شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

لاکو ڦلاڻي ۽ طـِـلا پرس : مير طاهر محمد نسياني

سنڌ جي انهن سڄاڻ ماڻهن کان، جيڪي پنهنجي سياڻپ ۽ سبيتائيءَ جي ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ائين ٻڌو ويو آهي ته ساموئي نگر جي سمن مان لاکي ڦلاڻيءَ نالي هڪ سورمو ٿي گذريو آهي. اهي سمان پنهنجيءَ پر موجب هندو توڙي مسلمانن جي هٿن جو پڪل کاڌو کائڻ ۾ ڪوبه عار نه ڪندا هئا. جوڳين جي پوڄا ۽ مٿن حد کان وڌيڪ ويساهه رکڻ به سندن اصلوڪي ريت هئي.
هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن حڪومت جي نوبت انهيءَ قبيلي جي حاڪمن مان ڦرندي ڦل جي پٽ لاکي سمي تائين اچي پهتي هئي. قضا سان انهيءَ زماني ۾ ڪو اهڙو جوڳي پيدا ٿيو، جنهن کي جهنگ جي جڙين ٻوٽين جي خاصيتن جي پوري ڄاڻ هئي. هڪ دفعي هن کي جهنگ ۾ ڦرندي ڪو ڌنار مليو، جنهن اتي ٻڪريون پئي چاريون. ڪڇ جي انهيءَ جهنگ ۾ جڙيون ٻوٽيون جام ٿينديون هيون. ڌنار سان ڳالهائيندي جوڳيءَ کي هڪ ٻڪري ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي ٻوٿ تي ڪنهن ٻوٽيءَ جي ڳاڙهاڻ لڳل هئي. هن اک وٺي ان ٻڪريءَ جي تاڙ ڪئي. کيس پتو پيو ته اها ٻڪري هڪ اهڙي ٻوٽيءَ تي هريل آهي، جنهن جي کائڻ سان هن جو سڄو وات ڳاڙهو ٿي پوي ٿو. ان کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوٽيءَ جي ويجهو نٿي وڃي. هن اٽڪل سان اها ٻوٽي پاڙؤن پٽي ڪڍي پاڻ وٽ رکي. انهيءَ ٻوٽيءَ ۾ اها خاصيت هئي ته جيڪڏهن ان کي ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ باهه ۾ ڦٽو ڪيو ٿي ويو ته اهو ماڻهو سڄو سونو ٿي پئي ويو. انهيءَ سوني ماڻهوءَ جو ڪوبه عضوو وڍي الڳ ڪرڻ تي ٻئي ڏينهن اهو وري اڳ وانگي سڄو ٿي ويندو هو. اهو راز رڳو ان جوڳيءَ کي ئي معلوم هو. ٻوٽيءَ مان ڪم وٺڻ لاءِ هن کي ساڳيو ڌنار مناسب نظر آيو ۽ سڌو وڃي ان جو پاسو ورتائين. اها نيت ڪري ته جيئن کيس ريهي ريبي ٻوٽيءَ سان گڏ باهه ۾ اڇلائي، سولي نموني پنهنجو مطلب پورو ڪري سگهي. آخر ڌنار کي وڪڙ ۾ آڻي کيس چيائين ته آئون باهه جو مچ ٻاري پوڄا ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن تون به مون سان گڏجي پوڄا ڪندين ته تنهنجا پاپ به پُـڃ ٿي پوندا.
ڌنار به اتان جي ننڍي وڏي وانگي جوڳين ۾ ويساهه رکندڙ هو، انڪري جوڳيءَ جي چوڻ تي ان سان شامل ٿيڻ جي هام ڀريائين. جڏهن مچ تيار ٿي ويو ته جوڳيءَ، ڌنار کي چيو: اچ ته هاڻ ٻئي گڏجي مچ جي چوڌاري ڦيرا پايون. ڌنار کي پنهنجي نيڪ نيتيءَ جي ڪري اڻ ڄاڻ هوندي به عقل اچي ويو ته جوڳيءَ پنهنجي اندر ۾ متان ڪا سٽ نه سٽي هجي! ان ڪري چڱو ائين آهي ته هي ڀلي اڳ ۾ هلي، آئون سندس پويان پيو ڦيرا پائيندس. جوڳي پاڻ اڳيان ٿيو ته ڌنار هڪ ٻن ڦيرن کان پوءِ پنهنجي جان جي خوف کان ان کي ڌڪو ڏئي اڳتي وڌي ويو ۽ هو جڙي ٻوٽيءَ سميت وڃي مچ ۾ پيو.
ڌنار پوئتي نهاري پڪ ڪئي ته جوڳيءَ جو ورڻ مشڪل آهي، پوءِ اهڙو ته کڙين تي وٺي زور رکيائين جو ڄڻ انهيءَ جوءِ ۾ آيو ئي ڪونه هو. وري ڪيترن ڏينهن تائين انهيءَ پاسي مال چارڻ ويو ئي ڪين.
نيٺ هڪ دفعي دل ٻڌي جهنگ جو گس ورتائين، جڏهن مچ واري هنڌ تي پهتو ته اتي رڳي رک پيل ڏٺائين. دل ۾ چوڻ لڳو: هتي ته سڀ ڪجهه سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي. هن وقت هتي ڪوبه ڪونهي، تنهنڪري ڇو نه انهيءَ رک مان هڏا ڪڍي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي پوري ڇڏجن، جيئن سڀاڻي ڪنهن کي به اها ڪل پئجي نه سگهي ته هتي ڪجهه ٿي چڪو آهي. ائين ڪندي پير سان رک اٿلائڻ لڳو: ڇا ڏسي ته ان ۾ هڏن بدران جوڳيءَ جو سڄو بت سونو ٿيو پيو آهي ۽ ڏاڍا جرڪاٽ پيو ڪري! هن کي ڏاڍي حيرت لڳي ته قدرت ڪهڙو نه عجيب ڪرشمو ڪري ڏيکاريو آهي. پر هاڻ جيڪڏهن هي سمورو سون پنهنجي گهر کڻي ويندس ته سڄي ڳالهه ظاهر ٿي پوندي ۽ جي هتي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندس ته ٻئي ڪنهن جي هٿ لڳي ويندو. آخر گهڻي سوچ کان پوءِ ڪهاڙيءَ سان (جنهن کي هتان جا رهاڪو هٿيار طور ساڻ کڻي هلندا آهن) جوڳيءَ جي سوني بت مان هڪڙو عضوو وڍي گهر کڻي آيو، باقي بت اتي ڪٿي ڪنڊ پاسي ٿانيڪو ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن وري جاچ لهڻ لاءِ اتي آيو. ڏٺائين ته وڍيل عضوو ساڳيءَ طرح سڄو ٿي ويو آهي جيئن اڳ هو. ڏاڍو اچرج لڳس ۽ دل ۾ چيائين، هيءَ ته ڪالهه کان به وڏي ڳالهه آهي! بهرحال مون کي هن مان ٿورو ڪي گهڻو کٽائي پڇاڙيءَ لاءِ پاسيرو ڪري رکڻ کپي. پوءِ وري ان سوني بت مان ٻه ٽي عضوا ٻيا الڳ ڪري گهر کڻي ويو. اهڙيءَ ريت روزانو سون گهر ۾ آڻيندو رهيو، ٿوري وقت ۾ سندس سڄو گهر سون سان ڀرجي ويو. هيڏو سارو سون گهر ۾ ڏسي وري ڳڻتي ورائي ويس. جڏهن ڪو ٻيو چارو نه ڏٺائين ته لاکي ڦلاڻيءَ وٽ وڃي کيس هن ساري روئداد کان واقف ڪيائين. لاکي پهريائين ته ويساهه ئي نٿي ڪيو، پر پوءِ جيئن پڪ ٿيس ته هڪدم پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري اتي اچي پهتو ۽ اهو لقاءُ اکين سان ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويس. اوڏيءَ مهل سڄو سونو بت پنهنجي گهر کڻائي آيو. تنهن ڏينهن کان پوءِ هر روز ان سوني بت مان هڪڙو عضوو وڍي ڪتب آڻيندو رهيو. هن کي يقين هو ته اهو الاهي خزانو کٽڻ وارو ناهي، ان ڪري دل کولي اهو سون خلق جي ڀلائيءَ ۾ خرچ ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت ۾ سندس ناماچار انهن راڻن ۽ راجائن کان وڌي وئي، جيڪي هن کان وڌيڪ ناميارا ليکيا ٿي ويا. هيءُ پاڻ کي انهن کان مٿاهون سمجهي، ويتر وڌيڪ خير جا ڪم ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو سج اڀرڻ سان سوا لک جيترو سون خيرات ڪري پوءِ ڏندڻ پاڻي ٿي ڪيائين. جيستائين جيئرو هو، تيستائين ائين ڪندو رهيو. جڏهن سندس هالاڻيءَ جا ڏينهن ويجها آيا ته انهيءَ اڻ کٽ قدرتي خزاني کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ بدران طلسم ذريعي "جهرڪ جهرڪي" نالي ٻه چشما تيار ڪرائي انهن ۾ اهو پتلو لڪائي ڇڏيائين. اها اوکا پوکا لاهي، پوءِ سڀني کي هدايت ڪيائين ته اها امانت اتي ئي سوگهي رهي جتي رکي وئي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کي نه ڏني وڃي. هيءُ پاڻ وڏو سخي هو، ان ڪري اهي چشما خدا جي حڪم سان اڃا سوڌا ماڻهن جي هٿ چراند کان حفاظت ۾ رهندا اچن ٿا.
مرزا شاهه حسن جڏهن اهو قصو ٻڌو ته (گرڙ وانگي) سندس وات مان گگ وهڻ لڳي، هڪدم ڏاڪا ٻڌي انهن چشمن ڏانهن چڙهي ويو ۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ٻنهي مان هڪڙي چشمي تي (جنهن لاءِ اتان جي ماڻهن کيس پڪ ڏياري هئي ته انهيءَ ۾ ئي اهو سونو بت (طـِـلا پرس) موجود آهي) نار ٻڌي سمورو پاڻي ٻئي چشمي ڏانهن وهايو وڃي ۽ جيئن چشمي جو تر ظاهر ٿئي ته هڪدم اهو سونو بت ڪڍي وٺجي. ماڻهن چشمي تي نار ٻڌي بيگار وهڻ شروع ڪري ڏني. هڻندي ماريندي جڏهن چشمي جو تر ظاهر ٿيو ته سوني ماڻهوءَ جو بت (طـِـلا پرس) ڏسي هرڪو خوش ٿيو، پر سج لهڻ ڪري ان کي اتي ڇڏي مٿان پهريدار بيهاري هليا ويا. ٻئي ڏينهن جيئن ان کي اتان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائون ته طـِـلا پرس اک ڇنڀ ۾ انهيءَ چشمي مان اڏامي وڃي ٻئي چشمي اندر پيو. ماڻهو وري ان چشمي مان پاڻي ڪڍڻ لڳا، پر جڏهن پاڻي کپي ويو ته طـِـلا پرس وري ساڻن اها تعدي ڪرڻ لڳو، هن خالي ٿيل چشمي مان اڏامي وڃي ڀريل چشمي اندر ٿي گم ٿي ويو. ائين واري واري سان پاڻي ڪڍندا رهيا، ته من اهو سونو بت (طـِـلا پرس) هٿ لڳي وڃي، پر هر ڀيرو ساڻن ساڳي ڪار ٿيندي رهي. آخر سڀ ڪو بيزار ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيو.
مرزا شاهه حسن کي به پڪ ٿي ته اهو طلسم آهي ۽ ڪنهن کي به سونو بت هٿ اچڻو ناهي، تنهنڪري هن به آسرو پلي ڇڏيو ۽ بيگار وارن جي جند ڇڏيائين. هوڏانهن ڪڇ جا سرڪش سما جڏهن شاهه حسن جو مقابلو نه ڪري سگهي ته صلح جي لاءِ چڱن مڙسن کي وچ ۾ آڻي هر سال ڏن پهچائڻ جو وعدو ڪيائون ۽ سندن پلوَ آجا ٿي ويا. جيڪا ڪوتاهي بروقت کانئن ٿي چڪي هئي، تنهن جا به ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏنائون. اهڙيءَ طرح مغلن جي مارا ماري کان بچي ويا. شاهه حسن پوءِ ٺٽي واپس اچي، وري ملتان تي ڪاهي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو.

[b](تاريخ طاهري، فارسي زبان ۾ 1621ع ۾ لکي وئي. سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ فارسي ڪتاب شايع ڪيو. بعد ۾ نياز همايوني جو ڪيل سنڌي ترجمو 1988ع ۾ ڇپيو)[/b]