شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو! : سليم ڀٽو لطيفي

شاهه سائينءَ جي سڀني رسالن ۾ سر ڏهر جي هڪ داستان ۾ لاکو ڦلاڻي، لکيءَ ۽ اوڏن جو ڀرپور ذڪر ملي ٿو ۽ رسالي جي مختلف محققن ۽ ترتيب ڏيندڙن لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار سان انصاف نه ڪيو آهي، سواءِ ٻانهون خان شيخ صاحب جي باقي سڀني محققن لاکي ڦلاڻيءَ کي ڌاڙيل جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي ۽ انهيءَ سوچ جي نسبت سان وري شاهه صاحب جي بيتن سان هٿ چراند ٿي آهي. نتيجي ۾ شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ لاکي جي ڪردار سان ناحق ٿيو آهي. تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي موڙي پيش ڪيو آهي ۽ جاگرافيائي حوالي سان به ڪن ماڳن ۽ مڪانن جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ غلطي ٿي آهي ۽ پوري ڪهاڻي ان جي ڪردارن ۽ لطيفي فڪر جو مقصد ۽ مفهوم ئي ختم ٿي ويو آهي. خبر نه آهي ته اهو سڀ ڪجهه اڻ ڄاڻائي، لاعلمي ۽ تحقيقي کوٽ جي ڪري ائين ٿيو آهي يا ڄاڻي واڻي ڪنهن منفي مقصد جي حاصلات خاطر سازش سٽي وئي آهي. ڪروڙين ڪارڻ ۽ سوين سبب ٿي سگهيا ٿي، پر ضروري ڳالهه اها آهي ته ڳولا ڦولا ڪري حقيقتون هٿ ڪجن ۽ اصل سچ کي نروار ڪجي ته لاکو ڦلاڻي ڪير هو، ڪٿان جو هو ۽ ڌاڙيل ڇو ٿيو؟ اوڏڻ ۽ اوڏن سان لاکي جي نسبت ڪهڙي، ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪارڻ هئي؟ لاکي جي گهوڙي لکيءَ تي لکي نالو ڪيئن پيو؟ تر جي ٻين غاصب زميندارن، وڏيرن، سردارن ۽ وقت جي حاڪمن، خاص طور راءِ کنگهار ۽ ٻين ذاتين جي چڱن مڙسن ۽ ماڻهن جو هن حقيقي ۽ تاريخي ڪردار سان اختلافن ۽ دشمنيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا ۽ عام غريب پورهيت ماڻهو لاکي لاءِ ڪهڙي راءِ رکندا هئا؟ اهي سڀ سوال وضاحت ۽ تحقيق طلب آهن ۽ ان کان علاوه شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ هي تاريخي پسمنظر ڪيئن ٿو جڙي؟
سنڌ جي تاريخ ۾ قومي تحريڪن جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته جڏهن ڪن سڄاڻ ۽ سـُـوَڙن سپوتن ڌرتيءَ جو درد محسوس ڪيو ۽ ديس واسين ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين جي آجپي جي طرفداري ڪئي آهي ته وقت جي حاڪمن سامراجي ذهن جي شيطاني شرارت کان ڪم وٺندي انهن سورهيه ۽ سرويچ سورمن کي عوامي پٺڀرائي ۽ حمايت کان محروم ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ ڌڻين ۾ نفاق پيدا ڪرڻ خاطر انهن جي نالي ۾ پنهنجي پالتو ڪارندن کان ڌاڙا هڻائي هنن کي ڌاڙيل ۽ ڦورو جي روپ ۾ بدنام ڪيو آهي. هن منافقي ۽ چالاڪيءَ جو سلسلو تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ ۾ ته رهيو ئي رهيو آهي، پر ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن ۽ ڪارن انگريزن تائين به هي سلسلو هلندو رهيو آهي. ڪٿي ائين ته ناهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي تاريخي ڪردار ۽ لطيفي فڪر سان اڄوڪي تاريخ جي طوطن به پنهنجي آقائن واري ٻولي ٻولڻ جو پهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي نسلن کي تاريخي شعور جي وهڪري کان غافل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه سائينءَ جي پوري رسالي ۾ ڪٿي به ڪا شاهدي ڪونه ٿي ملي ته شاهه سائينءَ ڪنهن غير ۽ غاصب، لٽيري ۽ ڦورو، لوڀي ۽ ٺوڳيءَ کي مثبت موٽ ۽ مڃتا ڏني هجي ته پوءِ اهي بيت، جن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار جي مثبت پهلوئن کي پيش ڪيو ويو آهي، اهي اهڃاڻ ڪنهن جا آهن؟
منجهه ڪٻرن هُـل، ٻــهــران لـمـن چمـڙا،
نه لاکـو نه ڦل، ڳجهه ڳـرهيان ڪن سين.
هن بيت ۾ لاکي جي روپوش ٿيڻ کان پوءِ سندس ماڳن جي سڃ ۽ ويرانيءَ جو منظر پيش ڪيو ويو آهي ته اندر گهرن ۾ ڪٻرين جو گوڙ ۽ گهمسان آهي ۽ رات جو چمڙا گهرن جي ٻاهران پيا اڏرن. مطلب ته اهڙي ويراني ۽ سڃ ۾ وري لاکو ۽ ڦل به ڪونهي ته راز ۽ ڀيد ڪنهن سان اوريان. هتي ڦل جي نسبت به لاکي جي ڏاڏي يا پڙڏاڏي جي نالي "ڦل" سان آهي، تڏهن ته هو ڦلاڻي يا لاکو ڦل سڏيو ويندو هو. لاکي جي لڏڻ کان پوءِ هن قسم جي سڃ جو پيدا ٿيڻ جي دليل طور هڪ ٻيو بيت به ملي ٿو:
نه سي ڦل باغن ۾، نه سي هٽين داڻا،
لاکــي ابـاڻـا، لـڏي ڪـنـهـن لـــوءِ ويــا.
مطلب ته هاڻ باغن ۾ گل به نه آهن ۽ دڪانن تي اناج جا داڻا به نه آهن. کاڌي پيتي جو سامان علائقي ۾ نه آهي. هر هنڌ سڃ ۽ ويراني لڳي پئي آهي. ڇاڪاڻ ته لاکو ۽ سندس برادري ۽ خاندان جا ماڻهو جوءِ ڇڏي لڏي ڪنهن ٻيءَ لوءِ ويا آهن. هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته لاکو ڌاڙيل ٿيڻ خاطر ڪونه ٿو لڏي، پر هن جي لڏڻ جا ڪي سبب آهن، جيئن ٻانهون خان لکن ٿا ته: "لاکو، جيڪو پنهنجي پيءُ ڏاڏي يا پڙڏاڏي جي نسبت سان ڪڏهن لاکو ڦل يا ڦلاڻي سڏيو ويندو هو، اهو ڪڇ جي علائقي جو هڪ سورهيه ۽ سخي سردار هو، پر ڪڇ ڀڄ جي حاڪم راءِ کنگهار جاڙيجي سمي جي غلط فيصلي سبب، جيڪو هن لاکي جي ساٿين، جيسي ۽ جسراج جي قاتلن (جيڪي ذات جي ريٻاري هئا) جي حق ۾ ڪيو (لاکو) ڪاوڙجي لوڙائو يعني ڌاڙيل ٿي پيو." (جلد 3، صفحو 258) مطلب ته لاکو مال ملڪيت، ڌن دولت ڦرڻ ۽ ماڻهو مارڻ يا ايذائڻ لاءِ ڌاڙيل نه ٿيو هو، پر پنهنجي ساٿين جي ناحق خون جو بدلو وٺڻ، ان غلط فيصلي ڪندڙ ۽ سندس ساٿين جي قاتلن جي طرفداري ڪرڻ وارن جو دشمن هو. انهن کي نقصان ڏيڻ ۽ انهن کي بدلو چڪائڻ لاءِ ڌاڙيل بڻيو هو. مطلب ته لاکو مجموعي طور هن ناانصافي ۽ اقربا پروريءَ واري نظام ۽ اهڙي نظام جي رکوالن جي خلاف هو، نه عام ماڻهن جي خلاف هو، تڏهن ته لطيف سائينءَ فرمايو:
لاکــا لـک سُــڄـن، ڦــلاڻــيءَ ڦـيــر ٻـئـــو،
جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڌڻي ڪنبـن،
جنهن جو جاڙيجن، ستي سونچو نه لهي.
ريٻاري قوم سان لاکي جي دشمنيءَ جو سبب ته اهو آهي ته ريٻارين، لاکي جي ساٿين جيسي ۽ جسراج کي قتل ڪيو ۽ راءِ کنگهار ۽ سندس ذات وارن جاڙيجن سمن سان لاکي جي دشمنيءَ جو سبب وري اهو آهي ته راءِ کنگهار اهو فيصلو غلط ڪيو هو ۽ راءِ کنگهار جي هن غلط فيصلي ڪرڻ جو جواز وري هڪ ريٻاري عورت هئي، جنهن سان راءِ کنگهار جو عشق هو. جيئن ٻانهون خان لکن ٿا ته: "ريٻاري قوم جي عورت (جنهن تي ڪڇ جو حاڪم راءِ کنگهار عاشق هو)" (جلد 3 صفحو نمبر 261) ٻانهي خان اهي لفظ هيٺين بيت جي سمجهاڻيءَ طور لکيا آهن:
ريٻارڻ ريــجهـاءِ، لاکـو لـولاٽـن سـيـن،
سائو مان سندياءِ، ٺٽ مٽائي ٺاڪرو.
مطلب ته ريٻاري قوم جي عورت تون آزين، نيزارين ۽ منٿن سان لاکي کي راضي ڪر، پرچاءِ، متان بهادر لاکو، جيڪو ٺڪر راجپوت آهي، سو تنهنجو ڳوٺڙو ۽ مال جو وٿاڻ بدلائي نظرانداز ڪري وڃي. اهڙا ٻيا به بيت آهن، جن ۾ هن ريٻارڻ عورت ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي نسبت ظاهر ٿئي ٿي.
ريــٻــارڻ روئـي، واري پـاتـا وڇــڙا،
سمورا سوئي، هڻي ساٿ هيڪلي.

رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀي ڍنگهـــرجـهـل،
ٻڙي هتان ٻل، ڪيترون ڪاهي ويا.

رڙي ريـٻــارڻ روءِ، اڀــي ڍنـگهر ڍار،
وڃن اڄ وڳ هڻئو، سئم جي سوار،
ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هن جو دسيين.
مطلب ته ريٻاري قوم جي هڪ عورت، جنهن تي ڪڇ جو حاڪم راءِ کنگهار عاشق هو، اها عورت اکين مان ڳوڙها وهائي، آهه پڪار ڪري وڇڙا واڙي وٿاڻ يا واڙ ۾ پاتا ۽ پوريا. هي چوي ٿي ته لاکو هڪ ئي وقت اڪيلي سر سمورو مال ڪاهي ٿو وڃي. هي عورت چوپائي مال جي واڙي جي ڀرسان بيٺي پنهنجي هڪ ٻي برادري جي عورت کي دانهون ڪري ٻڌائي ٿي، روئي ٿي ته ادي! اي ٻڙي! اي ڀيڻ! لاکو کير ڏيندڙ ڀليون ڍڳيون ۽ مينهون تمام گهڻي تعداد ۾ ڪاهي ويو آهي. ٽئين بيت جي مفهوم ۾ هي ساڳي عورت واڙ جي ڀرسان يا واٽ ۾ روئي دانهون ڪندي ٻڌائي ٿي ته اٺن ۽ گهوڙن سوار ٿيل لاکو ۽ سندس ساٿي چوپائي مال جا ڌڻ يا ولر اڄ ڪاهي ويا آهن. ڪڇ ملڪ جي جبل واري علائقي ڪاڇي جي ٻنهي پارن يعني هر طرف لاکي جو خوف، هراس ۽ ڌاڪو ٿو ٻڌجي. هن جو ڌاڪو ديسن يعني ٻين ملڪن تائين پکڙيل آهي. هنن بيتن مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون ته لاکو، ريٻاري قوم جو دشمن آهي ۽ انهن جا مال به هڻي ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته ريٻاري لاکي جي ساٿين جا قاتل هئا، پر هن ريٻاري عورت سان لاکي جي دشمني ٻه طرفي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ عورت هڪ ته ريٻاري قوم جي آهي ۽ ٻيو ته هيءَ عورت لاکي سان نا انصافي ڪندڙ راءِ کنگهار جي محبوبه آهي، جنهن خاطر ئي راءِ کنگهار جي خلاف ۽ ريٻارين جي حق ۾ فيصلو ڪيو هو ۽ لاکو ڪاوڙ ۾ اچي ڌاڙيل بڻيو هو. هن عورت سان لاکي جي ڏاڍاين جو سبب راءِ کنگهار جي هن عورت سان عشق واري نسبت خود هن عورت کي ڪُـکي ٿي ۽ چوي ٿي ته لاکو هن سان ڏاڍايون انهيءَ ڪري ڪري ٿو جو راءِ کنگهار هن تي عاشق آهي ۽ هيءَ عورت راءِ کنگهار کي تکا طعنا ڏئي ٿي:
رڙي ريٻــارڻ روءِ، واڙي پــايــو وڇــڙا،
کرا ويڻ کنگهار کــي، چنچل اڀي چوءِ،
واڙي وڇ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سـيـن.
مطلب ته ريٻارڻ عورت واڙ ۾ وڇڙا واڙيندي بيٺي روئي ۽ رڙي. هيءَ چنچل، راءِ کنگهار کي سڌيون بيٺي ٻڌائي، سڌا سنوان گفتا بيٺي چوي. راءِ کنگهار کي صحيح سخت ۽ تکا طعنا بيٺي ڏي ته "اي راءِ کنگهار هاڻي واڙي ۾ وڇڙا پون ئي ڪين ٿا، ڇاڪاڻ ته لاکو پنهنجن لوڙائن سان پيو ڦري ۽ مال ڪاهي ۽ (واڙي ۾ وڇڙا تڏهن وجهبا آهن، جڏهن مال جهنگ مان چري ڦري موٽي ڀاڻ يا وٿاڻ تي ايندو ۽ ڏهائي ٿيندي) پر مال ته لاکو ڪاهيو ٿو وڃي، سو وڇڙا واڙن کان ٻاهر پيا گهمن!" ٻانهون خان هن ريٻارڻ عورت لاءِ لکي ٿو ته: چنچل، البيلي، لاڏلي، چلولي، سهڻي (ريٻارڻ قوم جي هن عورت ڏانهن اشارو، جنهن تي راءِ کنگهار عاشق هو) (جلد 3، صفحو 262) ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن حقيقت جي تصديق هن طرح ڪري ٿو ته، ريٻارڻ، ريٻاري قبيلي مان هئي ۽ ڪڇ جي راءِ کنگهار کيس پاڻ وٽ ويهاريو هو جو هو مٿس موهت هو. ڪڇ جي روايت موجب ريٻارڻ سهڻي هئي ۽ سندس نالو ئي چنچل هو. ريٻارڻ، راءِ کنگهار کي پنهنجي محبت ۾ قابو ڪيو، انهيءَ لاءِ ته لاکي کي روڪي، ڇاڪاڻ جو لاکو، ريٻارين جي وڳن جون لوڙيون هڻندو هو.(صفحو نمبر 270) شاهه سائينءَ جا ٻيا به ڪيترائي بيت آهن، جيڪي لاکي ۽ ريٻارين جي دشمني، لاکي ۽ جاڙيجن جي دشمنيءَ جي تصديق ڪن ٿا.
راءِ سـيـن رٺـا جـي، تن جاڙيجن جاڙ ڪـئـي،
ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.

