنهن کي ڀي ملن.....
بس اها قدرتي ونڊ آهي جنهن ۾ عبدالغني شر خوشنصيب آهي ۽ اسان کي نٺرپڻو مليو آهي ۽ نٺر آهيون!.
مُحبت، پريم ۽ پريت سان سرشار عبدالغني شر جي اڌمن جو روپ “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي هي ناول سندس انهي نفيس مزاجي جو پرتوو آهي جيڪو اڄ اسان جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو پڙهي کن پل لاءِ اسان ڳوٺ جي گهٽين، گسن، پنڌن ۽ پيچرن ۾ ضرور وڃائجي وينداسين جيڪي اسان کان ڏينهنون ڏينهن وسرنديون ئي ته وڃن ٿيون.
اهي ڳوٺ جا رواج، رسمون، طور طريقا، اٿڻ ويهڻ، قرب، پنهنجائپيون، سهپ توڙي ڪروڌ کان ويندي ڳوٺاڻي ماحول جي طرز زندگي، شهر ۾ انيڪ ورهيه رهندڙ اسان ڳوٺاڻن لاءِ تصور جي دنيا ٿيندي پئي وڃي ۽ جنهن کي پنهنجي قلم سان سهيڙي عبدالغني ڄڻ ڪُجهه وسرندڙ محفوظ ڪيو آهي.
توڙي جو هن ناول ۾ عبدالغني شر تمام سادي ٻولي جو استعمال ڪيو آهي، بنان ڪنهن ڳوڙهن لفظن جي تمام سادن، سئولن لفظن واري ٻولي ۾ عبدالغني جو هي انداز بيان هر پڙهندڙ لاءِ تڪڙي سمجهي سگهڻ جي وِت آهي.
هر لکندڙ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد انداز بيان ۽ اسلوب هوندو آهي، ائين عبدالغني شر جو انداز مون کي ٿورن لفظن ۾ سڌي ڳالهه چوڻ وارو اڇو اجرو بنان ڪنهن واڌو لفاظي جي عام فهم لڳي ٿو جنهن ۾ ڪابه گِهل ته نٿي ڏسجي پر ناول پڙهندي مون اڪثر ائين ڏٺو آهي ته زمان مڪان جي پيشگي يا اظهار ڪيڏي مهل ماضي ۾ ڪيڏي مهل حال ۾ آهي جيڪو منهنجي نظر ۾ ناول جي ڪمزوري آهي يا اهي ناول جا اهي پاسا آهن جيڪي ليکڪ لاءِ توجه طلب آهن، مان نٿو سمجهان ته ڪنهن ڀي ناول کي ڊائري جي نوع ۾ لکيو وڃي.
ناول جي پيشڪش نِج ڪهاڻين تي هُجي ۽ آبشارن جيئان جيڪي رواني سان وهندا وڃن باقي ائين نه ڪي جيئن ڪنهن ڪچهري ۾ ويهي جيئن ڪا ڳالهه ڪجي يا ڪئي وڃي يا ڪا جيئن ڊائري يا يادگيري لِکي وڃي.
“ڳالهيون ڳوٺ جون” پڙهڻ کان پوءِ ان ۾ جي مون ڪميون بيشيون ڀي ڪي ڏٺيون آهن ته ان ۾ مان قصور وار عبدالغني شر کي نٿو سمجهان. ها اها هڪ الڳ ڳالهه سمجهان ٿو ته مشاهدي سان گڏ مطالعو ڀي تمام گهڻو اهم جڳهه رکي ٿو، لکاريءَ لاءِ گهڻي کان گهڻو مطالعو ان ڪري به اهم سمجهان ٿو جو ان سان لکاريءَ کي لکڻ پڙهڻ جا نئوان ڏس، نئوان گس، نئوان نانءَ ۽ ڏانءُ ملن ٿا.
اها کوٽ پنهنجي جاءِ تي ضرور نظر اچي ٿي پر جڏهن اسان سرسري نظر سان ڏسنداسين ته عبدالغني شر کان ويندي مڙني دوستن جا اڌما ته ساڳيا سون ورنا آهن پر ڏس ۽ ڏانءُ جا دڳ وٺرائڻ لاءِ اسان وٽ اهڙا ڪي به ادارا، سنگتون، ويهڪون، گڏجاڻيون، چٽاڀيٽيون وغيره ڪجهه به نه آهن جيڪي اسان جي نون درويشن جي تربيت ڪري سگهن ۽ دڳ لڳائي سگهن، اسان کي پنهنجن اڌمن جي بيان ڪرڻ جو اسلوب، ڏس ڏانءُ، طور طريقو، منظر نگاري، مڪالمي اندازي، انداز بيان وغيره سيکاري ٻُڌائي سگهن.
اسان وٽ اڌما آهن پر آرٽ نه آهي.
اسان وٽ اهو آرٽ ڪيئن اچي؟؟
جنهن موجب اسان پنهنجا اڌما سهڻي نوع ۾ پنهنجي پڙهندڙ آڏو رکي سگهون؟، پڙهندڙ اڳيان بيان ڪري سگهون؟؟.
ڏوهه نئين لکندڙ جو ناهي جو اسان ۽ اسان جا مڙئي ادارا ٺلها ٺوٺ آهن باقي اسان جا لکندڙ اڌمن سان ڀرپور آهن ۽ اسان ئي ڏس ۽ ڏانءُ انهن کي ڏئي نه سگهيا آهيون، اسان نه بهتر تربيت وٺي سگهيا آهيون ته نه ئي بهتر تربيت ڀي ڏئي سگهيا آهيون، اسان مناسب ايڊٽ نه ڪري سگهيا آهيون، اسان ئي سنواري سينگاري نه سگهيا آهيون نه ته هوند اسان جي لکاريءَ وٽ انيڪ تصور، خيال، ڳالهيون، وارتائون، ڪهاڻيون ۽ سچ آهن، ها اسان جي لِکاريءَ ته سُٺو لکيو آهي پر اسان ئي انهيءَ کي بهتر جاءِ نه ڏئي سگهيا آهيون، بهتر پيش ڪري نه سگهيا آهيون ۽ اسان جي ئي اها ڪوتاهي آهي.
جيڪر اسان جي اها ڪوتاهي نه هجي ها ته اسان اهڙا پليٽ فارم جوڙي سگهون ها ته هن ناول ۾ به جيڪي اسان کي ٿوريون گهڻيون وِٿيون ڏسجن ٿيون سي نه هجن ها.
باقي هي ناول پنهنجي موضوع جي لحاظ کان منفرد ۽ جاندار ضرور آهي ۽ رواني سان هلي پنهنجي پُڄاڻي تي پهچي ٿو پر مان سمجهان ٿو شهمير جي ڪردار کي آخر ۾ عبدالغني تڪڙ ۾ مُختصر ڪيو آهي، انهي مقام تي عبدالغني شر کي ڪجهه منظر نگاري کان ڪم وٺڻ گهرجي ها.
ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول ۾ منظر نگاري هڪ اهم جُز آهي جيڪو حالات سان گڏ زميني حقيقتن ڏانهن پڙهندڙ جو ڌيان مرڪوز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهي منظر بيان ڪرڻ لکاريءَ جو پنهنجو آرٽ آهي جيڪو پڙهندڙ کي انهي مقام ۾ گُم ڪري ڇڏيندو آهي، عبدالغني شر جي هن ناول “ڳالهيون ڳوٺ جون” ۾ منظر نگاري جي اڪثر جاين تي مون کوٽ به ڏٺي آهي، عبدالغني ڪئي جاين تي منظرن کي چِٽڻ جي ڪوشش ڪئي به آهي پر اها مون کي منظوم ۽ مُبهم لڳي آهي جيئن اڌوري، نامڪمل وغيره...
هن ناول ۾ هڪ ڪردار رابيل جو آهي ۽ هڪ ڪردار رُخسانه جو آهي، مان سمجهان ٿو جيڪر عبدالغني شر انهن ٻنهي ڪردارن جي انجام ۾ مٽا سٽا ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هو، رابيل جو انجام رخسانه وارو ڪري ها ۽ رخسانه جي ڪردار جو رابيل جي ڪردار جهڙو انجام ڪري ها ته بهتر هو.........
پر لکاريءَ جا پنهنجا مشاهدا، تجزيا ۽ منطق آهن ان ڪري اهو حق لکاريءَ محفوظ رکي ٿو تنهنڪري ائين به بهتر آ ۽ اسان چئي سگهون ٿا ته عبدالغني شر هن ناول “ڳالهيون ڳوٺ جون” سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي ۽ وسري ويل ڳوٺن جي ياد تازي ڪرائيندي مڙني مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي جنهن ۾ ڳوٺاڻي تعليم کان ويندي، اوطاق جون ڪچهريون، آئي وئي جي سار سنڀال، مهمان نوازي، ثقافتي سرگرميون، ملهه ملاکڙا، امن، خوشي، سُک، قُرب، ڀائچاري سان گڏ حسد، ڪينو، ساڙ ۽ حقن جي لتاڙ، سياسي سياه ڪارين کان ويندي هر مسئلي ۽ هر پاسي تي عبدالغني شر هن ناول ۾ ڳالهايو آهي، عبدالغني شر جي نگاهه ۾، فڪر ۾ زندگي جا انيڪ پهلو آهن جيڪي سڀ زندگي ۽ مُعاشري جا پهلو ۽ پاسا هن ناول ۾ عبدالغني شر سلهاڙيا آهن.
عبدالغني شر هي ناول لکي بيشڪ سُهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ انهي لاءِ کوڙ ساري جس لهڻي، پورهيو هميشه پگهر وهائيندو آ ۽ مان سمجهان ٿو عبدالغني شر پنهنجي پورهئي سان هي هڪ گُل پوکيو آ.
دِلين ۾
۽
ڌرتيءَ تي
باهه لڳائڻ
سئولو ڪم آهي
پر
گُل پوکڻ
شايد ڏُکيو ڪم آهي!،
گُل پوکي نٿا سگهو...........
ته دلين ۾
۽ ڌرتيءَ تي
خُدارا................
باهه لڳائڻ ڇڏي ڏيو!!. (امداد)
منهنجو ۽ عبدالغني شر جو انائن واري، نفرتن واري مزاجن، رواجن ۽ سماجن لاءِ بس اهو ئي پيغام آ ۽ بس مان جتي عبدالغني شر جي هن ناول لکڻ واري ڪاوش تي بيحد خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان اتي منهنجي من جي آس آهي ته عبدالغني شر جو هي پريت ۽ نِينهن سندو پورهيو شال انيڪ دِلين ۾ هڪ الڳ ۽ منفرد جاءِ ۽ سُڃاڻپ ٺاهي.
[b]امداد ڪانهيو
[/b]
14 مئي 2015ع