ناول

ڳالهيون ڳوٺ جون

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وارن جون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ناول نگار عبدالغني شر جو لکيل ناول آهي.

امداد ڪانهيو لکي ٿو:
”مُحبت، پريم ۽ پريت سان سرشار عبدالغني شر جي اڌمن جو روپ “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي هي ناول سندس انهي نفيس مزاجي جو پرتوو آهي جيڪو اڄ اسان جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو پڙهي کن پل لاءِ اسان ڳوٺ جي گهٽين، گسن، پنڌن ۽ پيچرن ۾ ضرور وڃائجي وينداسين جيڪي اسان کان ڏينهنون ڏينهن وسرنديون ئي ته وڃن ٿيون.
اهي ڳوٺ جا رواج، رسمون، طور طريقا، اٿڻ ويهڻ، قرب، پنهنجائپيون، سهپ توڙي ڪروڌ کان ويندي ڳوٺاڻي ماحول جي طرز زندگي، شهر ۾ انيڪ ورهيه رهندڙ اسان ڳوٺاڻن لاءِ تصور جي دنيا ٿيندي پئي وڃي ۽ جنهن کي پنهنجي قلم سان سهيڙي عبدالغني ڄڻ ڪُجهه وسرندڙ محفوظ ڪيو آهي.“
Title Cover of book ڳالهيون ڳوٺ جون

2

ائين وقت گذرندو رهيو. وڏيري اسحاق چند ڏينهن ڳوٺ ۾ رهڻ کانپوءِ وڃي وري شهر ۾ رهڻ لڳو. هاڻي نورخاتون ئي هئي، جيڪا اوطاق تي آيل مهمانن ۽ مسافرن جي خدمت نوڪرن وسيلي ڪرڻ لڳي هئي پر پاڻ انهيءَ جي نگراني به ڪندي رهي حالانڪه اوطاق تي مهمان تمام گهڻا اچڻ لڳا هئا پر مسافر ۽ شيءَ وڪرو ڪرڻ وارا گهورڙيا ۽ ڪپڙو کڻي ايندڙ پٺاڻ ڀي پيا ايندا هئا ته وڏيري نورخاتون جي انهن اوطاق تي ترسيل مسافرن جي لاءِ نوڪرن کي به خاص هدايت ڏنل هوندي هئي ته انهن کي ڪڏهن به بکئي پيٽ نه موڪلجو.
اهڙي ريت هاڻي وڏيري نور خاتون ئي هئي جنهن سان ڳوٺ وارن جون ڪيتريون اميدون سلهاڙيل هيون. هوءَ غريب عورتن جي دل کولي مدد ڪندي هئي. جنهن به غريب عورت جي تڪليف جو ٻڌندي هئي ته انهيءَ وٽ پاڻ پڇا ڪرڻ لاءِ هلي ويندي هئي. ايتري ساري ملڪيت هوندي به نورخاتون آڌيءَ جو اٿي پاڻ جنڊ پيهندي هئي. فجر نماز کانپوءِ جڏهن گهر جون سڀ نوڪرياڻيون مشين ذريعي لسي ولوڙينديون هنيون تڏهن وڏيري نوڪرياڻين جي ڀر ۾ ويٺي هوندي هئي ۽ ويٺي مهل تسبيع پئي پڙهندي هئي ۽ جڏهن سج اڀري ويندو هو ڳوٺ جون غريب عورتون ۽ معصوم ٻار لسي وٺڻ لاءِ هن جي اڱڻ تي ايندا هئا ته هي پاڻ انهن کي هٿن سان لسي ڏيندي هئي. وڏيري جي حسن اخلاق کي ڏسي ڳوٺ جون ڪجهه عورتون هر وقت هن جي حاضري ۾ هونديون هيون.
وقت گذرندو رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن وڏيري اسحاق کي ٻيو نمبر پٽ ڄائو ته گهر ۾ خوشين سندو نئون ماحول اڏجي ويو. پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ وڏيرو اسحاق به جلدي ئي ڳوٺ پهچي ويو. ڳوٺ جون مايون، توڙي مرد وڏيري اسحاق ۽ وڏيري نور خاتون کي مبارڪون ڏئي رهيا هئا. چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ وڏيري اسحاق پوري علائقي جي ماڻهن کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ دعوت ڏئي گهرايو ۽ سڀني علائقي جي ماڻهن کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ وڏي دعوت جو اهتمام ڪيائين ۽ پٽ تي پنهنجي پيءُ رئيس شهمير خان جي نالي رکڻ جي سڀني کي خوشخبري ٻڌايائين، ۽ چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ تمام وڏي خيرات پُڻ ڪيائين.
ڪافي وقت کانپوءِ جڏهن هن جي ڳوٺ وارا اچي هن اوطاق تي گڏ ٿيا هئا ته هن جي اوطاق جي باري ۾ ۽ وڏيري اسحاق جي باري ۾ پاڻ تبصرا ڪرڻ لڳا هئا. ڳوٺ وارا ٽولين جي صورت ۾ ويهي ڪچهريون ڪرڻ لڳا هئا. وسايو ۽ خميسو به هن ڳوٺ جا هئا. جيڪي هر وقت نئون موضوع ساڻ کڻي پاڻ ۾ ملندا هئا. انهيءَ موضوع تي ويهي باقائده تبصرا ڪندا هئا. جڏهن تبصرو ڪري، ڪري ٿڪجي پوندا هئا ته يار پاڻ آهيون ته ڪنهن ڪم جا به نه، البته پاڻ انهن کان پوءِ به چڱا آهيون. اڄ هنن جو موضوع وڏيرو اسحاق هو. وسايو ڳالهائيندي ورائڻ لڳي ٿو ته ٻيلي خميسا...! مون ٻڌو آهي ته وڏيري اسحاق جي شهر ۾ ٻي شادي ٿيل آهي. خميسو به وسائي جي ڳالهه ۾ ها ملائيندي چوڻ لڳي ٿو ته هائو ادا وسايا ڇاڪاڻ ته وڏيري وٽ ملڪيت تمام گهڻي آهي، هن لاءِ شادي ڪهڙو مسئلو آهي. خميسو وري چوڻ لڳي ٿو پر يار مون کي ائين نٿو لڳي، جيڪڏهن شادي هجيس ها ته ورهين کان وڏيرو شهر ۾ رهي ٿو، ڪٿي نه ڪٿي ضرور ڳالهه کلي پوي ها باقي وسايا انهيءَ ننڍڙي شهمير خان کي رب پاڪ اها ساڳي مڻيا ڏي جيڪا اڳئين شهمير خان ۾ هئي باقي وڏيري اسحاق جو موڀي پٽ دلاور خان ته ساڳئي نموني پيءُ واري تي آهي نه ڪنهن سان ڳالهائي نه ڪنهن کان خبر چار وٺي، پنهنجي منهن رلندو وتندو آهي.
اڃان هي اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ مجنو به هنن جي ڀر ۾ ويهي انهيءَ ڳالهه جو سرکڻائيندي ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ادا واقعي دلاور خراب صحبت ۾ اچي ويو آهي، سڄو ڏينهن لالڻ واري اوتاري تي پيو هوندو آهي، جتي رڳو پيو چرس پيئندو آهي. مون کي ته منهنجي گهر واري جيڪا روز وڏيري نور خاتون کان لسي وٺڻ ويندي آهي، انهيءَ ٻڌايو پئي ته دلاور ٻين کي ته ٺهيو پنهنجي لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل گهر واري جيڪا رشتي ۾ سڳي ماسات ٿيس ٿي انهيءَ کي به بلڪل نٿو پڇي نه ڪڇي، اها به سورن ۾ آهي. ائين ئي وسائي ۽ خميسي جي ڪچهري هلندي رهي ٿي مجنو به هنن جي ڳالهين جي ها ۾ ها ملائيندو رهي ٿو.
هي جڏهن ٽئي ڄڻا خيرات جي ماني کائين ٿا. تڏهن هڪ ٻئي کي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ميارون ڏين ٿا. ٻيلي پاڻ هرڀرو وڏيري اسحاق جي نالي الائي ڇا ڇا پئي چيوسين. هن ته اڄ ورهين کانپوءِ به پاڻ کي ڇا پر سڀني کي ماني تمام ڀلي کارائي آهي. ايتري ۾ وري خميسو ڳالهائڻ لڳي ٿو ته دوستو اهو سڄو عقل ۽ ڀلائي وارو ڪم وڏيري نورخاتون جو رٿيل آهي اهائي ته آهي جيڪا هن ڳوٺ جي غريبن جو تمام گهڻو خيال رکي ٿي. اها مائي به مردن جو مٽ آهي نه ته وڏيرو ته ورهين کان هن ماحول ۾ رهي ٿو پر ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪيائين.
اهڙي ريت هي ٽئي دوست وڏيري جي اوطاق مان نڪري ڪچهري ڪندي ڪندي پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي وڃن ٿا. خميسو، وسايو ۽ مجنو ٽئي دوست هئا. هن ئي ڳوٺ جا هئا. سڀني کي ڪجهه ڪجهه زمين جا ٽڪرا پنهنجا پنهنجا هئا. صرف مجنو ٿورو هنن کان مختلف هو. هو ننڍي هوندي دڪان هلائيندو هو. پر وقت گذرڻ سان گڏ هن کير وڪڻڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو هو. جيڪو اڃان به اٿس. صبح جو هرڪو پنهنجي حساب سان هوندو هو پر شام ٿيندي ئي ڳوٺ جي ٻاهران ننڍڙي اسٽاپ تي اڏيل هوٽل ۾ ويهي زماني جي ڪچهري ڪندا هئا پر ٽئي پنهنجي وهي وڃائي چڪا هئا پر هنن جا تبصرا اڃان به جواني جهڙا طوفاني هئا.
***

بس هڪ نجمه هئي هن گهر ۾ جيڪا صفا اڪيلي ٿي پئي هئي دلاور سان شادي کي اڃان هڪ سال مس ٿيو هو پر هن ڪڏهن پنهنجي مڙس دلاور کي پنهنجون دل جون ڳالهيون به نه ٻڌايون هيون ڇاڪاڻ ته دلاور خان هر وقت نشي ۾ خطا هوندو هو. هن لاءِ پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ مشڪل هو سو هو نجمه جون ڪهڙيون دل جون ڳالهيون ٻڌي سگهي ها. بس نجما هئي ۽ درد هئا. اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي بيڊروم تي پئي هوندي هئي. اکين ۾ جيڪي خواب هئس سي به اڻپورا رهجي ويس. هن پنهنجي دل جون خوشيون مائٽن جي خواهشن مٿان قربان ڪري ڇڏيون ته به هن کي اها خوشي نه ملي سگهي جيڪا عام ڇوڪرين کي ملي ٿي.
ائين ئي هو دل ئي دل ۾ درد سانڍي صرف زنده رهي ٿي. هوءِ هار سينگار ڪري ته ڪنهن جي لاءِ ڪري ڇاڪاڻ ته هن جو ور پنهنجو وجود نشي ۾ وڃائي ايندو هو ۽ جڏهن گهر ايندو هو ته هن جا حوصلا خطا هوندا هئا ۽ اونڌي منهن سان اچي بيڊ تي ليٽي پوندو هو. دلاور جي دانهن هن جي گهر واري نجما ڏئي ته ڪنهن کي ڏئي. هوءِ ڪنهن ڪنهن مهل اڪيلائي ۾ ويهي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳندي هئي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي روئيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن نور خاتون هن کي اداس ڏسي هن کي آٿت ڏيندي هئي. ڳوٺ لاءِ هي گهر جڏهن هڪ اميدن جي ڏيئي مثل هو پر نجما وٽ سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه به نه هو. صرف ۽ صرف اڪيلائي هئي. جيڪا اڪيلائي جا عذاب سهندي سڙي رهي هئي. هن کي جيون جا سڀ رنگ اڻپورا لڳي رهيا هئا. ننڍپڻ ۾ جنهن لاڏ ڪوڏ سان کيڏي وڏي ٿي. انهيءَ جي ذري برابر جيتري سهولت هتي موجود نه هئي. هوءَ صرف پنهنجي پاڻ کي هن ڪوٽ ۾ قيدي جيان قيد محسو ڪري رهي هئي. اڳي سهليون، پڙهائي، ۽ شهر ۾ موڪل وارن ڏينهن ۾ پارڪن ۾ سهيلين سان ڪچهريون سڀ جون سڀ ياد ماضي بنجي ويون هُيون.
