8
شهمير هن کي اتي ڇڏي موٽي اچي ٿو، رمضان جي طبعيت ڏينهن به ڏينهن خراب ٿيندي رهي ٿي ۽ چند ڏينهن اندر هو هي جهان ڇڏي وڃي ٿو. ماستر رمضان جي وڃڻ پٺيان رخسانه روئي روئي حال وڃائي ڇڏي ٿي، شهمير هن کي جام سمجهائي ٿو ته تڏهن وڃي هو سمجهڻ لڳي ٿي پر وري هن کي پنهنجي ماءُ جي اڪيلائي جو درد جهوري وجهي ٿو. شهمير ۽ رخسانه پاڻ ۾ صلاح ڪن ٿا ۽ هن کي گڏجي مطمئن ڪري هن کي وٺي اچن ٿا. رخسانه پنهنجي ماءُ جي دل وندرائڻ خاطر انهيءَ سان گڏ ڪمري ۾ سمهي رهي ٿي ته شهمير پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو. هو موبائل کڻي رابيل جو نمبر ٽراءِ ڪري ٿو پر هن جو نمبر بند اچي ٿو، هو ڪجهه دير لاءِ ٽي وي کولي ٿو ته وري ٽي وي به بند ڪري ڇڏي ٿو هن کي وري سوچون ورائي وڃن ٿيون، هن کي ماستر رمضان جنهن هن کي انسان ٺاهيو انهيءَ جي ياد جڏهن هن کي اچي ٿي ته هو ازخود روئي پوي ٿو. هو سوچڻ لڳي ٿو ته هو صرف منهنجو استاد نه هو بلڪه منهنجو هڪ محسن هو جنهن مون کي زندگي گذارڻ جا ڍنگ سيکاريا، جنهن مون کي حالتن کان واقف ڪيو، جنهن منهنجي وک، وک تي رهنمائي ڪئي، هن ڳوٺ جي هن اجڙيل حالت جو هن کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ڪڏهن ڪڏهن، هو مون کي پنهنجي اولاد جيان ڀائيندو هو جنهن وک وک تي مون کي پنهنجائپ جو احساس ڏنو، مون کي مستقبل ۾ هڪ سٺي انسان ۽ بلڪه ڪامياب ڪرڻ لاءِ هن وسان نه گهٽايو، هن جنهن حڪمت عملي تحت مون کي پڙهايو ۽ خاص ڪري هن ڳوٺ وارن کي تعليم بابت جاڳرتا ڏني اها به قابل تعريف آهي، هن هميشه هن ڳوٺ وارن جي تعليم لاءِ باقاعده پرچار به ڪئي ۽ اڪيلي سر ڳوٺ وارن کي چوندو رهيو ته انهن براين وارن ڪمن ۾ ڪجهه به نه آهي ۽ نه وري هوٽلن تي ويهي اجايو وقت وڃائڻ ٺيڪ آهي، توهان پنهنجي اولاد کي پڙهايو، جيڪو سڀاڻي ٻيو نه ته شعوري طور تي سگهارو ته هوندو ۽ انهيءَ ڪم لاءِ اسان جي بابا ۽ ڏاڏا سائين کي به همٿايو ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻارڙن جي سارسنڀال پاڻ ڪيائين، مان اهڙي استاد جو شاگرد آهيان ته مان به انهيءَ جي خواب جي تعبير پوري ڪندس، هو دل ئي دل ۾ هڪ وچن ڪرڻ ٿو لڳي ته مان استاد رمضان جي ڏسيل هدايتن تي عمل ڪندس ۽ هن اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن ۽ علائقي واسين لاءِ سچي دل سان ڏکين گهڙين ۾ انهن جي مدد ڪندس، جيڪڏهن استاد رمضان نه آهي ته رابيل ته آهي جيڪا مون کي سٺي نموني سان هونئن ئي سمجهائيندي رهندي آهي، تنهن کان مان وري صلاحون وٺندو رهندس. ائين ئي سوچيندي سوچيندي هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي.
***
صبح ٿيندي ئي اها خبر ڳوٺ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ته ثمينه ۽ لياقت جو ٻٽو قتل ٿي ويو آهي. سڄي ڳوٺ ۾ جڏهن اها خبر پکڙجي ٿي ته سڀ ڳوٺ ۽ علائقي وارا حيرت ۾ وٺجي وڃن ٿا ته انهن کي ڪنهن ماريو ۽ ڇو ماريو؟، اهڙا سوال اڃان ڳوٺ وارن جي ذهنن ۾ گونجي رهيا هئا ته ٿوري دير کانپوءِ خبر پوي ٿي انهن ٻنهي کي ٻئي ڪنهن نه بلڪه چاچي ميرڻ خود ماريو آهي. ميرڻ جيڪو ثمينه جو پيءُ هو ۽ لياقت هن جو سڳو ڀاڻيجو هو، هو ٻنهي کي پاڻ ماري ٿاڻي تي پيش ٿيو هو. اڃان انهيءَ واقعي کي چند ڏينهن گذريا ته اصل حقيقت جي شهمير ۽ سڀني ڳوٺ وارن کي خبر پئجي وئي ته اهو ڪارنهن جو واقعو نه هو بلڪه ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ اهو ڊرامون رچايو ويو هو. چند سال پهرين لياقت جي امڙ به پر اسرار نموني فوت ٿي وئي هئي ۽ انهيءَ کان پهرين لياقت جو پيءُ جيڪو هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو تنهنجي بيواهه ۽ هڪ پٽ رهندا هئا. تنهن کي ميرڻ جي پيءُ پنهنجي ڌي ۽ ڏوهٽي کي پنهنجي ملڪيت مان 22 ايڪڙ زمين ڏني هئي، جڏهن ميرڻ جو پيءُ هي جهان ڇڏي ويو ته انهيءَ کان پوءِ ميرڻ جون اکيون هن زمين ۾ هيون. اصل ۾ اهو ئي قتل جو ڪارڻ هيو. هو ٻئي بيگناهه هئا، جيئن جيئن ڏنهن گذرندا رهن ٿا تيئن تيئن حقيقت جي خبر سڀني کي پوندي وئي. سڄڻ به هڪ ڏينهن شهمير وٽ اچي اهو ئي حال اوري ٿو ته پاڻ کي ڪجهه ڪرڻ کپي پر شهمير هن کي ٻڌائي ٿو ته اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي نه ته اهي ظلم سندا داستان ائين ئي هلندا رهندا. سڄڻ شهمير کي ٻڌائي ٿو ته انهيءَ سڄي راند پٺيان رئيس عارب عرف آريءَ جو هٿ آهي ڇاڪاڻ ته عارب ۽ ميرڻ پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ائين تون ڪجان مان پاڻهين تنهنجي جان ڇڏائيندس پوءِ ڪجهه ملڪيت مان مون کي ڏجان باقي تون کڻجان، اها ئي زميني حقيقت اٿئي. ائين شهمير جا اها ڳالهه ٻڌي ڪن کلي وڃن ٿا، هو سوچڻ لڳو ٿي ته مون کي ڪجهه ڪرڻو پوندو. اهڙي ريت وري به جيل وڃي چاچي ميرڻ کا حقيقت ڄاڻڻ ۽ هن جي مؤقف ٻڌڻ جي ڪري ٿو پر چاچو ميرڻ پنهنجي انهي ڳالهه تي اٽڪيل رهي ٿو. چاچو ميرڻ چوڻ لڳي ٿو ته اڃان لياقت جو ننڍڙو پٽ جنهن کي منهنجي پٽ بچائي ورتو نه ته مان انهيءَ کي ختم ڪري پوءِ وڃي سک جو ساهه کڻان هان. جڏهن شهمير اها خبر ننڍڙي واري ٻڌي ٿو ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، هو اتان جلدي واپس اچي سڄڻ کي گهرائي هن سان اها حقيقت ڪري ٿو ۽ هوءِ ٻئي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي پهرين ترجيح تي پنهنجا کوڙ سارا پئسا خرچ ڪري ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اها ملڪيت لياقت جي ننڍڙي جي نالي ڪرائي ڇڏي ٿو. اها خبر جڏهن ميرڻ ۽ رئيس عارب کي پئي ٿي ته هنن کي ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي، هنن جو سڄو منصوبو لڙهي وڃي ٿو، هو دل ئي دل ۾ شهمير خان تي خار کائڻ لڳن ٿا پر ڪري ڪجهه به نٿا سگهن. سڄي ڳوٺ ۾ جڏهن اها خبر پوي ٿي ته هنن جي سوچن جا رخ مٽجڻ لڳن ٿا، نئين سر سان تبصرا ٿيڻ لڳن ٿا، شهمير خان ننڍي عمر ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، ڪي چوڻ لڳا ته نالي جو اثر ٿيو اٿس هن جو ڏاڏو به ڪنڌار مڙس هو ۽ هي به خانداني آهي، هن اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو اسان صرف سڀ گڏجي سوچي ته سگهون ٿا پر ڪري نٿا سگهون. انهن ڳوٺ وارن جون همدرديون شهمير خان سان وڌي وڃن ٿيون.
***
هن ڀيري جڏهن شهمير سان رابيل ملي ٿي ته هو هن کي انهيءَ واقعي بابت ٻڌائي ٿو ۽ پنهنجي ڪيل ڪم جو به هن کي ٻڌائي ٿو. رابيل به هن کان اکر اکر ڪري پڇي ٿي جڏهن رابيل اهو ٻڌي ٿي ته ڏاڍي خوش ٿئي ٿي. ايتري ۾ شهمير چوڻ لڳو ته مان ڪجهه به نه آهيان هڪ ماڻهو جيڪو مون کي سيکاري جهان ڇڏي ويو ۽ ٻيو توهان آهيو جيڪي وک وک تي ساٿ ڏئي رهيا آهيو نه ته مان پاڻ ۾ ايتري همت ڪڏهن به نه ساري هئي شهمير ڳالهائڻ لڳو ته رابيل جاني! اسان جي معاشري ۾ رت جا رشتا به پنهنجي معنيٰ وڃائي چڪا آهن ته هاڻي نه رت دانگي تي وري ٿو نه وري پنهنجو ماري ڇانوءَ ۾ رکي ٿو، ماڻهو ماڻهن کي کي اذيتون ڏئي ماري رهيا آهن ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي انا خاطر معصومن ۽ بيگناهن ماڻهن کي مارڻ هاڻي هتي ڪو به مسئلو نه رهيو آهي، الائي ڇو اسان جا ذهن مفاد پرست بڻجي ويا آهن، اسان پنهنجي مفادي سوچ موجب جيئندا آهيون ۽ انهيءَ سطحي سوچ موجب مرندا آهيون، اسان وٽ رت ۽ رشتن جو ڪو به قدر باقي نه رهيو آهي، پنهنجي انا ۽ ريتن ۽ رسمن جي آڙ ۾ معصوم زندگين کي پنهنجي مقصدن ۽ انائن مٿان قربان ڪندا آهيون، اسان جي معاشري جي ماڻهن هميشه اهڙي قسم جا درد سٺا آهن، اهڙا مفادي چهرا ماڻهن جي چهرن کي ۽ دلين کي نه ڏسندا آهن. ها واقعي شهمير خان رابيل ڳالهائڻ لڳي ٿي ۽ شهمير جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳي ٿي ته جهڙي ريت اسان وٽ قبيلائي جهيڙا تيزي سان هلن ٿا ۽ اسان جي معاشري ۾ ڪارو ڪاري جو رواج موجود آهي. تنهن جو اثر ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيو آهي، ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جا بهانا بنائي جيئن ماني دير سان ملڻ ۽ ٻيا ڪافي بهانا بنائي پنهنجي معصوم عورتن کي هٿن سان ماريندا آهيون، اسان جي ڀائرن جا اهي هٿ ڪنهن ڀيڻ تي شفقت جا هٿ رکڻ بجاءِ انهن