شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

لاکو ڦلاڻي ۽ مهر راڻي : سليم ڀٽو لطيفي

لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل اڳئين مضمون ۾ مهر راڻي جي ڪردار کي ڄاڻي واڻي پاسيرو رکيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته لاکي جي ڌاڙيل دور سان هن عورت جو ڪوبه سڌو واسطو نه هو ۽ نه ئي هن ڪردار جي حيثيت لاکي جي لوڙين سان ايتري اهم هئي، جيتري جسمان اوڏڻ ۽ لاکي جي دوستن جيسي ۽ جيسراج يا راءِ کنگهار ۽ چنچل ريٻارڻ جي هئي. هن مضمون جي عبرت مئگزين ۾ ڇپجڻ کان پوءِ هڪ مهربان دوست خط لکي مهر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻي يا راءِ لاکي جي ڪردارن بابت سوال ڪيا آهن. هي دوست خالد زمان ڪنڀر، نوهٽو مهراڻو جو رهواسي آهي. هن دوست، مهر راڻي ۽ راءِ لاکي جي ڪردارن کي عشقيه داستان ڪوٺيو آهي. لاکي ڦلاڻي ۽ راءِ لاکي متعلق به ٻه الڳ ڪردار هئڻ يا هڪ ئي ڪردار هئڻ جي تحقيقي وضاحت جي ڳالهه ڪئي آهي. انهن ڪردارن ۽ ڪهاڻيءَ سان تعلق رکندڙ ماڳ مڪانن جي جاگرافيائي نشاندهي ڪئي آهي ۽ آخر ۾ هڪ بيت جي پڙهڻيءَ تي به پنهنجي راءِ ڏني آهي.
هنن سوالن جي مدنظر هن وقت تائين جيتري به تحقيق ٿي آهي ۽ جيڪي به ڪردار ۽ ڪهاڻيون زير بحث آيا آهن، تن جي حقيقت ۽ شاهه سائينءَ جي رسالي جي بيتن ۾ موجود شاهديون گهٽ ۾ گهٽ هن ڳالهه تي متفق آهن ته لاکا ڀل ڪيترا به هجن، پر سر ڏهر ۾ جنهن لاکي جو ذڪر اچي ٿو، سو لاکو ڦلاڻي آهي. جيئن ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي رسالي جي صفحي 74 تي لکن ٿا ته "اڳئين وقت جي وڏي، ارڏي ۽ اڻٽر سردار لاکي ڦلاڻي جي ڳڻن، ڳالهين ۽ ڏاڍاين جا اهڃاڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهن. سندس ڳڻ اهي جو غريب اوڏڻ سان پرڻيو ۽ اوڏن جي لــڄ پت رکيائين ۽ کين پاڻ وٽ اجهو ۽ اوٽ ڏنائين. سندس ڏاڍائي اها جو هر طرف هلائون ڪري مال ڦري ڪاهي راڄن کي لڏايائين، ريٻارين ۽ جاڙيجن جا ته وڳ ڪاهيائين، پر اهي راڄ جيڪي ملڪ جي حاڪم راءِ کنگهار جي پناهه هيٺ هئا، تن جون به لوڙيون هنيائين." ڊاڪٽر بلوچ صاحب به سر ڏهر ۾ ذڪر هيٺ آيل لاکي کي لاکو ڦلاڻي لکيو آهي ۽ ان جي حقيقت حاڪم ۽ بادشاهه واري نه پر هڪ سردار واري ڄاڻائي آهي، جنهن سان راءِ کنگهار، ريٻاري ۽ اوڏ، ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾، سلهاڙيل لکيا آهن. اهڙي ئي حقيقت جو اظهار حاجي ٻانهون خان پنهنجي رسالي جي صفحي 228 تي هن طرح ڪيو آهي: "...لاکو، جيڪو پنهنجي پيءُ يا ڏاڏي جي نالي "ڦل" جي نسبت سان ڪڏهن لاکو ڦل يا ڦلاڻي سڏيو ويندو هو، اهو ڪڇ جي علائقي جو هڪ سورهيه سردار هو، پر ڪڇ ڀڄ جي حاڪم راءِ کنگهار جاڙيجي سمي جي غلط فيصلي سبب جيڪو هن لاکي جي ساٿين جيسي ۽ جيسراج جي قاتلن (جيڪي ذات جا ريٻاري هئا) جي حق ۾ ڪيو، ڪاوڙجي لوڙائو يعني ڌاڙيل ٿي پيو. لوڙائو ٿيڻ جي دور ۾ هن جسمان نالي هڪ اوڏ قوم جي عورت سان شادي ڪئي. جيتوڻيڪ کيس زال "مهر راڻي" اڳي هئي". ڊاڪٽر بلوچ جي بنسبت حاجي ٻانهون خان، لاکي کي پيءُ يا ڏاڏي جي نسبت سان ڦلاڻي سڏيو آهي ۽ لاکي جي لوڙين جو سبب ساٿين جيسي ۽ جيسراج جي قتل کي ڄاڻايو آهي. راءِ کنگهار ۽ ريٻارين سان لاکي جي اختلافن جو سبب به ساٿين جي قتل واري واقعي کي ئي لکيو آهي. جسمان اوڏڻ سان لاکي جي شاديءَ جو ذڪر به ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت مهر راڻيءَ کي لاکي جي زال به لکيو آهي.
لاکو ڦلاڻي، جيڪو سر ڏهر جي زيربحث ڪهاڻيءَ جو سورمو آهي، تنهن کي نالي وارن محققن لاکو ڦلاڻي ئي لکيو آهي ۽ گهڻو ڪري سڀني محققن مٿي ڄاڻايل ڪهاڻي ۽ ڪردارن کي ساڳئي پسمنظر ۾ پيش ڪيو آهي. انهن محققن ۾ شيخ محمد اسماعيل، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، فقير محمد لاشاري وغيره شامل آهن ۽ معمور يوسفاڻي، لاکي ڦلاڻي ۽ مهرراڻيءَ جي تعلق تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. مطلب ته هن سر ۾ هڪڙو لاکو آهي ۽ اهو لاکو ڦلاڻي آهي ۽ شاهه سائينءَ هن ڪردار کي ڪجهه بيتن ۾ "لاکو ڦلاڻي" ۽ ڪجهه بيتن ۾ صرف "لاکو"، ڪجهه بيتن ۾ "ڄام" ۽ "راءِ" جي لقب سان به ذڪر ڪيو آهي، جيئن:
لاکا لک هئا، ڦلاڻيءَ ڦير ٻئو،
آجا اوڏ ٿئا، پلي لڳي جنهن جي.

لاکا لڄ سندياءِ، اوڏ اگلـي آهيان،
پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏئا.

ڀـڄئان ڀلي پير، وڌو راءَ رڪاب ۾،
ڪڇ رهـندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿيو.

ڍنـگهـر ڍلـو مَ ٿـئـي، اڏئو جو اوڏن،
جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
مٿي ڄاڻايل شاهدين ۽ رسالي جي بيتن جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو ته شاهه، سنڌ جي سورهيه ۽ بادشاهي ڪردارن کي اصل نالي کان سواءِ چند ٻين نالن سان به سڏيو آهي ۽ اهڙا نالا انهن ڪردارن جي خاصيتن ۽ خوبين سبب يا علائقائي نسبت سبب سڏيا ويا آهن، جيئن شاهه سائين سر مومل راڻو ۾ راڻي جي ڪردار کي سوڍو، ڍولو، ڍاٽي ڍول، ڌوج ڌرتيءَ جا ڌڻي، ڪامل ڌڻي، راءِ، ڍٽ ڌڻي وغيره جي لقبن سان زير بحث آندو آهي. اهڙيءَ طرح ميهار کي ساهڙ، ساهڙ ڄام، سنگهار، وڇار، پي، ٻيلائي ۽ هوت به سڏيو آهي. چنيسر کي ڄام، داسڙو، وينجهار، ڍولا، راءِ ۽ ريسارو راڄڻ جي نالن سان ذڪر ڪيو آهي. سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ وري راءِ ڏياچ کي داتا، راڄيا، ڏاتار، ملوڪ، ملڪ ڌڻي ۽ گهوٽ سڏيو آهي. سر ڪاموڏ ۾ ڄام تماچيءَ کي تڙ ڌڻي، راءِ، راجا، ڄام ۽ تڙ راءِ جهڙن نالن سان ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح پنهونءَ کي ڪامل ڌڻي، ڄام، ڪوهيارل، ٻاروچو، آري، سردار، ڪيچ ڌڻي ۽ هوت وغيره جي نالن سان بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، مطلب ته انهن ڪردارن جا اهي نالا سندن خوبين، حيثيت ۽ علائقائي نسبت سبب آهن ۽ شاهه صاحب پيار ۽ پنهنجائپ سبب انهن ڪردارن کي سٺن نالن سان ذڪر ڪيو آهي، تنهنڪري لاکي جي معاملي ۾ به لاکو، ڦلاڻي، راءِ ۽ ڄام جهڙن نالن ۾ منجهي ٻـن الڳ ڪردارن تي نه سوچڻ گهرجي، پر لاکو هڪ ئي ڪردار آهي ۽ سندس ٻيا نالا به ائين آهن، جيئن ٻين ڪردارن جا آهن.
ٻيو اختلاف رسالي جي بيت جي پڙهڻيءَ متعلق آهي:
لاکـا لـک سـُڄن، ڦـلاڻــي ڀـيـر ٻـئـو،
جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڀر ڪنبـن،
جنهن جو جاڙيجن، ستي سنڪو نه لهي.
هن بيت ۾ پهرين سٽ جي لفظ "ڀير" ۽ آخري سٽ جي لفظ "سنڪو" تي لکندي خالد زمان ڄاڻايو آهي ته "...لطيف سائينءَ جو اهو بيت اسان وٽ هيئن پڙهيو ويندو آهي.... لفظ "ڀير" جي معنيٰ آهي منهن مهانڊو، مزاج ئي ٻيو آهي، جڏهن ته رسالن ۾ لفظ "ڀير" جي بجاءِ "ڦير" لکيل آهي ۽ معنيٰ نوع، نمونو وغيره لکيل آهي. لفظ جي معنيٰ Context ۾ ساڳي بيهي ٿي، پر شاهه صاحب جي بيت کي پڙهندي هڪ ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته بيت جي ٻوليءَ ۾ تجنيس حرفي هڪ حاوي خوبي آهي ۽ اها متاثر نه ٿيڻ گهرجي. تجنيس حرفي شاهه سائينءَ جي بيت جي بنيادي سڃاڻپ آهي. رسالي ۾ اهڙا بيت گهٽ ملندا، جن ۾ تجنيس حرفي نه رکيل هجي.
آخري اختلاف آهي مهر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي عشقيه داستان متعلق ته هن ڏس ۾ حاجي ٻانهون خان پنهنجي رسالي ۾ هن قصي جي تصديق ڪئي آهي ۽ معمور يوسفاڻي پنهنجي ڪتاب "ست سورهيه ڏهه ڏاتار" (شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جا تاريخي ڪردار) تفصيلي طور صفحي 88 کان صفحي 93 تائين هي ذڪر ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪي واقعا مختلف روايتن ۾ ٿورو گهڻو فرق ۾ ٿي سگهن ٿا، پر ڪهاڻيءَ جو بنيادي تاڃي پيٽو ۽ ڪردار ساڳيا آهن. ڪهاڻي ڪجهه هن طرح آهي: "ڪنهن زماني ۾ نهٽي تي راٺوڙن جو راڄ هو ۽ مهر راڻي راٺوڙن جي سردار جي ڌيءَ هئي. هن پنهنجي شاديءَ لاءِ ڪي شرط رکيا هئا، جيڪي لاکو ڦلاڻي پورا ڪري سگهيو ۽ ڪڇ کان ڄڃ وٺي سنڌ ۾ اچي "مهر راڻي" سان شادي ڪئي. هن عورت جو ڪردار ڪجهه مشڪوڪ رهيو ۽ ڪي ڪوڙيون سچيون ڳالهوين لاکي ڦلاڻيءَ تائين پهتيون، جنهن سبب لاکي ڦلاڻيءَ، مهر راڻيءَ کان منهن موڙيو. لاکي جي اهڙي ورتاءَ تي مهر راڻيءَ کي ڏک رسيو ۽ هن لاکي جي خدمت ۾ پهچي کيس عرض ڪيو ته سردار منهنجو عرض آهي ته مون ڏانهن جيڪي به ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون منسوب آهن، اهي خدا جي واسطي مون کي بخش ڪر.
مهر راڻيءَ جو عرض ٻڌي لاکي هن کي معاف ڪيو ۽ وري هن ڏانهن ڌيان ڌريو. ان کان پوءِ لاکو ڦلاڻي، مهر راڻيءَ سان اهڙي نموني هليو جو مهر راڻيءَ سمجهيو ته ڄڻ ته لاکي هن جا سڀ ڏوهه معاف ڪيا هجن. مهر راڻيءَ کي ڏوهه بخش ڪرڻ کان پوءِ لاکو ساٿين کي ساڻ ڪري ڪڇ ڏانهن موٽيو. انهيءَ ڏس ۾ ڪافي وقت گذري ويو ۽ لاکي، مهر ڏانهن موٽڻ ۾ دير ڪئي ته مهر راڻي لاچار ٿي لاکي ڏانهن ريٻارو (قاصد) روانو ڪيو، جنهن لاکي کي مهر جون آزيون ۽ نيزاريون پيش ڪيون ۽ سردار لاکو موٽي مهر وٽ آيو ۽ کيس اهڙو ته قرب ڏنو ۽ ڪهل ڪئي جو مهر هر وقت پنهنجين هڪ جيڏين سان ور جي واکاڻ ۾ رڌل رهندي هئي.
لاکي جي عادت هوندي هئي ته هو جڏهن به مهر وٽ موٽي ايندو هو ته مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان کماچ تي راڳ ٻڌندو هو ۽ کيس دل گهريو دان ڏيندو هو. هڪ دفعي لاکو، مڱڻهار جي راڳ کان ايترو ته خوش ٿيو جو کيس چيائين ته "اڄ جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر." اٺ گهوڙا ۽ مال ملڪيت ته اڳ ئي کيس اڻ گهريا مليا ٿي، سو مڱڻهار ويچارو مت منجهائي بيٺو. مڱڻهار کي اوڻو جهوڻو ڏسي مهر راڻي مٿس قياس ڪري پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل قيمتي هار ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهو گهر. گهڙي پل بعد لاکي، مڱڻهار کان سندس مرضي معلوم ڪئي ته مڱڻهار چيو "بس سائين، اوهان جي مهر کپي" ۽ آڱر سان مهر راڻيءَ جي ڳچيءَ ۾ پيل قيمتي هار ڏانهن اشارو ڪيو، جيئن مهر کيس سمجهايو هو، پر لاکي غلطيءَ سان سمجهيو ته مڱڻهار جو اشارو مهر راڻي ڏانهن آهي ۽ مهر راڻي ٿو گهري ۽ شايد مهر راڻيءَ جي به مرضي آهي، سو هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ مڱڻهار کي چيائين ته "مون مهر توکي ڏني، اڄ کان پوءِ مون تي حرام آهي." لاکي جا اهي لفظ ٻڌي مڱڻهار چيو ته سردار مون ته مهر راڻي جي ڳچيءَ ۾ پاتل هار گهريو هو، مهر ته منهنجي ماءُ آهي.آئون ان کي ڪيئن ٿو بري نيت سان ڏسي سگهان. پر لاکي چيو ته "بس هاڻي جيڪو ٿيڻو هو، اهو ٿي ويو." ۽ لاکو انهيءَ ويل ساٿين سميت اتان اٿيو ۽ هليو ويو ۽ مهر، مڱڻهار وٽ رهجي وئي. اها خبر جڏهن مهر جي مائٽن کي پئي ته کيس وٺڻ آيا پر مهر موٽڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته "آئون لاکي ڦلاڻيءَ جي آهيان، ان جا ڪک ڇڏي ٻئي هنڌ هرگز نه هلنديس." ان کان پوءِ مهر راڻين وارو روپ لباس لاهي غريباڻو لباس پهري اتي ئي هڪ ڪکائين جهوپڙي جوڙائي ان ۾ رهڻ لڳي ۽ اهو مائٽاڻو مڱڻهار سندس سار سنڀال لهندو رهيو."
ڪافي سالن کان پوءِ لاکو ڦلاڻي ڪنهن مهم تان موٽندي "نوهٽي" جي ويجهو اچي مٽيو. کيس اساٽ اڃ لڳل هئي، سو هڪ ساٿيءَ کي پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. لاکي جو ساٿي پاڻي جي ڳولا ۾ هلندي اچي مهر جي جهوپڙيءَ تائين پهتو ۽ جهوپڙيءَ ۾ هڪ ضعيف ۽ ڪمزور عورت کي ويٺل ڏسي کانئس پاڻي گهريائين. عورت کيس پاڻيءَ جو وٽو ڀري ڏنو، جيڪو سمورو هو پي ويو ۽ کانئس ٻيو پاڻي پنهنجي سردار لاءِ گهريائين، جنهن تي عورت پڇيس ته تنهنجو سردار ڪير آهي، تنهن تي هن وراڻيس ته "سورهيه سردار لاکو ڦلاڻي". لاکي جو نالو ٻڌي وٽو عورت جي هٿ مان ڪري پيو. عورت پاڻ کي سنڀالي وٽو پاڻيءَ جو ڀري ان ۾ سنها ڪک وجهي ڏنائين ته وڃي سردار کي ڏي. ساٿي جڏهن پاڻيءَ جو وٽو لاکي کي ڏنو ته هن هڪدم کڻي چپن تي آندو، پر ڪکن جي ڪري هٻڪي ويو ۽ آهستي آهستي ڪک ڪڍندو پاڻي پيئندو ويو. جڏهن لاکو سامت ۾ آيو ته پڇيائين ته پاڻيءَ ۾ ڪک ڪنهن وڌا آهن؟ سندس ساٿي لاکي کي سموري حقيقت ٻڌائي ته لاکو پروڙي ويو ته اها "مهر" ئي آهي. سو ساٿيءَ کي وٽو هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته هي وٽو ان عورت کي ڏئي اچ ۽ چوينس ته "مهر اڃا پئي جيئين!" لاکي جو ساٿي وٽو کڻي مهر وٽ پهتو ۽ کيس لاکي جو نياپو ڏنائين، جيڪو ٻڌڻ سان مهر رڙ ڪري پٽ تي ڪري ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو. لاکي ڦلاڻيءَ جي ساٿيءَ اها خبر ڊوڙندي وڃي کيس ٻڌائي ۽ لاکو ڊوڙندو اچي اتي پهتو ۽ مهر جو لاش هنج ۾ کڻي روئڻ لڳو. ايتري ۾ مهر جو خدمتگار مڱڻهار به پهچي ويو، جيڪو اها حالت ڏسي بي حال ٿي ويو. سرت ۾ اچڻ تي مهر جي زندگي جو سمورو احوال لاکي کي کي ٻڌايائين. پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي مهر جي غسل ۽ ڪفن دفن جو بندوبست ڪري کيس اتي ئي دفن ڪيو، جتي پوءِ ٻيا ماڻهو به دفن ڪيا ويا ۽ اتي هاڻ هڪ وڏو قبرستان بڻجي ويو آهي، جنهن کي اڄ به "مهر جو قبرستان" سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ قبرستان جي ڀر واري ڏهر کي "مهر جو ڏهر" ڪوٺيو وڃي ٿو. هن ئي ڏهر ۾ مهر راڻي جي نالي سان "مهر راڻي" ۽ "مهر جي ترائي" نالي ٻه ترايون آهن.
چون ٿا ته مهر راڻيءَ جي موت واري واقعي کان پوءِ لاکي ڦلاڻيءَ جي دل تي اهڙو ته گهرو اثر ٿيو جو هن ان کان پوءِ لوڙيون هڻن بلڪل ڇڏي ڏنيون."
هن ڪهاڻيءَ جي واقعاتي پسمنظر ۾ رسالي جا ڪيترائي بيت موجود آهن ۽ انهن بيتن جي صرف پيرائتي سٽاءَ ٿيڻ گهرجي ته جيئن عام پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ جي فڪري سمجهه ۾ آساني ٿئي. پر ان کان علاوه سر ڏهر ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار کي مهر راڻي جي ڪردار سان سلهاڙي انهن ماڳن مڪانن جي تاريخي ۽ جاگرافيائي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي ۽ ساڳئي وقت مهر راڻي جي حسب نسب ۽ ان سان واڳيل واقعن ۽ ماڳن جي به تحقيق ٿيڻ گهرجي.
سر ڏهر ۾ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي جي داستان سان تعلق رکندڙ وني جو ور سان وڙ ڪرڻ يا نه ڪرڻ، کر سين کلون پائڻ ۽ ڪانڌ جي ڪاوڙ، ڪپت يا ور جي وڏائي ۽ وڙ جي موضوعن وارا بيت، داستان 3 ۾ اڪثررسالن ۾ ملن ٿا ۽ ٻانهون خان شيخ اهڙن بيتن کي سر ڏهر جي داستان 2 ۾ رکيو آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهڙا بيت سر رپ ۾ رکيا آهن ۽ ساڳئي وقت سر سارنگ جي ور کان وڇڙيل وني جي واتان چيل بيت پڻ رپ ۾ رکيا آهن، جيڪو موضوع جي حوالي سان معيون لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته سر رپ ۾ روحاني رمز وارا بيت آهن ۽ انهن جي ڪيفيت ۽ خيال الڳ آهي ۽ سر ڏهر جي مٿي ذڪر ڪيل بيت ۽ سر سارنگ جا ذڪر ڪيل بيت خيال ۽ ڪيفيت جي نسبت ۾ الڳ آهن. سر ڏهر جي مٿي ڄاڻايل موضوع وارا بيت سڀني قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ سر ڏهر ۾ ئي لکيل آهن ۽ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي جي ڪهاڻي جي پس منظر ۾ اهي بيت، ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي مختلف مرحلن ۽ ڪيفيتن سان ٺهڪي اچن ٿا ۽ انهن بيتن کي انهيءَ ڏس ۾ پرکڻ گهرجي ۽ سر ڏهر ۾ ئي رکڻ گهرجي. حالانڪه رسالن ۾ اهي بيت ڪنهن به محقق ۽ مدبر هنن ڪردارن ۽ سندس ڪهاڻيءَ سان نسبت ۾ نه ڏيکاريا آهن، تنهنڪري هي بيت وارثيءَ کان وانجهيل لڳن ٿا ته اهي بيت ڪهڙي ڪهاڻي ۽ ڪهڙن ڪردارن سان نسبت رکن ٿا! جڏهن ته رسالي جي هر سر جا بيت ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻي ۽ ڪردار سان نسبت ۾ آهن. لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي جي ڪهاڻي ۽ انهن ڪردارن کي پرکبو ته اهي بيت هيٺين ريت ڪهاڻي ۽ ڪردارن سان نسبت ۾ بيهندا.
جيئن هن مضمون ۾ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻيءَ جي مختصر ڪهاڻي لکي وئي آهي ته مهر راڻيءَ جو ڪردار ڪجهه مشڪوڪ رهيو ۽ ڪي ڪوڙيون سچيون ڳالهيون لاکي ڦلاڻيءَ تائين پهتيون، جنهن سبب لاکي ڦلاڻي، مهر راڻي کان منهن موڙيو ۽ شاهه سائينءَ، لاکي ڦلاڻيءَ جي واتان مهر راڻيءَ کي ميار ڏيڻ لاءِ هي بيت چيا:
ور سين وجهيو ڪاڻ، کر سين کلون پائيين،
ڀوري منڍ اڄاڻ! ڪڻ ڇڏيو تهه ميـڙيئين.

ور سيـن وڙ نـه ڪـري، کر سين خـبـرون کـــوڙ،
جا ڏسي منهن ڏنگو ڪري، جيءُ نه تنهن سين جوڙ،
جانه لاءِ نرتئون توڙ، سا سـک نـه سنـڀري ڪـڏهين.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪانڌ ڪڻٺيل هجي ۽ وني ور کي پرچائڻ لاءِ شاهه سائينءَ جي هن شعر جو ضرور دل ۾ دور ڪيو هوندو:
ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کـڻـي پاند،
آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان.
جڏهن ته وري مهر راڻيءَ، لاکي ڦلاڻيءَ کي معافيءَ لاءِ چيو ته "سردار منهنجو عرض آهي ته مون ڏانهن جيڪي ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون منسوب آهن، اهي خدا جي واسطي مون کي بخش ڪر." مهر راڻيءَ جي هن جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيت جو اظهار هن بيت کان وڌيڪ اثرائتو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
جي تون قائم ڪانڌ، ته آئون ور لهي مَ ٿيان،
پـريـن تـنهنجــي پانـد، ڍولا ڍَڪـي آهـيـان.
مهر راڻيءَ جو عرض ٻڌي لاکي هن ڏانهن توجهه ڪيو ۽ ان سان اهڙو ته پيار ۽ قرب ونڊيو جو هوءَ هر وقت جيڏين ۽ سرتين سان پنهنجي ور جي واکاڻ ۾ رڌل رهندي هئي ۽ مهر راڻيءَ سمجهيو ته لاکي سندس سڀ ڏوهه بخش ڪري ڇڏيا آهن. واقعي هو به ائين، شاهه سائين، مهر راڻيءَ جي خوشيءَ جي ترجماني هن طرح فرمائي آهي:
ڪـانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي کانڌ،
پاڻان ڏيئي پاند، عيب منهنجا ڍڪيا.

ڪانڌ ٻين ڪيتـرا، مون ور وڏي وٿ،
پاڻان ڏيئي هٿ، عيب منهنجا ڍڪيا.

ڪانڌ ٻين ڪيتـرا، مون ور وڏي جـو”،
لوڪ نه آڇي او”، ڏٺا ڏوهه اکين سين.

ڪانڌ ٻين ڪيـتــرا، مــون ور وڏي ذات،
عيب نه آڇي وات، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.
مهر راڻيءَ کي ڏوهه بخش ڪري لاکو ساٿين سميت وري ڪنهن مهم تي هليو ويو. انهيءَ ڏس ۾ ڪافي وقت گذري ويو، پر لاکو نه موٽيو. جڏهن تمام گهڻو وقت گذري ويو، تڏهن مهر راڻي لاچار ٿي ريٻارو (قاصد) موڪليو. لطيف سائينءَ، مهر راڻيءَ جي اوسيئڙي ۽ انتظار سان گڏ مهر جي منٿ ميڙ کي هن طرح بيت جو رنگ ڏنو آهي:
مَ ڪـر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونهي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو،
تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.

ڪر ڪو ڀـيرو ڪانڌ، مون نماڻيءَ نجهري،
پکي ڇنا پانـڌ، ڳـنـڍ نـه ڄـاڻي ڪـو ٻـيـو.
لاکي ڦلاڻي، مڱڻهار ۽ مهر راڻيءَ جي اشارن ۾ پيدا ٿيل غلط فهميءَ کان پوءِ جڏهن لاکو ڪاوڙجي هليو وڃي ٿو ۽ مهر راڻيءَ مائٽن کان منهن موڙي گڏ وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اميراڻو لباس لاهي غريبي حال ۾ اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيائين ته "آئون لاکي ڦلاڻيءَ جي آهيان ۽ ان جا ڪک ڇڏي ٻئي هنڌ هرگز نه وينديس." ۽ پوءِ پوري ڄمار ڏهاڳڻ وانگر گذاري ته ممڪن آهي ته هيٺيان بيت، حالانڪه سر ڏهر ۾ ڪونه ٿا ملن ۽ ڪن رسالن ۾ آهن به ڪونه، پر مهر راڻيءَ جهڙي عورت جي ڏهاڳڻ هئڻ جي حوالي سان چيل هجن:
کٿوري چئين پلئين، تـوڙي ڏهـاڳڻ هــوءِ،
توڙي منهن نه ڌوءِ، تـه پـڻ سهـــاڳڻ اڳري.

ڏڪنديون ڏهاڳڻيـون، رات پـونـدي سيءُ،
جلي نه تنين جيءُ، هـوت جنين جي هنجهه.
چون ٿا ته مهر راڻيءَ جي موت واري واقعي کان پوءِ لاکي جي دل تي ايترو گهرو اثر ٿيو جو ان کان پوءِ لوڙيون هڻڻ بلڪل ڇڏي ڏنائين ۽ شايد هي بيت شاهه صاحب انهيءَ مرحلي لاءِ چيو هجي:
لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
چوٽاڻي چوڌار، وانڍيـون وس چـرنـديون.
لاکي ۽ مهر راڻيءَ جي انهيءَ واقعي کي ذهن ۾ رکندي سنڌ جي لوڪ ادب کي جانچبو ته ضرور ڪي شيون اهڙيون ملنديون جي شاهه سائينءَ جي ڪهاڻين ۽ ڪردارن بابت معلومات مهيا ڪنديون، جيئن هڪ سگهڙ جو شعر آهي:
لاکــو ڦلاڻـي، ڪـچـو ڪـچـاڻــي،
جنهن ڪري ٻاراڻي، ڇڏي مهر راڻي.

تماچي آندي گندري، لاکي آندي اوڏ،
سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇن جوءِ جي.
لاکي ۽ مهر راڻيءَ جي داستان جا اڃا ڪيترائي مرحلا آهن، جن متعلق بيت رسالن ۾ موجود نه آهن ۽ ٻين ڪهاڻين کي به جڏهن مرحليوار پيرائتو بيتن سان ڀيٽبو ته معلوم ٿيندو ته ڪهاڻين جا مختلف مرحلا ۽ موڙ اهڙا ملندا، جن بابت رسالن ۾ بيت نه آهن يا وري ڪنهن ٻئي سر يا داستان ۾ لکيل آهن. تنهنڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته رسالن ۾ موجود بيتن جي سٽاءَ ۽ ترتيب موضوعن تحت ٿيڻ گهرجي ۽ ڪهاڻين جي پيرائي ۾ کٽل بيتن جي ڳولا ڪرڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان رسالي جي فڪري سمجهه ۾ آساني ٿيندي. ان سان گڏوگڏ ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جي تاريخي ۽ جاگرافيائين پهلوئن کان به تحقيق ڪري هن قومي ورثي کي نه رڳو محفوظ ڪري سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت رسالي جي پڙهڻي ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ بيتن جي سمجهاڻي ۽ تمثيلي تشريح ۾ پڻ مدد ملندي ۽ مونجهارا به حل ٿي ويندا.


(ڇپيل شاهه جي رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس، ڄامشورو، 2005ع)