لاکو ڦلاڻي : بدر ابڙو
لاکـا لـک سـڄـن، پـر ڦلاڻيءَ ڦـيــر ٻــيــو،
جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهن ڪنبن،
جنهن جو جاڙيجن، ستي سونچو نه لـهي.
(ڏهر)
يعني، لاکو هڪ نه، وڌيڪ هئا. شاه لطيف جنهن لاکي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو راءِ ڦل جو پٽ هو، جنهن جي پڻ سنڌي لوڪ داستانن ۾ عجيب حيثيت آهي. لاکي ڦلاڻيءَ سان گڏ جن قبيلن، ذاتين ۽ ڪردارن جو ذڪر اچي ٿو، اهي آهن:
جاڙيجا، سما، اوڏ، ريٻاري، چاوڙا، راجپوت، راءِ کنگهار، جيسر، جئسراج، جسوڌن، پنرو بڊاماڻي وغيره.
اهو ضروري ناهي ته شاهه لطيف سر ڏهر ۾ انهن سڀني قومن ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪيو هجي، پر جڏهن به لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ايندو، اهي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ضرور ڏسبا. ان کان سواءِ اهو جاگرافيائي علائقو، جيڪو سر ڏهر ۾ ذڪر هيٺ آيو آهي، به ضرور ذڪر هيٺ ايندو. اهي علائقا آهن:
پائر، وٽ، چوٽاڻو، بڊاماڻي بٺ، ٻلهيار، پراڻ، ڍورو، هاڪڙو، ڍاڳي، پٽيهل، لوڻي، گهاڙي، ڀڄ، ڪڇ، هابو، روهه، ٻيلو، چوڏهن چارا وغيره.
لاکو ڦلاڻي بنيادي طوح ڪڇ ۽ ڀڄ جي سان تعلق رکندڙ هو ۽ هن پنهنجين سرگرمن جو دائرو محدود نه رکيو هو. هن ڪڇ ۽ ڀڄ کان وٺي سنڌ ۽ لاڙ، ٿر ۽ ٿر جي اوڀر واري حصي ۾ سخت گرفت رکي هئي، جنهن ڪري سنڌ ۽ ڪڇ کي ڳنڍيندڙ چوڏهن ئي چارا غير محفوظ ٿي ويا هئا. شاهه لطيف، لاکي ڦلاڻيءَ جي سرگرمين جي نوعيت هن ريت بيان ڪئي آهي:
ڀـڄـيـان ڀـلـي، وڌو راءِ رڪـاب ۾،
ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين!
لاکي ڦلاڻيءَ جي شهرت لاءِ "لوڙائو"، "هاڻو" ۽ "اوتار" جهڙيون صفتون استعمال ڪيون ويون آهن، جيڪا ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي. ڪٿي رهيو "لوڙائو ۽ هاڻو" ڪٿي رهي اوتاري صفت! ان جي معنيٰ اها آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار هڪ طرف خلق کي آزاريندڙ ته ٻئي طرف خلق جو نجات دهنده رهيو آهي ۽ هن جو ڪردار "گاڊ فادر" يا هڪ "باغيءَ" جهڙو آهي. هڪ اهڙو باغي، جيڪو طاقتور ڌر کي نقصان پهچائي ڪمزور ڌر جو ڀرجهلو ٿي پوي!
لاکو ڦلاڻي ڌاڙيل ڇو ٿيو آهي؟ ۽ اوتاري صفت تائين ڪيئن پهتو؟ اها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي بيان ڪرڻ کان اڳ پاڻ اهي روايتون نوٽ ڪندا ٿا هلون، جيڪي لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم بابت آهن.
هڪ شعري روايت ڪجهه هن ريت آهي:
لاڇــان لاکـو جـنـمـئـو، ڄــارس ري ٻـڌوار،
لاکــو پــٽ سـمـونڊ ڪو، ڦول گهر اوتار،
سنبت نو سؤ ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس،
جس دن لاکو جنمئو، سورج جوت پرڪاش.
سنبت 976 برابر آهي سن 920 عيسوي (308 - 307 هجري). هندي سنبت سال، عيسوي سن کان اٽڪل 57 - 56 سال وڏو آهي. اهو حوالو ڪڇ جي گجراتي تاريخ جو آهي. (رائچند، تاريخ ريگستان)، ساڳئي حوالي مطابق لاکو ڦلاڻي 1035 سنبت يعني 978ع ۾ جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو. ان مهل سج وچ آسمان تي هو. ٻيو حوالو (امپيريل گزيٽير جلد 2 صفحو 48 ڪڇ) چوي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ جو جنم 866ع ۾ ٿيو ۽ هن 955ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. ان جو حوالو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (سنڌ جا عشقيه قصا ۽ داستان، (صفحو 148) پڻ ڏنو آهي ۽ هو ان حوالي سان سهمت نظر ٿو اچي.
مٿيان ٻئي حوالا پاڻ ۾ ويجها آهن، پر ڪرنل ٽاڊ (تاريخ راجستان ۾) چوي ٿو ته لاکو ڦلاڻي سن 1212ع ۾ قتل ٿيو. ڪرنل ٽاڊ چوي ٿو، "لاکو ڦلاڻي مشهور ڌاڙيل، جيڪو ستلج کان سمنڊ تائين مشهور ملڪ مارو (ٿر) جو هو، جنهن سيتا رام کي قتل ڪيو ۽ پوءِ سيتا رام جي ڀاءُ سياجي هٿان قتل ٿي ويو. سيتا رام ۽ سياجي انهلواڙ پٽڻ جي راجا جئه چند جا پٽ هئا. اهي سولنگين جا دوست ۽ عزيز هئا."
چوٿون حوالو (روايت) چوي ٿو ته لاکي "ڦلاڻيءَ جو زمانو 1200ع کان 1350ع جي وچ ۾ آهي، جنهن موجب لاکي ڦلاڻيءَ جي پيءُ ڦل هڪ خوبصورت ۽ ذهين ريٻاري خانبدوش ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. لاکو ڦلاڻي، جوانيءَ ۾ پيءُ سان تڪرار بعد سنڌ ڇڏي ڪڇ هليو ويو هو، جتي هن انهيلا پاٽڪا جي چاوڙا (راجپوت) حاڪم وٽ اجهو ورتو ۽ اتي هڪ بهادر سپاهي ۽ سياستدان جي حيثيت ۾ نالو ڪڍيائين. سندس پيءُ چاوڙن سان تڪرارن سبب سنڌ ۾ اچي رهيو هو.
پنجون حوالو راءِ کنگهار جي نسبت سان آهي، جنهن 1540ع (946هه) ڌاري احمد آباد جي سلطانن جي مدد سان ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي هئي. راءِ کنگهار، لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو هو. هو سمو جاڙيجو هو ۽ ڄام لاکي جي اولاد مان هئا، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جو ڏاڏو هو. (حوالو: ڊاڪٽر پنهور)
پٺيان سڀ حوالا لاکي ڦلاڻيءَ جي حياتيءَ جا ڏينهن نائين، ڏهين، تيرهين، چوڏهين ۽ سورهين صدي مقرر ڪن ٿا. البت انهن سڀني حوالن ۾ لاکي ڦلاڻي، ڪڇ ۽ انهل واڙ جو ذڪر ضرور اچي ٿو، پوءِ کڻي اهي حوالا تاريخ جا ڪتاب ڏيندا هجن يا زباني روايتون هجن. ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته لاکو ڦلاڻي هڪ حقيقي ڪردار هو، جنهن ڏند ڪٿائي شهرت ماڻي آهي. سندس بي جگري ۽ اصول پرستيءَ کيس ڌاڙيل توڻي اوتار ٻنهي صورتن ۾ سامهون آندو آهي. لاکو ڦلاڻي، جاڙيجن ۽ ريٻارين لاءِ ڌاڙيل هو، البت اوڏن ۽ ٻين راڄن لاءِ اوتار هو. راءِ کنگهار ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي وچ ۾ تڪرار ڇو ٿيو؟ ۽ ڇا اها به هڪ ڏند ڪٿائي ڪهاڻي آهي؟ تاريخ جا ڪتاب راءِ کنگهار ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڏينهن ۾ تمام وڏو تضاد ٻڌائين ٿا. ان ڪري اسان ايئن چوڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته تاريخ ۽ لوڪ ڪٿا، ٻنهي مان ڪا هڪ شيءِ بنهه غلط آهي يا وري تاريخ ۾ ڏنل تفصيل قصه گو شاعرن جي مبالغي جو شڪار ٿي ويا آهن يا ٻين واقعن سان گڌ وچڙ ٿي ويا آهن.
[b]سنڌ ۽ ڪڇ ۾ مروج ڪهاڻيءَ موجب:
[/b] لاکي ڦلاڻيءَ جي سرگرميءَ جو علائقو ڪڇ ۽ ٿر جو ڏاکڻو حصو هو. سندس تڪرار جاڙيجن ۽ ريٻارين سان ٿيو هو. لاکي ڦلاڻيءَ پنهنجي ڌاڙيوالي زندگيءَ ۾ سنڌ ۽ ڪڇ کي ڳنڍيندڙ چوڏهن ئي رستن تي پنهنجو ڪنٽرول ڪري ورتو هو ۽ اتان لنگهندڙ ڪوبه قافلو ۽ فرد لاکي ڦلاڻيءَ جي مرضيءَ کان سواءِ باسلامت لنگهي رهي نه ٿي سگهيون ۽ ڪنهن به مالوند جو مال اٺ، گهوڙا، رڍون، ٻڪريون محفوظ رهي نه ٿي سگهيون. اهو سڄو علائقو ائين غير محفوظ ٿي ويو هو، جيئن ويهين صديءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ڪچي ۽ جبل وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو ۽ ماڻهو ساهه جهليو بيٺا هئا.
ايئن ٿو محسوس ٿئي ته راءِ کنگهار جي زماني ۾ ريٻاري لوڪ راءِ کنگهار جي رعيت هئا، جن بار بار راءِ کنگهار کي لاکي ڦلاڻيءَ خلاف دانهون ڏنيون. طعنا ڏنا، پر راءِ کنگهار، لاکي ڦلاڻيءَ کي جهلي يا ضابطي ۾ آڻي نه سگهيو. شاهه لطيف ان صورتحال جي اظهار لاءِ ڪجهه بيت چيا:
رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀي ڍينگهر جهل،
ڀري هتان ڀل، ڪيترون ڪاهي ويا.
•
رڙي ريــٻــارڻ روءِ، واڙي پـــايـو وڇــڙا،
کــرا ويــڻ کـنـگـهار کي، چنچل اڀي چـوءِ،
واڙي وڇ نه ڪوءِ، جو لاکو لوڙائن سين.
ريٻارين ۽ جاڙيجن سان جهيڙي جو ڪارڻ فقط اهو هو ته ارڏي لاکي ڦلاڻيءَ جي ٻن ساٿين جيسر ۽ جئسراج جي ماڻهن سان راءِ کنگهار تڪرار ڪيو، جنهن ۾ ڪي ماڻهو مارجي ويا. ان تڪرار ۾ ريٻارين جي چرچ به شامل هئي. لاکو ڦلاڻي پلاند وٺڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ پهرين راءِ کنگهار کان انصاف جي گهر ڪيائين. جڏهن داد فرياد نه ٿيو، تڏهن هو بغاوت تي لهي آيو ۽ رڻ ٻاري ڏنائين.
سندس بغاوت Targeted هئي ۽ هر ماڻهوءَ جي خلاف ڪونه هئي. ان ڪري هن مالوند ريٻارين، جاڙيجن ۽ پڇاڙيءَ ۾ خود راءِ کنگهار جو مال ۽ اٺ ڪاهڻ شروع ڪيا. ان ريت هن زورآور زميندارن کي ڦرڻ ۽ مظلومن کي انصاف ڏيڻ لاءِ پنهنجو طريقو اختيار ڪيو ۽ عوام وٽ "گاڊ فادر" جهڙي اهميت وٺي ويو. راءِ کنگهار سان لاکي ڦلاڻيءَ جو تڪرار ۽ سندس مال ڪاهڻ جو ذڪر شاهه لطيف هڪ بيت ۾ هن ريت ڪيو آهي:
هــنــي مـــٿـــان هـــٿـــڙا، لاکــو نــــه لاهـــي،
کــڙيــئــريـــا کــيــل ڪــري، اڀــو ئــي آهــي،
وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.
لاکو ٻني (ڪڇ واري علائقي ۾ حضرت آدم جي ٻني جي نالي سان مشهور علائقو) ۽ لوڻي (ڪارونجهر جي اولهه ۽ اتر وارو پاسو) ۾ وڌيڪ سرگرم رهيو. هڪ روايت موجب راءِ کنگهار جو هڪ ريٻارڻ تي راز هو، ان ڪري هو ريٻارين ۽ جاڙيجن جو سرپرست (راءِ) هو ۽ اهو ئي سبب هو جو ريٻارين ۽ جاڙيجن جو من وڌيل هو. جنهن ڪري هو جيسر، جسراج ۽ نيٺ لاکي ڦلاڻيءَ سان تڪراري ٿيا ۽ لاکي جي عتاب هيٺ آيا.
لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم جي ڪهاڻي پڻ راجا ڪڻس واري دور ۾ شري ڪرشن جي جنم واري ڪهاڻيءَ جو چرچو آهي. راجا ڪڻس، شري ڪرشن جو مامو هو. شري ڪرشن جي جنم وقت راجا ڪڻس کي ٻڌايو ويو هو ته جڏهن هي ٻار جوان ٿيندو، اهو تنهنجو سر کڻندو! لاکي ڦلاڻيءَ بابت به ساڳي ڳالهه مشهور آهي. چون ٿا ته لاکو ڦلاڻي ڄائو تڏهن جوتشين سندس جنم پتري تيار ڪئي ۽ چيو ته جڏهن هي ٻار جوان ٿيندو، پنهنجي مامي سان تڪراري ۽ دشمن ٿيندو! ٿيو به ائين، نيٺ (روايتن موجب) اهو ئي تڪرار لاکي ڦلاڻيءَ جي موت جو سبب ٿيو.
سندس جنم وقت ڪيل پيشنگوئي ڪڇ جي قصن ۾ معمول جي ڳالهه آهي. اسان ڏسون ٿا ته رڳو شري ڪرشن (جنهن جو تعلق پڻ ساڳئي علائقي دوارڪا سان هو) پر راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي حوالي سان به ساڳي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي.)
جهڙيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم جي ڪا پڪي تاريخ نه ٿي ملي، ساڳيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جي موت بابت به مختلف ڳالهيون آهن. هڪ روايت چوي ٿي ته لاکو ڦلاڻي پنهنجي تيز رفتار گهوڙي لکيءَ سميت ڪريو ۽ ٻئي مري ويا.
لـکـي ۽ لاکـو، ٻـئـي مـئـا ٻـاجـهـه ٿي،
قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪـو،
وانـڍيـن ۾ واڪـو، ريـٻـاري رهي ويا.
هن مضمون ۾ منهنجو موضوع لاکي جو علامتي ذڪر ناهي. آئون سندس ذات جي حوالي سان ٽريل پکڙيل ڳالهين کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مٿيون بيت هڪ ئي وقت لاکي ۽ لکيءَ جي موت جي نشاندهي ڪري ٿو. اهو واقعو ڪيئن پيش آيو؟ ڪا وضاحت نه ٿي ملي. البته اها تصديق ٿئي ٿي ته لاکو ڦلاڻي طبي موت نه مئو، هو جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿيو يا وري حادثاتي موت مئو.
اسان مٿي هڪ تاريخي حوالي ۾ ڏٺو ته لاکو ڦلاڻي سن 1212 ۾ انهلواڙ پٽڻ جي راجڪمار سياجي هٿان جنگ ۾ قتل ٿيو هو. ڪڇ جي گجراتي تاريخ به چوي ٿي ته لاکو ڦلاڻي پيءُ جي وفات کان پوءِ ڌاڙا ڇڏي هڪ ڪوٽ اڏائي ويهي رهيو هو، پر راءِ کنگهار جي دل ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي خلاف نفرت باقي رهي. ممڪن آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي مضبوط ڪردار ۽ مقبوليت مان راءِ کنگهار کي سياسي خوف ٿيو هجي جو نيٺ هن پنهنجي ڀاڻيجي (لاکي ڦلاڻيءَ) کي دعوت ڏيئي گهرايو، وڏا طعام تيار ڪرائي، کيس دولاب سان قتل ڪرائي ڇڏيائين. (لاکي جي موت بابت هي حوالو حافظ ارشد انڊهڙ جي مضمون تان کنيو ويو آهي، جيڪو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ڪتاب "سر ڏهر" ۾ ڇپيو آهي ۽ حافظ صاحب روايت جو ماخذ درج ڪونه ڪيو آهي.)
چون ٿا ته لاکي ڦلاڻيءَ جو عشق هڪ سهڻي اوڏڻ سان ٿيو هو، جنهن جي پيءُ جو نالو ٻيلي اوڏ هو. ان اوڏڻ سان لاکي شادي به ڪئي. اهو رومانس تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن لاکي ڦلاڻيءَ اوڏن کان "ڪيرو ڪوٽ" ٺهرايو. اهو "ڪيرو ڪوٽ" ڀڄ تعلقي ۾ ٺاهيو ويو، جنهن کي ڪانهيرو ڪوٽ يا ڪيرا ڪوٽ به چون ٿا. لاکي ڦلاڻيءَ پنهنجي پيءُ ڦل جي موت کان پوءِ ڌاڙا ڇڏي اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ "هاڻوءَ" مان ڦري سخي ٿيو.
لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
چـٽـائي چـؤڌار، وانڍيون وک چرنديون.
ڀٽائي صاحب جو هيٺيون بيت شايد ڪانهيرو ڪوٽ جي باري ۾ ئي آهي.
اڏيــو اوڏن، شــل ڍيـنـگر ڍلــو مَ ٿــئـــي،
جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
لاکي اوڏن کي اجهو به ڏنو هو، جن ڪانهيري ڪوٽ لڳ پنهنجا اجها به جوڙيا هئا. چيو وڃي ٿو ته هن عوام لاءِ به تلاءَ ٺهرايا هئا، جن مان هڪ جو نالو لاکا راءِ تلاءُ ۽ ٻئي جو نالو ٻيلي راءِ تلاءُ رکايو هئائين. اهي تلاءَ اڄ تائين ڪڇ ڀڄ ۾ موجود ۽ سلامت ٻڌايا وڃن ٿا. لاکي کان پوءِ شايد اوڏ به لڏي ويا.
اوڏي، اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پٽ ۾.
(ڏهر)
ٻئي طرف ريٻاري لوڪ سنڌ ۾ ڪارونجهر ۽ پارڪر واري علائقي ۾ رهن ٿا ۽ سندن عورتون سوءِ وارو ڪارو کٿو اوڍين ٿيون. ريٻاري لوڪن جو چوڻ آهي ته هنن اهو کٿو پنهنجي راءِ جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪيو آهي ۽ قسم کنيو آهي ته جيسين پلئه نه ڪنداسين، ڪارو کٿو نه ڇڏينداسين. پر سوال اهو آهي ته سندن راءِ ڪير هو؟ ڇا ريٻارين آخر وقت ۾ لاکي ڦلاڻيءَ کي پنهنجو سردار قبول ڪيو هو؟ ڇا لاکي کي راءِ کنگهار ڪونه ماريو هو؟ ڇا راءِ کنگهار ڪنهن ويڙهه ۾ قتل ٿي ويو هو؟ يا اڃا به ڪو ٻيو سردار ڪنهن معرڪي ۾ مارجي ويو هو؟ ان سوال جو جواب هاڻي خود ريٻاري به ڪونه ٿا ڏيئي سگهن. سنڌ ۾ رهندڙ ريٻارين کان پنهنجي راءِ جو نالو ته وسري ويو آهي، پر اهو ياد اٿن ته ڪو پلئه باقي آهي.
اکيون ڪڍ ۾ ڳجهڙي، تارا تـان مَ کاءُ،
پـئـو نـه پـسـيـن پـٽ ۾، ريـڳـڙيـارو راءُ،
جيري جنهن جوان جي، لڳا نو سو نو گهاءُ،
رات جنهن جي ماءُ، روئي پرنئون رب کي.
(ڪيڏارو)
[b](سنڌ جو شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سال 2000ع)
[/b]