تي وحشين جيان ڪڙڪن ٿا ۽ پنهنجن معمولي مفادن ۽ ذاتي دشمنين جا پلاند آجا ڪرائين ٿا، اها اسان جي معاشري جي بي حسي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي....! هڪ خيال موجب هينئر وڌندڙ پيار جي پرڻي جو وڌندڙ رجحان مون کي ٺيڪ نٿو ڳي باقي ٻين جي ڀل الڳ راءِ هجي ڇاڪاڻ ته اڪثر عورتون پيار جي پرڻي بعد رڳو دوکا کائين ٿيون ۽ اسان جو معاشرو انهن کي “”ڪاري” جهڙا لقب ڏئي ٿو، ائين ئي اسان ماڻهو پنهنجن ناتن ۽ رشتن کي پاسيرو رکي مفادن کي اوليت ڏيندا آهيون. رابيل اهو ڳالهائي خاموش ٿئي ٿي ته وري شهمير ڳالهائڻ لڳي ٿو ته رابيل ڏس ته اسان جي معاشري ۾ ڏينهون ڏينهن سرداري تصور حاوي ٿي رهيو آهي، مختلف برداريون چڱن مڙسن جي چوڻ تي هلنديون رهن ٿيون ۽ وڏي ڳالهه جڏهن دنيا جا ٻيا معاشري جا فرد اڳتي وڌڻ لاءِ گڏجي وک وڌائي رهيا آهن ۽ اسان برادرين جي ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهيون جيڪو سڄو عمل اسان کي پوئتي ڌڪي رهيو آهي، اسان جا سادڙا ماڻهو سردار جي حڪم کي سڀ ڪجهه سمجهي ڪنهن تي ائين ئي ڪڙڪندا آهن، ڄڻ ڪا وڏي دشمني هجي، اصل ۾ هوندو ڪجهه به نه آهي صرف انهن چڱن مڙسن جي من ۾ مايا ميڙڻ ۽ دٻدٻي ۽ اثر ڏيکارڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرائيندا آهن ۽ اسان ڏاڍ مڙسي جي فڪر پٺيان زنده سچاين کي لڪايو آهي. وري رابيل ڳالهائڻ لڳي ٿي ته ها جاني! اسان جو سرداري نظام جي سهاري زنده رهندڙ هي معاشرو اڃان به سڌرڻ ۽ سمجهڻ بجاءِ دقيانوسي ۽ فرسوده رواجن سان نڀاءُ ڪندو ٿو اچي. هيستائين ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جهيڙن هيٺ ويندڙ زندگين کي ختم ڪندڙن کي ٺيڪ نموني سان سزا نه اچي سگهي آهي تنهنڪري اهي واقعا ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن، هتي جوانيون ريتن، رسمن، رواجن ۽ سرداري نظام جي آڙاهه ۾ سڙنديون رهن ٿيون، انهن گهٽيل ريتن ۽ رسمن رت جي رشتن کي به گهاريون وجهي ڇڏيون آهن، قبيلائي جهيڙا جيڪي خاص ڪري سنڌ امڙ جهڙي پياري ڌرتي تي پنهنجي حساب سان هلندا رهن ٿا، انهن جهيڙن ۾ الائي ڪيترين ونين کان ور وڇڙيا آهن. هزارين ڀينرن کان پنهنجا ڀائر جدا ٿيا آهن ۽ هزارين مائرن جا ڳڀرو پٽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري ويا آهن، اسان جي هن معاشري نه انهيءَ ماءُ جو درد ڄاتو آهي جنهن جا ڳڀرو پٽ راهه ويندي ماريا ويا نه وري وڇڙي ويل ور پٺيان ڪنهن بيواهه جي ڀڄندڙ چوڙين جو درد ڄاتو آهي، دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي ۽ اسان جو معاشرو ذات ۽ هٺ ڌرمي کي زنده رکڻ لاءِ ريتن ۽ رسمن جي پوئيواري ڪندو پيو اچي پر اسان وٽ الائي ڇو ائين سڀ ڪجهه هلندو رهي ٿو.
***
شهمير خان هاڻي هوريان هوريان زمين جي ڪم ڪارين کي ڏسڻ لڳو ۽ انهي ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، هن جو والد به هن جي انهيءَ ڪوششن کي ساراهڻ لڳو، هن پاڻ به پنهنجي قاضي، ڪمدارن ۽ مٿين کي زمين جو سڄو حساب ڪتاب هن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صبح جو سوير اٿڻ هن معمول بنائي ڇڏيو ۽ اٿي زمين جي سارسنڀال پاڻ ڪرڻ ويندو هو. ڪجهه ٽائيم هاڻي اوطاق تي به ڏيڻ لڳو، اوطاق تي ويهي ڳوٺ وارن جو ڳالهيون به ٻڌڻ لڳو، هن جي اوطاق تي ٽائيم ڏيڻ سان ڳوٺ وارا به هوريان هوريان هن جي ويجهو اچڻ لڳا ۽ هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳا. ائين ڏينهن به ڏينهن اوطاق تي شام جي ٽائيم رش وڌڻ لڳي جيڪي به ڳوٺ وارا اوطاق تي شام جي ٽائيم ايندا هئا ته انهن کي هاڻي چانهه جي ٽائيم چانهه ۽ ماني جي ٽائيم ماني ملڻ لڳي، جيڪي ڪم چور نوڪر هئا سي نوڪري ڇڏي ڀڄي ويا. هارين جو حساب ڪتاب جنهن جي هو پاڻ نظر داري ڪرڻ لڳو، جن هارين جي فصل مان بچت ٿيندي هئي انهن کي هو موقعي تي ڏئي ڇڏيندو هو، صبح جو سوير جڏهن زمين تي نڪرندو هو ته ڪمدار ڪڏهن ڪنهن هاري جي کل ڏيندي چوندو هو ته بابا سائين! هي فلاڻو هاري صفا ڪم چور آهي، ڪم نٿو ڪري توهان ئي ٿوري ڇنڊ ڏيوس. جواب ۾ شهمير خان چوندو هو ته ڪمدار اسان کي ڪم سان ڪم آهي جيڪڏهن ڪم نٿو ڪري ته هن کي ٺيڪ نموني سان سمجهائڻ تنهنجو ڪم آهي باقي اهو ڪم منهنجو نه آهي جيڪڏهن اڃان به نٿو سمجهي ته مان انهيءَ غريب کي گهٽ وڌ ڇو ڳالهايان؟، باقي تون پگهار ڇو ٿو کڻين، مان ڪمدار جي چوڻ ته نه لڳو آهيان ۽ نه وري لڳندس باقي اهڙي ماڻهو کي وچ ۾ جواب ڏيڻ بجاءِ جيئن ئي فصل لهي ته جواب ڏئي ڇڏيندو ڪر باقي اڳتي مون کي انهن جون شڪايتون نه ڏيندو ڪر. ڪمدار جيڪو پنهنجي حساب سان هارين کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته هي وڏيرو ڏاڍو سخت ماڻهو آهي، جڏهن ڪمدار جي ڀر ۾ بيٺل هارين وڏيري جون اهي ڳالهيون ٻڌيون ته دل ٻڌي وڏيري سان ملڻ اچن ٿا، ڪمدار وائڙن جيان ڪنهن مهل وڏيري کي ته ڪنهن مهل هارين کي ڏسندو رهي ٿو. ائين شهمير پنهنجي مضبوط ارادن سان اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ رخسانه به هاڻي باقاعده گهر هلائڻ لڳي ٿي، ڳوٺ مان ايندڙ غريب عورتون جيڪا به ٿوري گهڻي اميد سانڍي هن وٽ اچن ٿيون ته هوءِ به انهن جي اها اميد ڪوشش ڪري پورو ڪرڻ جي ڪري ٿي، ڳوٺ جون عورتون به هن جي ساراهه ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ رخسانه جي امڙ به هن سان هٿ ونڊائيندي رهي ٿي. وڏيرو اسحاق جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته هن جي ڪردار سان جيڪو گهر اجڙي ويو هو سو وري رونق وارو ڏيک ڏئي رهيو هو.