جاڳو جاڙيجا، سمــا سک مَ سـمـهـو،
پسيو آن پاران، لاکو ٿو لوڙيون هڻي.

لاکو لوءِ به لوءِ، وڙهي ويل سڀ ڪنهن،
اورانـگـهـيـو اڀــرن تـان، هڻي ڌڻ ڌڻـيوءِ،
ڪـر ڳـل مـٿـي ڪڇڙي، پرهه ڦٽي پوءِ،
حيف تنــي کي هوءِ، جن اڻ سنڀوڙي آيو.
مطلب ته لاکو هر وقت، هر گهڙي، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، هر هنڌ جهيڙو ۽ جنگ لايو بيٺو آهي. هلر، هنگامو ۽ گوڙ گهمسان ڪريو بيٺو آهي. ڪڇ ۾ پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ يا پرڀات کان پوءِ يعني صبح جي مهل کان پوءِ به لاکو لوڙيون هڻي ٿو. حيف يا افسوس آهي انهن تي، جيڪي غفلت ۾ آهن ۽ لاکو اوچتو انهن جي مٿان اچي بيهي ٿو. هن بيت جي حوالي سان هڪ ضروري وضاحت ٿيڻ گهرجي ته مٿي ڄاڻايل بيت ۾ چار سٽون آهن، جڏهن ته اهو ساڳيو بيت ڪن رسالن ۾ ٻن سٽن ۾ ته ڪن ۾ ٽن سٽن ۾ لکيل آهي. هاڻي بيت جي سٽن جي ترتيب ۾ ٻئي نمبر واري سٽ اضافي سٽ آهي. يعني "اورانگهيو اڀرن تان، هڻي ڌڻ ڌوڻيوءِ". مطلب ته هن اضافي سٽ جي معنيٰ ٿيندي ته لاکو اڀرن ۽ غريبن، هيڻن ۽ ڪمزورن کي ڇڏي، انهن کي اورانگهي اميرن ۽ وڏن ڌڻين جا ڌڻ ڪاهي ٿو وڃي. هن سٽ جي اضافت سان هاڻي لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار جو مثبت رخ سامهون اچي ٿو. ڪيترن ئي محققن شاهه سائينءَ جي رسالي جي نسبت سان ۽ لاکي جي ڪردار متعلق تاريخي پسمنظر واري تحقيق جي روشنيءَ ۾ لاکي جي ڪردار کي ظالم ۽ ڌاڙيل جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته شاهه سائينءَ جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ۽ تاريخي پسمنظر جي تحقيق ۾ لاکو ظالم ۽ ڌاڙيل نه پر مظلومن جو مددگار ۽ ظالمن جو ويري رهيو آهي ۽ بيت ۾ هي اضافي سٽ پڻ ان ڳالهه کي دليل ڏئي ٿي. رسالي جا ٻيا بيت جيئن "لاکا لک سڄن، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو" ۽ "لاکا لک هئا، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو"، انهن بيتن ۾ لاکي جي لکن سان لک برابر ڀيٽ جهڙا لفظ لاکي جي چڱائيءَ جو ثبوت آهن، پر اسان جي تاريخ جي طوطن هڪ دردمند انسان کي ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو آهي. لاکو دشمن جو دشمن آهي، لاکو ناانصافيءَ جو دشمن آهي، لاکو دوستن جي دشمنن جو دشمن آهي ۽ انهن سڀني لاءِ لاکو ڌاڙيل آهي. ٻيءَ صورت ۾ لاکو لکن ۾ لائق آهي ۽ لکين لاکا، لاکي ڦلاڻيءَ جي لک جي لائق به نه آهن. جيئن حاجي ٻانهون خان لکن ٿا ته: "لاکو ڪڇ جي علائقي جو هڪ سخي سورهيه سردار هو."(جلد 3، صفحو 261) لاکي بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکن ٿا ته: "اڳئين وقت جي وڏي ارڏي ۽ اڻٽر سردار لاکي ڦلاڻيءَ جي ڳڻن ڳالهين ۽ ڏاڍاين جا اهڃاڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهن. سندس ڳڻ اهي جو غريب اوڏڻ سان پرڻيو ۽ اوڏن جي لـڄ پت رکيائين ۽ کين پاڻ وٽ اجهو اوٽ ڏنائين. سندس ڏاڍائي اها جو هر طرف هلائون ڪري ڦري ڪاهي راڄن کي لڏايائين. ريٻارين ۽ جاڙيجن جا ته وڳ ڪاهيائين، پر اهي راڄ جيڪي ملڪ جي حاڪم راءِ کنگهار جي پناهه هيٺ هئا، تن جون به لوڙيون هنيائين."(صفحو 74، جلد 10) لاکي جي ڏاڍاين جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر صاحب، لاکي جي ڏاڍاين جو ڪارڻ ڪونه لکيو آهي. جڏهن ته ٻانهون خان ان ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته لاکي جي ڌاڙيل ٿيڻ جو سبب سندس دوستن، جيسي ۽ جسراج جي قاتلن يعني ريٻارين، انهن ريٻارين جي طرفداري ڪندڙ ۽ غلط فيصلو ڪندڙ راءِ کنگهار ۽ اها ريٻاري قبيلي جي عورت، جنهن تي راءِ کنگهار عاشق هو، اهي سڀ سبب هئا لاکي جي ڌاڙيل ٿيڻ جا ۽ لاکي لوڙيون به انهن تي ئي هنيون، جيئن هڪ بيت ۾ آهي ته:
لاکو لکيءَ تي چڙهي، لکي لاکي ساڻ،
چــاري چــاڙهي آيـو، واسـي وات وٿاڻ،
جاڙيجن زيان، ڪيڏو ڪئو ڪڇ سين.
