ناول

ڳالهيون ڳوٺ جون

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وارن جون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ناول نگار عبدالغني شر جو لکيل ناول آهي.

امداد ڪانهيو لکي ٿو:
”مُحبت، پريم ۽ پريت سان سرشار عبدالغني شر جي اڌمن جو روپ “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي هي ناول سندس انهي نفيس مزاجي جو پرتوو آهي جيڪو اڄ اسان جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو پڙهي کن پل لاءِ اسان ڳوٺ جي گهٽين، گسن، پنڌن ۽ پيچرن ۾ ضرور وڃائجي وينداسين جيڪي اسان کان ڏينهنون ڏينهن وسرنديون ئي ته وڃن ٿيون.
اهي ڳوٺ جا رواج، رسمون، طور طريقا، اٿڻ ويهڻ، قرب، پنهنجائپيون، سهپ توڙي ڪروڌ کان ويندي ڳوٺاڻي ماحول جي طرز زندگي، شهر ۾ انيڪ ورهيه رهندڙ اسان ڳوٺاڻن لاءِ تصور جي دنيا ٿيندي پئي وڃي ۽ جنهن کي پنهنجي قلم سان سهيڙي عبدالغني ڄڻ ڪُجهه وسرندڙ محفوظ ڪيو آهي.“
Title Cover of book ڳالهيون ڳوٺ جون

9

وري جڏهن چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ شهمير جو بابا وڏيرو اسحاق ڳوٺ اچي ٿو ته هن کي هلڪو بخار زڪام هجي ٿو، هو آرام ڪرڻ جي بهاني ڳوٺ اچي ٿو ۽ شهمير کي وري ڪنهن ڪم سان حيدرآباد موڪلي ٿو. شهمير حيدرآباد جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ جلدي تيار ٿي نڪرڻ جي ڪري ٿو. رخسانه هن کي ماني کائڻ جو چوي ٿي پر هي رخسانه کي چوڻ لڳي ٿو ته مون کي اڃان بک ڪانهي، مان اڳتي وڃي کائيندس. شهمير اهو جواب ڏئي ٿو ته رخسانه چوڻ لڳي ٿي تنهنجو ساهه هُتي اٽڪيو پيو آهي ته توکي ڪٿي ماني وڻندي. رخسانه جو اهو جملو ٻڌي هو ڇرڪجي وڃي ٿو ڇا مقصد رخسانه تنهنجو آهي؟، ڪجهه نه سائين مان ته مذاق ڪري رهي آهيان تڏهن ائين پئي چوان ٻيو مڙئي خير آهي، توهان ڀلي وڃي سگهو ٿا. هو جڏهن گاڏي ڪڍي گهران نڪري ٿو ته رستي ۾ بک جو اندر ۾ احساس شدت سان هُن کي ٿئي ٿو ته هو رستي ۾ هڪ اسٽاپ جنهن تي رونق وارو ماحول لڳو پيو هو اُتي هو گاڏي بيهاري هڪ هوٽل ۾ اندر داخل ٿئي ٿو. هي ماني جو آرڊر ڏئي مان اچڻ جو انتظار ڪري پيو ته چند گهڙين کانپوءِ هن جي سامهون ماني بيرو رکي وڃي ٿو ۽ اڃان ٻه ٽي گرهه ماني جا مس ڀري ٿو ته ايتري ۾ ستن اٺن ورهين جو هڪ نينگر هن جي سامهون خيرات وٺڻ جي صدا هڻڻ لڳي ٿو. اوڏي مهل شهمير پنهنجي کيسي ۾ هٿ هڻي ٿو ته کليا پئسا هن وٽ موجود ڪونه هجن ٿا ته شهمير انهي نينگر کي چوڻ لڳي ٿو ته بابو پئسا کليا ته ڪونه آهن ته اهو نينگر پئسن وٺڻ بدران شهمير کي چوڻ لڳي ٿو ته ادا مون کي ماني کاراءِ! شهمير پهرين ته مذاق سمجهي ٿو ته جام ٽائيم ٿي ويو آهي هن کي بک ڪٿي هوندي، وري به هو هن جي دل رکڻ خاطر هن کي ڪجهه ماني ڪڍي ڏئي ٿو ۽ هن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري کائڻ جو چوي ٿو. هو نينگر پوري ماني کائي وڃي ٿو ته وري هي ٻي ماني هن کي ڏئي ٿو ته اهو ننڍڙو اها به ماني کائي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو پاڻي پي اٿڻ جي ڪري ٿو ته شهمير کيسي مان ڪجهه ٽافيون ڪڍي هن کي کائڻ لاءِ ڏئي ٿو ۽ هو خوش ٿي کلندو هوٽل مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هن کي شهمير تعجب وچان ڏسندو رهي ٿو. جڏهن وري اهو منظر هن جي اکين آڏو تري اچي ٿو ته هن جو وجود سڪتي ۾ اچي وڃي ٿو. هو انهن ئي خيالن ۾ هوٽل مان ٻاهر نڪري ٿو، رستي ۾ گاڏي هلائيندي هن کي ائين ئي ساڳيا خيال اچن ٿا، جنهن معاشري ۾ اسان رهون ٿا ته اتي اهڙا ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملندا جن جي باري ۾ اسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو آهي، اسان جي معاشري جا ماڻهو جتي سماج کي سڌارڻ لاءِ مختلف نموني سان پنهنجي ليکي ٺيڪ نموني سان ڪوششون ڪري رهيا آهن، اهي ڪوششون تعليم جي حوالي سان يا صحتمند معاشري لاءِ هجن ته ٿيون پر يا ته وري ٻين ڪيترن ئي زندگي توڙي ماحول جي حوالي سان ته ڪم ڪري رهيون آهن پر اسان ماڻهن ڪڏهن ويجهي کان اسان جي معاشري جي اها ڀيانڪ تصوير ڏٺي به ڪانه آهي. هر ڪنهن سماج سڌارڪ اسٽيج تي اچي يا ويجهي ڪنهن پروگرام ۾ انهيءَ مسئلي تي ضرور ڳالهايو ته هوندو پر منهنجي مشاهدي موجب اهڙي ڀيانڪ تصوير ويجهي کان مشڪل مان ئي ڪنهن ڏٺي هوندي.