بس اکين ۾ اهو هڪ ئي خواب هو جيڪو به اڌورو رهجي ويو. سهيل جيڪو هن جو پاڙيسري هو ۽ گڏ پڙهندو هو. پر تمام شريف هو. هوريان هوريان گڏ پڙهندي هو هڪ ٻئي کي چاهڻ لڳا هئا. ائين نجما کي اهي ڏينهن ياد اچن ٿا جڏهن هن هڪ دفعي سهيل سان ڪچهريون ڪندي اکيون اکين ۾ ملائيندي پڇيو هو ته مونسان نڀائي سگهندين...؟ جواب ۾ سهيل انهيءَ سوال جو ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو ۽ هن ڪيترائي سوال سهيل کان پڇيا هئا پر سهيل هميشه هن کان ڪجهه وقت جي مهلت گهرندو رهيو. سهيل هميشه خاموش رهندو هو ۽ پوءِ اچانڪ سهيل گم ٿي ويو. هي سهيل جي اچانڪ گم ٿيڻ ۽ هن جي خاموشي جي راز کي چاهڻ باوجود سمجهي نه سگهي. هو هڪ سٺو شاعر به هو. هن جي شاعري جڏهن ڪتابن ۾ ايندي هئي ته پاڻ ڪتاب وٺي اچي هن کي شاعري ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن پارڪ ۾ ڪچهري ڪندي نجما هن کان پڇيو هو ته پنهنجي ڪلهن تي منهنجو بار کڻي سگهندين...؟ جواب ۾ هن صرف اهو چيو هو ته چري اهڙا سوال نه ڪندي ڪر....! هن جي چري لفظ چوڻ تي هن کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو هو. بس هاڻي اهي ڏينهن ياد ماضي بنجي ويا آهن. سهيل جي پر اسرار خاموشي کانپوءِ هن جون ڳالهيون ئي ياد رهجي ويون آهن. تو وفا ڪئي يا بيوفائي ڪئي انهيءَ جو مان فيصلو نه ڪري سگهيس. اها حقيقت آهي ته جدايون تن کي تڙپائن ٿيون رُلائين ٿيون. اکين ۾ صرف لڙڪ باقي رهجي ويا. دل ئي دل ۾ توکي ڳولي نه وڃائڻ جو قسم کاڌم پر تنهنجي ملڻ کانپوءِ دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته هڪ ٿي مرنداسين ۽ هڪ ٿي جيئنداسين پر دل ۾ ڪيل ارادا ته ارادا ٿي ئي رهجي ويا، توسان طئه ٿيل منزلون اڌوريون رهجي ويون، پاڻ ڪچهرين ئي ڪچهرين ۾ سوچيو هو ته جيڪڏهن پاڻ هڪ ٿي وياسين ته هن معاشري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين. پاڻ ريتن ۽ رسمن ۾ سڙندڙ جوانين کي انهيءَ باهه کان بچائينداسين، غريب ٻارن کي تعليم جي روشني ۾ اڳتي آڻينداسين ۽ پنهنجي ڳوٺن ۾ عورتن لاءِ هنري مرڪز کولينداسين ۽ هر ظالم سوچ رکندڙ فرد سان اکيون اکين ۾ ملائي مظلوم کي حق وٺي ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. وڏيرڪي سوچ جو تصور ڳوٺن مان ختم ڪنداسين.
اهي گهڙيون ئي هيون جيڪي منهنجي زندگي جون قيمتي گهڙيون هُيون. وقت سان گڏ پاڻ گڏجي ملڻ چاهيو پر شايد ائين پنهنجو گڏجي ملڻ قسمت ۾ لکيل نه هو. جڏهن پهريون دفعو توسان مليس تڏهن مان توکي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ڇڏيو هو. وقت گذرڻ سان گڏ خبر پئي تون به ته مون وانگر پنهنجي معاشري جي حالتن اڳيان مجبور آهين پر تنهنجو ائين اچانڪ گم ٿي وڃڻ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ۽ مان به وقت گذرڻ سان گڏ تنهنجو پوءِ به انتظار ڪندي رهيس. مون توکي ڏاڍو ڳوليو، ادبي فنڪشنس ۾ شاعري ۾ فوٽ پاٿن تي پر تون مون کي ڪٿي به نه ملي سگهين. تو جيڪي پنهنجي شاعري وارا ڇپيل ماهوار مئگزين ڏيکاريا هئا انهن مئگزينن جا مان تازا پرچا ورتا پر انهن ۾ به تنهنجي شاعري به ڪانه هئي نيٺ مان حالتن هٿان هار کائي ويس ۽ انتظار ڪريان ته ڪنهن جو ڪريان....؟ مائٽن جي فيصلي جو انڪار ڪري انهن سان بغاوت ڪريان به ها ته به منهنجي منزل جي مون کي ته ڪابه خبر ڪانه هئي. مان سوچي سوچي ساڻي ٿي پيس. بس منهنجي دل ۾ اهو خيال آيو. جيڪڏهن مون کي پنهنجي دل جو دلبر نه ملي سگهيو ته گهٽ ۾ گهٽ مائٽن جي ته دل رکان، پوءِ به مائٽن کي آسرن ۾ هلائيندي رهيس ته من ڪٿي تنهنجو موبائل نمبر وري کلي پئي رات ڏينهن تنهنجو نمبر ڊائل ڪندي رهيس پر تنهنجو نمبر هميشه بند ايندو رهيو. مان تنهنجو ڏاڍو انتظار ڪيو ته سهيل تون وري موٽي اچين پر الائي ڇو تون موٽي نه آئين؟ وقت گذرڻ سان مائٽن مون کي هن گهر لاءِ خوبصورت خواب ڏيکاريا، دلاور ڏاڍو سٺو آهي، محنتي به آهي، ۽ پنهنجي برابري کان به مٿي جو خاندان آهي. پوءِ به منهنجي من اهي لالچون قبول نه ڪيون مان ته وري به تنهنجي پيار لاءِ تڙپڻ لڳس پر جڏهن ڪٿان تنهنجي اچڻ جي اميد جي جهلڪ نظر نه آئي تڏهن مائٽن جي خوشي کي پنهنجي خوشي سمجهي شادي لاءِ ها ڪيم ۽ جڏهن منهنجي شادي دلاور سان ٿي ۽ هن گهر ۾ رهڻ لڳس ته مائٽن جيڪي هن گهر لاءِ مون کي سونهري خواب ڏيکاريا هئا اهي بس خواب هئا.
ڪنوار بڻجي جڏهن هِن گهر ۾ آيس تڏهن في الحال مان پنهنجي ماضي کي ڀلائي نئين زندگي جي شروعات خوشي سان ڪرڻ چاهي ٿي. پر مون کي خوشي نصيبن ۾ لکيل نه هئي. مون سوچيو هو ته سهاڳ رات پنهنجي ور دلاور سان خوب ڪچهري ڪندي گذاريندس پر ساڳي رات ئي ڪچهري ته ٺهيو پر هو ايترو ته نشو ڪري آيو جو ملڻ کان لاچار هيو. ٿڙندو ٿاٻڙندو اونڌو منهن ڪري بيڊ تي ليٽي پيو ۽ مان صرف تعجب وچان هن ڏانهن ڏسندي رهجي ويس. ائين منهنجي سهاڳ رات به لڙڪ لاڙيندي گذري وئي ۽ پوءِ زندگي مِڙئي بس ائين ئي گذري رهي آهي، نه ڪير آهي جنهن سان ڪو حال اوريان ۽ پنهنجا سور سليان ۽ هيڏو محل جهڙو گهر جنهن ۾ زندگي جون سڀ آسائشون موجود آهن پر حال دل ڏيڻ ۽ وٺڻ وارو ڪير به نه آهي. منهنجي پياري سس جيڪا سڄو ڏينهن هن ڳوٺ وارن جي تڪليفن ۾ ورتل آهي سا سڄو ڏينهن انهن جي خيال ۾ گُذاريندي آهي ۽ اوطاق تي آيل مهمانن جو به فڪر هوندو اٿس باقي نوڪرياڻيون جيڪي ولر جيان آهن سي سڄو ڏينهن پاڻ ۾ ڪم ۽ ڪچهريون ڪندي گذارينديون آهن ۽ مان ڏينهن راتيون ڳڻي ڳڻي گذاري رهي آهيان.
***

ائين وقت پنهنجي حساب سان گذرندو رهيو. ڏينهن مهينن ۾ بدلبا رهيا ۽ مهينا ورهين ۾ بدلبا رهيا. سڄو زمانو ۽ توڙي زماني جا ماڻهو ترقي جي تيز راهن تي گامزن هئا پر هي ڳوٺ ڏينهون ڏينهن اجڙندو رهيو. آبادي اڃان به تيزي سان وڌي رهي هئي پر اها روايت باقي نه رهي جيڪا وڏيري شهمير خان جي زماني ۾ هئي. شهر کان ايندڙ ڳوٺ جي رستي جي ٻنهي پاسن کان پوکيل نمِن ٽالهين جا پراڻا خوبصورت وڻ جيڪي علائقي جا نوان ٿي پيل ڏاڍن مڙسن وڍائي کڻي ويا. انهن کي ڪير چوڻ وارو نه هو. شهر کان ڳوٺ ڏانهن ايندڙ انهيءَ رستي تي شام کانپوءِ ڪو به ڳوٺ وارو توڙي علائقي وارو محفوظ نه هو. انهن کان گاڏين توڙي پئسن ۽ ايتريقدر مزدوري ڪري موٽندڙ مزدورن کان ٻه ڪلو يا ٽي ڪلو واري اٽي جي ٿيلهي به ڦرجڻ لڳي. ڪير ڪنهن کي ڪجهه به چوڻ وارو نه هيو ته ڳوٺ جي علائقي جي اهڙي حالت ڪير ڪري رهيو آهي. ڳوٺ وارن کي خبر هوندي هُئي پر ڪڇي نه سگهيا پئي. حالتون ڏينهون ڏينهن بگڙجنديون رهيون. هوريان هوريان علائقي واسين کي به خبر پوڻ لڳي ته هن ئي ڳوٺ مان ڪي فرد وڏيري اسحاق جي ڊگهي خاموشي جو فائدو وٺي چڱا مڙس ٿيڻ جي چڪر ۾ اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن. تن چڱن مڙسن ٿيڻ ۾ آريءَ ۽ رجب وڌيڪ شوقين هئا. ڏينهون ڏينهن آريءَ ترقي ڪندو ويو. رجب وري به پوئتي ڌڪجي ويو. آريءَ وٽ ڪالهوڪو ڏينهن هو ته ڪجهه به نه هو پر هاڻي هوريان هوريان گهڻو ڪجهه هو. علائقي واسين مان جيڪڏهن ڪنهن جي گاڏي ڦرجي ويندي هئي ته سڌو آريءَ وٽ ويندا ها.
آريءَ به ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري وري ڀنگ وٺي مال موٽائي ڏيندو هو حد جي ٿاڻي جو صوبيدار هر مهيني هن وٽ ايندو هو. ڏاڍيون مانيون کائي پنهنجو حصو پتي وٺي روانو ٿيندو هو آريءَ هاڻي هن ڳوٺ مان لڏي ڳوٺ جي پاسي ۾ پنهنجو الڳ گهر ٺهرايائين ۽ هڪ وڏي اوطاق ٺهرايائين جنهن ۾ چور ڊڊي خلق سڄو ڏينهن ستي پئي هوندي هئي. ڏينهن گذرندا رهيا پر آريءَ ڏينهن به ڏينهن اڳتي وڌندو رهيو هڪ ٻه دفعا پوليس کڻي به وئي هئس پر پوءِ پراڻن پوليس واسطن جي ڪري جلد آزاد ٿي ايندو هو.
هڪ دفعي جڏهن هن کي هڪ اغوا جي ڪيس ۾ پوليس وٺي وئي هئي ۽ جڏهن هو آزاد ٿي گهر پهتو هو ته هن جي آجيان تمام ڀرپور نموني سان ڪئي وئي. ائين لڳو ڄڻ ڪو علائقي جو چونڊيل ايم. پي. اي واپس پنهنجي ڳوٺ آيو هجي. وقت گذرندو رهيو ۽ هي آريءَ جنهن جي دهشت پوري علائقي تي ڦهلجي وئي اهو زمينداري پنهنجي به جام ڪري ويو. گاڏيون مال، ٺٺ ٺانگر، باقاعده وڏيرن جيان ٿي ويس. هاڻي هو به آريءَ مان آريءَ خان ۽ پوءِ جلد ئي رئيس عارب خان سڏجڻ لڳو. ڏاڍ مڙسي جي فڪر جي ڪري سڀ علائقي واسي هن جي عزت ڪرڻ لڳا هئا.
***

هن دفعي جڏهن وڏيرو اسحاق ڳوٺ طرف موٽيو هو ته ڪجهه ڏينهن بعد عيد اچڻي هئي. عيد جي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺ موٽي آيو هو. وڏيرو جڏهن علائقي توڙي ڳوٺ جي ماحول کان واقف ٿيو ته هو تعجب ۾ پئجي ويو ڇاڪاڻ ته قاضي ڪمدار هن کي ٻڌائين ٿا ته وڏيرا سائين پنهنجي هن پر امن علائقي کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. هاڻي ته اهو ڏينهن خالي نه آهي جنهن ڏينهن ڪا واردات نه ٿيندي هجي. گاڏين جي چوري ڳوٺ جي گهرن مان کاٽ ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي وڏيرو تعجب ۾ پئجي ويو پر وڏيرو انهن سڀني ڳالهين کي غور ويچار ٻڌڻ کانپوءِ خاموش رهجي وڃي ٿو. جڏهن کيس پنهنجي نوڪرن ذريعي پنهنجي وڏي پٽ دلاور جي لڇڻن جي خبر پوي ٿي ته دلاور سائين سڄو ڏينهن خانڻ موالي جي اوتاري تي هوندو آهي. رات جو ٿڙندو ٿاٻڙندو نوڪرن جي سهارن سان گهر پهچندو آهي. دلاور کي نه ڪنهن ٻني جي معاملي جي خبر نه وري ڳوٺ جي حالتن جي فڪر نه وري اڌ ۾ ڇڏيل پڙهائي تي ڪو به پڇتاءو ٿيو اٿس. صفا رولو بنجي ويو آهي. وڏيري اسحاق جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌڻ لڳو صفا پنڊ پهڻ ٿي ويو.
رات جو پنهنجي بيڊ تي ننڊ لاءِ آهليو ته ننڊ ڪانه آيس سوچڻ لڳو ته بزنس جي ڪري مان ڳوٺ کي ٽائيم ڏئي نه سگهيس. تنهنڪري سڄي ڳوٺ جو ماحول بگڙي ويو آهي خير انهيءَ ۾ ته منهنجي غلطي ڪانهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺ وارا وري اسان کي ڇا ڏيندا. اهو پئسو آهي جيڪو ڏکئي وقت ۾ ڪم ڏيندو پر يار هڪ ڳالهه آهي جيڪڏهن ڳوٺ وارن کي ٽائيم ڏيان ها ته پنهنجي گهر کي ٽائيم ڏيان ها. جيڪڏهن انهن ڳوٺن وارن کي ڪجهه ٽائيم ڏيان ها ته ممڪن آهي اسان جو ڳوٺ اهڙين ڪڌين حرڪتن جي زد ۾ نه اچي ها پر ڇا ڪجي...!؟ اهڙا ڪيترائي سوال وڏيري اسحاق جي من اندر ۾ ڪنهن واچوڙي جيان اٿندا رهيا ۽ وري خاموش ٿي ويا. هن کي موڀي پٽ دلاور جي بگڙي وڃڻ جو تمام گهڻو ڏک رسيو هو.
ٻئي ڏهاڙي هو پاڻ دلاور کي سمجهائڻ جي ڪري ٿو ته دلاور پنهنجي والد وڏيري اسحاق اڳيان ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري خاموش ٿي بيٺو رهيو. وڏيري اسحاق جو اهو ڏينهن به سوچن ۾ گذري ويو ۽ رات جو جڏهن هو پنهنجي گهر واري نورخاتون سان ڪچهري ڪرڻ لڳي ٿو ته وڏيري وري به هن کي سمجهائيندي وراڻي ٿي وڏيرا هي راڄ ڀاڳ پنهنجي ملڪيت جيان آهن هي به تنهنجو هڪ اثاثو آهي. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي انهن ماڻهن تي اڃان به هٿ رک جيڪڏهن تون پنهنجي حساب سان زندگي گذاريندين ته هي راڄ رلي نه ويندو ڇو ته هن راڄ جي ڪو نه ڪو وري به مالڪي ڪري وٺندو پر پوءِ توسان ڪير به گڏ نه هوندو.
وڏيرو پنهنجي گهر واري جي ڳالهه ٻڌي اهو وراڻي ٿو ته اهي اسان مردن جا مسئلا آهن، تون ائين کڻي سمجهه ته اهو منهنجو ذاتي مسئلو آهي تنهن ۾ تنهنجو ڪجهه به نه وڃي ۽ وڏيري نورخاتون تون پهرين پنهنجي دلاور پٽ کي سمجهاءِ جيڪو نه پنهنجي گهر واري سان ڳالهائي ٿو نه وري مونسان ٺيڪ نموني سان ڳالهائي ٿو ۽ باقاعده موالي بنجي ويو آهي. سڄو ڏينهن موالين سان گڏ ڌڪا کائيندو رهي ٿو. ڪريان ته ڇا ڪريان؟ وڏيري چيو مون کي ته ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.