هن بيت جي پڙهڻي بلوچ صاحب وٽ ٿوري مختلف آهي. اها به آخري سٽ ۾ "جاڙيجو زيان، ڪيڏو ڪري ويو ڪڇ سين"، بلوچ صاحب هن جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته: "جاڙيجو يعني لاکو، جيڪو "سنڌ سمون" نه پر، "جاڙيجو سمون" هو." مطلب ته بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق لاکو به جاڙيجو سمو هو. جڏهن ته ٻانهون خان جي پڙهڻيءَ ۾ اها سٽ هن طرح آهي "جاڙيجن زيان، ڪيڏو ڪئو ڪڇ سين" ۽ هن سٽ ۾ "جاڙيجن زيان" جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته "راءِ کنگهار جاڙيجي ۽ ان جي عزيزن جو نقصان يا هاڃو" هاڻي بلوچ صاحب جي مطلب تحت جاڙيجو زيان به لاکو جاڙيجو زيان ڪري ويو ۽ ٻانهي خان جي مفهوم تحت جاڙيجن زيان معنيٰ جاڙيجن جو زيان لاکو ڪري ويو. ٻانهي خان جي پڙهڻيءَ ۾ هن بيت جو ٻيو اڌ جڏهن پڙهبو ته پوءِ مٿئين مطلب ۽ مفهوم لاءِ سٽ جي ٻئي حصي جي پڙهڻيءَ ۾ هن طرح جو سڌارو آڻڻو پوندو، "ڪيڏو ڪري ويو ڪڇ سين"، پر جيئن ته ٻانهي خان واري پڙهڻي گنج جهڙي معتبر ۽ اوائلي رسالي جي پڙهڻي آهي، ان ۾ سڌارو نه ڪرڻ گهرجي ۽ صرف ڌيان سان معنيٰ ۽ مفهوم کي ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي تاڃي پيٽي ۽ معنوي زمري ۾ سوچڻ گهرجي. "جاڙيجن زيان، ڪيڏو ڪئو ڪڇ سين" جو مطلب ٿيندو ته جاڙيجن، ڪڇ جو ڪيڏو وڏو زيان ڪيو آهي جو لاکي سان نا انصافي ڪري ۽ ان سان دشمني پاتي اٿن. هن مفهوم جي دلالت هڪ ٻئي بيت مان ٿئي ٿي ته:
راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،
ڪين ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.
مطلب ته اهي جاڙيجا، جيڪي راءِ سان رٺا آهن، يعني لاکي ڦلاڻيءَ سان ڪاوڙيا، ناراض ٿيا يا دشمني پاتي، انهن جاڙيجن يعني ڪڇ جي راءِ کنگهار جاڙيجي سمي ۽ ان جي خاندان جي ماڻهن وڏي غلطي ڪئي. هاڻ اهي جاڙيجا ڪهڙيءَ طرح چوڏهن چارو يعني چوڏهن واٽن ۽ رستن وارو ڪڇ جو اهم علائقو پنهنجي قبضي هيٺ رکندا، ڇو جو هنن ته لاکي سان دشمني پاتي آهي. اها ئي هنن جي وڏي غلطي آهي. اهو ئي ته جاڙيجن ڪڇ جو وڏو زيان ڪيو آهي جو اهڙي اهم علائقي جو قبضو قائم نه رکي سگهيا. لاکي کي پلي نه سگهيا ۽ خواهمخواهه ٻين کي به تڪليف ۾ آندو اٿن. پنهنجي غلطيءَ سبب ڪڇ ۽ ڪاڇي جو امن ۽ اتحاد، خوشحالي ۽ خيريت کي ڇيهو رسايو اٿن. حاڪمن ۽ چڱن مڙسن، وڏيرن ۽ سردارن جا اهڙا فيصلا جن ۾ انهن جي پنهنجي مفاد ۽ مصلحت جو دخل هوندو آهي ۽ عوامي راءِ جو احترام نه ڪيو ويندو آهي، الٽو حق ۽ سچ جي آواز کي دٻايو ۽ هيسايو ويندو آهي ته پوءِ قومي يڪجهتي، ٻڌي ۽ اتحاد کي ڇيهو رسندو آهي. امن ۽ خوشحالي تباهه ٿيندي آهي ۽ پوءِ آخر اندروني ويڙهاند ۽ خانه جنگيءَ جو ماحول ٺهي پوندو آهي. افراتفري ۽ انتشار پکڙجي ويندو آهي. معاشري ۾ انتشار، عمل ۾ انتشار، سوچ ۾انتشار، هر طرف انتشار ئي انتشار هوندو آهي. هر فرد ۽ هر شيءِ غير محفوظ بڻجي پوندي آهي. لاکي جهڙا ڌاڙيل اهڙي قسم جي غلط فيصلن جي پيداوار آهن. نا انصافي ۽ ظلم جي پيداوار، اقربا پروري ۽ انفراديت جي ڪوڙهه ۾ ورتل سوچ جي خلاف رد عمل ۽ بغاوت جو روپ آهن. هن وٽ به ڌاڙيل ٿيڻ جا ڪي ڪارڻ آهن، جيئن شاهه سائينءَ جو بيت آهي:
ڀڄئان ڀلي نڱئـو، ڏيـئـي پـاٻـوڙي پير،
جيسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڍين وير،
ڪڇ ۾ رهندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿيو.
مطلب ته لاکو ڪڇ ڀڄ مان ڪاوڙجي، جوش ۾ اچي رڪاب ۾ پير پائي نڪتو آهي، پنهنجي مقتول ساٿين، جيسي ۽ جسراج جي جوءِ ۾ انهن جي قاتل ريٻارين تي لوڙيون ٿو هڻي، هاڻي ڪڇ ۾ ڪير رهي سگهندو، ڇاڪاڻ ته لاکو لوڙائو ٿيو آهي. مطلب ته جڏهن لاکي جهڙا سخي ۽ سورهيه سردار به ظلم ۽ ڏاڍ وڌي وڃڻ سبب ڌاڙيل ٿي پون ته پوءِ باقي رکوالو ڪير ٿو بچي. ڇاڪاڻ ته لاکي جي هن قسم جي رويي کان اڳ لاکي جي سورهيائي ۽ سخاوت ئي ان علائقي جي ماڻهن لاءِ امن جي ضمانت هئي. لاکو دوستن جو دوست، بهادرن جو قدردان، هيڻن جو همراهي، اٻوجهن لاءِ اجهو ۽ اوڏ، ماروئڙن جو محبوب هو، حاجتمندن جو ڀرجهلو هو. هن جي نيڪ ناميءَ کان ڪيترائي سردار سڙندا هئا. ڪنهن کي جرئت ڪانه ٿيندي هئي ته هو غريبن جو مال ڪاهي يا هن جي پٽ ۾ پير پائي. لاکو مجبورن جو مددگار ۽ وطن واسي هيڻن کي ڏکوئيندڙن ۽ ڏجهان ڏيندڙن جو ويري هو. لاکو هميشه همت ۽ بهادريءَ جي جذبي سان هيڻن جو همراهه ٿي غاصبن ۽ ظالم سردارن کان غريبن کي بچائيندو رهندو هو. لاکي کي ميدان تي ڏسي ماڻهن جي مُـکن تي سرهائيءَ جي مرڪ ڊوڙندي نظر ايندي هئي، پر هاڻ ويري واءُ لڳو ۽ لاکو لوڙائو ٿيو.
