شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

ديباچو : غلام محمد لاکو

سنڌ جي تحريري تاريخ "چچ نامه" (613هه) کان شروع ٿي "لب تاريخ سنڌ" 1318هه تي ختم ٿئي ٿي. هڪ ته سڀني لکندڙن سنڌ بابت پنهنجا ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيا، ٻيو ته هڪ ٻن لکندڙن کي ڇڏي، سڀ تاريخ نويس، ايران ۽ مغربي ايشيا مان لڏي، سنڌ وطن ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ان ڪري انهن کي مقامي سنڌي سماج، سورهيائي، سخاوت، دليري، حب الوطني ۽ هتي جي رسمن رواجن، قبيلن ۽ مقامي راڄن متعلق مناسب ۽ گهربل ڄاڻ نه هئي. ان ڪري اهي لکندڙ سنڌ جي تاريخ ته پنهنجي حساب سان لکي ويا، پر خاص طرح سان اسان جي پنهنجي نج سنڌي سماج جي تاريخ تي دَزُ چڙهي وئي!
سنڌي سماج جي پنهنجي اتهاس، سورهين ۽ ڏاتارن بابت، ڪلاسيڪي شاعرن، لوڪ داستانن، مقامي روايتن ۽ پوءِ جي دور جي سگهڙن ذريعي، اسان تائين معلومات پهتي آهي. سنڌ جا ست سورهيه ڏهه ڏاتار، يعني جملي سترهن ڪردار معلوم ٿيا آهن، جن جي پنهنجي سنڌي سماج ۾ هڪ خاص اهميت آهي. هي سڀ ڪردار اٽڪل روءِ، سنڌ جي پنهنجي تاريخ جي سومرن ۽ سمن واري دور (1010ع - 1520ع) ۾ ٿي گذريا آهن. جس آهي معمور يوسفاڻي مرحوم کي، جنهن شايد پهريون ڀيرو عنوان تي ڪم ڪيو. سندس ڪتاب "ست سورهيه ڏهه ڏاتار" جي نالي سان ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب جي سعيي سان، سال 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ليڪن ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته عنوان تي وڌيڪ گهرائي ۽ جامع انداز سان ڪم ڪيو وڃي.
سنڌي سماج کي سمن سلطانن جي بادشاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ صدمو رسيو. تاريخ، تهذيب، ٻولي ۽ اقتصاديات کان علاوه اسان جي سڃاڻپ جا ذريعا به گم ٿيندا ويا. اهل سنڌ جي حسب نسب جا ڄاڻو شجرا، پريون ۽ پيڙهيون رکندڙ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، راجسٿان ۽ ڪي ته اڃا به وچ هندستان ۽ پوءِ حجاز مقدس ڏي هليا ويا. ائين سنڌي قبيلا پنهنجي درست ڄاڻ سڃاڻ کان محروم رهجي ويا.
قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ تاريخ تي جيڪو ڪم ڪيو، ان ذريعي سنڌ جي سياسي تاريخ تان ڪي قدر دَزَ لٿي. ادبي بورڊ لاءِ جن عالمن ڪم ڪيو، انهن بلاشڪ وڏو تاريخي ڪم ڪيو. ليڪن هيءَ به حقيقت آهي ته مقامي ماڻهن جي حسب نسب ۽ اصليت بابت، شايد ڪم ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي.
هن وقت سنڌ ۾ آباديءَ جو هڪ وڏو سيلاب آيو آهي. برمي، بنگالي، افغاني ۽ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون قومون سنڌ جي مالڪ هجڻ جون دعويدار آهن. وقت جا حڪمران سنڌ اسيمبليءَ ۾ خود هن حقيقت جو اقرار ڪن ٿا. ليڪن اهي عملي طرح سان ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن. ان پس منظر ۾ سنڌ جي فرزندن (Sons of Soil) جو گذر سفر ته تنگ ئي رهيو آهي، پر انهن جي وجود ۽ بقاءَ جو سوال پڻ ڪَــر کڻي اڀريو آهي. اسان جي نوجوان جو ڳڀي جي ڳولا سان گڏ، هي به هڪ سوال آهي ته اسان ڪير آهيون، ابو ڏاڏو، اصليت، وطنيت ۽ حسب نسب! موجوده دور ۾ ڊاڪٽر لعل بخش نائچ ۽ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ، هن سوال تي ڪم ڪندي هن نتيجي تي پهتا آهن ته، سنڌ جي فرزندن جو سلسلو حضرت نوح جي پوٽي حضرت سنڌ سان ملي ٿو. هن نقطهءِ نظر تحت ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جو ڪتاب "حضرت سنڌ" جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي. هي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيو، ۽ 2008ع ۾ ان جو اردو ايڊيشن شايع ٿيو. هن ڏس ۾ گذارش هيءَ آهي ته هن نظرئي متعلق وڌيڪ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اصل ۾ اهي ئي سوال آهن، جن جي