***

شهمير جڏهن حيدرآباد پهچي ٿو ته اتي ڪجهه دير آرام ڪري ٿو ۽ پوءِ پهرين فرصت ۾ هو رابيل سان ملڻ وڃي ٿو. جڏهن هو رابيل سان ملي ٿو ته هو سڀ کان اڳ رابيل سان رستي ۾ هوٽل واري واقعي تي ڳالهائڻ لڳي ٿو، اڃان هو ڳالهه شروع ئي مس ڪري ٿو ته ايتري ۾ رابيل چوڻ لڳي ٿي پهرين ڪجهه به نه ٻڌندس ۽ پهرين مان پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائيندس جيڪا جيڪڏهن ٿوري دير کانپوءِ ٻڌائيندس ته پاروٿي ٿي ويندي، انهيءَ ڳالهه تي هو ٻئي کلڻ لڳن ٿا، شهمير هن کي چوڻ لڳي ٿو ته توهان ڀل پهرين شاعري ٻڌايو ۽ رابيل پنهنجي پرس مان شاعري جو پنو ڪڍي مسڪرائيندي پڙهڻ لڳي ٿي ۽ چوڻ لڳي ٿي ته محبت تي مون هي نظم لکيو آهي، شهمير به حجاب ٽوڙيندي چوڻ لڳي ٿو ته هاڻي ڇڏ نخرن کي ٻڌاءِ ڀلا ۽ رابيل هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي ته:
جان
مان ڄاڻان ٿي،
مون کي توسان جيڪا به محبت هئي
سا صرف هڪ طرفي هئي.
توتي اعتبار ڪري توکي پنهنجو سمجهي
مان توکان ٿوري ناراض ٿي هيس
پر او جان!
خدا ٿو ڄاڻي،
منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ تر جيترو به غصو نه هو.
منهنجي دل تنهنجي محبت جي احساس سان
تنهنجي پيار جي واس سان ڀريل هئي.
مان صرف ظاهر طور ناراض ٿي هيس
ته ڏسان ڪيترو ڀائين ۽ چاهين ٿو،
پر انهي لمحي مون کي
سمجهان ٿي ڇڏيو
۽ مون توکي آزمائي ڇڏيو
اگر مونسان محبت هجي ها
ته ضرور مون کي مڃائين ها
مون کي پرچائين ها
ها مون کي پرچائين ها!
شهمير اها شاعري ٻڌي ٻنهي هٿن سان تاڙيون وڄائي هن کي داد ڏيڻ لڳي ٿو رابيل واهه زبردست واهه جي شاعري ڪئي اٿئي. رابيل به هن کي مهرباني چوڻ لڳي ٿي شهمير توهان ڪجهه دير پهرين ڪجهه چئي رهيا هئا اهو هاڻي توهان چئي سگهو ٿا. ها رابيل مان سوچان ٿو ته دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي. ڇو ڇا ٿيو؟، رابيل هن کان آڏي پڇا ڪري ٿي ته شهمير هن کي رستي ۾ ٿيل هوٽل وارو واقعو چڱي ريت ٻڌائي ٿو. جڏهن رابيل هن جي ڳالهه ٻڌي ٿي ته شهمير جي ذهن مطابق هي به اهو واقعو ٻڌي مون وانگر تعجب ۾ پئجي ويندي پر هوءِ تعجب ۾ اچڻ بجاءِ ائين مسڪرائيندي رهي ٿي. شهمير وري به هن جي انهيءَ ادا کي سمجهي نه سگهيو ايتري ۾ هوءِ ڳالهائڻ لڳي ٿي ته شهمير جاني! اهو هڪ واقعو جيڪو توهان جي مشاهدي هيٺ آيو آهي پر هتي اسان جي معاشري ۾ لاتعداد خاندان آهن جيڪي مفلسي جي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيا آهن، نه صرف اسان جي معاشري ۾ پر خود اسان جي بلڪل آس پاس جي ماحول ڏي جيڪر نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي اتي به اهو حال نظر ايندو، صرف چند فرد هوندا آهن جيڪي سچائي سان اهڙين حالتن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اسان جو ايندڙ نسل ڪنهن جو آڏو هٿ نه ٽنگي، هو بوٽ پالش نه ڪري هن جا هٿ لوهه جي پانن سان ڪارا ٿيل نه هجن ۽ نه وري هن جي اڳيان مال جو ڌڻ نه هجي، نه وري هن جي هٿ ۾ لٺ ۽ جهار هڪلڻ واري کانڀاڻي هجي، هن جي هٿ ۾ صرف ۽ صرف قلم هجي، تڏهن وڃي اسان هن معاشري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهنداسين، جڏهن توهان وانگر اسان جي ذهنن ۾ اجتماعي شعور سجاڳي سندا احساس کڻي ايندو اسان تڏهن وڃي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جهڙا ٿينداسين، تڏهن وڃي اسان جو وجود اکيون مهٽي اٿڻ جي ڪوشش ڪندو نه ته هتي ڪير به ڪنهنجو نه آهي. اهڙين شين جي سجاڳي ڏيڻ لاءِ ادارا به آهن پر فعال نه آهن، ماڻهو به آهن پر اهي صرف وٺي ڄاڻن ٿا پر ڪجهه به محنت نٿا ڪن، انفرادي طرح ڪير اهڙن مسئلن کي سنجيدگي سان کڻي ڪجهه ڪرڻ گهري ٿو ته پهرين اسان انهيءَ جو ساٿ نه ڏيندا آهيون، اڃان به ڪو ڀرپور نموني سان ڪم ڪري ٿو ته اسان جي ناڪام ذهنن کان اهو سڀ ڪجهه برداشت نٿو ٿئي ۽ اهڙن ماڻهن کي سڌين گولين سان سندن سينا پروڻ ڪيا وڃن ٿا، تڏهن ته اسان جي معاشري ۾ اهڙا ابهم ٻارڙا به پڙهڻ بجاءِ غلط صحبت ۾ اچي وڃن ٿا، ڪڏهن اهي اسان جي ذاتي دشمنين جي باهه ۾ سڙندا رهن ٿا ته ڪڏهن وري ائين رستن تان کنڀجي وڃن ٿا. شهمير به هن جي ڳالهه ۾ ها ۾ ها ملائي چوڻ لڳي ٿو ته ها رابيل اسان سڄي معاشري کي ته سڌاري نٿا سگهون پر جيڪڏهن پاڻ صرف چند اهڙن تمام مسڪين خاندانن تي هٿ رکي ڇڏيون ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪريون ۽ انهن جي ٻارڙن کي اسڪول موڪليون ته ڪجهه نه ڪجهه بهتر ٿي ئي پوندو. رابيل به چوڻ لڳي ٿي ڪنهن به مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طرح ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي پاڻ به اڳتي هلي انهيءَ معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين.
***

جڏهن شهمير واپس ڳوٺ اچي ٿو ته اڪيلائيءَ ۾ ويهي سنجيدگي سان غور ڪرڻ لڳي ٿو ته مون کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هوٽل وارو واقعو هن جو ذهن کولي ڇڏي ٿو. اڪيلائي ۾ ائين ويٺي ويٺي سڄڻ کي رِنگ ڪري ٿو ته چند گهڙين کانپوءِ سڄڻ هن وٽ اچي وڃي ٿو. شهمير ۽ سڄڻ ٻئي گڏجي چانهه پيئن ٿا ۽ چانهه پيئڻ کانپوءِ شهمير هن کي هوٽل وارو واقعو وري ٻڌائي ٿو، سڄڻ جواب ۾ چوڻ لڳي ٿو ها ادا مان ته پڙهيل ڪو نه آهيان پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته اسان گيراج تي ڪم ڪندڙ ڪنهن معصوم ٻار جي ڏک ۽ تڪليف کي نه سمجهي سگهيا آهيون نه وري بک ۾ پاهه ٿيندڙ ڪنهن جُهڳين ۾ رهندڙ انهن لاڏئو خاندان جي ڏکن کي سمجهي سگهيا آهيون، هي دؤر يا هي معاشرو جنهن جا اڪثر فرد مايا کي ميڙڻ جي چڪر ۾ آهن سواءِ چند شعور رکندڙ وجود جيڪي هن معاشري جي ستم ظريفين کي سمجهي سگهن ٿا تنهنڪري توهان جيڪڏهن هن معاشري ۾ رهندڙ اهڙن فردن لاءِ ڪجهه ڪريو ٿا ته مان توهان سان گڏ آهيان. شهمير به هن سان صلاح ڪرڻ لڳي ٿو هو سوچي انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته اسان سنجيدگي سان ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا، هو ڪجهه دير ٻئي خاموش ٿي وڃن ٿا چند گهڙين کانپوءِ شهمير ڳالهائڻ لڳي ٿو ته توهان سڄڻ في الحال پنهنجي ڳوٺ جي انهن بيواهه عورتن جي لسٽ ٺاهيو ۽ بلڪه انهن خاندانن جي لسٽ ٺاهيو ته پوءِ اڳتي ڏسون ٿا. ائين هو موڪلائي هليا وڃن ٿا، ٻن ڏينهن کان پوءِ سڄڻ اها لسٽ ٺاهي اچي هن کي ٻڌائي ٿو درجن کان مٿي هتي بيواهون ۽ انهن سان گڏ ٻارڙا رهن ٿا. شهمير چند ڏينهن کانپوءِ انهن سڀني بيواهن کي پنهنجي گهر گهرائي ٿو ۽ انهن جي هڪ حڪمت عملي تحت وظيفو مقرر ڪري ٿو انهيءَ شرط سان ته انهن سڀني جا ٻار ڳوٺ واري اسڪول ۾ پڙهندا. اهي عورتون انهيءَ شرط تي راضي ٿي وڃن ٿيون ته هو هنن جي وس آهر مدد ڪرڻ لڳي ٿو. اهي بيواهون به ڏاڍيون خوش ٿيڻ لڳن ٿيون ته شهمير وري به انهن عورتن کي چوڻ لڳي ٿو اڄ کانپوءِ توهان جو ڪو به ٻار ڪمائڻ نه ويندو صرف ۽ صرف پڙهڻ لاءِ اسڪول ويندو ۽ شام جو هتي مدرسي ۾ پڙهڻ ايندو، انهن ٻارڙن جي خرچي به توهان کي الڳ ملندي جيئن توهان جا اها ٻچڙا اڳتي هلي ڪجهه نه ڪجهه ٿي وڃن، اها ئي منهنجي دل ۾ حسرت آهي ته پهرين اسان پنهنجي ڳوٺ کي سڌاريون. ائين ئي اهي عورتون هليون وڃن ٿيون، شهمير جي دل تان ڪجهه بار هلڪو ٿي وڃي ٿو ته گڏوگڏ سڄڻ جي جذبي کي سلام ڪري ٿو، جواب ۾ سڄڻ هن کي چوڻ لڳي ٿو شهمير ادا منهنجي دل ۾ اڃان به سٺيون تجويزون آهن، اڳتي هلي پاڻ هنن سڀني ڳوٺ وارن کي ٺيڪ نموني سان سمجهائينداسين.
***

هن ڀيري جڏهن رابيل هن سان ملي ٿي ته هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي مان چند ڏينهن لاءِ ڪراچي وڃي رهي آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي پياري سهيلي جي شادي آهي، ڏهه پندرنهن ڏينهن اتي رهنداسين پوءِ اسان جا سڀ گهر وارا واپس هتي ايندا جيڪڏهن تون اتي اچين ته پاڻ گڏجي گهمنداسين ڇاڪاڻ ته مان امان کي تنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ امان ته اڳ ۾ ئي توهان جي گهر جي ساراهه ۾ ماپندي ڪانه آهي. شهمير به هن کي چوڻ لڳي ٿو ته جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ته ڀلي وڃو اسان جي اجازت آهي هو ٻئي انهي جملي تي مسڪرائڻ لڳن ٿا ۽ ڪجهه هو ائين شهر جي مصروف روڊ جي فوٽ پاٿ هوريان هوريان هلندا به رهن ٿا ۽ وري واپس گاڏي ۾ چڙهي سنڌو درياءُ جي ڪناري تي اچن ٿا ۽ اتي ٿوري دير لاءِ گهمي ڦري وري به هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڏئي ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا، شهمير ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن کي چوڻ لڳي ٿو ته هاڻي هن دؤر ۾ الائي ڇو اسان وٽ رشتن ناتن جو ڪو قدر نه رهيو آهي، صرف ۽ صرف مفاد ئي باقي رهجي ويا آهن. احساسن جي ڏور ۾ پويل ڪومل ڪلين جهڙا نازڪ حساس احساس انسان جي وجود ۾ رهندي زندگي جي موڙ تي مٽجي وڃن ٿا، رابيل به هن جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چوڻ لڳي ٿي ته ڏس جيڪڏهن اسان صرف اهو سوچون ته اسان پنهنجي معمولي مفادن خاطر ڇا ڇا نه ڪندا آهيون...!؟ توهان رڳو اڄ جي اخبار کڻي ڏسو ته اسان جي معاشري ۾ تيزاب هارڻ جا واقعا به تيزي سان وڌي رهيا آهن، مارا ماري ۽ قبيلائي جهيڙا ۽ ٻين واقعن کي ته ڪو به فل اسٽاپ نه آهي پر هي چند ورهين کان نئون نمونو نظر اچي رهيو آهي، اهڙن واقعن جي پس منظر ۾ وڃبو ته اتي به اهڙي ڪا خاص ڳالهه نظر نه ايندي بلڪه پنهنجا مفاد ئي نظر ايندا، ائين ئي بيگناهه جوانيون جلنديون رهن ٿيون شهمير خبر نٿي پوي اسان کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ هي سڀ ڇا آهي....!؟ ڇاڪاڻ ته اسان ڏينهون ڏينهن دردن جي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيا آهيون جيڪڏهن اڃان به انسان پنهنجي سوچن جا رخ نه مٽايا ته اڳتي اسان کي ڏاڍيون ڏکيائون پيش اينديون. اڃان هو ڪچهري ڪري رهيا هئا ته رابيل جي موبائل جي رنگ وڳي ته ڪجهه دير هن ڳالهائي ڪال ختم ڪري ڇڏي. رابيل هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي شهمير جاني اسان جي گهر ڪجهه مهمان آيا آهن تنهنڪري امان ڪال ڪري رهي آهي ۽ هاڻي پاڻ کي اٿڻ کپي ائين هو ٻئي پنهنجي ڪچهري اڌ ۾ ڇڏي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ لڳن ٿا.
چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هن رات وري به شهمير کي يادون ائين ئي ورائي وڃن ٿيون، هو سوچڻ لڳي ٿو ته فطرت سان سجيل هي وسيع خوبصورت ڪائنات ڪيترن ئي رنگن، روپن، قومن، طبقن ۽ ٻولين ۾ ورهايل آهي، عاليشان گهرن جي ڊرائينگ رومن ۾ ٻرندڙ فانوسن ۽ جهوپڙن ۾ ٻرندڙ ڏيئن جي روشني ۾ سڀ ستل جوانيون خواب ته هڪ جهڙا ڏسن ٿيون پر انهن خوابن جي تعبير جدا جدا هوندي آهي، اهڙين جوانين جا نمڪين ٿيل نيڻ ڀل ٽشو پيپر سان اگهجن يا وري پوتي جي پلاند سان پر سڀني دلين ۾ درد جو انداز ساڳيو هوندو آهي. هن جي من اندر ۾ رابيل جي يادن جا طوفان جاڳي پيا آهن، اها حقيقت آهي ته محبت جيڪا ازخود انسان جي وجود ۾ لهي ويندي آهي ۽ پوءِ اها محبت وجود جي رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويندي آهي پوءِ ڪڏهن انهيءَ محبت کي منزل هلي ويندي آهي ته ڪڏهن اها پيچرن تي ڀٽڪندي رهي ٿي، انهن ڀٽڪيل مسافرن وٽ سواءِ يادگيرن جي ڪجهه به نه هوندو آهي، جن يادن جي سهاري اهي زنده رهندا آهن محبت جيڪا کن پل ۾ هزار خوشيون کڻي اچي ٿي، اها ائين ئي چند لمحن ۾ جڏهن جداين جا گهاءُ ڏئي هلي وڃي ٿي ته احساسن جا ڇانورا به اس ۾ ساڙين ٿا. اهڙين حالتن ۾ ڪجهه ڪرڻ وارا ارادا پنهنجي اصلي شڪل وڃائي ويهندا آهن جداين ۾ اڪيلاين جا عذاب سهندي سهندي بدن ۾ ڀڙڪيل برهه جي باهه سَنڌَ سَنڌَ کي ساڻو ڪري ڇڏي ٿي، انڊلٺي شامون رنگين هوائون خزان جهڙو ڏيک ڏين ٿيون ۽ اندر جا سڀ سپنا سڙي وڃن ٿا. من ۾ موجود حسرتون ۽ چاهتون دردن جي سمونڊ ۾ غوطا کائينديون رهن ٿيون ۽ باقي زندگي مان جيئڻ جو احساس کڄي وڃي ٿو، تنهن زندگي کي اهي دليون ڪو نانءُ به نه ٿيون ڏئي سگهن، اڃان شهمير سوچن جي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيو هو ته هن جي سوچن جو تسلسل تڏهن ختم ٿيو جڏهن نوڪر هن کي چانهه ڏئي ٿو. هو نه چاهڻ باوجود ٽري مان چانهه جو ڪوپ کڻي پيئڻ لڳي ٿو ۽ وري سوچڻ لڳي ٿو ته حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن دؤر ۾ محبتن ۾ به سچائي گهٽ آهي ۽ ويساهه گهاتي وڌيڪ آهي پر وري به پيار ڪندڙ دليون انهيءَ ڳالهه تي يقين رکن ٿيون ته رشتا مٽي ۾ ملي وڃن ٿا ۽ خاڪ بنجي ختم ٿي وڃن ٿا پر محبت اندر مان ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي نه وري مري ٿي بس هميشه دلين ۾ دفن ٿي وڃي ٿي. ڏٺو وڃي ته ريتن رسمن جي ٽياس تي ٽنگيل محبتون اهي ڪجهه به مزاحمت نٿيون ڪري سگهن. ريتن رسمن ۽ رواجن جي ڪارن ڪوٽن ۽ قيد ۾ اهي محبتون انائن ۽ نفرتن جي درياءُ ۾ غوطا کائيندي نظر اينديون آهن. اهڙين گهايل دلين کي وقت گذرڻ سان گڏ اندر جا احساس به اڻپورا لڳندا آهن، وقت ۽ حالتن هٿان هار کاڌل اهڙيون جوانيون جن وٽ صرف لڙڪن سنديون قطارون رهجي وڃن ٿيون ته پوءِ نه انهن اکين ۾ خواب رهن ٿا ۽ نه وري احساس باقي رهن ٿا، اندر جا سڀ جذبا خواب سڙي خاڪ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن کي سڀ موسمون بي رنگ نظر اچن ٿيون ۽ پنهنجي محبتن جي اجڙيل شهرن کي ياد ڪندي باقي زندگي گذاري ڇڏين ٿيون، ائين ئي شهمير کي اهي سوچون ساڻو ڪري ڇڏين ٿيون. جيڪڏهن مان به رابيل کي پنهنجو نه ڪري سگهيس ته مونسان ڇا ٿيندو...؟، ڇا مان هن بنا زنده رهي سگهندس، جيڪڏهن اسان جي پيار جي ديوار آهي ته رخسانه آهي پر رخسانه جنهن به مون کي وک وک تي حوصلو ڏنو آهي، مان ته هن سان ايتري محبت نٿو ڪريان پر مان هن جي محبت آڏو مجبور آهيان، مون به هن کي گهري ورتو آهي ۽ هن ته پنهنجي دل ۾ مون کي جايون ڏنيون آهن ۽ وڏي ڳالهه ته هن اسان جي ڪشادي گهر کي ڊهڻ کان بچايو آهي ۽ هن کي مان ڪهڙي ميار رکان..؟ مان پاڻ هن جو مياري آهيان، مان ته هن جي سچي پيار ۾ ويساهه گهاتي ڪئي آهي، هوءِ ته اٽل ارادن جيئان پنهنجي حوصلي تي قائم آهي، مان ئي هن جي پيار جي امانت ۾ خيانت ڪئي آهي پر وري به هن ته ڪڏهن مون کي ڪجهه به نه چيو آهي، سوچيندي سوچيندي شهمير جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون ته مان ڇا ڪريان؟ هڪ طرف رابيل جو بي انتها پيار آهي ته ٻئي پاسي رخسانه جي شرافت ۽ پنهنجائپ جو انوکو انداز آهي. هو سوچڻ لڳي ٿو ته مان ڇا ڪريان؟ ٿوري دير تائين سوچڻ جي سمونڊ ۾ غوطا کائيندو رهي ٿو ۽ ائين سوچيندي سوچيندي ٿڪل قدمن سان واپس گهر ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو.
شهمير ۽ سڄڻ شام جي پهر اوطاق تي ويٺا هئا، ائين ئي شهمير زمين جي باري ۾ پنهنجي قاضين، ڪمدارن کان معلومات وٺي رهيو هو، ڪمدار عادت کان مجبور وري به ڪنهن نه ڪنهن هاري جي گلا ڪرڻ لڳو، سائين فلاڻو صفا ٽوٽي آهي، ڪم بلڪل نٿو ڪري ڇا ڪريان....؟، موچڙن جو به توهانجو جهليل آهي، جيڪڏهن هڪڙي ڀڃڻي ڏني مانس ته پاڻهين ٺيڪ ٿي ويندو، اهڙو سڌو ٿي ڪم ڪندو جو وڃي ٿيا خير ۽ جڏهن ٻئي زميندار وٽ ويندو ته راڄن کي ڏس ڏيندو اڳتي ويندو. شهمير هن جا جملا ٻُڌندو رهيو جيڪي ڪمدار چئي رهيو هو سي مزو ڏئي رهي هئا پر آخري جملن تي هن کي چڙ وٺي وئي، هو تپي ڳاڙهو ٿي ويو، ڪمدار ڪيترا دفعا جهليو اٿم ته اسان جي نظر ۾ ڪنهن تي تشدد ڪرڻ تمام خراب عمل آهي ۽ هونئن به ڪنهن تي تشدد ڪرڻ صفا خراب عمل آهي، مان توکي اڳ ۾ به جهليو هو ته مهرباني ڪري اهڙو ڪو به ڪم نه ڪجان جنهن سان اسان جي خاندان ۽ اسان جي ڳوٺ جي بدنامي ٿئي، جيڪڏهن ڪو به هاري يا ڌنار ڪم نٿو ڪري ته فصل لٿي هن کي جواب ڏئي ڇڏيندو ڪر ته هن لاءِ زميندار کوڙ هوندا ۽ اسان لاءِ وري هاري کوڙ ملي ويندا، جيڪڏهن تنهنجي ذهن ۾ روايتي وڏيري جي اڳيان بيٺل ڪمدار جهڙي حالت آهي ته مان اهو زميندار نه آهيان نه وري مون کي اهڙي ڪمدار جي به ضرورت آهي جيڪو ٻني جو ڪم ڪار ڇڏي ڳوٺ جون خبرون پڙهي ٻڌائي، جيڪڏهن توکي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته تون به هليو وڃ ۽ جيڪڏهن هتي رهڻو اٿئي ته اجايون خبرون ڪرڻ بجاءِ ڪم سان ڪم رک. شهمير خان جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي هن جون وايون بتال ٿي ويون، هو خاموشي سان اوطاق مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي بيٺڪ ۾ اچي ويٺو.
ڪمدار سوچڻ لڳو ته هن وڏيري ته واهه جون ست سريون ٻڌايون آهن، ڪالهوڪو ٻار آهي پر ايڏي آڪڙ اٿس، هن کان ته وڏيرو اسحاق چڱو هو جيڪو نه ڏيندو هو ته نه وري ڏکوئيندو هو، مان ته وڏيري اسحاق وارو وقت تمام سٺي نموني سان ڪڍيو پر اڄ هن ڪالهوڪي ڇوڪري ڀري اوطاق ۾ منهنجي بي عزتي ڪئي آهي، انهيءَ بي عزتي جو به ڪو ته راز هوندو. هو دل ئي دل سوچڻ لڳو اڄڪلهه وڏيرو شهمير سڄڻ جي گهڻي ٿو ٻڌي ۽ سڄڻ کي وري ڪامريڊي جو ڀوت ذهن تي سوار آهي، سڄڻ جي گهر لوڙهو به پورو سورو آيل آهي، کائڻ لاءِ اٽو ڪونهي، هتي وڏيري جي سامهون صفا ڪامريڊ بنيو ويٺو آهي ته سائين هئين ڪريو؟، سائين اڄ هيئن ڪريو؟. ڌنڌو نه ڌاڙي واندي خلق مان اچي ڦاٿا آهيون. ڪاوڙ ۾ ڪمدار جو سڄو جسم پگهرجي وڃي ٿو. ڪمدار کي پگهر ۾ شل ڏسي سامهون ويٺل نوڪر هن لاءِ پاڻي ڀري اچي ٿو، هو يڪ ساهي ۾ پاڻي پي وٺي ٿو ته نوڪر پڇڻ لڳي ٿو ڪمدار خير ته آهي؟ صفا اصل ائين خيالن ۾ ٻڏي ويو آهين جهڙوڪر ڪو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجئي، ڪمدار خيالن جي خمارن مان ٻاهر ايندي چوڻ لڳي ٿو ته اڙي تون ته چپ ڪر! ڪهڙو اچي مٿو کاڌو اٿئي..!، تون هل هتان نه ته ڪريان نه تنهنجي به بي عزتي....! نوڪر چوڻ لڳو ڪمدار ڇا ٿيو اٿئي مان ته توکان حال احوال پئي ورتو ۽ تون ته صفا ککر بنجي ويو آهين. اڙي توکي چوان ٿو ته هل هتان منهنجو دماغ نه کاءُ...! نوڪر ڪمدار جي واتان اهڙا چڙ ڏياريندڙ جملا ٻڌي کسڪي وڃي ٿو ۽ ڪمدار کيسي مان پن جي ٻيڙي ڪڍي دکائي ڪش هڻي ٿو ته وري هن کي سوچون ورائي وڃن ٿيون ته هاڻي هتي عزت ڪانهي، تنهنڪري هتان هليو وڃجي هن وڏيري کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته شهمير اڃان ٻار آهي ٻيو ته سڄڻ جي چوڻ تي هلي ٿو، سڄڻ ئي ته آهي جنهن منهنجي سڀ عزت وڃائي آهي، مان هتان ڇڏي وڃان ته بهتر آهي ۽ وڏيري عارب خان وٽ وڃي بيهان، اتي وڃي مان پهرين سڄڻ جو علاج ڳوليان پوءِ انهيءَ وڏيري شهمير خان کي ڏسان، جيڪا تو اڄ منهنجي بي عزتي ڪئي آهي مان توهان ٻنهي کان انهيءَ جو پلاند ضرور وٺندس ۽ ائين ڪمدار جذبات مان کٽ تان اٿي ٿو، پن جي ٻيڙي چپن کان لاهي ڦٽي ڪري ٿو ۽ سڌو وڏيري شهمير وٽ اچي چوڻ لڳي ٿو ته بابل سائين جيترا ڏينهن هتي نصيب هو هتي رهياسين هاڻي مونکي اجازت ڏئي ڇڏيو ته بهتر آهي. شهمير ڪجهه دير ته خاموش رهي ٿو پر ڪجهه دير سوچڻ بعد شهمير به هن کي اجازت ڏئي ڇڏي ٿو ۽ هو ٽوال ڇنڊي بنا حساب ڪتاب ڪرائڻ جي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
شهمير ۽ سڄڻ ۽ ٻيا چند ڳوٺ جا ڇوڪرا شام جي پهر اوطاق ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا. اڄ وري سڄڻ انهن سڀني جي سامهون هڪ ايجنڊا رکي هئي ته اسان جو هت گڏ ٿيڻ جو مقصد آهي ته اسان پنهنجي هن ڳوٺ کي نفرتن کان بچايون حقيقت ۾ اهو مقصد اسان سڀني سنڌ واسين جو هجڻ گهرجي ته اسان نفرت کي پري ڀڄايون، نفرتن ۽ ماراماري واري سوچ بدران هڪ اهڙي ماحول کي جنم ڏيون جيڪو پيار ۽ پاٻوهه وارو هجي، اسان جون سوچون پنهنجن ۽ پراين لاءِ هڪجهڙيون هجن ۽ اسان اڄ انهيءَ مقصد لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته اسان جي علائقي جا ٻار ڪنهن وٽ نه ڌنار بنجن نه وري پيهي تي چڙهي فصلن جي جهار هڪلن نه وري ڪنهن گيراج تي ڪم ڪن نه وري ڪا مزدوري ڪن. اسان انهن جو سهارو بڻجي اڳتي وڌڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، پهرين ته اسان انهن ٻارن کي اسڪول به موڪلي رهيا آهيون، انهن جي خاندان جو سهارو بنيل اهي ٻار جن خاندانن لاءِ هو ڪمائين ٿا اسان انهن خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائيندي اڄ وري ڪا نئين حڪمت جوڙي ڪو ٻيو اهڙو ڪم شروع ڪريون تنهن جي لاءِ هت گڏ ٿيا آهيون هاڻي سڀ پنهنجا رايا ٻڌائين ته پوءِ آخر ۾ فيصلو ڪريون ٿا. سڀئي ڳوٺ وارا ڇوڪرا مختلف صلاحون ڏين ٿا، آخر ۾ سڀئي انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته پنهنجي انهيءَ علائقي کي بدامني جي باهه وڪوڙي وئي آهي. پنهنجا پنهنجن کان پري آهن، خير سگالي ڪچهريون به زماني جي ڳالهين ۽ ٻين ڪمن ڪارين بجاءِ هڪ ٻئي جي گلا تائين محدود آهن، اسان جو مقصد به اهو آهي ته اسان انهيءَ سوچن جا رخ موڙيون ۽ انهيءَ سوچن جا رخ موڙڻ لاءِ اسان کي پهرين فرصت ۾ هڪ ڏينهن هن ڳوٺ وارن لاءِ ملهائڻ گهرجي، اسان پنهنجي مٺڙي ڌرتي جي صدين کان شناخت جو اهڃاڻ بڻيل ملهه ملاکڙو ڪرايون ته جيئن علائقي واسين کي ڪجهه دير لاءِ تفريح جو موقعو ملي سگهي، اهي سڀ انهيءَ راند مان لطف اندوز ٿي سگهن. هو سڀ انهي ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته اسان جلد ئي اها راند ڪرائينداسين ائين ئي هنن جي گڏجاڻي ختم ٿئي ٿي.
چند ڏنهن اندر هو سڀئي پهلوانن سان رابطا شروع ڪن ٿا ۽ پهلوان به شهمير خان جي اوطاق تي گڏ ٿين ٿا، انهن پهلوانن سان صلاح مشورا ٿين ٿا، پهلوان گڏجي اهو طئي ڪن ٿا ته اهو ملهه ملاکڙو اسان انهيءَ گرائونڊ تي ڪرايون جتي ورهين کان اڳ توهان جو ڏاڏو مرحوم شهمير خان ڪرائيندو هو، اتي شهمير ڊٺل گرائونڊ کي پاڻ بيهي تيار ڪرائي ٿو، سڄي علائقي ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وڃي ٿي ته اهو ملهه مقابلو واهه جو هوندو، بحث مباحثا شروع ٿين ٿا ۽ نيٺ اهو ڏينهن به اچي وڃي ٿو جنهن ڏينهن اهو ملهه مقابلو هجي ٿو، سڀ ملهه پهلوان پنهنجي زور آزمائي ڪندا رهن ٿا، علائقي جا سڀ ماڻهو اهو ملهه مقابلو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، تمام گهڻي رش وارو ماحول هجي ٿو، نيٺ اهو ملهه مقابلو پنهنجي بهترين نموني سان پڄاڻي تي پهچي ٿو ته آخر ۾ انعام به ورهايا وڃن ٿا. رئيس عارب به انهيءَ پروگرام ۾ شريڪ ٿئي ٿو پر شهمير خان هن کي ڪابه لفٽ نٿو ڪرائي نه وري هن سان ملي ٿو. هو ائين ويٺو هجي ٿو نه وري خاص مهمانن ۾ هن جو نالو ورتو وڃي ٿو ته عارب خان پروگرام هلندي اهو سڀ ڪجهه نوٽ ڪندو رهي ٿو. عارب سان گڏ آيل سندس ڇاڙتا عارب خان کي ڪابه عزت نه ملڻ تي ڏاڍا ناراض ٿين ٿا ۽ رئيس کي ڪن ۾ اچي چوڻ لڳن ٿا ته رئيس موڪل ڏيو ته هي پروگرام ڪرايون ختم صرف ٻن منٽن جي راند آهي توهان رڳو اسان تي ڇڏيو رڳو توهان اسان کي اجازت ڏيو. عارب خان اتي انهن پنهنجن ڇاڙتن کان پڇڻ لڳي ٿو ته توهان ڇا سوچيو آهي؟. اهي چوڻ لڳن ٿا ته اسان پنهنجي همراهن کي هتي وڙهائينداسين ٻه ٽي هوائي فائر ڪنداسين سڄي خلق خوف مان ڀڄي ويندي. رئيس عارب خان ڪجهه دير سوچ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ انهيءَ سوچ مان ٻاهر نڪرندي چوڻ لڳي ٿو ته دوستو سٺو نٿو لڳي، سڀاڻي سڀ مون کي ميارون ڏيندا ته توهان جا همراهه ئي اتي وڙهي پيا تنهنڪري ڇڏي ڏيو، جيڪو ٿيو سو سٺو نه ٿيو پر ٺيڪ آهي اڳتي ڏسنداسين. ايتري ۾ وري ٻيو همراهه رئيس جي ڀر ۾ اچي چوڻ لڳي ٿو سائين اهو سڄو ڪم انهي سڄڻ جو آهي. ڀر ۾ بيٺل ڪمدار به انهيءَ ڳالهه جو پاسو کڻائي ٿو ته ها رئيس اهو سڄڻ اسان سڀني جي اکين ۾ ڪنڊو بنيو آهي، سڄي ڳوٺ جو ماحول خراب ڪري ڇڏيو اٿس، مون غريب کي شهمير خان وٽان نوڪري مان ڪڍرائي ڇڏيائين انهيءَ جو ته ڪو بلو ڪيو اهو ڏينهن به ڏينهن سهي مان شينهن ٿيندو پيو وڃي رئيس عارب جو ڪاوڙ مان نڪ سونڊجي وڃي ٿو ۽ نرڙ ۾ گهنج پئجي وڃن ٿا ۽ هو ڪاوڙ مان اٿي وڃڻ لڳي ٿو ۽ شهمير وارا هن پروگرام ۾ ڪامياب ٿيڻ تي ڏاڍا خوش ٿين ٿا.
***