ڀـڄئان ڀلي پير، وڌو راءَ رڪاب ۾،
ڪـڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿئو.
اڳ ته لاکو ويرين تي وار ڪندو هو، هاڻ لاکي کي ڪير ورائي! اڳ ته لاکو ظالمن ۽ غاصبن کي جهليندو ۽ پليندو هو، هاڻ لاکي کي ڪير روڪڻ وارو رهيو ئي نه آهي. تنهنڪري لاکو هر وقت لوڙين جي تيارين ۾ مصروف آهي ۽ شاهه سائين لاکي جي لوڙين جا اهڃاڻ هن طرح ٻڌايا آهن:
ٽا، ٽوڪين پلاڻ، سدا هڻن کوکرا،
لاکي لـوڙائن جا، اهڙا ئــي اهڃاڻ،
تنگن ڏيئي تاڻ، ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.
مطلب ته لاکو ۽ سندس ساٿي هر وقت اٺن ۽ گهوڙن جا پلاڻ ۽ هنا يا ڪاٺا (ڪاٺو ۽ هنو) پيا ڇنڊين ۽ صاف ڪن ۽ پلاڻن کي ٽوپو ڏيئي ٽاڪا پيا هڻن ۽ سواريءَ جي جانورن جي جسم تي کوکرا هڻي صاف پيا ڪن. لاکي جي تيارين جا اهي اهڃاڻ آهن. لاکي جي لوڙين جا اهي اشارا آهن ۽ آخر اٺن ۽ گهوڙن جا تنگ تاڻي تڪڙا نڪري پون ٿا ۽ ڪڇ ۾ ڪوڪار پئجي ٿا وڃن. لاکي جي مسلسل ۽ لڳاتار لوڙين لاءِ لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
ڪـــاري تــان ڪــاٺــو، لاکــو نـه لاهـي،
هـــــنـــي مـــٿــي هــٿــڙا، ابـيـٺـو آهــــي،
گــهـنيـريان گــهـيـڙ ڪـيـو، اڀوئي آهي،
ڪنڍيون سي ڪاهي، کونٽيريون جي کنگهار جون.
لاکي جي لوڙين ۾ ڪا وٿي نه آهي. لاکو ڪاري گهوڙي تان ڪاٺو يا هنو لاهي ئي ڪونه ٿو. لاکي جي تيار هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته هو هني مٿي هٿ رکيو سوار ٿيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. گهنير جو ماڳ اڪري راءِ کنگهار جي ڪنڍين مينهن مان به چونڊي چونڊي جيڪي خاصيون ڪلن ۾ ٻڌل آهن، سي ڪاهي وڃي ٿو. يعني لاکي جي دشمني صرف راءِ کنگهار سان ۽ ان قبيلي وارن سان آهي. هتي هڪ وضاحت ٿيڻ گهرجي ته هن بيت ۾ پهرين سٽ "ڪاري تان ڪاٺو، لاکو نه لاهي" اضافي آهي، جيڪا سڀني رسالن ۾ موجود نه آهي. لاکي جي لوڙين جو ڪوبه مقرر طرف نه آهي. هو پنهنجي دشمنن جي جوءِ هر هنڌ هر طرف پيو لوڙيون ڏئي، جيئن شاهه سائينءَ جي هڪ بيت ۾ هڪ ٻئي ماڳ، "سونير" جو ذڪر ملي ٿو. "سونير" کي ڪن محققن "سونهاريو" ۽ ڪن وري "سونهريون" لکيو آهي. سونهاريون لکڻ وارا حضرات لفظ جي معنيٰ سهڻيون عورتون لکن ٿا، پر محترم انب گوپانگ جي تحقيق موجب "سونير" جاگرافيءَ جي اعتبار کان هڪ ڍنڍ آهي.
لاکو، لـکـيءَ تي چڙهـي، لـکـي، لاکــي هـيٺ،
ســونــيــريــان ســرڪــئــو، ڀـيـڙيـو ٻـڌي بيٺ،
ڪندو ڏمر ڏيٺ، صـبـاح سـاڻ سـڀ ڪنـهـن.
مطلب ته لاکو پنهنجي گهوڙي لکيءَ تي چڙهي سونير ڍنڍ سر ڪري، پار ڪري، هن ڀر اڪري، سندرو ٻڌيو تيار بيٺو آهي. هو صبحاڻي سڀ ڪنهن سان سامهون ٿيندو. لاکي جي لوڙين جو چوٻول ديسان ديس پکڙجي ويو آهي. هر ماڻهوءَ کي ڄاڻ آهي، ٻار ۽ عورتون به بي خبر نه آهن.
والي وڳ مَ ڍار، هن پرائي ديــس ۾،
چيـهو چلڙ چڪ ٿي، وڳ اتـائين وار،
ڏٺـم، ڪالهه پرار، لاکو لوڙائن سين.
لاکي جو ڌاڪو ايتري قدر ڄمي ويو آهي جو هن دشمنن جا ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻ اهي ويران ٿي ويا آهن.
جهري ويئي جهوڪ، ٻنئان ٻهڻ نه ڏي،
لوڻي مٿان لوڪ، لاکي ڪيئي لڏائيا.
لاکو ٻني جي علائقي ۾ ڪنهن کي ويهڻ ڪونه ٿو ڏي ۽ جهوڪ ويران ۽ اجڙيل آهي. لوڻي جي علائقي مان ته لاکي ڪيترن کي لڏائي ڇڏيو آهي. لاکو جڏهن به لوڙين تي نڪري ٿو ته وڳن جا وڳ ڪاهي ٿو وڃي ۽ چؤطرف هن جي ڪاررواين جو هل پيو ٻڌجي.
وڳ نه وارئائون، چاري جو چيو ڪري،
تڏهن ساريائون، جڏهن هـَـيـِـن جو هل ٿئي.