وڏيري نورخاتون سان ڪچهري ڪندي ڪافي رات گذري وڃي ٿي جڏهن وڏيري بيڊروم مان نڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي ٿي تڏهن وڏيري اسحاق کي وري سوچون وڪوڙين ٿيون. منهنجي ذاتي نااهلي هئي يا منهنجي روايتي سستي هئي جنهن ڪري منهنجو وڏو ڇوڪرو دلاور غلط صحبت ۾ اچي موالي بنجي ويو پر هاڻي مان شهمير کي باقاعده سٺي تربيت ڏياريندس انهيءَ تربيت جي ذمي وري سوچڻ لڳي ٿو هن جي ذهن ۾ ڪيترائي نالا اچن ٿا پر وري هو پاڻ انهيءَ مان خاميون ڪڍڻ لڳي ٿو. سوچيندي سوچيندي سج اڀري وڃي ٿو پر هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ايتري ۾ فجر جي آذان اچڻ لڳي ٿي ته هي به نماز پڙهڻ لاءِ مسجد طرف وڃڻ لڳي ٿو.
جڏهن نماز پڙهڻ کانپوءِ واپسي ۾ رستي ۾ هن کي استاد رمضان ملي ٿو ته هن کي شهمير کي پڙهائڻ واري ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي. دعا سلام کانپوءِ وڏيرو اسحاق استاد رمضان کي چوڻ لڳو استاد رمضان توهان ۾ هڪ ڪم آهي. استاد نوڙت مان ورائڻ لڳو جي رئيس. نه ڪا اهڙي خاص ڳالهه ڪونهي. هينئر ڀلي توهان نماز پڙهي اچو صبح نو بجي منهنجي اوطاق تي اچجو پوءِ اتي روبرو حال احُال ڪنداسين. وڏيرو اڃان اها ڳالهه مس ڪري ٿو ته استاد رمضان چوڻ لڳي ٿو ته بابل سائين صبح جو ته اسڪول ٽائيم هوندو آهي تنهنڪري مان توهان وٽ ساڍي يارهين وڳي رسيس جي ٽائيم ايندس. ائين هي اها ڳالهه ڪري هو هڪ ٻئي کان موڪلائي هليا وڃن ٿا.
***

استاد رمضان هن ڳوٺ ۾ پڙهائيندي ڪافي وقت گذاريو هو. هو تمام محنتي استاد هو. ڳوٺ جي هر ننڍي توڙي وڏي جي ٻار کي هڪ نظر سان ڏسندو هو. هن لاءِ سڀ ٻار برابر هئا. ڳوٺ وارا هن جي عزت ڪندا هئا. هو به مائٽن جو اڪيلو اولاد هو ۽ هن کي صرف هڪ نياڻي هئي. جيڪا اڃان مئٽرڪ ۾ پڙهي رهي هئي. هو تعليم جي حوالي سان ڳوٺ جي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو. ڪو ڳوٺ وارو هن جي ڳالهه سمجهندو هو ته پنهنجا ٻار اسڪول ۾ داخلا ڪرائيندو هو ۽ ڪو نه سمجهندو هو ته وري استاد کي ماستر چئي اهو چئي ڇڏيندو هو ته ٻيلي ماستر اسان جو مٿو نه کپاءِ ته به استاد رمضان انهن ڳوٺ وارن جون اهي ڳالهيون دل ۾ نه ڪندو هو ۽ وري به پنهنجي حساب سان ڳوٺ وارن کي سمجهائيندو هو. وڏيري شهمير خان مرحوم هن جي چوڻ تي اسڪول سان گڏ هاسٽل به ٺهرائي هئي سا به هو اڃان تائين پاڻ سنڀاليندو هو. اڃان تائين وڏيرن طرفان هاسٽل لاءِ ايندڙ سامان رڌ پچاءُ جو انتظام به هو پاڻ سنڀاليندو آيو آهي ۽ ٻيا چار استاد جيڪي هن جا نائب آهن اهي به انهيءَ فلاحي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائيندا هئا. اهڙي ريت وقت پيو گذرندو هو. وڏيري شهمير خان مرحوم جي وڃڻ کانپوءِ ۽ هن وڏيري اسحاق طرفان موٽ ملڻ نه ڪري هن اوطاق طرف اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو نه وڏيرن کي هنن جي ڪڏهن ضرورت محسوس ٿي پر وري به استاد رمضان سدائين دلاور جي تربيت تي وڏيري جي روايتي سستي جي ڪري سدائين الڪي ۾ رهندو هو. هو سوچيندو هو ته شايد وڏيري شهر ۾ ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي تنهن ڪري هنن ٻارن کي نه صحيح ٽائيم ٿو ڏئي نه وري هنن سان ڳالهائي ٿو. تنهنڪري هن جو وڏو ڇوڪرو ته هنن جي هٿن مان نڪري ويو آهي.
اهڙي ريت ڏينهن جو ساڍي يارهين وڳي پنهنجي ڏنل ٽائيم موجب استاد رمضان وڏيري اسحاق وٽ پهچي ٿو. وڏيرو به هن جي اچڻ کان اڳ ئي هن جي انتظار ۾ ويٺل هجي ٿو. رسمي دعا سلام کانپوءِ استاد هن کان پنهنجي گهرائڻ جو سبب پڇي ٿو ته وڏيرو هن سان مخاطب ٿيندي وراڻي ٿو استاد رمضان تون ته هن ڳوٺ توڙي منهنجي گهر جي ماحول کان واقف آهين. مان وڌيڪ توکي ڪجهه نه چوندس صرف هڪڙو عرض آهي ته منهنجو ننڍڙو شهمير شهر جي اسڪول ۾ روز پڙهڻ ويندو آهي پر مان چاهيان ٿو ته تون انهيءَ کي شام جي ٽائيم ٽيوشن هتي اچي پڙهائين جيئن هو اڳتي هلي سٺي نموني سان پڙهي سگهي. وڏيري جي ڳالهه ٻڌي استاد رمضان ڳالهائڻ لڳي ٿو. وڏيرا سائين توهانجي والد مرهيات جا مون تي کوڙ سارا احسان آهن. جيڪي مان ناچيز ڳائي ته سگهان ٿو پر لاهي نٿو سگهان ۽ جيڪڏهن منهنجي اچڻ سان توهان جو شهمير سڌري پوندو ته اهو منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي. ماستر رمضان جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وڏيرو وري ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو سائين رمضان منهنجي دل ۾ اها حقيقي خواهش آهي ته مان شهمير خان کي باقاعده اوهان جي حوالي ڪريان ته جيئن هو مڪمل طرح پڙهائي طرف ڌيان ڏي جيئن هو تربيت يافته بنجي هن ماحول کي ۽ حالتن کي سمجهي سگهي ۽ انهن حالتن جي حساب سان پنهنجي پاڻ کي چيلنج سمجهي انهن کي منهن ڏئي. مان اها ئي آس ساري توهان کي وري به عرض ٿو ڪريان ته اوهان جو اهو احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهندس.
نه نه سائين اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. توهان مون کي شرمنده نه ڪريو مان پاڻهي شهمير خان لاءِ ٽائيم ڪڍندس ۽ هن کي مان پاڻهي ٺيڪ نموني سان محنت ڪري پڙهائيندس اهو سڀ ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ هو ٻئي هڪ ٻئي کان موڪلائي روانا ٿين ٿا. ماستر رمضان جڏهن رات جي ٽائيم بستري تي ليٽي ٿو. هن کي اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳن ٿا. جڏهن هن ڳوٺ جو اوج هو. وڏيري جي اوطاق هر وقت ماڻهن سان سٿيل هوندي هئي. غريب غربي لاءِ توڙي مهمان خاص ۽ توڙي مسافرن ۽ اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارڙا جيڪي هاسٽل ۾ رهندا هئا سڀني جي لاءِ هڪ ئي ماني تيار ٿيندي هئي ۽ سڀني کي ٽائيم تي ماني ملندي هئي. باقاعده مڪمل پلاننگ سان هي ڳوٺ آباد ٿيو هو. ڳوٺ ۾ رات جو چورن کان بچڻ لاءِ چونڪي جو انتظام ٺهيل هو. ورهيه وهامي ويندا ها پر هن ڳوٺ مان ڪابه چوري نه ٿيندي هئي پر هاڻي ته چوريون روز جو معمول بڻيل آهن ۽ هن وقت ڳوٺ جي اجڙيل حالت تي هن کي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي. هو پنهنجو پاڻ ئي وڏو ٿڌو شڪارو ڀري ٿو. هاءِ اهي ڏينهن هن ڳوٺ جا هوندا هئا. عيد جي توڙي چوڏهين سڏ جي ڏينهن تي ڳوٺ ٻاهران ٺهيل ميدان ۾ ملهه مقابلا ٿيندا هئا. انهيءَ سان گڏ ٻيون رانديون جهڙوڪ ٽٽڙي، ڪوڏي ڪوڏي، ٻيلهاڙو، ۽ ونجهوٽي جهڙيون رانديون به وقت به وقت ٿينديون رهنديون هيون. خاص ڪري ڍڳي گاڏين جي ڊوڙ ڏسڻ وٽان هوندي هئي ڍڳا سينگاري مقابلي لاءِ تيار ڪيا ويندا ها. اهڙن ڏينهن ۾ سڄي ڳوٺ توڙي علائقي ۾ خوشين وارو باقاعده ماحول هوندو هو پر جيئن ئي مرحوم شهمير خان جا سؤ ورهيه پورا ٿيا تئين وقت گذرڻ سان گڏ هن ڳوٺ جي حالت به بدلجڻ لڳي. هوريان هوريان سڄو ماحول مٽجڻ لڳو. جيئن وقت گذرندو رهيو تيئن تيئن هن پوري علائقي جو ماحول مٽجي ويو هو. نه رهيا اهي خاص ڏينهن تي ٿيندڙ ملهه مقابلا ۽ ٻيون رانديون چند وقت اندر ئي سڀ جو سڀ بدلجي ويو هو. اهي ميدان جيڪي عيد توڙي خاص ڏينهن تي ڀرجي ويندا هئا. اهي هاڻي هميشه لاءِ ويران رهجي ويا هئا. اڳي ڳوٺ ڏانهن ايندڙ روڊ تي صرف ڪجهه دڪان هئا اتي هاڻ باقاعده بازارون ٺهي ويون هُيون. اتي اسٽاپ تي موجود ماڻهن ۾ سڄو ڏينهن اهي ڳالهيون ٿينديون هيون جيڪي ڪڏهن وڏيري جي اوطاق تي ٿينديون هيون. پنهنجي پر اهي قِصا جيڪي مختصر هوندي به نوجوانن انهيءَ کي وڌائي پيش ڪرڻ جي عادت بنائي ڇڏي هئي خاص ڪري رئيس عارب به اچي اتي ويهندو هو. ٻين جون ڳالهيون ٻڌندو هو. اها هوٽل واري جڳهه ڄڻ ڪا فيصلي واري جڳهه واري ٿي ويندي هئي. اهي منظر جڏهن ماستر رمضان جي اکين اڳيان گذرن ٿا ته هن جي دل ۾ اها آس جاڳي ٿي ته مان به ڪوشش ڪندس ته مان شهمير خان کي معاشري جو هڪ تمام سٺو فرد ٺاهي سگهان. ائين سوچن ئي سوچن ۾ هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي.
چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ماستر رمضان اسڪول جي ٽائيم کانپوءِ شهمير خان کي پڙهائڻ لاءِ هن جي اوطاق تي اچڻ لڳي ٿو. شهمير شهر جي اسڪول مان پڙهي پاڻ به شوق سان هن وٽ پڙهڻ لڳي ٿو. ماستر رمضان جو محبت ڀريو انداز شهمير جي ڪچڙي دماغ کي موهي وڃي ٿو ۽ هو به وڏي چاهه سان هن وٽ پڙهڻ لڳي ٿو.
جيئن جيئن وقت گذرندو رهي ٿو تيئن تيئن شهمير به محنت ڪندو رهي ٿو. ماستر رمضان پڙهائي سان گڏ هن کي اٿڻ، ويهڻ ملڻ ۽ مستقبل ۾ معاشري ۾ هلڻ جا طريقا به سٺي نموني سان سمجهائي ٿو ۽ هو به انهن تي ڀرپور نموني سان عمل ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هن کي پنهنجي خانداني ذميوارين پنهنجي وڏڙي جي نالي جو به احساس ڏياري ٿو. مستقبل ۾ ايندڙ چيلنجن بابت به هن کي آگاهه ڪندو رهي ٿو. ڏينهن ۽ راتيون پنهنجي حساب سان گذرندا رهن ٿا. ٽيوشن پڙهائيندي ماستر رمضان کي جيڪڏهن دلاور به گڏجي ويندو هو ته انهي کي به پنهنجي اولاد جيئان سمجهائڻ لڳندو هو. جيڪڏهن دلاور کي هن جون ڳالهيون ڏکيون لڳنديون هيون تڏهن دلاور ڪڏهن ڪڏهن هن کي چئي به ڏيندو هو ته ماستر رمضان تون جنهن ڪم لاءِ اچين ٿو اهوئي ڪم ڪر باقي مون کي تنهنجي انهن ڊگهن، ڊگهن ليڪچرن جي ضرورت نه آهي...! مان ڄاڻان منهنجو ڪم ڄاڻي پر پوءِ به ماستر رمضان دلاور جون ڳالهيون دل ۾ ڪرڻ بجاءِ هن کي وري وري سمجهائيندو هو پر دلاور اهي ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندو هو. وري به وقفي وقفي سان ماستر رمضان دلاور کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر انهن نصيحت آميز جملن جو دلاور تي ڪڏهن به اثر نه ٿيندو هو. ماستر رمضان شهمير کي پڙهائڻ سان گڏ وڏيري جي اوطاق جيڪا هاڻي ويراني جو واس ڏئي رهي هئي اتي موجود نوڪر ۽ ڊرائيور جيڪي ڪو به ڪم ڪار نه ڪندا هئا تن کي به نصيحت آميز جملن ۾ سمجهائيندو رهندو هو. ته ٻيلي ڏاها ٿيو. جيڪڏهن وڏيرو هتي موجود نه آهي. ته توهان اوطاق جو وڏو گيٽ به بند ڪري ويٺا آهيو. گهٽ ۾ گهٽ اهو در ته کليل رکو جيڪڏهن ڪو مهمان اچي يا ڪو مسافر اچي ته اهو آساني سان اوطاق تي اچي سگهي پر نوڪر به نوڪر هئا تن به ماستر جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. نيٺ ماستر مايوس ٿي حويلي ۾ وڃي وڏيري نورخاتون تائين اها ڳالهه پهچائي ته ادي هي توهان جا نوڪر توهان جي گهر واري کان به چڙهيل آهن. توهان ئي پنهنجي خاص نوڪر وسيلي هنن کي سمجهايو. جڏهن وڏيري نورخاتون اها ڳالهه ٻڌي ته هن پنهنجي گهر جي خاص نوڪر وسيلي هنن کي ٺيڪ نموني سان سمجهايو. تڏهن اهي نوڪر وڃي ڪجهه ڳالهه سمجهڻ لڳا پر اندر ئي اندر ۾ ماستر رمضان تي ڪاوڙجڻ لڳا. پنهنجي ڪچهري ۾ ماستر جي غير موجودگي ۾ ماستر بابت چوڻ لڳا ته يار هن ماستر مان چڱا ڦاٿا آهيون. اڳي ڪيڏو نه سک سان ويٺا هئاسين پر هاڻي هي ماستر ته ٿوري ڳالهه به وڃي گهر ٿو ٻڌائي يا وڏيري اسحاق کي ٿو ٻڌائي. ايتري ۾ پراڻو نوڪر ڳالهائڻ لڳو. يار ماستر مان اڙجي وينداسين ايترو سنجيده نه پيو وٺي نه ته انهيءَ ماستر مان اڙجي وينداسين ۽ پوءِ انهي ماستر مان جان ڇڏائڻ به ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي. توهان ماستر جي ها ۾ ها ملائيندو رهو پر ڪم پنهنجي مرضي سان ڪندا رهو. ماستر رمضان به هنن جي انهن اٽڪلن کي سمجهي ويو هو. تنهن ڪري هو به هاڻي هنن کي تمام گهٽ چوندو هو. جڏهن تمام گهڻي ڪاوڙ اچي ويندي هئس. تڏهن وڏيرن کي شڪايت ڪرڻ بجاءِ هنن کي ست سريون ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي جڏهن هڪ مسافر کي ماني کارائڻ کانسواءِ نوڪرن موٽايو هو تڏهن اهو منظر ماستر رمضان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هو. سو تپي باهه ٿي ويو، نه ته اڪثر ماستر رمضان ٿڌن جملن واري لهجي ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو پر هن ڀيري سڀني نوڪرن کي چوڻ لڳو ته توهان ته وڏيري جي اوطاق جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. اڳي هي اوطاق ڪيتري نه آباد هوندي هئي پر توهان جهڙن نوڪرن جڏهن هن اوطاق جو انتظام سنڀاليو آهي تڏهن کان ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هو ڪاوڙ ۾ نوڪرن کي تمام گهڻو ڪجهه چئي ويو پر نوڪر وري به حسب معمول خاموش هئا. پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ ماستر رمضان به چوڻ ڇڏي ڏنو. ائين وقت گذرندو رهيو ۽ ماستر رمضان شهمير خان کي پڙهائيندو رهيو.
***