پس منظر ۾، سنڌ جي "سورهين ۽ ڏاتارن" جي باري ۾ کوجنا ۽ تحقيق جي راه هموار ٿي رهي آهي. فارسي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ کان علاوه هتي جي داستانن ۽ قصن کي نثر توڙي نظم ۾ پڻ قلمبند ڪيو ويو. ان کان سواءِ سنڌي قبيلن ۽ راڄن بابت فارسي زبان ۾ پڻ لکيو ويو، ۽ ڪجهه ڪتاب يا نسب نامه تيار ڪيا ويا. ليڪن ان نوعيت جو مواد ڇپجي نه سگهيو آهي. ان هوندي به سنڌ جي راڄن ڀاڳن ۽ مختلف قبيلن جي چڱن مڙسن وٽ سنڌ جا نسب نامه موجود آهن. ڪاش اهي اهل علم جي هٿن تائين پهچن ۽ مطالعي هيٺ اچن. ان ريت سنڌي سماج جي غير مبهم تاريخ ڪي قدر نروار ٿي سگهندي!
سنڌ جي مشهور سورهين ۽ ڏاتارن جو تعلق هيٺين سنڌ (لاڙ ۽ ٿر) ۽ ڪڇ سان هو. ان دور ۾ سرحدي حدبندين جو نه هجڻ، يا وري بين الاقوامي طور تي سرحدن جي مقرر نه هئڻ ڪري، ڪڇ ۽ سنڌ طرف ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. ٻي ڳالهه ته ٻنهي طرف سمن (سماٽ) جا راڄ ڀاڳ آباد هئا. ان پس منظر ۾ ڪڇ علائقي سان اسان جو هڪ قسم جو جذباتي لڳاءُ رهندو اچي. 1965ع جي جنگ کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪڇ جي سرحدي حدبندي لاءِ هڪ بين الاقوامي ڪميشن مقرر ٿي. نتيجي ۾ جيڪا حدبندي ٿي، ان ۾ سومرن جو تختگاهه "وڳهه ڪوٽ" سنڌ بجاءِ ڪڇ کي مليو. هن ڏس ۾ خانصاحب عبدالله چنا "رڻ ڪڇ جو ڪيس" مضمون لکي ايندڙ نسلن جي رهبريءَ لاءِ مواد ڇڏيو آهي (مهراڻ، نمبر 3، 1968ع). باوجود ان ٺاهه (حدبندي) جي، اڄ به ڪڇ سان سر ڪريڪ (اصل ۾ سِـير آهي) جو مسئلو هلندڙ آهي. نامور اسڪالر ايم. ايڇ پنهور چوندو هو ته، هونئن ته ون يونٽ جي عرصي ۾ سنڌ سان ڪيئي ناانصافيون ٿيون، البت اسان کي ان دور ۾ ٻه وڏا نقصان ٿيا. هڪ درياهي پاڻيءَ تي ڌاڙو ۽ ٻيو ڪڇ ۾ سرحدي حدبنديءَ ۾ ناانصافي. ڪڇ سان اسان جي انتهائي قريبي لاڳاپن جي پس منظر ۾، خود پنهور صاحب "سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا" جي عنوان سان هڪ شاندار مقالو لکيو (مطالعو سنڌ جو، حصو ٻيو، 2004ع). پنهور صاحب پنهنجن ڪتابن ۾ به رڻ ڪڇ کي خاص اهميت ڏني آهي. محمد سومار شيخ جو ته ڪڇ سان ازلي عشق هو. هن عنوان تي پاڻ "ڪڇين جا قول" ۽ "ڪڇ جو رڻ" نالي سان ڪتاب تيار ڪيائين. سنڌ ۽ ڪڇ جي گڏيل مفادن جي حوالي سان انگريزن گهڻي دلچسپي ورتي. هن ڏس ۾ جيمس برنس ۽ جيمس برگس خاص طرح قلم کنيو. موجوده دور ۾ ڪڇ ۽ گجرات ۾، سنڌ ۽ ڪڇ تعلقات توڙي ٻنهي علائقن جي گڏيل ثقافتي ورثي بابت، ٿيندڙ ڪم جي في الوقت مون کي معلومات ڪانهي.
منهنجي ڄاڻ موجب سنڌ جي سورهين ۽ ڏاتارن ۾ سڀ کان وڌيڪ "لاکو ڦلاڻي" تحقيق، تحرير ۽ مطالعي هيٺ آيو آهي. سنڌ ۾ پيدا ٿيل سخين ۽ بهادرن ۾ "لاکو ڦلاڻي" هڪ منفرد ڪردار آهي. سچائي، سورهيائي، بهادري ۽ دليريءَ ۾ جهڙس ڪو ٻيو ڪردار ڪونهي. هڪ شاعر چواڻي:
جهونـي تـون پـــراڻ، جـڳ ڇــٽــيـهــه ســنــبــرين،
تـــو ڪـــي ڏٺــا هـــاڻ، لاکــي جــيــهــا پــهــيــڙا.
منهنجا عزيز جناب بخش علي لاکو، استاد مير حسن لاکو ۽ فقير محمد لاکو، ورهين کان منهنجو ڌيان "لاکو ڦلاڻي" طرف ڇڪائيندا رهيا. ليڪن ڪجهه ٻين علمي ڪمن ۽ سنڌ جي حسبن نسبن جي گهٽ ڄاڻ سبب، آءٌ هن ڪم کي پاسيرو رکندو پي آيس. جڏهن مطالبو شدت اختيار ڪري ويو، تڏهن لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڪتاب جي تياريءَ جو ڪم، مون پنهنجي فاضل دوست قاضي مقصود احمد جي حوالي ڪيو. قاضي صاحب سنڌ جي تاريخ جو ٺيڪ ٺاڪ ادراڪ ۽ شعور رکي ٿو. هن نوجوان کي سنڌ جي مقامي قبيلن جي شجرن بابت سٺي ڄاڻ آهي. منهنجي گذارش کي مان ڏنائين ۽ هي ڪم ڪندي لاڳيتو صلاح مصلحت ۾ به رهيو. هن تاريخي ڪم جي تڪميل تي آءٌ کيس مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو.

[b]غلام محمد لاکو
[/b]5 مارچ 2009ع
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو