شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

لاکو ڦلاڻي ۽ سندس خاندان : قاضي مقصود احمد

ڄام مهڙ جي اولاد جي ڪڇ تي حڪمرانيءَ جو مدو ايڏو ڊگهو ته ناهي ۽ اهو اقتدار آزاد نه پر طفيلي به هو، يعني ڄام مهڙ ۽ سندس اولاد ڪڇ تي چؤڙن سمن جي نائبن طور راڄ ڪيو، پر اهو لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪري ڪافي مشهور ۽ معروف رهيو آهي. لاکو ڦلاڻي پنهنجي ناماچاريءَ وارن ڪارنامن ڪري سنڌين لاءِ هڪ اتساهيندڙ ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، پر سندس دور ۽ شخصيت بابت مليل روايتون ڪافي قدر مغالطي جو شڪار آهن. هتي انهن روايتن جي اهميت تي بحث ڪندي جتي جتي ممڪن ٿي سگهيو آهي، اتي واقعن جي درست تصويرڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

[b]لاکي ڦلاڻيءَ جو گهراڻو:
[/b] جيمس ٽاڊ پنهنجي "تاريخ راجستان" ۾ بار بار لاکي ڦلاڻيءَ کي جاڙيجو ڪوٺيو آهي (1) . لاکي ڦلاڻيءَ جي جاڙيجو هئڻ واري روايت ايتري معروف ٿيل آهي جو ڊاڪٽر نبي بخش خان جهڙي محقق به سندس شجري جي روايتن مان صحيح روايت جي چونڊ ڪرڻ ۾ خطا کائيندي لکيو آهي ته "لاکو ڦلاڻي انهيءَ وڏي ڦل مان ڪونه هو، پر ننڍي ڦل مان هو جو پوءِ ساماڻو. انهيءَ ننڍي ڦل بابت متفقه طور ايترو معلوم آهي ته ڦل پٽ ساهڙ (2) جو هو ۽ ساهڙ پٽ مهڙ جو هو. البته مهڙ کان مٿين پيڙهيءَ ۾ اختلاف آهي. ڪي چون ٿا ته مهڙ پٽ لاکي (وڏي) جو ۽ لاکو پٽ لاکيار. پر شايد صحيح هن طرح ٿيندو ته مهڙ پٽ لاکي جو ۽ لاکو پٽ ويري جو. ڇاڪاڻ ته ڦل جاڙيجو هو ۽ جاڙيجن سمن جي نسب نامي جي روايت هن طرح آهي ته ويري پٽ ساند جو" (3) .
ٿي سگهي ٿو ته ان غلط روايت جو آڌار لاکي ڦلاڻيءَ جي گهراڻي جي راڄ ختم ٿيڻ بعد سندن ئي تسلسل طور ڪڇ ۾ جاڙيجن جو راڄ قائم ٿيڻ ۽ جاڙيجن جي وڏي ڏاڏي جو نالو به لاکو (جاڙيجو) هئڻ تي هجي، پر اها حقيقت آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي دور تائين جاڙيجن جو قبيلو سٽاءَ ۾ ئي نه آيل هو.
راقم جي تحقيق مطابق لاکو ڦلاڻي پٽ هو ڦل جو، جيڪو پٽ هو ساند جو، جيڪو پٽ هو مهڙ جو. مهڙ جيڪو لاکي گوراڙي جو پٽ ۽ ساموئيءَ جي سمن مان هو. لاکي گوراڙي جو ڪڇ سان تمام گهرو تعلق رهيو. ڪن روايتن مطابق لاکي گوراڙي هڪ شادي وڪرم چاوڙا (پهرئين) جي ڌيءَ گوڙ راڻي (Gaud Rani) سان ڪئي هئي، جيڪو ڪڇ جي وسنديءَ پاٽ ڳڙهه جو هو (4) ، ۽ ڪيراڪوٽ وارو علائقو ان راڻيءَ کي ورثي ۾ مليل هو، جيڪو بعد ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي هٿ هيٺ آيو.
لاکي گوراڙي جي وفات بعد سندس پٽ انڙ، سنڌ ۾ سندس جائنشين ٿيو. اهو انڙ، لاکي گوراڙي جي پيريءَ ۾ ڪيل شاديءَ مان پيدا ٿيل پهريون پٽ هو (5) . لاکي گوراڙي جا وڏا پٽ مهڙ ۽ مناهي، انڙ جي حاڪم ٿيڻ سان سهمت نه هئا، پر انهن ڪو فتنو پيدا ڪرڻ بدران اتان لڏي وڃڻ مناسب سمجهيو ۽ پنهنجن ٻين ٻن ڀائرن ساند ۽ ڦل کي وٺي ڪڇ ڏانهن پنهنجي مامي واگهم چاوڙي ڏانهن روانا ٿيا. ڪڇ ۾ مشهور ڪن روايتن ۾ مهڙ ۽ مناهي پاران انڙ کي مارڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر اهو پڌري پٽ حقيقتن جي خلاف آهي، ڇو ته انڙ پوءِ به زنده هو ۽ سنڌ جي سمن جي آخري حڪومت جو پهريون بادشاهه ٿيو. هونئن به جيڪڏهن انڙ مارجي وڃي ها ته پوءِ مهڙ ۽ مناهي جي لڏڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها، ان ڪري هتي ان روايت کي ترجيح نه ڏني وئي آهي.
بهرحال انهن ڀائرن ڪجهه وقت بعد پنهنجي مامي واگهم چاوڙي کي ماري پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو (6) ، پر پوءِ به اهي چاوڙن يعني چؤڙن سمن جي مرڪزي حڪومت جي نائبن طور ئي ڪڇ جي علائقي ۾ حڪومت ڪندا رهيا، جيڪي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، جوناڳڙهه وغيره جي علائقن ۾ گهڻي عرصي کان مضبوط حڪمراني ڪري رهيا هئا.
ان علائقي ۾ ست ساند ڀائر رهندا هئا، جن کي واگهم چاوڙو ڇهه آنڪي ڀريندو هو. انهن، واگهم چاوڙي جو بدلو وٺڻ جو پهه ڪيو، پر مهڙ ۽ مناهي انهن کي به ماري مات ڪري انهن جي علائقي کي به پنهنجي قبضي ۾ آندو، جنهن کي "ماڪ" سڏبو هو (7) ، تن ڏينهن ۾ ڪنٺ ڪوٽ تي واگهيلن (8) جي حڪومت هئي، جن جو راڄ اتي سولنگين کانپوءِ قائم ٿيو هو. مهڙ، اتي جي راءِ ڌرن واگهيلي سان دوستيءَ جو ناتو رکيو ۽ پنهنجي پٽ ساند (9) کي ان جي ڀيڻ سان پرڻايو، جنهن مان ساند کي ڦل نالي هڪ پٽ ٿيو. اڳتي هلي ڌرن واگهيلي ڪنهن سبب ڪري ساند کي مارائي وڌو. جڏهن ڦل وڏو ٿيو ته هن، ڌرن واگهيلي کي مقابلي لاءِ للڪاريو. ڌرن واگهيلو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هو، تنهنڪري هن پنهنجين ڌيئرن مان هڪ ڦل سان پرڻائي امن امان قائم رکڻ کي ترجيح ڏني، پر ڦل ڪڏهن به نه وساري سگهيو ته ڌرن واگهيلي سندس پيءُ کي مارايو هو. ڪجهه سالن کان پوءِ ڦل، ڌرن کي ماريو. اهو ٻڌندي ئي ڦل جي زال خودڪشي ڪري ڇڏي. ان وقت هوءَ پيٽ سان هئي ۽ هن جو اڻڄاول ابهم ٻار جيئرو پيٽ مان ڪڍيو ويو. تنهنڪري ئي ان ٻار جو نالو ڳاهو رکيو ويو، يعني پيٽ چيري ٻاهر ڪڍيل (Born of the wound). ان حادثي بعد ڦل پنهنجي راڄڌاني مٽائي انگرڳڙهه (Angargadh) ۾ ڪئي، جيڪو هبائيءَ جي ويجهو هو (10) .
ڦل ٻي شادي ريٻاري قبيلي جي سونل نالي ڇوڪريءَ سان ڪئي، جيڪا سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئڻ ڪري روايتن ۾ سونل پريءَ جي نالي سان مشهور آهي. ان مان ڦل کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو لاکو رکيو ويو. اهو لاکو پنهنجي پيءُ جي نسبت سان لاکو ڦلاڻي سڏيو ويو.

[b]لاکي ڦلاڻيءَ جو دور (هڪ عام بحث):
[/b] لاکي ڦلاڻيءَ جي ڄم جي دور بابت مشهور روايت هن ريت آهي:
سنبت نو سؤ ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس،
جس دن لاکو جنميو، سورج جوت پرڪاش.
سنبت، سنڌ ۽ هند ۾ مروج سنن جي هڪ سلسلي جو نالو آهي، جيڪي مختلف حاڪمن سان پيش ايندڙ واقعن کانپوءِ جوڙيا ويا آهن. يعني ڪي، ڪنهن حاڪم جي فتح جي نسبت سان ته ڪي، ڪنهن جي تخت نشينيءَ جي لحاظ کان. عام طور تي جيڪي سنبت معروف آهن، اهي آهن، وڪرمي سنبت، گپت سنبت، مالوه سنبت، ساڪا سنبت، ساهسي سنبت وغيره وغيره. هن سلسلي ۾ راقم پاران اهو رجحان عام طور تي محسوس ڪيو ويو آهي ته جنهن به سنبت سان ان جي نسبت ڄاڻايل نه آهي ته اهو اصل ڪنهن سان منسوب سنبت آهي، ان سنبت کي بعد جي مؤرخن عام طور تي وڪرمي سنبت لکي ڇڏيو آهي. محققن جي ان بي احتياطيءَ جي ڪري قديم تاريخي واقعن جي سلسلي ۾ نهايت گهڻو مغالطو پيدا ٿيل ٿو ڏسجي. جنهن کي وري بعد ۾ روايتن ۾ ٿيل وڌاءَ سان پڪو پختو ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن شخصيت جي اصل دور کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
هي دوهو ٿي سگهي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ جي ڄم جي حوالي سان ئي جوڙيو ويو هجي، پر جنهن سنبت جي نسبت سان ان دور کي عيسوي سن سان ڀيٽيو وڃي ٿو، اها بلڪل نه سمجهه ۾ ايندڙ آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته تاريخ جي محققن پاران سنبت جي مختلف روايتن تي تفصيلي بحث ڪيو وڃي. راقم جي خيال ۾ اهو هڪ ڊگهو مسئلو آهي، جيڪو الڳ مضمون ۾ بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، في الحال هتي ان جي گنجائش ڪانهي. هتي رڳو دليلن جي آڌار تي لاکي ڦلاڻيءَ جي سومرن جي آخري دور ۾ هئڻ بابت چٽائي ڪئي ويندي.

[b]لاکي جي دور جي تعين بابت دليل:
[/b]1. رائچند هريجن، همير سومري جو دور 1400ع کان 1439ع تائين ٻڌايو آهي (11) ، جيڪو بعد جي تاريخي تحقيق مطابق ڪنهن به حالت ۾ 1351ع کان ٽپي نه ٿو سگهي، ڇو ته 1351ع کان سنڌ ۾ هر حالت ۾ سمن جي حڪومت شروع ٿي چڪي هئي.
2. همير سومرو، لاکي ڦلاڻيءَ جو همعصر هو، ڇو ته هڪ طرف ڪن روايتن ۾ لاکي سان سندس ڪنهن جهڙپ جو پڙاڏو ملي ٿو، جڏهن ته معروف روايتن مطابق لاکي ڦلاڻيءَ جي ڀائٽئي راءِ پونئري، جکن سان وڙهڻ لاءِ کانئس مدد ورتي هئي ۽ ان کانپوءِ ڪڇ ۾ هر دستاويز تي "اگهاٽ همير وارا" لکڻ جو رواج پيو (12) .
عام روايتن ۾ ڄام پونئري کي به ڏهين صدي عيسويءَ جو لکيو ويو آهي (13). همير سومري جو همعصر ڏهين صدي هجريءَ ۾ هئڻ ته ممڪن نه آهي. ان روايت مان سمجهڻ گهرجي ته خود لاکي ڦلاڻيءَ کي ڏهين صديءَ جو لکڻ به ڪنهن مغالطي جو ڪارڻ آهي. يعني لاکو ڦلاڻي پاڻ به تيرهين - چوڏهين صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي.
3. لاکي ڦلاڻيءَ جي راڄ جي مڱڻهار سمنگ چارڻ جا همير سومري جي راڄ جي خاتمي بعد هجو آميز ڳاهه پڻ چيل آهن. ان سلسلي ۾ ٻه بيت هن ريت آهن:
ســـڄـــو ڦــســي پيا ســـومــرا، اڌ ڦســـي پيا لــوڪ،
جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽون ڪري.
++++++
ستينءَ هو سوجهرو، اٺين ٿـــي اونداهه،
هـــمــيـراڻي باهه، وساڻي ورهــين کـان .(14)
غور طلب ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي همير سومري کي ڏهين صديءَ جو ڪوٺڻ واري روايت موجود آهي، ٻئي پاسي راءِ پونئري جي ڏهين صديءَ ۾ هئڻ بابت روايتون ملن ٿيون (15) ، جڏهن ته اهي ٻـئي چوڏهين صدي عيسويءَ جا آهن ته اهڙيءَ صورت ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو دور به ساڳيو هئڻ گهرجي.
جيمس برگس، لاکي ڦلاڻيءَ جو دور 1320ع کان 1344ع تائين ڄاڻايو آهي ۽ پوءِ ڄام پونئري جو دور 1344ع کان 1350ع تائين ڄاڻايو آهي. لاکي ڦلاڻيءَ جي دور بابت سندس اندازو حقيقت جي قريب ترين چئي سگهجي ٿو. البته ڄام پونئري جو دور حڪومت تمام گهڻين مشهور روايتن مطابق 25 سال ٿئي (12) ٿو ۽ ڄام پونئري جي راڄ جو دور پنجويهه سال مڃڻ سان ڪافي ٻيون شيون ترتيب سان سامهون نروار ٿين ٿيون (16) .
لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار کي صحيح نموني سان سڃاڻڻ سان سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي سقم دور ٿي سگهن ٿا. سنڌ جي لوڪ روايتن جا ذخيرا ڪنهن به ذهن ۾ سوال پيدا ڪرڻ لاءِ ته ڪافي آهن، پر رڳو انهن روايتن جي آڌار تي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ ايترو سولو ڪم نه آهي، ڇو ته سنڌ ۾ دستياب ماخذ لاکي گوراڙي کان وٺي مهڙ، ساند، ڦل، توڙي لاکي ڦلاڻيءَ جي اصل همعصرن ۽ ڪڇ ۾ رهندڙ مٽن مائٽن جي تفصيلي ڄاڻ ڏيڻ کان به قاصر آهن. ان سلسلي ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت انٽرنيٽ تي موجود مواد مان اصل صورتحال جو تعين ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملي ٿي.

[b]لاکي ڦلاڻيءَ جو راڄ:
[/b] لاکو ڦلاڻي سگهارو حڪمران هو ۽ ڪڇ ۽ گجرات جي روايتن ۾ تمام گهڻو مشهور رهيو آهي. سندس نالي ۽ حڪمرانيءَ جي ڇاپ اڄ به ڪڇ، گجرات، مارواڙ ۽ سنڌ جي علائقن تائين پکڙيل آهي. هن جا ڪل ڇهه ڀائر ٻڌايا وڃن ٿا. رائچند هريجن، "ڪڇ جو گجراتي اتهاس؟ جي حوالي سان لکي ٿو ته "ڪڇ جي راجا ڄام ڦل کي پنجن راڻين مان ڇهه پٽ ٿيا، ڄام ڌولا راءِ جي ڪنيا مان ساند، چاوڙي راڻيءَ مان سور، سوڍي راڻيءَ مان کينهرو، ڌرن واگهيلي راڻيءَ مان ڌائو (ڳاهو)، ۽ سونل راڻيءَ مان لاکو (17)" . هن حوالي ۾ ڇهن مان پنجن ڀائرن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن. لاکي ڦلاڻيءَ پنهنجن انهن ڀائرن کي ڪنڙ (Khinara) ، ۽ انگر ڳڙهه (Angorgadh) وارو علائقو ورهائي ڏنو ۽ پاڻ ڪپلگرام (Kapilgram) ۾ پنهنجي راڄڌاني قائم ڪيائين. جنهن جو نالو پنهنجي ڀيڻ جي نسبت سان ڪيرا ڪوٽ رکيائين ۽ اتي هڪ قلعو ۽ هڪ شوِ جو مندر به اڏرايائين (18) .

[b]لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪي روايتون:
[/b] (1) لاکو ڦلاڻي اڪثر ڪري پنهنجن دوستن سان شيل شڪار تي رهندو هو. هڪ دفعي ڪنهن کيس پوئتي جي سڌ وٺڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ائين نه ٿئي جو ڪنهن ڏينهن اچي ڪير ٻڌائي ته ڦل مري ويو. لاکو جوانيءَ جي گهوڙي تي سوار هو، تنهن کي اها ڳالهه نه وڻي، ان ڪري قسم کنيائين ته جيڪو به اهڙي منحوس خبر آڻيندو، ان جي زبان وڍائيندس. گهڻي وقت کان پوءِ ڦل سچ پچ گذاري ويو ۽ لاکو ان وقت به گهر گهاٽ کان پري هو. دوستن يارن کي خبر پئي پر ڪير نه هو جيڪو لاکي کي هوشيار ڪري. نيٺ هڪ ڀٽ فقير تي ڪم رکيائون، جنهن اها خبر لاکي تائين پهچائڻ جي حامي ڀري ۽ لاکي جي اڳيان اچي چيائين ته:
هڪڙا ڦل پسن واڙئين، ٻيا جي بٺين ڌاڃ،
لاکا آءُ مهراڻ، تو ريءُ سڃو ڪاڇڙو.
يعني ڦل هڪڙا واڙين اندر ولين ۾ آهن ۽ ٻيا بٺين ۾ ڀڄندڙ آهن، باقي ٻيو ڦل ڪٿي به نه آهي. تڏهن لاکي جي وات مان نڪري ويو ته چئبو ته منهنجو پيءُ مري چڪو آهي. ڀٽ ورندي ڏني ته سائين! اهو مون نه چيو، تو چيو آهي. پوءِ لاکي ميڻ جي زبان ٺهرائي پنهنجي زبان مٿان رکي وڍرائي پنهنجو قسم پورو ڪيو ۽ وڃي پيءُ جي جاءِ سنڀالي.
(2) لاکي جي هڪ شادي مهر راڻيءَ سان ٿي، جيڪا جهڏي واري علائقي جي ڪنهن سمي سردار جي نياڻي هئي (19) . هن شاديءَ جي روايت ۾ جيڪو افسانوي رنگ ڀريو ويو آهي، ان مطابق مهرراڻيءَ جي دل ڪنهن سوداگر تي اچي وئي هئي، ان ڪري هن شادي ڪرڻ لاءِ ڪي اڙانگا شرط وڌا، جيڪي لاکي ڦلاڻيءَ پورا ڪري ڏيکاريا ۽ اهڙيءَ طرح ساڻس شادي ڪري ورتي. جڏهن ڄڃ سان موٽيو پئي ته پهرين منزل مهراڻ جي ڪناري تي ڪيائين. اتي مينهن پوڻ ڪري سمورا ويس وڳا آلا ٿي ويا، جن کي سڪائڻ لاءِ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل وڻن ٻوٽن تي وڌائون ته وڻن جو نظارو ئي ٻيو ٿي پيو. سڪڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو انهن کي لاهڻ لڳا ته لاکي منع ڪندي چيو ته "ڪنڌيءَ جا اهي وڻ ٽڻ به اسانجا ڄاڃي آهن ۽ جيڪي ڪجهه انهن کي اوڍايو اٿئون سا ڄڻ اسانجي شاديءَ جي ڏات آهي، اها وري واپس ڪانه وٺبي. ان موقعي تي پراڻ جا پکي لاکي جي ڄڃ مٿان ولر ڪري اڏاڻا هئا ته انهن تي نالو پئجي ويو "لاکي ڄاڃي" (20). هن روايت ۾ زيب داستان جي لحاظ کان ٻيون به ڪافي شيون ملايون ويون آهن.
(3) روايت آهي ته لاکو ڦلاڻي اوڏن کان ڪيرا ڪوٽ اڏائڻ دوران هڪ اوڏڻ تي عاشق ٿي پيو. اها اوڏڻ، ٻيلي اوڏ جي ڌيءَ هئي، جنهن سان لاکي شادي ڪئي.
(4) هڪ روايت اها به آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ کي پاڻ کان وڏي سخيءَ جي ڳولها ڪرڻ جو شوق ٿيو. پنهنجي چاوڙي راڻيءَ جي صلاح تي هن راڄ جا مڱڻهار گهرائي پاڻ کان وڏي سخيءَ جي پڇا ڪئي. هن کي توقع هئي ته هر ڪو کيس ئي سڀن کان وڏو سخي مڃيندو، پر سمنگ نالي چارڻ چيس ته وڪيو ڏاتار توکان وڏو سخي آهي. تنهن تي لاکي ڪاوڙجي کيس، وڪئي ڏاتار کان بي مندائتا پيرون وٺي اچڻ لاءِ چيو ۽ سمنگ چارڻ هڻي ڌوڻي اهو ڪم ڪري آيو.
(5) هڪ مشهور روايت آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ کي طلا پرس هٿ آيو هو. طلا پرس (يعني سونو ماڻهو) واري روايت تاريخ طاهري ۾ شاهه حسن جي ڪڇ تي ڪاهه جي سلسلي ۾ بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاکي جي تر جي هڪ جوڳيءَ کي هڪ ٻوٽيءَ مان سون ٺاهڻ جو راز معلوم هو. اها ٻوٽي ڪنهن به ماڻهوءَ سان گڏ باهه ۾ وجهڻ سان اهو ماڻهو سڙي سون ٿي ويندو هو ۽ جيڪڏهن ان سوني ماڻهوءَ جو ڪو حصو ڪپيو ويندو هو ته ان جي جاءِ تي نئون عضوو ڄمي پوندو هو. ان جوڳيءَ هڪڙي ڌنار کي باهه ۾ ڪيرائڻ جي سٽ سٽي پر ڌنار کي پسڻ پئجي ويو ۽ هن خود جوڳيءَ کي باهه ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ کيس خبر پئي ته اهو جوڳي ته سونو ماڻهو بڻجي ويو آهي ۽ سندس ڪوبه عضوو ڪٽڻ بعد اهو وري پيدا ٿي وڃي ٿو. ڌنار ڊپ کان ان راز کي پاڻ تائين رکي نه سگهيو ۽ سخي سردار لاکي ڦلاڻيءَ کي اچي سڄو قصو ٻڌايائين. لاکي ڦلاڻيءَ ان سوني ماڻهوءَ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوءِ هر روز ان سوني بت مان هڪڙو عضوو ڪٽي ڪتب آڻيندو رهيو. جڏهن کيس پڪ ٿي ته اهو الاهي خزانو کٽڻ وارو ناهي، ان ڪري دل کولي اهو سون خلق جي ڀلائيءَ ۾ خرچ ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت ۾ سندس ناماچار انهن راڻن ۽ راجائن کان وڌي وئي، جيڪي هن کان وڌيڪ ناميارا ليکيا ٿي ويا. هيءُ پاڻ کي انهن کان مٿاهون سمجهي، ويتر وڌيڪ خير جا ڪم ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو سج اڀرڻ سان سوا لک جيترو سون خيرات ڪري، پوءِ ڏندڻ پاڻي ٿي ڪيائين. جيستائين جيئرو هو، تيستائين ائين ڪندو رهيو. لاکي پنهنجي آخري وقت ۾ "جهرڪ جهرڪي" نالي ٻه طلسمي تلاءَ ٺهرائي انهن ۾ اهو پتلو رکرائي ڇڏيو. جڏهن شاهه حسن ان پتلي جو ٻڌو ته ان کي ڪڍرائڻ لاءِ نار وهائي هڪڙو تلاءُ خشڪ ڪرايائين. پتلو ظاهر ٿيو، پر سندس ماڻهن جي کڻڻ کان اڳ اڏامي وڃي ٻئي تلاءَ ۾ پيو. تنهن تي شاهه حسن مايوس ٿي ان تان هٿ کنيو ۽ چشمن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنائين (21) .
(6) هڪ روايت مطابق لاکي جي دور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي ريٻاري ذات جا مالوند ماڻهو وڏي تعداد ۾ آباد هئا. جيڪي پهرين ته سمن جا طرفدار هئا پر هڪ موقعي تي جڏهن هنن، سمن جي ڪنهن سردار جي موت تي سمن سان گڏ سوءِ ڪئي ۽ زالن نٿون بولا لاهي ڇڏيا. پوءِ جڏهن سمن مان ڪنهن به ريٻارين جي سوءِ ڪانه لهرائي ته انهن جي دل ۾ وار پئجي ويو. تنهن کانپوءِ ريٻارين جي ڪن ماڻهن، لاکي جي ساٿين، جسي ۽ جسراج جا ماڻهو ماريا پر لاکو هاڻي راڄ ڌڻي ٿي چڪو هو تنهن ڪري هن صبر کان ڪم ورتو. ان وقت ڪڇ جو وڏو راءِ کنگهار هو، جيڪو جاڙيجن سمن مان هو ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو هو. راءِ کنگهار ريٻارين جو طرف وٺي رهيو هو، ڇو ته سندس ڪنهن ريٻاريءَ سان رستو هو. لاکي ڦلاڻيءَ، راءِ کنگهار کي اهڙي روش کان روڪيو، ڇو ته هن سمجهيو ٿي ته ان سان ريٻاري هاڻي سڄڻ نه رهيا آهن ۽ اهي وجهه وٺي پاڻ اڳواڻ ٿي ويندا. راءِ کنگهار پاران پوءِ به ريٻارين جو پاسو وٺڻ ڪري لاکو ڪاوڙجي پيو ۽ تياري ڪري هڪ پاسي انهن جاڙيجن سان جنگ جوٽيائين، جيڪي راءِ کنگهار جي اجائي طرفداري ڪري رهيا هئا ۽ ٻئي طرف ريٻارين مٿان اچي ڪڙڪيو. نيٺ اهڙي ئي هڪ جهڙپ ۾ لاکو ڦلاڻي، راءِ کنگهار جي هٿان مارجي ويو. ان کان پوءِ ريٻارين راءِ کنگهار کي به ماري ڇڏيو.
(7) ڪن روايتن ۾ مارويءَ کي ڦل جي هڪ راڻي ميران ديويءَ جي پيٽان ڄاول ڌيءَ (يعني لاکي ڦلاڻيءَ جي ڀيڻ) ڄاڻايو ويو آهي ته ڪن ۾ وري کيس لاکي ڦلاڻيءَ جي ڌيءَ ڄاڻايو ويو آهي.

[b]روايتن تي بحث:
[/b] جيئن ته لاکو هڪ عام نالو آهي، ان ڪري هن نالي جي ڪري به لاکي ڦلاڻيءَ جي شخصيت جي باري ۾ ڪافي مونجهارو پيدا ٿيو آهي. مثال طور لاکي ڦلاڻيءَ جي چوٿين پيڙهيءَ واري ڏاڏي جو نالو لاکو گوراڙو هو. لاکي گوراڙي پنهنجي پيريءَ ۾ ڄاول پٽ تي پنهنجو نالو رکيو. ڪن روايتن ۾ اهو نالو انڙ انڙاڻي ٿو ملي ته ڪن ۾ وري لاکو لاکاڻي. بهرحال اهو نالو سنڌ جي سمن جي پوئين حڪومت جي پهرئين سمي بادشاهه جو آهي ۽ پيءُ پٽ جي ساڳئي نالو هئڻ واري غير عام روايت جي ڪري سنڌ جي نسلي تاريخ ۾ ڪافي مونجهارو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيل آهي.
لاکي ڦلاڻيءَ کان پوءِ سمن ۾ لاکو جاڙيجو ٿيو. وري ان لاکي جاڙيجي جي اولاد مان ڄام راول جي پيءُ جو نالو به لاکو هو. سمن جي شجري جي انهن سڀني ڪردارن جا مختلف واقعا مشهور ٿيا. ايتري قدر جو اڳتي هلي اهي واقعا پاڻ ۾ گڊمڊ ٿي ويا ۽ هڪڙا واقعا ٻين سان منسوب ٿي ويا. مٿي بيان ڪيل واقعن مان پهريون واقعو ته سڌو سنئون لاکي ڦلاڻيءَ سان ئي وابسته آهي، رڳو ان ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي گڊمڊ ٿيل ڪردار جي ڪري کيس لوڙائو ڪوٺڻ وارو وڌاءُ ڪيو ويو آهي، جنهن کي مٿئين بيان ۾ ڪٽيو ويو آهي ۽ ان جي جڳهه تي شيل شڪار وارا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، ڇو ته راقم جي نظر ۾ لاکو ڦلاڻي لوڙائو رهيو ئي نه آهي. ان جي ڪجهه چٽائي اڳتي به ٿيندي. ٻئي پاسي لاکي ڄاڃيءَ وارو واقعو ڪن روايتن ۾ ڄام لاکي گوراڙي سان به منسوب ٿيل آهي (22) . ممڪن آهي ته اهو واقعو لاکي ڦلاڻيءَ سان ئي لاڳاپيل هجي، پر ٻن روايتن جي آڌار تي شڪ جي گنجائش بهرحال موجود آهي. هونئن اهو اهڙو اهم واقعو ڪونهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ نهايت ضروري سمجهيو وڃي. لاکي ۽ اوڏڻ واري روايت به اهڙي ئي عام نوعيت جي آهي، جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ لاکي ۽ ريٻارڻ وارو واقعو نهايت اهم آهي. دراصل اهو واقعو لاکي ڦلاڻيءَ سان نه پر سڌو سنئون ڄام راول جي پيءُ ڄام لاکي سان منسوب آهي، جنهن جي زندگيءَ جو احوال ملي ٿو، جنهن مطابق ڄام لاکو، ڪڇ جي راءِ هميرجي (راءِ کنگهار) جي حدن ۾ اچي ڌاڙا هڻندو هو ۽ اتي جي ماڻهن کي تپائي ماريو هئائين. نيٺ هڪ ڀيري هو ڦر ڪندي مارجي ويو. سندس دور ۾ جاڙيجن (هتي جاڙيجن جي مرڪزي راءِ جي حدن ۾ چوڻ صحيح ٿيندو، ڇو ته اهو لاکو پاڻ به نسلي طور تي جاڙيجو (ذات جو هالو) هو) جي حدن ۾ افراتفري ڦهليل هئي. ڇو ته ان دور ۾ سنڌ جي صورتحال ڪڇ جي علائقي تي سڌيءَ طرح اثر ڪري رهي هئي. سنڌ جا ارغون حڪمران، جاڙيجن کي سنڌ جي سمن جي مدد ڪرڻ ۽ سنڌ کان پري رکڻ لاءِ ڪڇ تي ڪاهي رهيا هئا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڄام لاکي جو ڦرون ڪرڻ حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو هو. لطيف سائينءَ جو مشهور بيت ان دور جي صحيح عڪاسي ٿو ڪري ته "جاڳو جاڙيجا، سمان سک مَ سمهو، پسيو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون هڻي." اهو لوڙيون هڻندڙ لاکو، جاڙيجن جي راءِ گهراڻي جو ويجهو مائٽ هو، جيڪو سمجهائڻ سان نه سمجهيو ۽ نيٺ هڪ موقعي تي مارجي ويو. سندس پلاند وٺڻ لاءِ سندس پٽ ڄام راول، راءِ همير سان جنگ ڪئي ۽ ان جنگ ۾ راءِ همير مارجي ويو ۽ سندس پٽ ڪجهه عرصي لاءِ دربدر ٿي ويا ۽ نيٺ گجرات جي سلطان جي مدد وٺي ٻيهر پنهنجو راڄ واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا. روايت جا ٽاڻا پوريءَ ريت ان ئي واقعي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، رڳو ان روايت جي لاکي ڦلاڻيءَ سان نسبت اوپري لڳي رهي آهي. هونئن هن روايت جي ٻولي ٻڌائي پئي ته هيءَ روايت ڄام راول جي پيءُ ڄام لاکي (هالي) جي ڪنهن گهڻ گهري جي ٺاهيل آهي، جنهن هڪ پاسي ڄام لاکي (هالي) کي هن سموري صورتحال کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ٻئي پاسي سمورو الزام راءِ همير تي هڻي ڇڏيو آهي، پر هن روايت جا تضاد ٻڌائين پيا ته ڪڇ جو راءِ لاکو ڦلاڻي پنهنجي دور ۾ ڪڇ جو سڀ کان سگهارو راءِ هو ۽ آسپاس جو ٻيو ڪوبه راءِ سندس ٽڪر جو نه هو، جڏهن ته جاڙيجا ته گهڻو پوءِ ڪڇ ۾ سندس جائنشين ٿيا. ٻيو ته لاکي ڦلاڻيءَ جي موت بابت اها روايت ڪنهن به طور تي قبوليت جوڳي نه آهي. ٽيون ته جنهن ڀڄ شهر کي شاعرن، لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪيو آهي، لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ ان ڀڄ شهر جو هجڻ به تحقيق طلب آهي. ڇو ته اهو شهر ڄام راول جي پيءُ لاکي جاڙيجي جي ڏينهن ۾ هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. اهو شهر ته 1548ع ۾ راءِ کنگهار پهرئين جي ڪڇ تي قبضي بعد مرڪزي شهر بڻايو ويو ۽ ان کان پوءِ ئي اوج ماڻيائين. يعني شاعريءَ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو تعلق ڀڄ شهر سان جوڙڻ تمام پوءِ جي ڳالهه آهي. سچي ڳالهه آهي ته هن واقعي جي جزئيات کي جاچڻ کانپوءِ اهو گمان ٿو پيدا ٿئي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي گهوڙِي "لکي" ۽ سندس ٻن ساٿين جسي ۽ جسراج جو تعلق به ڪٿي اصل ۾ لاکي جاڙيجي (هالي) سان ته نه هو!؟
ڪتاب "ڳاهن سان ڳالهيون" ۾ شامل بڊاماڻي پنري واري روايت ۾ بڊاماڻي پنري کي سمن جي آخري دور جو سڏيو ويو آهي ۽ ساڳي روايت جي اختتام تي لکيو ويو آهي ته "بڊاماڻي پنري جي مرڻ کان گهڻو پوءِ مشهور لوڙائو "لاکو ڦلاڻي" ساماڻو، جنهن ڪاڇي ۾ به لوڙيون هنيون. تڏهن اتي جي ماڻهن پنهنجي سورهيه سردار کي ياد ڪيو ۽ ڪنهن سگهڙ چيو "ڀيڻي ناهه بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙهيون هڻي (23)" . سڌي سنئين ڳالهه پئي آهي ته اهو لاکو جاڙيجو (هالو) هو ۽ لاکو ڦلاڻي هڪ ئي وقت ڏهين صدي ۽ پنڌرهين صديءَ ۾ موجود نه ٿو ٿي سگهي.
روايتن جي اهڙي ڀرمار ۽ تحقيق جي اڻاٺ جي ڪري جڏهن محققن کان لاکي ڦلاڻيءَ جي سخا ۽ لوڙيون هڻڻ وارين روايتن جي وچ ۾ ڇيد نه ٿي سگهيو ته انهن، لاکي ڦلاڻيءَ کي هڪ اهڙو سخي مشهور ڪري ڇڏيو، جيڪو رات جو لوڙيون هڻندو هو ۽ ڏينهن جو سمورو مال غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو! خود لطيف سائين به مليل روايتن جي آڌار تي اهي لوڙين هڻڻ وارا واقعا لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪري ويٺو آهي. موجوده دور جو ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکي ڦلاڻيءَ جي راءِ کنگهار هٿان مارجڻ وارو واقعو "لاکو ڦلاڻي" نالي ڪتابڙي کانپوءِ ڇپيل ڪتاب "سومرن جو دور" ۾ هن طرح ورجائي ٿو ته "سنڌ جي سورهيه لاکي ڦلاڻي، ڪڇ ۽ گجرات طرف وڏيون سوڀون ڪيون ۽ دشمنن کي جنگين ۾ هميشه شڪست ڏنائين. مڙس مرڻ جو ڪونه هو، پر پنهنجي گهرو قبائلي اختلافن ڪري سندس مامي کنگهار کيس مارايو (24) .
حقيقت اها آهي ته لاکو ڦلاڻي سخي ڏاتار هو ۽ هو لوڙيون نه هڻندو هو. لاکو ڦلاڻي، ريٻاري قبيلي جو ڏهٽاڻو هو ۽ جيڪو لاکو، جاڙيجن جي راڄ ۾ اچي لوڙيون هڻندو هو ۽ ريٻارين کي تنگ ڪندو هو، اهو سخي مرد نه پر صرف لوڙائو هو. راقم جي هن انومان کي جزوي اختلافن سان جينت ريلواڻي جي هڪ مضمون سان به هٿي ملي ٿي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته "ڪڇ ۾ لاکي نالي ٻه مشهور شخصيتون ٿي گذريون آهن. هڪ راجا ڄام لاکو، ٻيو لاکو جاڙيجو. جاڙيجو لٽيرو هو ۽ ڪڇ جي راجا راءِ شري کينگهار سان بغاوت ڪري ڀڄي ويو. پوءِ ڪڇ ۾ ڦرلٽ ڪري گذران ڪندو هو. رسالي ۾ ذڪر ڪيل اوڏ لوڪن جو سنٻنڌ لاکي ڦولاڻيءَ سان ۽ رٻاري - مالڌارين جو سنٻنڌ لاکي لٽيري سان هو. ٻئي لاکا الڳ الڳ آهن." هن بيان ۾ لاکو جاڙيجو پوئين لاکي کي ئي ڪوٺيو ويو آهي، جيڪو ڄام راول جو پيءُ هو (25) .
طلا پرس واري روايت جو تفصيلي اڀياس ڪرڻ بعد خبر پئي ٿي ته هيءُ قصو لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب سڀ کان پهريون قصو آهي، جيڪو هڪڙي معتبر ليکڪ جي حوالي سان تحريري شڪل ۾ اسان تائين پهتو آهي. اهو واقعو لاکي ڦلاڻيءَ جي وفات کان اٽڪل اڍائي سو سال پوءِ قلمبند ٿيو آهي. جيئن ته لاکو (هالو) جاڙيجو ان ڪتاب جي تصنيف جي تمام ويجهي دور جو آهي، ان ڪري سندس نالي واريون روايتون تيستائين لاکي ڦلاڻيءَ جي ذڪر کي تضاد جو شڪار نه ڪري سگهيون هيون ۽ هن ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ کي جاڙيجو نه بلڪه سڌيءَ طرح ساموئيءَ جي سمن مان ڪوٺيو ويو آهي (البته تعليقات ۾ لاکي جو شجرو روايتي تضاد سان ٻڌايو ويو آهي، جيڪو بعد ۾ شامل ڪيو مواد آهي). ان کان علاوه لاکي جاڙيجي جي ڦرن وارو بيان به ساڻس منسوب ڪيل نه آهي. باقي رهيو سخا لاءِ طلا پرس لاکي ڦلاڻيءَ وٽ هئڻ جو ذڪر ته اهڙي روايت لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ ئي مشهور ٿيڻ ممڪن آهي. اها اڍائي سو سالن تائين جيئن جو تيئن رهي آهي، يا شايد انهن ۾ جهرڪ ۽ جهرڪي نالي تلائن جو اضافو ٿيل آهي.
لوڪ ادب جي ذخيري ۾ موجود لاکي ڦلاڻي ۽ وڪئي ڏاتار واري روايت البته لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته ان ۾ به سمنگ چارڻ جو ذڪر موجود آهي، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جي راڄ جو معروف مڱڻهار هو.
جن روايتن ۾ مارويءَ کي ڦل يا لاکي جي ڌيءَ ڪوٺيو ويو آهي، اهي سراسر افسانوي روايتون آهن. رائچند هري جن به انهن روايتن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي بهتر آهي (26) .
انهن سمورين روايتن کي لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪرڻ يا نه ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي جڏهن ته انهن واقعن جي جزئيات ۽ انهن ۾ ٿيل واڌارن تي الڳ طرح سان تفصيلي بحث ڪرڻ جي گنجائش به پنهنجي جڳهه تي موجود رهندي.

[b]لاکي ڦلاڻيءَ جو موت:
[/b] گجراتي روايتن ۾ اچي ٿو ته لاکو ڦلاڻي، جوناڳڙهه جي حڪمران گرهرپو يا گوراڙو (Graharipu or Garharo) جو دوست هو (27) ، ۽ اٽڪوٽ وٽ مولراج سان ٿيندڙ جنگ دوران جڏهن گرهرپو، مولراج سولنگيءَ جي هٿان جهلجي پيو ته ان مهل لاکي ڦلاڻيءَ نهايت جرئت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي دوست کي ڇڏائڻ لاءِ سر تريءَ تي رکي مقابلو ڪيو ۽ ان مقابلي ۾ مارجي ويو. ٻئي طرف مارواڙ جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته لاکو ڦلاڻي مارواڙ جي راٺوڙ راجا سياجيءَ جي هٿان ماريو ويو هو. ڪرنل جيمس ٽاڊ به پوئين روايت کي ترجيح ڏني آهي. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته مولراج سولنگي توڙي سيوجي راٺوڙ جي وچ ۾ صدين جو فرق آهي. يعني مولراج جي حڪومت جو دور 942ع کان 95-994ع تائين ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته ڪرنل ٽاڊ، سياجي راٺوڙ جو دور ٻارهين صديءَ جي آخر ۽ تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ ٻڌايو آهي (28) .
روايتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته لاکو ڦلاڻي، سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي آخري دور ۾ ٿي گذريو آهي. مولراج سولنگيءَ جي دور ۾ سندس هئڻ ممڪن نه آهي. جيڪڏهن مولراج سان واقعي به ڪنهن لاکي مقابلو ڪيو هوندو ته اهو ٻيو ڪو لاکو هوندو. البته سياجيءَ سان لاکي جي مقابلي جو گمان ڪري سگهجي ٿو، پر ان سلسلي ۾ به مارواڙ جي سياجي راٺوڙ جي دور تي به تنقيدي نظر وجهڻي پوندي، ڇو ته ڪرنل ٽاڊ پاران سياجيءَ جي ڄاڻايل دور يعني سياجيءَ جي تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ هئڻ واري روايت مان ظاهري طور تي ته نه ٿو لڳي ته ڪو لاکو ڦلاڻي ان دور ۾ موجود هوندو (29) .
هتي هڪ ڳالهه ٻي به ڌيان جوڳي آهي ته جيمس ٽاڊ ٻڌائي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ جو اصل مقابلو بيڪانير جي ڪنهن سولنگيءَ سردار سان هو ۽ سياجيءَ ان جي مدد خاطر جنگ ڪئي، جنهن ۾ سندس ڀاءُ سيتا جي به مارجي ويو، پر هو نيٺ لاکي ڦلاڻيءَ کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان بعد ان سولنگي رئيس، سياجيءَ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني (30) . ٽاڊ ان رئيس جو نالو نه لکيو آهي، پر ڪن روايتن ۾ ان جو نالو مولراج واگهيلو ملي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اهڙي هڪ روايت مطابق لکيو آهي ته "مولجي واگهيلو، سياجي راٺوڙ سان شامل ٿيو ۽ ٻنهي گڏجي لاکي ڦلاڻيءَ کي ماريو (31)" . امڪان آهي ته نالي جي اهڙي هڪجهڙائيءَ جي ڪري بعد ۾ مولراج سولنگيءَ سان جنگ واري روايت جنم ورتو هجي، پر ان لاءِ نهايت باريڪ بينيءَ سان سنن جي چڪاس ڪرڻي پوندي.

[b]لاکي ڦلاڻيءَ کانپوءِ جي صورتحال:
[/b] وڪئي ڏاتار واري روايت مان خبر پئي ٿي ته لاکي ڦلاڻيءَ جون هڪ کان وڌيڪ راڻيون هيون، جن مان هڪ چاوڙي راڻي هئي، پر شايد لاکي ڦلاڻيءَ جو پنهنجو ڪو نرينو اولاد نه هو، جنهن ڪري ئي کانئس پوءِ سندس ڀائٽيو راءِ پونئرو (32) حاڪم ٿيو، جنهن جي باري ۾ چون ٿا ته هو ظالم هو ۽ ماڻهو ساڻس نفرت ڪندا هئا. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي بيان مان محسوس ٿو ٿئي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي مرڻ بعد سرحدي راڄواڙن ۽ راجائن وري ڪڇ تي ڪاهون شروع ڪيون. جيئن ته ڄام پونئري انهن جو سختيءَ سان مقابلو ڪيو، ان ڪري مقابلو ڪندڙن پاران کيس ظالم سڏيو ويو (33).
ان سلسلي ۾ ئي ڄام پونئري جي، ڪڇ جي ٻـَـرڙي واري ڀاڱي جي حڪمران وير گجر سان به ويڙهه ٿي، جنهن کي ختم ڪرڻ خاطر ڄام پونئري، سنڌ جي بادشاهه همير سومري کان مدد ورتي. راءِ پونئري جو جکن سان ڪافي عرصي کان جهيڙو هلندو رهيو هو. ڪڇ جي روايتن مطابق ڄام پونئرو نيٺ جکن جي هٿان ئي مارجي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته اهو محض افسانو آهي، ڇو ته ماڻهن کي يقين نه پئي ٿيو ته ڄام پونئري جهڙو مڙس بيماريءَ وگهي مرڻ جهڙو نه هو. ان ڪري ماڻهن اهڙو افسانو ٺاهيو (34) .
ان بعد ڪڇ تي ڄام لاکي جاڙيجي جو راڄ قائم ٿيو. ڪن روايتن مان اهڙو تاثر ٿو ملي ته ڄام لاکو جاڙيجو قسمت آزمائڻ لاءِ ڪڇ ۾ ويو ۽ اتي ڄڻ ته ملڪ خالي هجي، جنهن تي هن زوريءَ ناجائز قبضو ڪيو، پر ائين ڪونهي. جيتوڻيڪ ڪڇ ۾ ان وقت ٻيا به سردار هئا، راءِ پونئري جا ٻه ڀائر به هئا، سندس پنهنجو اولاد به هو، ان دور جي حالتن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڄام پونئري جي وفات بعد اهي ننڍا وڏا سردار پاڻ ۾ اٽڪي پيا هئا ۽ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وارو علائقو سياسي انارڪيءَ جو شڪار ٿي ويو هو. جڏهن ڪجهه عرصي تائين حالتن ۾ ٺاپر نه آئي ته نيٺ ڄام پونئري جي راڻي راڄيءَ ٺٽي مان ڄام لاکي کي گهرايو. لاکي ڦلاڻي ۽ ڄام پونئري سان ڪا ويجهي نسبت جتي سندس ڪڇ جي راڄ جي حقداريءَ جو سبب بڻي، اتي سنڌ جي شاهي گهراڻي سان تعلق، ڪڇ جي ننڍن وڏن سردارن کي سندس حق ۾ ماٺ ڪرائڻ جو ڪارڻ بڻيو ۽ جلد ئي کيس حالتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي وئي. هن صورتحال جي صحيح تاريخ معلوم ڪرڻ ممڪن نه آهي. اندازي مطابق چئي سگهجي ٿو ته راءِ پونئري جي وفات بعد ڦهليل سياسي انارڪيءَ وارو دور پنڌرنهن ويهه سال هلي ويو. ان بعد ڄام لاکو جاڙيجو چوڏهين صديءَ جي آخري ڏهي ۾ ڪڇ جو حڪمران ٿيو هوندو (35).
اهڙيءَ طرح ڄام لاکي جاڙيجي جي راءِ ٿيڻ سان ڪڇ ۾ ساموئيءَ جي سمن جي هڪ خاندان جي باضابطي راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ ٻيو خاندان ان جي تسلسل طور ڪڇ جو حڪمران ٿيو. جيڪو جاڙيجا خاندان جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اٽڪل ڇهه سؤ سال ڪڇ تي حڪمران رهيو ۽ 1947ع ۾ هندستان مان انگريز راڄ جي خاتمي بعد جاڙيجا راڄ جو باضابطا خاتمو ٿيو.

____

1 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو ٻيو، (اردو ترجمو)، صفحو 18، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو ٻيو، 1990ع.
2 جيمس برگس، ڦل جي پيءُ جو نالو سارو (SARA) ڄاڻايو آهي. انٽرنيٽ تي موجود ويب سائٽن ۾ ان جو نالو ساند ڄاڻايو ويو آهي. راقم جي خيال ۾ اها شخصيت ساڳي آهي، جنهن جو اصل نالو ساهڙ آهي ۽ ساند سندس چاچي جو نالو آهي، پر ساهڙ به ان ئي نالي سان معروف ٿيل آهي. ان ڪري اڳتي ڦل جي پيءُ جو نالو ساند ئي لکيو ويو آهي.
3 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي"، صفحو 4، ڇاپو پهريون، سال 1958ع، ڇپائيندڙ سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ (نوٽ: لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي اها راءِ 1958ع ۾ ڇپيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان کانپوءِ جي اڌ صديءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب، سمن جي نسب نامي جي حوالي سان وڌيڪ چٽو ٿيو هجي، پر هي مضمون لکڻ وقت راقم کي سندس اهڙي ڪنهن به تحرير جو حوالو نه پيو سجهي، جنهن ۾ مٿئين معاملي جي چٽائي ڪئي وئي هجي.
4. www.kutchforever.com/History.aspx?catalog=05
5 ٻي گوئيل راڻي. جيتوڻيڪ ڪن روايتن ۾ انڙ کي چاوڙي راڻي مان پيدا ٿيل ٻڌايو ويو آهي، پر انڙ، ان راڻيءَ مان پيدا ٿيل نه هو.
6 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 259، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
7 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو259، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
8 ڪنٺ ڪوٽ هڪ ٽڪريءَ تي اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن تي پکڙيل هڪ پراڻو قلعو آهي(شايد هن جو اصل اچار "ڪنڌڪوٽ" هجي. ڇو ته هيءُ قلعو ٽڪريءَ تي اڏيل آهي). ڪنٺ ڪوٽ تي پهرين ڪاٺي نسل وارن جو راڄ رهيو، پوءِ چاوڙن جو، پوءِ سولنگين جو ۽ پوءِ واگهيلن جو. ان بعد اهو علائقو مهڙ جي اولاد جي هٿ آيو. جنهن کان پوءِ ساند جي پٽ ڦل اتي هڪ قلعو اڏرايو هو.
9 ڏسو هن مضمون جي پهرئين صفحي تي ڏنل حاشيو نمبر 2
10 www.panjokutch.com
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڌرن واگهيلي کي "گيڙي" نالي رياست جو حڪمران ڄاڻائيندي لکي ٿو ته "ڪڇ ۾ "گيڙي" جي رياست تي واگهيلن سن 1400 سنبت (تيرنهين صدي عيسوي) ۾ قبضو ڪيو. سندن آخري حڪمران راجا ڌرن کي پوءِ مهڙ پٽ ساند سمي ماري "گيڙي" تي قبضو ڪيو. پوءِ "گيڙي" مسلمانن جي هٿ آئي. (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 211، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، سال 2006ع) هيءَ شايد ڪا غلطي ٿيل آهي نه ته نه ڪو مهڙ پٽ ساند جو هو ۽ نه ئي ڌرن کي مهڙ ماريو هو، بلڪه ڌرن کي مهڙ جي پوٽي ڦل ماريو هو.
11 رائچند هريجن، "تاريخ ريگستان"، ڀاڱو پهريون، صحفو 56 ۽ 58، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو چوٿون، سال 2005ع.
12 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 107 کان 117، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
13 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 107، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
14 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، "سنڌي ادب جو تاريخي جائزو"، صفحو 26، عجائب اسٽور سکر 1992ع.
15 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحي 107 کان 117 تائين، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
16 James Burgess, “Antiquities of Kutch & Kathiawar”, P.199, Sindhi Adabi Board, 1991.
17 رائچند هريجن، "تاريخ ريگستان"، ڀاڱو پهريون، صفحو 65، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2005ع.
18 www.kutchforever.com/Forts.aspx?catalog=02& www.kutchindia.co.in/kera.htm
(ڪن روايتن ۾ شوِ جي مندر جي جوڙجڪ سولنگين جي هٿان ٿيل ٻڌائي وڃي ٿي. راقم کي به ائين لڳي ٿو).
19 "تاريخ ريگستان" ۾ مهرراڻيءَ جي نسبت مهر راجپوتن سان ڏيکاريل آهي ۽ انهن جو علائقو مهراڻو، مٺي تعلقي ۾ نبي سر کان 6 ميل ڏکڻ طرف، ڍوري ناري جي کاٻي ڪپ تي نهٽي جي ڳوٺ واري علائقي ۾ ٻڌائي ٿو. (رائچند هجريجن، "تاريخ ريگستان، حصو پهريون، صفحو 126، 127، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو چوٿون، سال 2005ع.
20 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي"، صفحو 15-16، ڇپائيندڙ سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، سال 1958ع. ----------(ڊاڪٽر بلوچ حاشئي ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته اها روايت وڏي لاکي پٽ لاکيار سان به منسوب ڪئي ويندي آهي).
21 تفصيل لاءِ ڏسو، "تاريخ طاهري"، صفحو 75 کان 79 ۽ 310 کان 311 تي.
22 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي"، صفحو 16، ڇپائيندڙ سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، سال 1958ع.
23 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 210، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.
24 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 210، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.
25 جينت ريلواڻي، "شاه جو رسالو: ڪڇي ۽ گجراتي ٻولين جي حوالي سان" (ماهوار ڪينجهر، شمارو سيپٽمبر - آڪٽوبر 2005ع، صفحو 246).
26 رائچند هريجن، "تاريخ ريگستان"، ڀاڱو پهريون، صحفو 66، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2005ع.
هن کي ڪن روايتن ۾ اڀير راجا ڪوٺيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ هو چؤڙن سمن مان هو. روايت ۾ اڀير لفظ عام مفهوم طور استعمال ٿيل لڳي ٿو.
27 اصل لفظ سولنگي آهي، پر سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين ۾ "گ" جو الڳ صوتيو نه هئڻ ڪري ان جو اچار تبديل ٿيل آهي. اهو اچار اسانکي فارسي ٻوليءَ ۾ ڳاهو، ڳهڻو جهڙا نالا لکڻ مهل به تبديل ٿيل نظر اچي ٿو جن جي تحريري صورت ڪاها ۽ ڪانه وڃي بيهي ٿي.
28 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو ٻيو،(اردو)، صفحو 38، 340، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو ٻيو، 1990ع.
29 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو 2، (اردو ترجمو)، صفحو 18، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو 2، 1990ع.
30 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو 2، (اردو ترجمو)، صفحو 18، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو 2، 1990ع.
31 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 211، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.
32 جيمس برگس هن جي نالو جو اچار راءِ پوار به لکيو آهي.
33 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 15، سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع
34 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 16، سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع
35 شايد لاکي جاڙيجي تي اهو نالو به لاکي ڦلاڻيءَ سان ڪنهن ويجهي مائٽيءَ جي نسبت سان رکيل هجي، پر اهو فقط راقم جو گمان آهي.