***
اها چانڊوڪي رات هئي رخسانه به هن سان گڏ ويٺي هئي، رخسانه هوريان هوريان هن کي چوڻ لڳي ته شهمير اڄ مون کي ڏاڍو مٿي ۾ سور آهي تون ڀل هت آرام ڪر مان وڃي ٿي امان کي چوان ته مون کي ٿورا زور ڏي ۽ وڃي گوري کاوان ٿي. ائين ئي ڪجهه دير ويهڻ بعد هوءِ اتان اٿي هلي وڃي ٿي ته ڪجهه دير کانپوءِ رخسانه جي والده شهمير وٽ اچي چوڻ لڳي ٿي ته پٽ رخسانه جي طبعيت خراب آهي، هن کي ٻه ٽي الٽيون ٿيون آهن. شهمير ڪنهن ڊاڪٽر کي گهرائڻ بجاء رخسانه کي گاڏي ۾ ويهاري ڳوٺ جي ويجهو لڳندڙ شهر ۾ رهندڙ ڊاڪٽرياڻي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ڊاڪٽر صاحبه ڪجهه دوائون ڏيڻ بعد شهمير کي ٻاهر اچي خوشخبري ٻڌائي ٿي ته ادا پريشان نه ٿيو گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، توهان ڪجهه مهينن بعد پيءُ ٿيڻ وارا آهيو! اها خبر جڏهن شهمير کي پوي ٿي ته خوشي سان گڏ حيرت ٿئي ٿي، هو جڏهن واپس گهر اچي ٿو ته رخسانه کي ته آرام اچي وڃي ٿو ۽ هي ڪجهه دير لاءِ بيڊ تي ليٽي پوي ٿو، هن کان ننڊ ڪوهين ڏور هلي وڃي ٿي ته هي ٻاهر نڪري اڱڻ ۾ ويهي ٿو، اڱڻ ۾ به هن کي مزو نٿو اچي هو ٻاهر اچي اوطاق جي ٺهيل بلڊنگ مٿان چڙهي وڃي ٿو ۽ چانڊوڪي جو مزو وٺندو رهي ٿو. هو سوچڻ لڳي ٿو ته چانڊوڪي ته مون کي تمام گهڻي وڻندي آهي، انهيءَ چانڊوڪي ۾ هن کي رابيل ڏاڍي ياد اچي ٿي ۽ هو موبائل هٿ ۾ کڻي هن جو نمبر ڊائل ڪري ٿو پر رابيل جو نمبر وري بند اچي ٿو، هو موبائل کيسي ۾ رکي سوچڻ لڳي ٿو ته واقعي رابيل جي بي انتها محبت مون کي به هن جي شدت ڀرئي پيار جو احساس ڏياري رهي آهي، هن جي پيار به مون کي به هن طرف ڇڪي ورتو آهي اها حقيقت آهي پيار ته ورلي ڪنهن کي ملندو آهي نه ته گهڻيون محبتون راهن ۾ رلي وينديون آهن. اڄ ئي مون کي تمام گهڻي هن جي ياد اچي رهي آهي نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آهي لڳي ائين پيو ته هو منهنجي من اندر ڇائنجي وئي آهي، بس اها ته سڀني کي خبر آهي ته محبتون جيڪي دلين کي وڪوڙي وينديون آهن بس جيڪڏهن اهي محبتون منزل تي نٿيون پهچن ته بس ياد ئي رهجي ويندي آهي. رابيل تنهنجي وفا مون کي توڏانهن ڇڪي وئي آهي، تو بن هاڻي مان ڪجهه به نه آهيان، اڳ ته مون کي احساس يا قدر نه هو ته محبت ڇا آهي...! پر هاڻي احساس آهي محبت زندگي آهي، تون منهنجي دل آهين تون منهنجي زندگي آهين، مان به تنهنجي ادائن ۾ زخمي ٿي پيو آهيان دل چوندي آهي ته رابيل تون مون کان پل پري نه هجين، منهنجي خوابن جي شهزادي مان تنهنجي سچي پيار آڏو هارجي ويو آهيان ۽ تون پيار جي هي راند کٽي وئي آهين، تنهنجي اعتماد جوڳيون ڳالهيون جيڪي وک وک تي مون کي مضبوط بنائي رهيون آهن، مان تنهنجي صلاحيتن ۽ اعتماد مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي تڏهن ته ماڻهو مون مان ڪجهه اميدون رکي رهيا آهن ۽ مان به تنهنجي دعائن سان جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهان ٿو ته اهو ٿي وڃي ٿو. مون کي دل ۾ تون ڏاڍو ياد ايندي آهين، الائي ڇو مون کي چانڊوڪي ڏاڍي وڻندي آهي، چانڊوڪي رات اڪيلائي ۾ مون کي وڌيڪ مزو ڏيندي آهي، دل چوندي آهي ته مان اڪيلي ۾ ويهي انهن راتين ۾ توسان روح رهاڻ ڪريان حالانڪه مون کي خبر آهي ته توکي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته مون تي کوڙ ساريون ذميواريون آهن ۽ ٻيو ته مان اڳ ۾ شادي شده آهيان، رخسانه منهنجو ۽ گهر جو تمام سٺي نموني خيال رکندي آهي، هوءِ ته منهنجي سامهون اڳيان ڪا فرمائش به نه رکندي آهي، مان ته هن جو ذري برابر خيال به نه رکندو آهيان پر پوءِ به هوءِ هن گهر سان بي انتها محبت ڪندي آهي جيڪڏهن سڀاڻي رابيل مون سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي ته مان رخسانه کي ڪهڙي ريت مطمئن ڪري سگهندس؟، هن جي اهڙي ڪابه ڪمزوري نه آهي جنهن کي مان جواز بڻائي رابيل سان شادي ڪيان تنهنڪري پنهنجي دل مان رابيل سان شادي ڪرڻ وارو خواب دل مان ڪڍي ڇڏيان ۽ هن کي سڌو جواب ڏئي ڇڏيان ته بهتر آهي پر هوءِ به ته مون سان ڪڏهن شادي واري مسئلي تي ڳالهائي به نٿي ۽ هوءِ ته مون کان ڪجهه گهري به نٿي گهري ٿي ته صرف ۽ صرف ڪجهه ٽائيم گُهري ٿي، جنهن ڪچهري ۾ هوءِ مون کي پنهنجن جيئان سمجهائي ٿي، غلط ڪمن کان روڪي ٿي، هن کي ائين ڪيئن ڇڏي ڏيان، هن ته وک وک تي هڪ عورت ٿي ڪري منهنجو ساٿ ڏنو آهي، مان ائين هن سان دوکو ته نٿو ڪري سگهان. ائين سوچيندي سوچيندي ڪافي دير ٿي وڃي ٿي هو دل ئي دل وچن ڪري ڇڏي ٿو ته جيڪڏهن هوءِ سڀني حالتن کي سمجهندي مون کي ڇڏي وڃي ٿي ته مان هن کي ڪابه ميار نه ڏيندس ۽ خاموش ٿي ويهي رهندس پر جيڪڏهن پاڻ ئي ڪو ٻيو رستو نڪري اچي ٿو ته هن کي مان حاصل ڪري وٺندس.
***