شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

لاکو ڦلاڻي : معمور يوسفاڻي

ڄام لاکو سنڌ جو مشهور سورمو هو، جنهن کي سنڌ جي سگهڙن، ستن سورهين ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻيو آهي. هو ڪڇ ڀڄ واري علائقي جي مشهور سمي سردار ڄام ڦل جو پٽ هو. هن جي جنم بابت ڪڇ جي سگهڙن ڪئين ڏوها چيا آهن، جن مان ٻه ڏوها هن طرح آهن ته:
لاڇـان! لاکو جنميو، ٻار سد ري، ٻڌوار،
لاکو پوت سموند ڪو، ڦل گـهر اوتار.

سنبت نو سؤ ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس،
جس دن لاکو جنميو، سورج جوت پرڪاش.
مٿين ڏوهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ڄام لاکو سنبت 976 ۾ ڪتي مهيني جي ٻارهين تاريخ اربع جي ڏينهن (ٻيج تٿ) ڄائو هو. انهيءَ حساب سان لاکي جي جنم جو عيسوي سن 918ع ٿيندو.
لاکو جي تعريف ۾ ڪنهن سگهڙ سنڌ جي ٻين سورهين سان گڏ هڪ ڏوهي ۾ هيئن فرمايو آهي ته:
ڪاشب گهر "سورج" هو، واسنگ گهر "تاکو"،
اوڍي گــهــر "جـکرو"، ڦول گهر "لاکو".
لاکو جيئن ئي جوان ٿيو، تيئن هن ڏٺو ته ڪڇ توڙي سنڌ جي ريٻاري قوم گهڻائيءَ ۾ آهي، جيڪا ڳجهه ڳوهه ۾ سمن جي خلاف سٽون پئي سٽي، جنهن تي ڄام لاکي، ريٻارين جي چڱي مڙس کي سمجهايو ته اهي سمن جي خلاف منصوبا نه ٺاهين، پر ريٻارين، لاکي جي انهيءَ چوڻ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ڇو ته ڪڇ جو وڏو حاڪم راءِ کنگهار، ريٻارين جي طرف هو. اهو انهيءَ ڪري جو هو هڪ وڏي مالدار ريٻارڻ جي عشق ۾ قيد هو، جنهن کيس سمن جو مخالف ۽ ريٻارن جو طرفدار بڻائي ڇڏيو هو.
ٻئي طرف ڄام لاکو ڪڇ جي ننڍي سمي سردار جو پٽ هو، جيڪو راءِ کنگهار جي مقابلي ۾ اچي نٿي سگهيو. ريٻارين جڏهن ڏٺو ته راءِ کنگهار سندن محتاج آهي ۽ سمن مان فقط ڄام لاکو ئي اڪيلو سردار آهي، جيڪو سندن مخالفت ڪري ٿو، سو کيس اک ڏيکارڻ لاءِ سندس ساٿين (جسي ۽ جسراج) جا ڪي همراه ماري وڌائون ۽ ڄام لاکي کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن راءِ کنگهار ڏي ماڻهو موڪلي اها گهر ڪيائين ته اهي ريٻاري، جن اسان جا ماڻهو ماريا آهن، سي ٻڌائي ڏي. پر راءِ کنگهار الٽو ئي ڄام لاکي کي ڏوهاري ٺهرايو، جنهن ڪري ڄام لاکي جي غيرت ڀڙڪو کاڌو ۽ هي پنهنجا همراه ساڻ ڪري سنڌ طرف راهي ٿيو ۽ اهو اعلان ڪيائين ته هاڻي ريٻارين ۽ انهن جي طرفدارن سان مقابلو آهي، جتي به هوندا اتي سندن مرمت ڪبي رهبي. لطيف سائين اها حقيقت هن طرح واضح ڪئي آهي ته:
ڀڄئان ڀلي پير، وڌو راءِ رڪاب ۾،
ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.
ڄام لاکو ۽ سندن سورهيه ساٿي ڪيئن نڪتا، ڪٿي ٿي رهيا، سندن ڪهڙي روش ۽ ڪهڙا ارادا هئا، تنهن بابت لطيف سائين هيئن فرمايو آهي ته:
ٺانٺوڪين پلاڻ، هڻن ســدائـيـن کــوکرا،
لاکـي لــوڙائن جا، اهـڙا ئــي اهڃاڻ،
ڏيئي تنگن تاڻ، ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.
ڄام لاکو جيڪو هڪ مشهور سردار هو، اهو وڏن جي غلط روش جي ڪري لوڙائو بڻجي جهنگ منهن ڪري نڪتو هو، سو ريٻارين تي حملا ڪرڻ ۽ لوڙيون هڻڻ لاءِ هروقت تيار ٿي رهيو. سندس حملي جي تعريف ۾ ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
وڙهي ويل سڀ ڪنهن، لاکو لـوءِ به لـوءِ،
پرهه ڦٽيا پوءِ، ڪرڳل ڪندو ڪڇڙي.
يا
لاکــو لوڙائن سين، چوڏس ٿو چڙهـي،
وڙهــيو وريامن جا، ڌڻيو ڌڻ هـڻـي،
پيـس جـي پري، سي واهر ڪنهن نه واريا.
ٿوري وقت ۾ سنڌ توڙي ڪڇ جي ريٻارين ۽ انهن جي طرفدارن ۾ واڪو پئجي ويو ۽ اهي هر وقت دانهون ڪندا چوندا هئا ته:
جاڳو جاڙيجا، سـما سـک مَ سمهـو،
پـسـيـو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون هڻي.
لاکو هونئن ته ڪڇ ڇڏي سنڌ ۾ اچي رهيو هو، پر هن مخالفن تي هر ڪنهن طرف کان اهڙا ته تکا حملا ٿي ڪيا جو سنڌ وارن سمجهيو ته هو ڪڇ کان پيو اچي ۽ ڪڇ وارن سمجهيو ته هو سنڌ کان پيو اچي ۽ انهن تيز حملن ۽ ڊوڙ ۾ جيڪي علائقا ۽ پـَـٽَ منهن ۾ اچيو ٿي ويا، ان بابت لاکيڻي لطيف هن طرح اشارا ڏنا آهن:
هـــنــي مـــٿـان هـٿڙا، لاکــو نه لاهـي،
کـــريـڙئا کيل ڪـري، اڀـو ئـي آهــي.
وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.

"ٻني"، ٻهــڻ نه ڏي، "جهري" ويئي جهوڪ،
"لوڻي"، مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

لاکـو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ،
"پانور" پهري ڪانه ڪا، ڏونگر پيئي ڏاڪ،
اٺيون ۽ عراق، گڏيا نه گئون ٿيان.
عام طرح لاکي جي لوڙين جو اهو اثر ٿيو جو هر هنڌ ڪڇ جا ڌڻوندي، جن کي ڄام لاکي ڪڏهن به ڪونه ٿي ستايو ۽ نه ئي انهن سان هن جو ڪو وير هو، اهي به لاکي جي هيبت کان گهٻرائجي ويا هئا ۽ هڪ ٻئي کي هيئن چوندا هئا ته:
ڍاٽي وڳ مَ ڍار، هن پراڻي ڏيهه ۾،
چيهو چلر، چڪ ٿيو واڳ ائائين وار،
ڏٺم ڪالـهه پرار، لاکو لوڙائن سين.
اهڙيءَ طرح ڌڻونڌي ڊپ وچان هڪ ٻئي کي ڪن خاص علائقن ۾ وڃڻ جي منع ڪندا هئا ۽ ٻئي حالت ۾ هيئن به چوندا هئا ته:
چارئين چوٽاڻ، وڳ وهارين ويسرا،
لاکي لوڙائن جو، پهريو پهراڻ،
سٻر ۽ سٽاڻ، پڳ ورائي واٽ ٿيو.
لاکي جي لوڙين جي وٺ وٺان ۽ مخالفن جي ڀڄ ڀڄان کي ڏسي عام طرح سنڌ جي سڄاڻن اهو فيصلو ڪيو ته لاکو حق تي آهي ۽ سندس مخالف جاڙيجا، جن خواهمخواه ريٻارن جو طرف وٺي پاڻ لاءِ پاڻهي مصيبت پيدا ڪئي آهي، سي ناحق تي آهن ۽ پنهنجون راهون پاڻ بند ڪرايون اٿن. انهيءَ ڳالهه طرف لطيف سائين هيئن ٿو فرمائي:
راءِ سيـن رٺـا جـي، تـن جاڙيجن جـاڙ ڪئـي،
ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏنهن چارو ڪـــڇڙو.
ان زماني ۾ سنڌ مان ڪڇ وڃڻ لاءِ چوڏنهن رستا هئا، جن جي ذريعي رڻ پار ڪري سنڌ مان ڪڇ ڏانهن وڃبو هو، جن مان ڪن رستن جا اهڃاڻ هن وقت به ملن ٿا، جيئن پيٿاپور وٽان سوراچند وٽان، ٻهراڻي وٽان، ٻلهيار وٽان، ڏهر وٽان ۽ رحمڪي بازار وٽان وغيره.
لاکي لوڙين جي دوران اهي سڀئي رستا ڄڻ ته بند ڪري ڇڏيا هئا، ڇو ته لاکو ڪنهن به وقت اوچتو ڪهڙي به رستي اچي سگهيو ٿي. لاکي هونئن ته پنهنجي سڀني مخالفن تي حملا پئي ڪيا ۽ سندس وڳ پئي هنيا، پر سندس حملي جو مرڪز راءِ کنگهار جي محبوبه ريٻارڻ هئي، جنهن راءِ کنگهار کي پنهنجي هٿ وس ڪري رکيو هو.
ان ڪري ڄام لاکي ان ريٻارڻ تي تيز حملا ڪري کيس اهڙو ته تنگ ڪيو هو جو کيس راءِ کنگهار به بچائي نه سگهيو. ڀٽائي رحه انهيءَ حقيقت جي تصديق هن طرح ڪئي آهي:
رڙي ريٻارڻ رُوءِ، اڀي ڍينگـهـر ڍار،
وڃن اڄ وڳ هڻـيو، سـئـم جي ســردار،
ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هـــن جو وسئين.

رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀـي ڍينگهر جهــل،
ٻري هتان ڀل، ڪيتريون ڪاهي ويا.

ريٻـارڻ روئـي، واڙي وڌا وڇــڙا،
سمورا سوئي، هتان هڻي ساٿ ويو.

رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پائي وڇـڙا،
کرا ويڻ کنگهار کي، چنچل اڀي چوءِ،
واڙي وڇ نه ڪو”، لاکو لوڙائن سين.
انهيءَ دور ۾ ريٻاري ڏاڍا دربدر ٿيا ۽ لاکي کين ڪٿي به ساهه کڻڻ نه ڏنو. ڪڇ ڇڏي پنهنجي اٺن جا وڳ ڪاهي ڪڏهن ڪيڏانهن ته ڪڏهن ڪيڏانهن هليا ٿي ويا. ريٻارين جي انهيءَ ڀڄ ڀڄان واري زندگيءَ تي سوچيندي لطيف جي لفظن ۾ مذڪوره ريٻارڻ هيئن به سوچيو ته:
ڪاڇي پيئي ڪوڪ، سچ ڪِ سنگهارن لڏيو،
مادر مون ملوڪ، اوٺي ويـــا اڪـري.
ريٻارڻ جي اها بدحالي، بيوسي ۽ مجبوري ڏسي ڪن سياڻن کيس صلاح ڏني ته هو وڏائو ۽ واڏٽيڙي ۽ ٽاڻ گهڻائي ۽ ڏاڍ جو ڀروسو ڇڏي لاکي کان معافي گهري ۽ ساڻس صلح ڪري ته سندس جند آزاد ٿي پوي. لاکيڻي لطيف ان ڳالهه بابت اجهو هيئن فرمايو آهي:
ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لولاٽن سان،
سائون مان سندياءِ، ٺٽ مٽائي ٺاڪرو.
لاکي پنهنجي انهيءَ دور ۾ ريٻارين جي جڙ پٽڻ لاءِ جڏهن سنڌ جي سورهيه پنري بڊاماڻي جي رهائش واري پٽ بڊام کي به لتاڙيو ۽ لوڙيون هنيو تڏهن بڊام وارا پنهنجي بچاءَ لاءِ ميدان تي نڪري پيا ۽ هنن لاکي سان جيئن جو تيئن مقابلا ڪيا ۽ چوٽون کائي پنهنجي جوءِ جو بچاءُ ڪيو. جيئن ته لاکي جي ساٿين پاران اوچتا حملا ٿيا هئا، ان ڪري بڊام وارن انهن حملن کان بچڻ لاءِ رات جو هٿيار ٻڌي تياري ٿي ڪئي ۽ ڏينهن جو وري ڪڇ طرف ڪاهي لاکي جي ساٿين تي حملو ڪندا هئا. انهيءَ حقيقت ڏانهن صديق فقير "صادق" سومري هن طرح اشارو ڪيو آهي ته:
گهڻو گهڻو ڏوهلو، ڪاڇو بڊامن،
راتيان ننڊ نه ڪن، ڏينهان وڙهن ويرئين.
بڊام وارن جي انهيءَ تياريءَ کي ڏسي لاکي کين سمجهايو ته هن جو مقابلو فقط ريٻارين ۽ مخالف جاڙيجن سان آهي ۽ هو ٻين کي ڪونه ٿو ستائي، تنهنڪري ٻيا ماڻهو اطمينان ۽ آرام سان ويٺا رهن. مطلب ته ڄام لاکي پنهنجي بهادري، همٿ ۽ جرئت سان ڪڇ توڙي سنڌ ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو ۽ سندس غيرت ۽ مڙسيءَ کي مڃيندي سڀني کي لطيفي ٻوليءَ ۾ هيئن چوڻو پيو ته:
لاکا لک سـجـهـن، پر ڦلاڻي ڦير ٻيو،
جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽ ڌڻي ڪنبن،
جنهن جو جاڙيجن، ستي سئنچو نه لهي.
لاکو جڏهن ڪڇ کان سنڌ ڏانهن ايندو هو ته گهاڙي ڏي ضرور ايندو هو، ان ڪري جو گهاڙي ۾ سندس ڪافي ساٿي هئا. هڪ دفعي مختلف مشغولين سبب لاکو ڪافي وقت گهاڙي ڏي نه آيو، ان ڪري دوستن لاکي کي نياپو موڪليو، جيڪو لطيف سائينءَ هنن لفظن ۾ پيش ڪيو:
لاکا لڳئي ڏينهن، گهاڙي ري ڪيئن گهارئين،
مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.
لاکو پنهنجي وقت جو مشهور سخي ۽ ڏاتار هو. هڪ روايت موجب هن کي هڪ کوهه مان سون جو پتلو مليو، جنهن جي خاصيت اها هئي ته ان جي پيرن کان چيلهه تائين جيڪو به حصو وڍي ڇڏبو هو ته صبح جو اهو سلامت هوندو هو. ان ڪري هن وٽ کوٽ ڪڏهن به نه آئي ۽ هن سخيءَ، ڏاتارپ جا ڪيئي ڪم ڪيا. هو بهادر اڳ ۾ ئي هو، وري جو هن تي اها مالڪ جي مهرباني ٿي ته هو ڏاتار به مشهور ٿي ويو.
هي جڏهن ڪڇ کان سنڌ ڏانهن "مهر راڻي" سان شادي ڪرڻ لاءِ ڄڃ وٺيو پئي آيو ته واٽ ۾ هن کي پراڻ درياءَ جي ڪپ تي ٽنڊي جان محمد جي ويجهو رات پيئي ۽ هن جا جيئن گهوڙا پراڻ جي گهيڙ مان اڪريا ته انهن تي لڏيل ڏيج جو سامان پسي پيو ۽ ڄڃ وارا اهو سامان کولي ڪپڙا سڪائڻ لڳا، جيڪي ان گهيڙ واري ايراضيءَ جي سڀني وڻن تان اوڍجي ويا. صبح جو جڏهن روانگيءَ جو ٽائيم ٿيو، تڏهن ڄڃ وارا اهي ڪپڙا ڪٺا ڪرڻ لڳا، جنهن تي لاکي انهن کي منع ڪئي ته اوڍاڻي ڪڏهن به واپس نه وٺبي آهي. اسان جي طرفان سنڌ جي هن درياءَ جي هن گهيڙ کي اوڍاڻي آهي ۽ اها اتي ئي رهندي ۽ پوءِ هن ڄڃ وارن کي حڪم ڪيو ته ڏيج جو گهربل ڪپڙو نئين سر خريد ڪريو ته اڳتي هلون. پوءِ ڄاڃين گهربل ڪپڙو خريد ڪيو ۽ "نهٽي" ڏانهن روانا ٿيا. شاهه سائين انهيءَ واقعي ڏانهن هيئن اشارو ڪيو آهي ته:
جهوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،
تو ڪي ڏٺا هــاڻ، لاکــي جهڙا پـيـهـڙا.
انهيءَ جي جواب ۾ پراڻ جي طرفان شاهه سائينءَ هيءَ ورندي ڏني آهي:
لاکـا لکيـن آئيـا، انـڙ ڪـروڙيــون اٺ،
هيم هيڙائو هڪڙو، آيو هو مون وٽ.
چون ٿا ته لاکي جي پراڻ کي اوڍاڻي واري واقعي کان پوءِ سنڌ ۾ لاکي جي تمام گهڻي مشهوري ٿي جو سنڌ جي رهاڪن ان جي عزت رکندي ان گهيڙ تان ڪوبه ڪپڙو نه لاٿو. ان ڪري ورهين جا ورهيه اهي ڪپڙا سلامت رهيا ۽ پوءِ به انهن جا ٽڪرا ڪيترا ڏينهن وڻن ۾ لڏندا رهيا. جڏهن سيف الملوڪ، جيڪو سون جو سوداگر هو، جنهن کي هيم هيڙائو ڪوٺيندا هئا، سو انهيءَ گهيڙ وٽ پهتو ۽ منزل ڪيائين ته اتي وڻن ۾ ڪپڙي جا ٽٽل ٽڪر ڏسي پڇيائين ته هي ٽڪرا ڇا جي ڪري بيٺا آهن، تڏهن ماڻهن ٻڌايو ته لاکو ڦلاڻي جڏهن هتان پراڻ جي گهيڙ مان اڪريو هو ته سندس ڏيج جو ڪپڙو سڀئي پسي پيو هو، سو سندس ماڻهن هن گهيڙ جي وڻن مٿان سڪايو ۽ صبح جو جڏهن لاٿائون ته لاکي کين منع ڪئي ته اوڍايل ڪپڙو واپس نه وٺبو آهي، اهو اتي رهڻ ڏيو ۽ هي ان ڪپڙي جا ٽڪرا آهن، جيڪي اڃا ٽٽل حالت ۾ اها ياد تازي ڪري بيٺا آهن ۽ اڄ به پراڻ جا ماڻهو لاکي کي ڳائيندا رهن ٿا. انهيءَ تي سون جي ان سوداگر سيف الملوڪ سون جا ننڍا ننڍا زيور ٺهرائي انهيءَ گهيڙ جي وڻن کي پارائي ڇڏيا ۽ اعلان ڪيائين ته لاکي جي اوڍاڻي کان پوءِ وڻن جي سينگار لاءِ سون جي ضرورت هئي، مون زيور ٺهرائي گهيڙ جي وڻن کي پهرائي ڇڏيا آهن.
سيف الملوڪ آخري دور ۾ پراڻ جي وهڪري تي سوداگر ٿي رهيو. سمنڊ ۽ درياءَ جي بندرن تان واپار ڪندو رهيو. سندس قبر انهيءَ پراڻ جي گهيڙ کان ڏهاڪو ميل ڏکڻ طرف پراڻ جي بندر يا پتڻ تي آهي، جنهن کي اڄ به "جسيرل پاتڻي" جو پتڻ ڪوٺين ٿا، جنهن جي کاٻي پاسي سيف الملوڪ جي قبر آهي ۽ ساڄي پاسي منڌرن جا ڀڙا موجود آهن، جتي عرب دور ۾ منڌرا قوم جي رهائش هئي.
سو ڳالهه پئي هلي لاکي جي اوڍاڻي جي ۽ سيف الملوڪ جي سخاوت جي، جن پراڻ جي وڻن کي اوڍايو ۽ زيور پارايا هئا. سو لاکو ڦلاڻي انهيءَ پراڻ جي گهيڙ کي اوڍائڻ کان پوءِ ضرورت جو ڪپڙو خريد ڪري نهٽي پهتو، جتي راٺوڙن جي راڄڌاني هئي ۽ اتي جي سردار جي ڌيءَ پنهنجي شاديءَ لاءِ ڪي شرط رکيا هئا، جيڪي لاکو ڦلاڻي پورا ڪري سگهيو ۽ ڄڃ وٺي اچي ان سان شادي ڪيائين.
لاکي ڦلاڻيءَ دشمنن جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي "مهر" کان منهن موڙيو، جنهن ڪري مهر کي ڏاڍو صدمو پهتو. آخرڪار مهر، لاکي جي حضور ۾ پهچي کيس عرض ڪيو ته سردار منهنجو عرض آهي ته مون ڏانهن جيڪي منسوب ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون آهن، اهي خدا جي واسطي مونکي بخش ڪر. مهر جو عرض ٻڌي لاکي هن ڏي وري توجهه ڪيو ۽ ان سان اهڙي نموني هليو جو مهر ائين سمجهيو ته لاکي سڀئي ڏوهه بخش ڪري ڇڏيا. واقعي هو به ائين لاکي سندس ڏوهه بخشيندي کيس ميار ڏني ته:
ور سان وجهيو ڪاڻ، کر سين کلون پائيين،
ڀـوري مـنـڌ اڄـاڻ، ڪڻ ڇڏيو تهه ميڙئين.
مهر کي ڏوهه بخش ڪري لاکو انهيءَ مهل گهر کي ڇڏي ساٿين ڏانهن موٽيو ۽ هي ساٿي گڏجي وڃي ڪرت کي لڳا. انهيءَ ڏس ۾ ڪافي وقت گذري ويو، پر لاکو پوئتي ڪين موٽيو. جڏهن تمام گهڻو وقت گذري ويو، تڏهن مهر لاچار ٿي ڏانهس قاصد موڪليو. سندس ڪيل آزين نيزارين کي لطيف سائينءَ شعر جو رنگ ڏيندي اجهو هيئن فرمايو آهي ته:
مَ ڪر "ڍول" ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونهي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو،
تنهنجو نانءُ نـِـلو، وٺيو ويٺي آهيان.

ڪرڪو ڀيرو ڪانڌ، نماڻيءَ جي نجهري،
پرين تنهنجي پانڌ، ڍولا ڍڪي آهيان.

جي تون قائم ڪانڌ، ته آئون ور ولهي نه ٿيان،
پکي ڇنا پانڌ، ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻيو.
(سر ڏهر)
مهر راڻيءَ جون آزيون نيزاريون قبول پيون ۽ سردار لاکو موٽي وٽس آيو ۽ کيس اهڙو ته پيار ۽ قرب ڏنائين جو هوءَ هر وقت هڪ جيڏين سان پنهنجي وَرَ جي واکاڻ ۾ رڌل رهندي هئي. شاهه سائين به سندس ترجماني ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ مهر جي زبان ۾ فرمايائين ته:
ڪانڌ ٻئن ڪيترا، مون ور وڏي وٿ،
مٿان ڏيئي هٿ، جنهن عيب منهنجا ڍڪيا.

ڪانڌ ٻين ڪيترا، مــون ور وڏي "ذات"،
لوڪ نه آڇي وات، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.

ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي کانڌ،
پاڻان ڍڪي پانڌ، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.
(سر ڏهر)
لاکي جي عادت هوندي هئي ته هو جڏهن به سفر تان موٽي مهر وٽ ايندو هو ته مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان کماچ تي راڳ ٻڌندو هو ۽ کيس دل گهريو انعام ڏيندو هو.
هڪ دفعي مڱڻهار جي راڳ کان ايترو ته خوش ٿيو جو کيس چيائين ته "اڄ جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر"
مڱڻهار ويچارو منجهي پيو ته آخر ڇا گهري؟
اٺ، گهوڙا ته کيس اڳئي اڻ گهريا ملن پيا، مڱڻهار کي اوڻو جهوڻي ڏسي "مهر راڻي" مٿس قياس ڪري پنهنجي قيمتي هار ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اِهو گهر. ڪجهه وقت بعد لاکي ڪنڌ کڻي مڱڻهار کان سندس مرضي معلوم ڪئي ته مڱڻهار آڱر سان "مهر" جي ڪنڌ ۾ پيل هار ڏانهن اشارو ڪيو ۽ لاکي سمجهيو ته اهو اشارو مهر ڏانهن آهي ۽ مڱڻهار مون کان مهر ٿو گهري ۽ شايد "مهر" جي مرضي آهي. سو هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ مڱڻهار کي چيائين ته "مون مهر توکي ڏني، اڄ کان پوءِ مون تي حرام آهي." لاکي جا اهي الفاظ ٻڌي مڱڻهار عرض ڪيو ته سردار مون ته هار گهريو هو، "مهر" ته منهنجي ماءُ آهي، آئون ان کي ڇا ڪريان. پر لاکي چيو ته بس هاڻي جيڪو ٿيڻو هو اهو ٿي ويو. پوءِ انهيءَ مهل ئي لاکو پنهنجي ساٿ سان اتان هليو ويو ۽ "مهر"، مڱڻهار وٽ رهجي ويئي. اها خبر آخر مهر جي مائٽن کي پئي، جيڪي هن کي وٺڻ آيا، پر مهر هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته "آئون ڏاتار لاکي ڦلاڻيءَ جي آهيان، ان جا ڪک ڇڏي ٻئي هنڌ هرگز نه هلنديس. ان کان پوءِ مهر حاڪماڻو لباس لاهي ڇڏيو ۽ غريباڻو لباس پهري اتي ئي هڪ ڪکائين جهوپڙي ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳي ۽ اهو مائٽاڻو مڱڻهار سندس سار سنڀال لهندو رهيو.
ڪافي سالن کان پوءِ لاکو ڦلاڻي ڪنهن مهم تان موٽندي نهٽي جي ويجهو اچي مٽيو. کيس سخت اڃ لڳل هئي، سو نوڪر کي چيائين ته ڪٿان پاڻي وٺي اچ ۽ پاڻ گهوڙي تان لهي هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو. نوڪر پاڻيءَ جي تلاش ۾ هلندي اچي "مهر" جي جهوپڙي تائين پهتو ۽ جهوپڙي ۾ هڪ ضعيف ۽ ڪمزور عورت کي ويٺل ڏسي کانئس پاڻي گهريائين. عورت کيس پاڻيءَ جو وٽو ڀري ڏنو، جيڪو سمورو هي پي ويو ۽ کانئس ٻيو پاڻي پنهنجي سردار لاءِ گهريائين، جنهن تي عورت پڇيس ته تنهنجو سردار ڪير آهي؟ نوڪر جواب ڏنو ته "سورهيه لاکو ڦلاڻي". لاکي جو نالو ٻڌي وٽو عورت جي هٿ مان ڪري پيو ۽ وري هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين ۽ وٽو پاڻيءَ سان ڀري ان ۾ سنها ڪک وجهي ڏنائين ته وڃي سردار کي ڏي. نوڪر جيئن لاکي وٽ پهچي پاڻيءَ جو وٽو هٿ ۾ ڏنو ته لاکي هڪدم کڻي چپن تي رکيو، پر ڪکن جي ڪري هٻڪي ويو ۽ آهستي آهستي ڪک ڪڍندو پاڻي پيئندو ويو. جڏهن سامت ۾ آيو ته نوڪر کان پڇيائين ته ڪک پاڻيءَ ۾ ڪنهن وڌا آهن؟ نوڪر کيس سموري حقيقت ٻڌائي ته لاکو ان مهل ئي پروڙي ويو ته اها "مهر" ئي آهي، سو وٽو نوڪر کي هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته هي وٽو ان عورت کي ڏئي اچ ۽ چوينس ته "مهر اڃا پئي جيئين؟" نوڪر وٽو کڻي مهر وٽ پهتو ۽ کيس لاکي جو نياپو اچي ڏنائين، جيڪو ٻڌڻ سان مهر رڙ ڪـَـري ڪِـري پئي ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو. نوڪر اها خبر وڃي لاکي کي ٻڌائي، جيڪو ڊوڙندو اتي پهتو ۽ مهر جو لاش هنج ۾ کڻي روئڻ لڳو. ايتري ۾ مهر جو خدمتگار مڱڻهار به پهچي ويو، جيڪو اها حالت ڏسي بيحال ٿي ويو ۽ سرت ۾ اچڻ تي مهر جي زندگيءَ جو سمورو احوال لاکي کي ٻڌايائين. پوءِ ٻنهي ڄڻن مهر جي غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪري کيس اتي ئي دفن ڪيو، جتي پوءِ ٻيا ماڻهو به دفن ڪيا ويا ۽ اتي هڪ وڏو قبرستان بنجي ويو، جنهن کي اڄ به "مهر جو قبرستان" سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ قبرستان جي ڀر واري ڏهر کي مهر جو ڏهر ڪوٺيو وڃي ٿو. چون ٿا ته انهيءَ وقت کان پوءِ لاکي جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو هن، ان کان پوءِ لوڙيون هڻڻ بلڪل ڇڏي ڏنيون، جنهن جي گواهي شاهه صاحب کان پڻ ملي ٿي ته:
لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
چوٽاڻي چؤڌار، وانـڍيون وس چـرنديـون.
لاکي ۽ مهر جي انهيءَ واقعي کي ڌيان ۾ رکندي وقت جي ڪنهن سڄاڻ سگهڙ هيئن به چئي ڇڏيو ته:
لاکـو ڦـلاڻي، ڪچو ڪچـاڻي،
جنهن ڪري ٻاراڻي، ڇڏي مهر راڻي.
لاکي جڏهن لوڙيون ڇڏيون ته هر هنڌ هاڪ پئجي ويئي ۽ ڪيترن ئي شاعرن انهيءَ حقيقت ڏانهن پڻ اشارو ڪيو آهي، جيئن خليفو نبي بخش فرمائي ٿو ته:
پکو پکي پاس، رڻ ريٻارين ڇانئيو،
ويچارن وسواس، لٿو لوڙائن جو.

رڻ ريٻارن ڇانئيو، پکو پکي وٽ،
اٺيون چرن ان جون، پهريو مٿي پٽ،
لٿو سور سرٺ، لاکي لوڙيون ڇڏيون.
لاکي وطن پهچي ڏٺو ته سندس ڪوٽ يعني قلعو ڄام ڦل جي وفات کان پوءِ زبون حالت کي پهچي ويو آهي. ان لاءِ هن سڀ کان پهرين ان طرف ڌيان ڏنو ۽ اوڏن جو قافلو گهرائي ڪوٽ جو ڪم انهن جي حوالي ڪيو. ڪوٽ جو ڪم ڏسندي هڪ ڏينهن هن جي نگاهه وڃي ٻيلي نالي اوڏ جي ڌيءَ تي پئي، جنهن جي هٿان دل کسائي ويٺو ۽ انهيءَ مهل ٻيلي اوڏ کي ماڻهو موڪلي کانئس سڱ گهريائين، جيڪو هن خوشيءَ سان ڏنو. ان بعد ڄام لاکي ڇوڪريءَ کي مسلمان ڪري ان سان نڪاح ڪيو ۽ اوڏن کي اهڙو ته نوازيو جو لطيف سائينءَ کي به چوڻو پيو ته:
لاکا لک ٿيا، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيــو،
آجا اوڏ ٿيــا، پلئه لڳي تنهن جي.
ٻئي طرف ٻيلي اوڏ جي ڇوڪري به اهڙي سياڻي هئي جو ان ۾ ڪنهن به طرح جو وڏائو يا هٺ ڪونه پيدا ٿيو ۽ هميشه ڄام لاکي جي آڏو هٿ ٻڌي نماڻائيءَ سان چوندي هئي ته:
لاکي لـڄ کنئي، اسان اوڏڙين جـي،
ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهيان.
ڄام لاکو جيڪو لوڙائو هو سو هاڻي واهرو بنجي ويو هو. نه رڳو پنهنجي راڄ تي ٿيندڙ حملن کي منهن ڏيندو هو، پر پاڙي وارن جو به بچاءُ ڪندو هو، جيڪا حقيقت خليفي نبي بخش اجها هن طرح بيان ڪئي آهي:
لاکي لال ڪمان، هر دم آهي هٿ ۾،
سيليو تيرن ساڻ، واگهه پلي ٿو واهرو.
ڄام لاکو سنڌ ۽ ڪڇ جو اهو سورهيه هو، جنهن کي لطيف سائين تمام وضاحت سان ڳايو آهي. سندس بيان ۾ اسان کي ڪڇ ۽ سنڌ جا ڪيترائي جاگرافيائي اهڃاڻ ملن ٿا، جيئن:
ڀڄ، کڙير، ٻني، لوڻي ندي، هٻو جبل، پانور، چوٽاڻ، چٽ، بڊام، ڏهر، لاکاسر، ٻيلاسر، گهاڙي، چوڏنهن چارا وغيره، جن جي ڄاڻ اسان لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهي.
ڄام لاکو پنهنجي خوبين جي ڪري اهڙو ته ڳايو ويو جو نه رڳو سندس نالي شاديءَ جو ڳيچ لاکو مشهور ٿيو، پر سندس ڄڃ سان گڏ اڏامندڙ پکي به سندس نالي پويان اڄ به "لاکي ڄاڃي" پيا سڏجن. ڄام لاکي جي غريب نوازي ۽ اعليٰ خصلتن جي ڪري سندس دور کان گهڻو پوءِ به ڪنهن سگهڙ کي هيئن چوڻو پيو ته:
تماچي آندي گندري، لاکي آندي اوڏ،
سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇن جوءِ جي.
لاکي جي آخري دور ۾ گجرات جي حاڪم مولراج سولنڪي ڪڇ تي ڪاهون ڪيون، جن ۾ پهرين ٻن ڪاهن ۾ ڄام لاکي کيس ماري مڃايو ۽ ٽي ڪاهه يعني 976 ڌاري لاکي جي گهوڙي لکي جنگ ۾ مارجي ويئي ۽ لاکو پيادو ٿي ويو ۽ دشمن سان وڙهندي وڙهندي شهادت حاصل ڪئي، جنهن بابت کيس ڪنهن شاعر اجهو هن طرح ڳايو آهي ته:
لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجهه ٿي،
قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،
وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رهي پيا.
مطلب ته ڄام لاکو پنهنجي دور جو مشهور سورهيه، سرويچ، سخي ۽ ڏاتار هو، جنهن کي اڄ کان لڳ ڀڳ ڏهه سؤ سال پهرين ڳايو ويو ۽ اڃا به پيو ڳائجي. حضرت ڀٽ ڌڻي فرمايو ته:
لاکـــا لـــک هــئــا، تــون اگــهــونــڻــي گــهــون،
جي پري تنهنجي پون، سي واهڙ ڪنهن نه واريون.
(ڪريمي ڇاپو)

[b](ست سورهيه ڏهه ڏاتار، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو 1999ع)
[/b]