وڳ مَ وساريج، هاڻو ٿو هلي،
مٿي ڀـڄ ڀلي، لاکو لوڙائن سين.
لاکو ته انهن چڱن مڙسن کي به نٿو بخشي، جيڪي ٻين غريبن ۽ متاثر ٿيل مالوند ماڻهن تي کلون ڪن ٿا. لاکو انهن مٿان به اوچتو ڪاهي ٿو اچي ۽ اهي لاجواب ٿي پون ٿا.
خبر ٿئي کـِـلن، سڻي ڀؤ نه ڀڄڻان،
چاري مٿن چٿرون، پاڻا اڀا ڪن،
لاکو متان تن، اڻ سنڀوڙي آيو.
لاکو ڦلاڻي جوڌو جوان ۽ سورهيه ۽ سخي سردار هو، جيڪو ڏاڍمڙسيءَ کان ڪم وٺي شاهوڪارن، اميرن تي ڌاڙا هڻندو هو، پر ائين هرگز نه هو ته هو ڪو ظالم ۽ ڌاڙيل هو. اصل ۾ هو پنهنجي انتقام جي ڪري ائين ڪندو هو ۽ حقيقت ۾ هو غريبن جو غمگسار، هيڻن جو هڏڏوکي، مجبورن جو مددگار هوندو هو. لاکو پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وجهي، سر تريءَ تي رکي، مشڪل مهمون سر ڪندو ۽ مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ ڪنهن به وقت پهچي ويندو هو. سردار ته هن کان سڙندا هئا، وڏيرا هن مان وڏون ڪڍندا هئا، ڪانئر هن کان ڪنبندا هئا، دشمن هن کان ڊڄندا هئا، حاڪم هن کان هيسيل هئا، پر عام غريب ماڻهو هن جي همدردي، سڀاءَ ۽ بهادريءَ جا گڻ ڳائيندا هئا. لاکي کي ڌاڙيل طور بدنام ڪرڻ ۾ انهن ڌرين، جن جي لاکي سان دشمني هئي ۽ تر جا اهي سردار، جيڪي هن کان حسد ڪندا هئا، جو عمل دخل آهي. اهي ظالم، لاکي کي بدنام ڪرڻ لاءِ لاکي جي نالي ۾ ڌاڙا هڻندا هئا، غريبن ۽ مسڪينن کي لٽيندا ڦريندا هئا. اهي سدائين ان تاڙ ۾ هوندا هئا ته ڪيئن لاکي جو نالو بد ڪجي، ڪيئن هن جو نالو ٻوڙجي، جيئن سندس بدناموسي ٿئي ته جيئن هن کي عوامي همدردي نه ملي، پر ڪي ته وري سندس جان جا دشمن هئا. کين ڪنهن ڄار ۾ ڦاسائي مارڻ جون سٽون سٽيندا هئا. اهو ان ڪري جو لاکو پنهنجي بهادريءَ سان ظالم سردارن جي علائقن ۾ گهڙي پوندو هو ۽ حرفت ۽ جان بازيءَ کان ڪم وٺي بيوس انسانن کي مصيبت مان آزاد ڪرائيندو هو. لاکو اڻ موٽ ۽ ارڏو انسان هو، جيڪو ظالمن کي ضرب رسائيندو هو. لاکي جي ڪردار ۾ بهادري، حب الوطني، غريبن سان همدردي، انسانن سان پيار، ظلم خلاف جنگ، طبقاتي تفاوت، جاگيرداري نظام جي منافقين کي وائکو ڪرڻ، ذات پات ۽ اونچ نيچ جا ويڇا ختم ڪرڻ جهڙا اعليٰ گڻ هئا. لاکي ڦلاڻيءَ جو پنهنجي نالي ٿيل عورت مهر راڻيءَ کان منهن موڙي غريب اوڏڻ جسمان سان شادي ڪرڻ، هڪ اهڙو گڻ آهي، جيڪو هن کي پيار ۽ ذات پات جي پلڙن ۾ پنهون ۽ ڄام تماچيءَ سان ترازي ۾ تورڻ جي لائق بڻائي ٿو. راءِ کنگهار ۽ تر جي ٻين سردارن جو لاکي سان حسد هئڻ ۽ دشمني پائڻ، لاکي کي هڪ ٻئي تاريخي ڪردار جهوڪ واري شاهه عنايت شهيد جي ڇانو ۾ بيهاري ٿو، تڏهن ته شاهه سائينءَ فرمايو:
لاکا لک هئا، ڦلاڻيءَ ڦير ٻئــو،
آجا اوڏ ٿئا، پلي لڳي جنهن جي.

لاکا لک سڄن، آئـون اوڏڻ اگلي،
پلي لڳي جن، اوڏ به آجا ٿيا.
مطلب ته لاکا لک هئا، پر ڦلاڻيءَ جو نمونو ٻيو آهي. هي اهو سخي سورهيه سردار آهي، جنهن جي پاند سان پيوند ٿي اوڏ به عيبن ۽ عذابن کان آجا ٿي ويا. اگلي اوڏڻ "جسمان" به اجري ٿي پئي. جيئن ڄام تماچيءَ جي نسبت سان ڪينجهر جا مهاڻا به ماڻهو ٿي پيا هئا، جيئن لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
ڄاريون ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن وهن سر ٻانڌيين، سڀ ڪا بدبـوءِ هــاڻ،
لڏڙن جيئن لطيف چئي، پاڻي ونـجهـــڻ پـاڻ،
تن ملاحن جو مان، سمي سر ڪــئــو پنهنجي.

ککيءَ هـاڻـيون کاريون، ڇڇي هاڻا ڇڄ،
پانڌ جنـن جـي پاند سين، لڳيو ٿئي لڄ،
سمون ڄام سهج، اڀو ڪري انين سين.
سنڌ جي عشقيه داستانن ۾ پنهون به پورهيت پريٽ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، پر طبقاتي تضادن جي تک اڳيان ڪک جئان لڙهي ويو. طبقاتي تضادن جي طاقتور تراڙي ۾ تري نه سگهيو ۽ سور سسئيءَ جو سينگار بڻيا ۽ آخر سسئيءَ کي هن طرح جي شڪايت ڪرڻي پئي:
بـي ننـگا بلوچ ٿيا، ننهن نـه نيائـون،
لڪن سين لائون، سسئي سڌيون سورن جون.

ڪهڙو ڏوهه ڪيوم، آريءَ جي آڪاهه جو

ڀينرڙي بغداد، ڪري ڪيـچـي هليا

بي غرضا بلوچ، سسئيءَ سين سرواڻ،

هينئن نه ڀانيم جيڏيون، ته ڪو ڏاڍي ڪندا ڏير،

ولهي جا ويڙها، سڃا سردارن ري،

ٻاروچاڻا ٻار، توڙان ترس نه سکيا

هنن تان لـڄ لئي، هن جو هلڻ هوت ڏي
پنهونءَ جي ڀيٽ ۾ تماچي ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي محبت مهان آهي. ٻنهي جي محبت جي عظمت هن حقيقت ۾ آهي ته ٻئي مرد هستيون مٿئين طبقي جي هئڻ جي باوجود سندن محبت جو مرڪز ۽ محور پورهيت عورتون آهن. ڄام تماچيءَ جو عشق نوري مهاڻيءَ سان آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جو عشق اوڏڻ سان آهي. جيئن تماچي مهاڻن تي مهربان آهي، تيئن لاکو اوڏن جو اڏ ۽ اجهو آهي. لاکو اوڏن لاءِ اوڍر ۽ اوڊڪو آهي، پردو ۽ پناهه آهي، ڇپر ۽ ڇانو آهي، آڌار ۽ اڳ آهي، ڀروسو ۽ ڀرجهلو آهي.
نوريءَ سان نينهن جو ناتو ۽ شادي، اهو سڀ ڪجهه ڄام جي ڪردار جي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. ڄام جي اهڙي رويي سبب نوريءَ اڳيان ٻين راڻين جي حجت نه ٿي هلي جو تماچي مٿس مورڇل پيو هڻي. ڄام، نوريءَ تي اهڙي قدر فدا آهي جو:
"عشق ائين ڪري، جيئن ڄام ڄارو ڪلهي ڪيو"
ڄام تماچي وقت جو حاڪم آهي ۽ نوري مهاڻي، پر ڪو به فرق نه آهي.
سميون ڪري سينگار، راءِ ريـجـهـائـڻ آئيون،
ڄـام هـٿ ۾ ڄــار، ٿــو ڄـلـي ڄٻيرن وچ ۾.

مــــي هــٿ ۾ مـڪــڙي، حـُـام هـــٿ ۾ ڄــار،
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪـالـهه هو.

گاڏي چاڙهي گندري، ماڻهو ڪيڙيئي مي

سميون جت سرهين، تت مهاڻي منجهه وهي
اهڙيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار آهي، جيڪو هڪ ايذايل ۽ عذابن ۾ ورتل اوڏڻ جي لـڄ جو لـڄ ڌڻي ۽ لڄدار بڻجي ٿو.
لاکي لـڄ کنئي، اسان اوڏڙين جـي،
ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهيان.

لاکا لـڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آهيان،
پکا سـي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏئا.
ڄام تماچي عاشق ۽ پيار ڪندڙ ڪردار آهي، جيڪو محبوب ۽ عوامي حاڪم، حاڪميت جي اصول تحت حاڪم ۽ محڪوم جي تعلق ۾ برابريءَ جو حامي ۽ طبقاتي ننڍ وڏائيءَ جي مخالفت جي مجسم صورت آهي. جيڪو گهٽ ذات واري پورهيت جي پيار ۾ ذات پات جا مت ڀيد، راجا ۽ رعايا جي سنڌي کي ريٽي ۽ ريبي ٿو ڇڏي، حاڪم ۽ محڪوم، امير ۽ غريب هڪ قالب ٻه جان ٿي پون ٿا.
جا سمي وهاري سٿ، تنهن سين ريس نه ڪنديون راڻيون

سا مرڪي ميربحر، جنهن جي جهولي چنڊ جهلي پيو

مهاڻيون موهين، تخت تماچي ڄام جو
اهڙيءَ طرح جسمان اوڏڻ جي زباني لاکي جي عظمت جو اظهار ٿئي ٿو.
ڍنـگهـر ڍلـــو مَ ٿـئـي، اڏئو جو اوڏن،
جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
ڄام سمي جي سڀاءَ ۾ ڪوبه احساس برتري نه آهي. غرور ۽ هٺ ۽ وڏائيءَ جا سڀ ڪوٽ ڪيرائي ٿو ڇڏي.
ريجهئو رهاڻي، ڪـري تـمـاچي تن سين.

گهوٽ انبن جي گهر، راجا ريجهي آيو

سمي سيئي سيڻ، هيڻا جن جا هڏ

جي مي مڇيءَ مارا، سمي سي سيڻ ڪئا

انين جو آريون، سمي ريءَ ڪير سهي

ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙيءَ ڌوم

مرڪن ملاحن جا، مٿي ٻانڌين ٻار

ڪينجهر قرارئو سمي سام بخشي
پر لاکو نه رڳو ڪاڇي ۽ ڪڇ جي لـڄ جو رکوالو آهي، پر سنڌ جي ثقافت جي سونهن ۽ رسم و رواج ۽ قدرن جو علمبردار به آهي. جيڪو ڏاڍائيءَ جي باوجود سنڌ جي سانگين جي مدد کان منهن نه ٿو موڙي. لاکو نه رڳو سورهيه آهي، پر هيڻن جو هڏ ڏوکي آهي. هت هڪ ڳالهه واضح ٿيڻ کپي ته ڄام بادشاهي اختيار جو استعمال ڪيو ۽ شاهي خزاني مان مهاڻن کي مال ملڪيت ڏني. بادشاهي اختيار جي عيوض ان اختيار کي استعمال ڪندي چڱايون ڪيون، پر لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار هن ماڻ ۽ ماپي جي لحاظ کان اڃا به ٻه قدم احسان ڪرڻ ۾ اڳرو آهي، جو هو تاريخ ۾ سورهيه ۽ سخيءَ جي لقب سان مشهور آهي. لاکي جيڪي به وڙ ڪيا، سي هڙان وڙان پئي ڪيا. پنهنجي مال ملڪيت مان پئي ڏنو يا بي پهچ ماڻهن کان جيڪي مال کسي پنهنجا وٿاڻ ڀريندا هئا ۽ وڳ وڌائيندا هئا، انهن ظالمن ۽ پرمارن جي مال تي لاکو لوڙيون هڻندو هو ۽ غريبن جي مدد ڪندو هو. لاکو غريبن جو غمخوار ۽ هيڻن جو واهرو ۽ ديس جي لـڄ هو. ٻين کي وڍيندڙ کي وڍ وجهڻ لاکي جو وڙ آهي، پر هارايلن کي ڪڏهن به ڪونه ماريندو هو، تنهنڪري ته ٻين جي انڌير ۽ ايذائن جا ستايل به لاکي جي پناهه ۾ ٿا اچن:
ڇنيل ڇڄ هٿـن ۾، ڪـلـهـن ڪـوڏارا،
پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اٺين سوارا،
اوڏ بــــه ويــچارا، لاکـا اچــن لـــڏئــو.
هن بيت ۾ رسالي جي محققن ۽ ترتيب ڏيندڙن آخري سٽ ۾ لفظ "اچن" کي "وڃن" لکيو آهي. هن لفظ جي غلطيءَ سبب لاکي جي ڪردار جو مثبت پهلو مار کائي ٿو وڃي ۽ مطلب نڪري ٿو ته لاکي جي عذابن ڪري اوڏ به سندس جوءِ مان لڏيا ٿا وڃن، جڏهن ته لفظ "اچن" سان مطلب ٿيندو ته لاکي جي سخا ۽ سورهيائي سبب پناهه ۽ پردو ڏيندڙ جي حيثيت ۾ اوڏ به سندس پناهه ۾ اچن ٿا ۽ هن دليل کي طاقت وٺائڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي بيت ملن ٿا، جيئن:
جي تون اوڏ طلبين، تئان هت نه ڪوءِ،
وئا لاکو لوءِ، سنجـهـي ٽـنـگـي ٽـنـگـڙا.

چـلـئـا کـڻـي چنـجـور، اوڏ اکــوڙي پکڙا،
کنيائون تنهن کوڻ، جيڏانهن لاکي لڏيو.
ڄام جي ڪردار جي عظمت هن حقيقت ۾ آهي ته ڄام اهڙن پورهيتن سان پيار ڪري ٿو، جن جي عيبن ۾ جوءِ آهي، جن ۾ عيب اپار آهن، عيب هزار، عيب ويهه، عيبن ڪوڙ، عيبن لک آهن، جن ۾ ککي کوڙ ۽ ککي کاريون آهن. ڄام جي محبت انهن غريب گندرين سان آهي، جن جو کاڄ ککيون آهي. مال مڏ آهي. انهن جا هڏ هيڻا آهن. ڄارا ۽ کارا، مڪڙيون هنن جو مال ملڪيت آهي. ڪوڻيون، قم ۽ ڪالوڙا هنن جي ڪل ڪائنات آهي. هنن جا پڄ پپيءَ هاڻا آهن. هنن جي پاند سان پند لڳئي لـڄ ٿئي ٿي. اهي ڪوجهيون ڪاريون، ڪوڙيون منهن ميريون، بدن جنين بوءِ، سي سڄو ڏينهن ڀن کي ڀاڪر پائي پاڻيءَ ۾ پيون تڙڳن. سمو انهن جي سام کڻي ٿو ۽ هنن تان حساب جا حرف لهي وڃن ٿا. هي هٿين پيرن ڇيڳيريون، رنگ ۽ روءِ ۾بي رونق، مڇيءَ سان محبت ڪندڙ مييون، ڪمذات ۽ ڪمزور، پاٻوڙن جي پوشاڪ پهريندڙ، گود ۾ گند رکندڙ گندريون، جن کي ڄام مڃر مڙوئي انعام ڪري ٿو، انهن جي اوطاق راجا ريجهي وڃي ٿو. اهي مهاڻا ڪلهن تي ڪوڻيون ۽ مٿي تي موڙيون کڻندڙ آهن. انهن کي ڪينجهر انعام ٿئي ٿو ۽ ڏهوڻا ڏن ڏور ٿين ٿا.
تــڙ تـمـاچـي آيــــو، وري ٿــي وراڻ،
ڪينجهر ٻنهي ڪنڌيين، راتو ڏينهن رهاڻ،
پرچي ويٺو پاڻ، ٿيون مرڪن مڇي واريون.
پر لاکي ڦلاڻيءَ جي محبت وري اهڙي پورهيت طبقي سان آهي، جن جي محبت مٽيءَ سان آهي، جيڪي مٽيءَ جي راند ۾ رڌل آهن، جيڪي صرف ڌرتيءَ جا پورهيت آهن ۽ ڌرتيءَ جي ننگ ۽ ناموس جا رکوالا آهن. انهن جي لـڄ لاکو کڻي ٿو ۽ نتيجي ۾ ڪابه ڪاڻ ڪانه اٿس ۽ بهادرن کي هن بهادر جو ساٿ ڏيندي سرهائي ٿئي ٿي. لاکي جي محبت اوڏڻ سان آهي، اها اوڏڻ جنهن جي جسم ۾ ڌرتيءَ جي سڳنڌ ۽ مٽيءَ جي مهڪ آهي. جنهن جي پيرن جي پڻي به سجدن جي لائق آهي ۽ اکين اگهڻ جي لائق آهي.
جي تو پائر ڏنا پير، سي آئون اکين اگهان
هي اوڏڻ ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا آهي، سونهن ۾ سڀن کان سرس ۽ لڇڻن ۾ لاکي جي لائق آهي. هنن پورهيتن سان گڏجڻ ڪري ته هيڪاري لاکي جو شان ۽ مان وڌي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اوڏ اهي پورهيت آهن، جي ديس واسين لاءِ مٿي ڇانوَ ڪن ٿا. ديس کي اڏي ان جي رونق وڌائين ٿا، پر پاڻ ويچارا سدائين سورن ