کرا ويڻ کنگهار کي : محمد حسين ڪاشف
هن خطي ۾ مهراڻ جي موجن جو جڏهن آب تاب هو ته پٽيهل ۽ پراڻ جو پٽ، ڍاڳي ۽ ڍليار جون وسئون، مهراڻ ڍوري ۽ جهول جون ڪنڌيون ۽ ڪنارا سرسبز ۽ ساوا هئا، جتي انن جا انبار، کير کئي جا کوڙ ۽ مالوندن جا ميڙا هوندا هئا. ائين محسوس ٿيندو هو ته هي جنت ارضي جو مقام آهي. جيئن ئي انهن ورن ۽ وهڪرن رڙهڻ ۽ ريڻن رخ بدلايو ته هتان جي سون ورني سيم ويران ۽ اجاڙ ٿي ويئي. لطيف جڏهن انهن ماڳن کي ڏٺو ته بي ساخته چئي ڏنائين ته:
پٽيهل تـو ۾ پـور، اڳـيـون آه نه آب جـو،
سڪين ڪهڙي سور، پيئي واري وچ ۾،
•
سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪئو،
پـاڻـي پـٽـيـهـل ۾ اڳيـون نـه آيــو،
ماڻهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻين.
•
سچ ڪ سڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريـا،
جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گـيا.
پٽيهل، جسودڻ ۽ ڪنڊي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي. مشاهدي کان پوءِ تخيل جي دنيا ۾ لطيف جي گفتگو نهايت ئي معنيٰ خيز ۽ ڳوڙهي ويچار ۽ سٽاءَ واري آهي، جيڪا هڪ طرف تاريخ جي مشاهداتي عنصر کي ظاهر ڪري ٿي ته ٻئي طرف معروضات تان پردو لاهي سوچ جو سامان مهيا ڪري ٿي. مڇ جي ڪيفيت کي ڏسندي ان کي وقت جي رفتار سان تعبير ڪيو اٿس ته جڏهن واهڙ وهيو پئي ۽ ان جي برهاڙي جو بهور هو، تڏهن توکي سانگهاري جي سوچ نه پئي. هاڻي ملاحن جون مهميزون جهلڻ کان سواءِ ٻـيـو ڪــو چـارو نه آهي.
جا واهڙ ۾ وهه، تان تون مڇ نه موٽيو،
ڪائي ۾ ڪوهه ڪرين، پوءِ موٽڻ جو پهه،
هاڻ سر مٿي سهه، مهميزون ملاحن جون.
هن سر ۾ اسان کي جسودن آگري جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ اڳڙي جي پٽ جو وس وارو هو. جنهن جي شريڪ حيات مروبت راڻي ته ڌيءَ نوري نماڻي هئي. جڏهن سمي سردار هٿان جسودڻ راءِ مارجي ويو ته مان ڀري مروبت، نوري کي ساڻ ڪري اڳڙي ۽ پٽيهل ڍوري کي جهٻيرن، گندرن، ملاحن ۽ مهاڻن کي ساڻ ڪري وڃي ڪينجهر جي ڪنڌيءَ کي وسايو، جتي سنڌ جي رومانوي تاريخ جي مشهور داستان "نوري ڄام تماچي" وجود ورتو، جنهن کي لطيف سر ڪاموڏ ۾ بيان ڪيو آهي. جسودڻ راءُ جي شخصيت کان لطيف ايترو ته متاثر آهي جو ڪنڊي کان ان بابت پڇي ٿو ۽ کيس ڏوراپو ڏيئي چوي ٿو ته تون اڃا بيٺو آهين ۽ انهيءَ سور ۾ سڪو نه آهين. پرين پڄاڻان سڪي ڀانگهو نه ٿيو آهين. اهو سڀ جسودڻ جهڙي مانائتي شخصيت جي انهيءَ پيار ۽ ان جي اڏول شخصيت ڏانهن ان جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، جنهن لاءِ لطيف کي دل ۾ هڪ قسم جي انسيت نظر اچي ٿي. اها الفت ۽ پاٻوهه جسودڻ جي انهيءَ قومي ڪردار جي بنياد تي هئي، جنهن ۾ هن سمن آڏو سر نه جهڪايو ۽ مرندي تائين مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي شخصيت کي امر ڪيو، جنهن لطيف جهڙي باڪمال شاعر کي به سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو.
ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسـودڻ جـيـڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو.
•
جسودڻ جيها يار، پيا وير وماس ۾.
تحفت الڪرام جو مصنف سمن جي دور حڪومت ۾ سنڌ اندر ستن راڻن جي هيٺائين حڪومتن جو ذڪري ڪري ٿو يا ائين چئجي ته سمن جي حڪومت وفاقي طرز جي هئي، جنهن ۾ ننڍيون راڄڌانيون اندرين معاملن ۾ خودمختيار هيون، باقي ٻاهرين انتظام ۽ بچاءَ ۾ مرڪز سان ڀاڱي ڀائيوار هيون. اهڙن حاڪمن ۾ جسودڻ آگرو، بڊاماڻي پنرو، لاکو ڦلاڻي وغيره اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي معاملات ۾ واڳ ۽ وس وارا هئا. بڊام جو پٽ لاڙ جي تاريخ جو اهو ماڳ آهي، جيڪو قومي غيرت ۽ حميت، وفاداري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان هميشه وفا شعاريءَ جو سبق ياد ڏياريندو رهي ٿو. بڊاماڻي پنري سمن جي دور ۾ سنڌ تي فيروز شاهه تغلق جي ڪاهن ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي ارهه زوراين جي سلسلي ۾ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ جو ڪجهه ڪيو، ان جي ڳالهين لطيف کي متاثر ڪيو ٿو ڀانئجي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي دور ۾ مغل صوبيدارن جي ظلم ۽ ڪلهوڙن جي ناپخته سياسي عمل سبب سنڌ جي ماڻهوءَ جي جيڪا حالت کين نظر آئي ۽ پاڻ ان کي جنهن طرح سان محسوس ڪيائون، انهيءَ سندن ذهن ۾ پنري بڊاماڻي جي ياد کي تازو ڪري وڌو ته اڄ جيڪڏهن "پنري بڊاماڻي؟ جهڙا مانجهي ۽ مٿير، دودا ۽ دلير مهمير مڙس هجن ها ته هيئن مغل صوبيداريون سنڌ جي ڀينگ ڪونه ڪن ها، جيئن پاڻ فرمائين ٿا ته:
اڄ گـهـرجين يار، بڊاماڻي پنرا،
ڪاڇي ٻيئي پار، اچي ويرين ويڙهيا.
•
اڄ گـهـرجين تون، بڊاماڻي پنرا،
مٿان ڀڳيءَ ڀت، ويرين واٽون لاٿيون.
•
"بڊاماڻي پنرو" لطيف جو اهو ڪردار آهي، جيڪو اسان کي تاريخ سان مهاڏو اٽڪائيندو نظر اچي ٿو، جنهن وٽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پيار آهي ۽ هو ان جي بچاءَ ۽ بقا ۾ اڳرو نظر اچي ٿو. هن جو وجود وقت جي ضرورت آهي، جيڪو ٻيڻي ٻانهن ڏيئي ويرين سان ويڙهاند ۾ پاڻ اڇلي، سنڌ جي ستر لاءِ اٽل ۽ اڏول بنجي وڃي ٿو. هو هڪ قوت آهي، هڪ يلغار آهي، هڪ سپر ۽ ساڃاهه جو سنبل آهي. غالبن پنهنجي ملڪي بچاءَ خاطر ويرين سان وڙهڻ واري عمل جي ڪيفيت کي لطيف سر يمن ۾ بيان ڪيو ٿو ڀانئجي، جنهن ۾ "پنري" جهڙن ٻين ڪردارن ۽ انهن جي سرويچ ساٿين ۽ پهلوان پانڌين جو ذڪر ڪيو اٿس. "بڊاماڻي پنرو" لطيف جو امر ڪردار آهي، جنهن جي ڪالهه به ضرورت هئي ۽ اڄ به ان جي موکڻ جي مهل آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جو سرير ويرين سان ويڙهيل آهي ۽ پنري جهڙا پٽ ان کي انهيءَ رتول رڻ مان ڪڍي سگهن ٿا.
سر ڏهر جي عام اڀياس ۾ لاکي جو تصور ۽ ذڪر سڄي سر تي ڇانيل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته لطيف "لاکي" کي تمام گهڻين نسبتن سان بيان ڪيو آهي. خاص طور تي (الف) لاکي جون لوڙهيون هڻڻ (ب) سندس اوڏڻ سان عشق ۽ اوڏن تي مهر جو هٿ رکڻ (ث) ڪاڇي جي مالوند سنگهار ماڻهن جي آسودگيءَ سبب مٿن مارو ڪرڻ (ج) ريٻاري قوم جو ذڪر وغيره. سنڌو درياءَ جي هيٺين مختلف وهڪرن جهڙوڪ جهول، پٽيهل، ڍاڳي، ڍليار، پراڻ ڍورو سبب سنڌ جو ڪاڇيلئون ڀاڱو ڪڪرالي کان ويندي ڪڇ، ڍٽ، وٽ، مهراڻو، ولهار ۽ هيٺ پارڪر کان پرتي گجرات جي گامن تائين هڪ سٺي پن چري جي حيثيت رکندڙ هو، جنهن ۾ مالوند ماڻهن جا ميڙا ۽ هونگر هوندي هئي. ڇو ته هڪ سٺو چراگاهه سندن حوالي هو، جتي هو پنهنجو گذر پيا ڪندا هئا. سندن مک "سارو سنگهار" هو. هي طبقو مال جي سهولت سببان پڊ به پيو بدلائيندو هو. سنڌ جي سنگهارن جي خوشحالي جيڪا لطيف بيان ڪئي آهي، اها ان دور جي سماجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ آهي، جنهن ۾ کير، مکڻ، ڏڌ بي انت هو. کير جي ايتري ته گهڻائي هئي جو انهن جي ولوڙڻ لاءِ ماٽيون پوريون نه پونديون هيون ۽ مٽن ۾ کير ولوڙيو ويندو هو. خميس جي وارتي ماٽين ۾ منڌي ڪانه وڌي ويندي هئي ۽ کير خيرات ڪيو ويندو هو، جنهن جي هر هنڌ ريل پيل هوندي هئي. ائين پيو معلوم ٿئي ته ڪر کير جون نديون نمي پيون هيون.
ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سيـن،
جنهين جي خميس، واريڻون واري ڇڏيون.
•
ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين،
جنهين جي خميس، منڌي مـور نه مـٽ ۾.
•
منڌيون مٽ گڙن، جهوڪ به سونهن پيهڙا
ڄام لاکو سنڌ ڌرتيءَ جو اهو ڪردار آهي، جنهن کي لطيف تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. خصوصن هن جون لوڙهيون هڻن. لاکي جو لوڙهين جو عمل جيڪڏهن ظالمانه هجي ها ته يقين آهي ته لطيف ان کي هرگز هرگز انهيءَ طريقي سان بيان نه ڪري ها. لاکي وٽ جت لوڙهين جو عمل نظر اچي ٿو، اتي هن وٽ سخاوت جي به سرواڻي آهي. ٻئي متضاد عمل آهن ۽ نهايت غور طلب ڳالهه آهي. لوڙهين جي واقعن ۾ لاکي جي بهادري بکندي نظر اچي ٿي، جنهن کان ڪوٽ ڌڻي پيا ڪنبندا هئا. ٻئي طرف اهو طبقو، جنهن جي مال تي مارو هو ۽ جن جون لاکي لوڙهيون ٿي هنيون انهن جي بيوسي نظر اچي ٿي. لاکي جو دهمان ۽ ڏهڪاءُ ايڏو ته هو جو جڏهن اهو واءُ ڪن پوندو هو ته لاکو، لکيءَ تي چڙهي لوڙهين هڻڻ لاءِ نڪتو آهي ته ماڻهو پنهنجي مال جي واهپ ڇڏي هليا ويندا هئا. ڪئين بانڪا ۽ بهادر سامهون ٿيا هوندا، پر لاکي انهن وريامن جا به ور لاهي ڌڻ، ڌڻي ۽ چونڊي ڪاهيا هوندا، جيئن لطيف جي بيتن مان ظاهر آهي.
جيئن مون پهرين عرض ڪيو آهي ته لاکي جي لوڙهين هڻڻ جو عمل غور طلب آهي. تاريخي حالات جي بنياد تي اها لاکي جي مجبوري هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ واٽ سمن سردارن جي گهر ڦٽل هو، جن مان ڪي فيروز شاهه تغلق جي مقابلي جي سگهه نه ساري ڪڇ جي ڪنڊ وٺي وڃي ويٺا. ڄام جوڻي جي ڪر ي سنڌ سان جيڪو حشر ٿيو، اهو تاريخ جي صفحن تي ظاهر آهي. ائين پئي لڳو ته هٿ وٺي سنڌ کي تلف تاراج ڪرايو پيو وڃي. تاريخ ۾ ٽپيڪل ٽائيپ يعني وڏيري طبقي جي هميشه اها ذهنيت رهي آهي ته اقتدار يا ڪابه ڳالهه جي هن جي هٿ نه آهي، ان جي ڪري قوم تباهه ٿئي ته ڀل ٿئي. اها ذهنيت ان وقت به موجود هئي، جنهن تغلقن، ارغونن ۽ ترخانن کي سنڌ ۾ هٿي ڏني ۽ ويل وهايا. اڄ به سنڌ جي انهيءَ قسم جو طبقو قومي بقاءَ کي پاسيرو رکي انهيءَ عمل جو ورجاءُ ڪندڙ آهي. سنڌ تي ان وقت جي لاڳيتين ڪاهن ۽ حملن سبب اقتصادي بدحالي جو دور هو، جنهن ماڻهن ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ان کي بحال ڪرڻ، ماڻهن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽ انهن جو اقتصادي پورائو ڪرڻ، اهو ئي سبب آهي جو لاکي پنهنجي تر جي خوشحالي لاءِ لوڙهيون هنيون ۽ ان جي تقسيم لاءِ ڏان ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ اڳتي پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقي کي بهتر طور اختيار ڪري سگهن. اها لاکي جي سياسي بصيرت هئي، جنهن سخا جي سپر سان پنهنجي تر جي ماڻهن کي زندگيءَ جي مشڪل دور مان ڪڍي عام سطح تي آندو.
سماجي اڏاوت جي سلسلي ۾ تاريخ جي فلسفي مطابق قومي بچاءُ جي صورت ۾ ڪن طبقن تي اثر پوي ٿو، جيڪو يقين آهي. لاکي جي پنهنجي دائره اختيار تر جي جوڙجڪ لاءِ سنگهارن تي تمام گهڻو اثر پيو ۽ ڇاڪاڻ ته ڪڇ جي راجا کان پوءِ اهو ئي طبقو سٻر سپاهٽو هو، جنهن تي مارو ٿيو، جنهن ۾ ريٻاري به اچي ويا. ريٻاري قوم سريرن جي شاخ آهي، جيڪا پڻ مالوند هئي. هن قوم جو حسن ۽ هڳاءُ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ڪالهه به پنهنجي اوج تي هو ۽ اڄ به پنهنجي اوج تي آهي. هيءَ قوم زالين مڙسين بهادر ۽ بيباڪ هئي ۽ آهي. لاکي جڏهن هن قوم تي لوڙهيون هنيون تڏهن انهن جي ونين "کنگهار" کي، جيڪو ڪڇ جو حاڪم هو ۽ سندن سنڀالو هو، ان کي جنهن انداز سان دانهن ڏني ان ۾ سچائي ۽ معصوميت جو عنصر بکندو نظر اچي ٿو.
کرا ويڻ کنگهار کي، چنچل اڀي چوءِ
ان سان گڏوگڏ اهو به محسوس ٿئي ٿو ته سندن مقصد ڪڇ جي کنگهار جسراج کي زير ڪرڻ هو، پر جيڪڏهن ان کي نظرانداز ڪجي ته پوءِ اهو ثابت ٿو ٿئي ته دهشت ۽ ڏهڪاءَ ذريعي ان جي انهن حملن جي روڪ ٿئي، جيڪي هن خود سنگهارن تي ڪيا ٿي.
جتن ۽ جاڙيجن سان صلح ڪر سنگهار
لاڳيتين لوڙهين سميت اهو نتيجو نڪتو جو کنگهار کي سنڌ جي حد اندر ٽپي اچڻ جي همت نه ٿي ۽ سنگهارن جي طبقي کي جيڪو ارڏو ۽ اڙٻنگ هو، ان کي لاکي سان صلح ڪرڻو پيو ۽ لاکي کي بعد ۾ لوڙهين جي ضرورت نه پئي. سنگهارن کي پنهنجي ملڪ جي لڳاءَ لاءِ وانڍيون ۽ وس آجا ٿي مليا ۽ سنگهار سرها ٿيا، جيڪي ٻيلي جي ٻنهي پاسي ورهائجي ويا هئا. اهي پنهنجي ماڳن موٽيا.
لاکي لوڙهيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
چٽائي چؤڌار، وانڍيون وس چرنديــون.
[b]("سر ڏهر" (شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 244 عرس جي موقعي تي پڙهيل مقالا) مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، سال 1989ع)
[/b]