1
جتي اڳ ۾ پنهنجي گاڏي ۾ گذرندي هُن کي کوڙ ساريون چنگچي رڪشائون ۽ ڊاٽسنون بيٺل نظر اينديون هيس پر اڄ انهيءَ جڳهه تي هڪڙي به سواري بيٺل نظر نه آيس. ٿوري دير بيهڻ بعد تيز اس ۽ گرم هوا هوندي به شمهير جي دل ۾ اهو خيال اڀريو ته اڄ ڳوٺ تائين پنڌ ڪرڻو آهي. هن جو ڳوٺ شهر کان چار ڪلو ميٽر پري هو. هن پنهنجي دل جي خيال جو ڀرم رکندي پنهنجي گاڏي نه گهرائي جيڪا هن جي حوالي ٿيل هئي. انهيءَ گاڏي ۾ صبح سوير ڊرائيور هن کي ڪاليج ۾ ڇڏي ويندو هو ۽ ٻنپهرن جو انهيءَ وقت کڻي ويندو هو. جڏهن شهمير ڊرائيور کي ڪال ڪندو هو.
ائين ئي شهمير شهر کان پنڌ نڪري پيو ته اسٽاپ تي بيٺل ماڻهو هن کي ڪاڙهي ۾ پنڌ ويندو ڏسي ۽ هن جي وڏيري واري حيثيت کي سامهون رکندي هن کي حيرت وچان ڏسندا رهن ٿا.
پر هي اڳتي هلندو وڃي ٿو ته اتي بيٺل ۽ ڪجهه گذرندڙ رستي تان سواري وارا ماڻهو هن جي تمام وڏي خانداني حيثيت کي ڏسندي گاڏي بيهاري هن کي ڳوٺ ڇڏي اچڻ جي صلاح هڻن ٿا پر شهمير سڀني کي اهو ٻڌائي ٿو ته مون ڊرائيور کي ڪال ڪئي آهي، هو اچڻ وارو هوندو ۽ توهان جي وڏي مهرباني.
وڏي مهرباني وارو اهو جملو ٻڌي هرڪو پنهنجي حساب سان ويندو رهي ٿو. دل ئي دل ۾ هن کي اهو احساس ذري ذري ٿيندو رهي ٿو ته هي ماڻهو مون کي مشڪل سان پنڌ هلڻ ڏيندا. تنهن هوندي به هو روڊ جي پاسي کان هلڻ لڳي ٿو. پنڌ هلندي هو روڊ جي ٻنهي طرفن کان بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي ڏسي ٿو. جيڪو فصل پورهيت ۽ هاري پنهنجي پوري گهر ڀاتين سان لڻي رهيا هئا. هو جيئن ئي اڳتي هلندو رهي ٿو ته ڪجهه زمين جي ٽڪري ۾ آبادگار اڳواڻ ڀي وونئڻن جي فصل جي پوکائي جي تياري ۾ مصروف هئا. هو پنڌ هلندي هلندي بدن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ڪري ٿو ۽ ڪجهه دير لاءِ ساهي کڻڻ لاءِ روڊ جي ڀر ۾ بيٺل ٻٻر جي وڻ هيٺان اچي ويهي ٿو. پاسي واري کيسي مان رومال ڪڍي پنهنجي چهري تان ٽمندڙ پگهر اگهي شهمير وري به سامهون ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو لابارو ڪندڙ پورهيتن کي ڏسي ٿو. جيڪي پورهيت پنهنجي گذر سفر لاءِ اس ۾ لابارو ڪري رهيا هئا ۽ انهن پورهيتن جا ٻارڙا وڻن جي ڏارين ۾ ڪپڙي جي لوڏ ۾ آرام ڪري رهيا هئا. انهن معصوم ٻارڙن جي لوڏ کي ڇهن، ستن ورهين جون ٻارڙيون لوڏا ڏئي آرام ڪرائي رهيون هيون. شهمير وڻ جي ڇانءُ ۾ ويهي اهو سڄو منظر ڏسندو رهي ٿو. ايتري ۾ شهمير انهيءَ سامهون ايندڙ عورت کي ڏسي ٿو. جيڪا روڊ تان گذري رهي هئي. جنهن جا پير اگهاڙا هئا. جنهن سان ڇهن، ستن ورهين جي ڇوڪري به گڏ هئي. هو انهن ٻنهيءَ جا اگهاڙا پير ڏسي تعجب ۾ پئجي وڃي ٿو. اها عورت جنهن جي مٿي تي رلڪي ۾ ٻڌل ماني هئي، جنهن کي اسان عام طور تي رومال به چئون ٿا ۽ ڪڇ ۾ معصوم ٻار جيان کنيل پاڻي وارو دلو هو ۽ شهمير سوچيو انهيءَ عورت جي ڄمار ٽيهه پنجٽيهه ورهيه هوندي پر غُربت سندس سونهن اُجاڙي ڇڏي هُئي.
جڏهن اُها عورت ۽ معصوم ٻارڙي شهمير جي ڀر مان گذرن ٿا ته اها معصوم ٻارڙي پير سڙڻ جي ڪري دانهون ڪندي، ڊوڙندي سڌو شهمير جي ڀر ۾ اچي بيهي ٿي. جڏهن شهمير انهيءَ ڏانهن نهاري ٿو ته انهيءَ معصوم جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا ۽ هن جو جسم ڏڪي رهيو هو. اڃان هوءِ کن پل مس بيهي ٿي ته هن سان گڏ ويندڙ اها عورت انهيءَ معصوم کي دڙڪن واري انداز سان پاڻ ڏانهن سڏي ٿي پر اها ٻارڙي انهيءَ عورت کي ڪو به جواب ڏئي نٿي. وري به اها عورت انهيءَ معصوم ڇوڪري کي پنهنجي پياري ڌيءَ ڪري پڪاري ٿي ته شهمير کي تڏهن وڃي هنن جي رشتي جي خبر پوي ٿي ته هي پاڻ ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ آهن پر اها ٻارڙي ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ شهمير ڏانهن حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندي رهي ٿي. شهمير به بنا ڪنهن سوچڻ جي پنهنجي کيسي مان پنج سؤ جو نوٽ ڪڍي انهيءَ ٻارڙي کي ڏئي ٿو. نوٽ ڏئي شهمير اڃان ڪجهه ڳالهائي ئي نٿو ته اها عورت معصوم ٻار جي هٿ ۾ پنج سؤ جو ڀڪوڙيل نوٽ ڏسي وٺي ٿي ته پريشان ٿي وڃي ٿي ۽ انهيءَ معصوم کان پڇڻ لڳي ٿي ته هي تو پنج سؤ جو نوٽ ڪٿان آندو آهي. جواب ۾ اها معصوم هٿ جي اشاري سان شهمير جو نانءُ کڻي ٿي. اها عورت معصوم ڇوڪري کان پنج سؤ جو نوٽ کسي واپس شهمير طرف اچي ٿي. شهمير انهيءَ عورت کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي گهٻرائجي وڃي ٿو. اها عورت هن جي پاسي ۾ اچي شهمير کان سوال ڪرڻ لڳي ٿي ته ادا توهان منهنجي ننڍڙي کي ڇا جي لاءِ پئسا ڏنا آهن....؟ شهمير انهيءَ عورت جو سوال ٻڌڻ کانپوءِ اهو جواب ڏئي ٿو ته ادي! مان هن کي توهان ٻنهي جا اگهاڙا پير ڏسي صرف جتي وٺڻ لاءِ ڏنا آهن ۽ منهنجي من ۾ ٻي ڪا به لالچ ڪانهي. اهو جواب ٻڌڻ کانپوءِ اها عورت وراڻي ٿي ته ادا توهان جي وڏي مهرباني، اها عورت وري ڳالهائيندي چوڻ لڳي ٿي ته ادا ڪڻڪ جو لابارو يا ٻي ڪا ٻني جي مزدوري هجي ته اسان اوهان جو اهو قرض لاهي سگهون ٿا. نه ته ادا اسان اهو قرض ڪونه لاهي سگهنداسين. انهي عورت جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ شهمير وراڻڻ لڳو ته ادي مان اهي پئسا پنهنجي خرچي مان ڏنا آهن منهنجي من ۾ اهو احساس جاڳي پيو ته مان اهي پئسا اجايا وڃائڻ بدران اوهان کي ڏئي ڇڏيان، جيڪي اوهان جي ڪم اچي ويندا. اهو جواب ٻڌڻ کانپوءِ اها عورت اتان هلي وڃي ٿي ۽وري به ويندي شهمير جو شڪريو ادا ڪندي ۽ دعائون ڏيندي پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿي وڃي ٿي...
شهمير انهيءَ عورت جو اهو جواب ٻڌي ساڳي جڳهه تي اڃان ويٺو هجي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿو ته اسان ته نازن ۾ پلجي وڏا ٿيل آهيون ۽ زندگي جي هر آسائش اسان وٽ موجود آهي. پر هي به اسان جي ڌرتي جا ڪيڏا نه املهه ماڻهو آهن. جيڪي پنهنجي پيٽ گُذر ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري خاندان سميت سڄو ڏينهن ڪاڙهن ۾ سڙن ٿا ۽ هي عورتون به ڪيڏيون نه عظيم آهن جيڪي هنن سان گڏجي سڄو ڏينهن پورهيو ڪن ٿيون. اهو سوچيندي سوچيندي شهمير وري ڳوٺ ڏانهن پنڌ ڪرڻ لڳي ٿو. سفر ڪندي هي وري به انهن پورهيتن ڏانهن نهاريندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. ايتري ۾ ٻن پوليس موبائلن جي وچ ۾ هڪ وڏي گاڏي تمام تکي اسپيڊ سان گذري ٿي. شمهير انهيءَ وڏي گاڏي ۾ ويٺل چهري کي سڃاڻڻ جي ڪري ٿو. هو بي ساخته چوڻ لڳي ٿو ته اڙي هي ته اسانجو موجوده اسيمبليءَ ميمبر آهي. جنهن چند مهينا پهرين هن تڪ تان چونڊ وڙهي هئي. جيڪا چونڊ هن کٽي هئي. انهيءَ اليڪشن ۾ اسان جي علائقي جا سادڙا ماڻهو پنهنجي، پنهنجي ڳوٺن جي چڱن مڙسن جي چوڻ تي نٽهڻ اس ۾ به جيئي، جيئي جا نعرا هڻي رهيا هئا. انهيءَ مهل اسيمبليءَ ميمبر سان گڏ آيل مختلف وڏيرا انهن مسڪين ماروئڙن جي پگهر هاڻن بدن کي ڀاڪر پائي ڳراٽيون ڏئي حالي احوالي ٿي رهيا هئا ۽ انهيءَ ٽائيم انهن جون جذباتي تقريرون دل کي موهي رهيون هنيون. پر اڄ جڏهن اهي چونڊجي اسيمبليءَ ۾ پهتا آهن ته حال احوالي ٿيڻ ته ٺهيو پر پنهنجي وڏين ٿڌين گاڏين مان ليئو پائي ڏسڻ به پسند نٿا ڪن ته جن اسانکي چونڊرائي هن منزل تي پهچايو اهي اڄ ڪهڙي حال ۾ آهن شهمير انهن سوچن ۾ گم سم رهندي ۽ پنڌ ڪندي، ڪندي جڏهن پنهنجي ڳوٺ پنهنجي اوطاق وٽان گذري گهر وڃڻ لڳي ٿو ته ايتري ۾ هن وٽ گاڏين جا ڊرائيور ڀڄي اچن ٿا ۽ چوڻ لڳن ٿا ته شهمير سائين توهان ڪنهن سان گڏ آيا آهيو...؟ اڃان هڪ ڊرائيور اهو سوال مس ڪري ٿو ته ايتري ۾ وري ٻيو ڊرائيور وراڻي ٿو ته سائين توهان رڳو منهنجي نمبر تي مس ڪال ڏيو ها ته مان توهان کان پاڻ حال احوال وٺي توهان کي کڻڻ اچان ها. شهمير انهن ڊرائيورن جي ڳالهه کي ڪٽيندي صرف اهو چوڻ لڳي ٿو ته اڙي بابا! ڪابه ڳالهه ڪانهي دراصل مان شوق مان پنڌ ڪيو آهي، توهان گهٻرايو نه مان ڪنهن سان به توهان جي شڪايت نه ڪندس.
ائين ئي هو ڊرائيورن مان جان آجي ڪرائي گهر پهچي ٿو. شهمير کي گهر ايندي ڏسي نوڪر ۽ نوڪراڻيون اڳتي وڌي هن کان امتحان ڏيڻ وارو ڪلپ بورڊ وٺن ٿيون ۽ هن جو ڳاڙهو چهرو ڏسي سڀ پريشان ٿي وڃن ٿا. ايتري ۾ سڀني نوڪرياڻين ۽ نوڪرن جي هيڊ ماسي سفوران سا به سهڪندي اچي شهمير جي ڀر ۾ بيهي هن کان پڇڻ لڳي ٿي ته شهمير پٽ! توکي ڇا ٿيو آهي...؟ تنهنجو چهرو ڳاڙهو لال ٿي ويو آهي. ٺيڪ ته آهين پٽ، خاموش ڇو آهين...؟ شهمير به خاموشي ٽوڙيندي وراڻي ٿو ته ماسي مان بلڪل ٺيڪ آهيان پريشاني جي ڪابه ڳالهه ڪانهي دراصل مان شهر مان پنڌ ڪري ڳوٺ آيو آهيان. انهيءَ ڪري ٿڪجي پيو آهيان. وري به ماسي سفوران شهمير کان سوال ڪرڻ لڳي ٿي ته پٽ هي ڊرائيور ڪيڏانهن ويا هئا....؟ جيڪي سڄو ڏينهن ڍورن وانگر چرن ٿا، اهي توکي کڻڻ به ڪو نه آيا...!
شهمير وري ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ماسي مان چيو ته مان پاڻ شوق مان پنڌ ڪيو آهي ٻي ڪابه خاص ڳالهه ڪانهي. توهان مون کي ڇڏيو مان وڃي ٿوري دير آرام ڪريان پوءِ ماني کائيندس.
پر وري به ماسي سفوران چوڻ لڳي ٿي ته پٽ تون پنهنجي صحت جو خيال ڪندو ڪر....! شهمير ماسي کي ڪو به جواب ڏيڻ بدران خاموشي سان ڪجهه دير لاءِ بيڊ تي ليٽي پوي ٿو.
***
شهمير تي شهمير خان نالو پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان رکيل هو. هن جو ڏاڏو شهمير خان هن ڳوٺ توڙي علائقي جو انتهائي معزز، شريف، همت وارو ۽ سخي مرد هو. هن جي اوطاق هر وقت مهمانن سان ۽ مسافرن سان سٿيل هوندي هئي. سڀني مهمانن ۽ مسافرن کي هڪ ئي وقت هڪجهڙو کاڌو ملندو هو. علائقي جي ماڻهن جا ڪم ڪاريون ۽ مسئلا هي پاڻ ويهي حل ڪندو هو. خاص ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي به غلط ڪم نه ڪرڻ ڏنائين. هڪ هزار آبادي کان مٿي واري هن ڳوٺ ۾ معمولي مسئلن کان وٺي بنهه منجهائيندڙ معاملن کي هي پر امن نموني حل ڪندو هو. جنهن دؤر ۾ سنڌ جا وڏيرا غريب ٻارن کي پڙهڻ لاءِ روڪيندا هئا ۽ ٻارڙن جي مائٽن کي ڊيڄاري ڌمڪائي اسڪول مان ٻار بيدخل ڪرائي ڇڏيندا هئا. تنهن دؤر ۾ رئيس شهمير خان پنهنجي حساب سان ڳوٺ جي ٻارڙن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو هو. هو پنهنجي ڳوٺ وارن تي پنهنجي ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ تمام گهڻو زور ڀريندو هو. جيڪي ڳوٺ جا غريب ڇوڪرا اسڪول ۾ داخل ٿيندا هئا انهن کي ڪاپيون، ڪتاب، رسيس واري ماني سڀني کي هو پنهنجي اوطاق تي الڳ کارائيندو هو. چند ڪمرن تي مشتمل اسڪولي شاگردن لاءِ هڪ هاسٽل ٺهرايائين اتي به کائڻ پيئڻ جو جوڳو انتظام سندس پاران ٿيل هو ۽ ديني تعليم لاءِ الڳ استاد رکيو هئائين، جيڪو شام جي ٽائيم ديني تعليم ڏيندو هو ۽ ڳوٺ جي ٻاهران هڪ اسڪول جي نانءُ سان گرائونڊ جوڙيائين جنهن ۾ اسڪول جا ٻار خاص ڏينهن تي رانديون ڪندا هئا.
ايتري تائين جڏهن ڪو غريب ٻار اڳتي محنت ڪري پڙهندو هو ته رئيس شهمير خان انهيءَ کي اتي جو باقاعده الڳ خرچ ڏيندو هو. مقصد ته انهيءَ دور ۾ هي علائقو خاص ڪري هي ڳوٺ هڪ مثالي بڻيل هو.
وقت گذرندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن جڏهن رئيس شهمير خان اچانڪ هي جهان ڇڏي ويو تڏهن ڪجهه وقت هي ڳوٺ توڙي هي علائقو سوڳ ۾ وٺجي ويو پر پوءِ هوريان، هوريان وقت گذرڻ سان گڏ رئيس شهمير خان جي موت کي سڀ ڪو الله جي رضا سمجهي خاموش ٿي ويو. جڏهن راڄ ڀاڳ جي چڱن ۽ راڄ وارن شهمير خان جي اڪيلي اولاد رئيس اسحاق کي پڳ ٻڌرائي ته شروع شروع ۾ هو به پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ لڳو پر وقت گذرڻ سان گڏ هن جون سوچون مٽجي ويون. هن انهيءَ فلاحي ڪمن بدران ۽ اوطاق تي ٽائيم ڏيڻ بجاءِ اڪثر شهر ۾ رهڻ لڳو.
وڏيري اسحاق جي سوچ ڪاروباري سوچ هئي. راڄ ڀاڳ تي هُن جي اک نه هُئي، پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي جي ماڻهن کي هو ٽائيم ڏيڻ فضول سمجهندو هو وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن ڳوٺ وارن ۽ انهي علائقي وارن وڏيري اسحاق کي اوپرن جيان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تڏهن علائقي جي چار چڱن هن کي هلي اچي سمجهايو ته ٻيلي ڏاهو ٿي هي راڄ ڀاڳ ۽ هي ڳوٺ راڄ ۽ علائقي واسي تنهنجا آهن ۽ هنن جون تو ۾ رئيس شهمير وانگر لک اميدون آهن تنهنڪري تون انهن جي اميدن جو ڀرم رکڻ جي آس ڪر ۽ ماڻهن جا جيڪي به ٿورا گهڻا مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ جي تون ئي ڪوشش ڪر پر وڏيرو اسحاق جيڪو ڪجهه ڏينهن هنن چڱن جي چيل چڱي ڳالهه تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر جلد ڪجهه ڏينهن بعد وري هوريان هوريان پنهنجي نموني سان ساڳي زندگي گذارڻ لڳي ٿو ۽ مهيني جا صرف چند ڏينهن ڳوٺ ۾ ترسي وري واپس شهر هليو وڃي ٿو. هو پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ لڳل هجي ٿو. مهيني جي آخري هفتي ۾ ڳوٺ اچي ٿو تڏهن به صرف گهر ئي گهر ۾ موجود هجي ٿو. صرف انهن ملازمن سان ملي ٿو جيڪي هن جي زمين کي سنڀالين ٿا. انهن سان ڪجهه گهڙيون حال احوال ڪرڻ کان پوءِ وري به شهر ڏانهن نڪري وڃي ٿو. وڏيري اسحاق کي سندس گهر واري نور خاتون جيڪا تمام سلجهيل هجي ٿي سابه هن ۾ آيل اچانڪ تبديلي تي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿي. اها به هن کي جام سارا مثال ڏئي سمجهائڻ جي ڪري ٿي ته اسحاق تنهنجا والدين ڏس ڪيڏا نه بهترين انسان هئا، مان به هتي پرڻجي ڌارئي راڄ ۾ آئي هئس پر مون کي تنهنجي ماءُ مرهيات حاجياڻي بيگم جنهن مون کي مڪمل انسان ٺاهيو، مون کي پنهنجي رت جي رشتن جهڙو پيار ڏنائين، مان ته حاجياڻي بيگم سان تمام گهٽ وقت گذاريو پر جيڪو وقت گذاريم اهو ڏاڍو بهترين وقت هو پر تون انهن جو اولاد ٿي ڪري منهنجي ڪا به ڳالهه مڃين به نٿو وڏيرو خاموش ٿي ٻڌندو رهيو. وڏيري نور خاتون وري ڳالهائڻ لڳي ٿي. اسحاق سائين توکي راڄ، ڀاڳ جو ڪهڙو قدر توکي ته پنهنجي گهر جي ڪابه خبر ناهي..!؟ جڏهن وڏيري نورخاتون اهي سٽون زبان تي اچاري ٿي ته وڏيرو اسحاق تڪڙي انداز ۾ وراڻي ٿو ته ڇا ٿيو گهر کي؟ وڏيري جي انهيءَ آڏي پڇا واري سوال جي جواب ۾ نورخاتون وراڻي ٿي هڪ ته پنهنجو اڪيلو اولاد دلاور نه ڪاليج وڃي ٿو نه وري پنهنجي گهر واري سان ٺهي ٿو. پنهنجي ننهن روئي، روئي هاڻي اڪثر بيمار رهي ٿي ۽ پاڻ واري موڀي پٽ دلاور جي ڪابه خبر نٿي پوي ته هي ڇا پيو ڪري؟ ۽ ڪنهن سان وقت پيو گذاري ڪابه خبر نٿي پوي. ڇوڪري پڙهيل لکيل ٿي ڪري پوءِ به ماٺ ويٺي آهي نه ته اڄ جو زمانو ڏاڍو تيز آهي مهرباني ڪري دلاور کي سمجهاءِ پنهنجي اوطاق ۽ زمين ۽ هارين، نارين کي وقت ڏئي ۽ گهر کي ٽائيم ڏئي، اجائي رلڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو، ويتر ڇوڪرو خراب ٿيندو.
اهو ٻڌڻ کانپوءِ وڏيرو اسحاق ڳالهائڻ لڳي ٿو ته وڏيري نورخاتون سڀ ڪم منهنجي حوالي ٿيل آهن ۽ توهان جي حوالي ڪجهه به نه آهي. اسحاق نڪ ۾ سونڊ وجهي پنهنجي گهر واري سان ڳالهائڻ لڳي ٿو. اڃان وڏيرو اها ڳالهه مس ڪري ٿو ته وڏيري جواب ۾ چوڻ لڳي ٿي مان ته هن جي ماءُ آهيان مان هن کي جام سمجهايو آهي ۽ هن جي پنهنجي گهر واري به دلاور کي جام سمجهايو آهي پر هو ته ڪنهن جي به ڳالهه نٿو مڃي، ائين ئي رلندو رهي ٿو.
وڏيرو اسحاق خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ ٿوري دير کانپوءِ جڏهن اوطاق جي طرف وڃڻ لڳي ٿو ته وڏيري نورخاتون هن کي اها خوشخبري ٻڌائي ٿي ته هاڻي چند مهينن کان پوءِ هن گهر ۾ پنهنجو نئون مهمان اچي رهيو آهي پر هڪ ڳالهه ٻڌ! وڏيرو اسحاق وڏيري نور خاتون کي غور سان ڏسي ٻڌڻ لڳي ٿو. وڏيري چوڻ لڳي ٿي ته وڏيرا جيڪڏهن ٿي ڇوڪري ته تون پنهنجي مرضي جو نانءُ رکجان پر جيڪڏهن پاڻ کي ڇوڪرو ٿيو ته مون سوچي ڇڏيو آهي مان پنهنجي سهري شهمير خان جو نانءُ رکندس.
اها خوشخبري جڏهن وڏيري نور خاتون وڏيري اسحاق کي ٻڌائي ٿي ته هو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ وڏيرو اها خوشخبري ٻڌي مسڪرائيندو اوطاق طرف وڃڻ لڳي ٿو. اوطاق ۾ اندر وڃي صوفي تي ويهي اڪيلائي ۾ سوچڻ لڳي ٿو ته نورخاتون حقيقت ۾ ٺيڪ نموني سان سمجهائي رهي آهي. پر مان جيڪا شهر ۾ ڪاروبار جو ڄار وڇايو آهي انهيءَ مان جيڪڏهن جلدي هٿ ڪڍي ڳوٺ اچي رهندس ته منهنجو سڀ ڪجهه ٺهيل ڪم ڦٽي ويندو. مان ته تباهه ٿي ويندس. اهڙيون سوچون جڏهن هن جي اندر ۾ اچن ٿيون ته هي پنهنجي گهر واري نورخاتون جون ڳالهيون ائين فضول سمجهڻ لڳي ٿو. انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ بجاءِ وري به چند ڏينهن کانپوءِ ڪاروبار جي سلسلي ۾ شهر جو رخ ڪري ٿو.
***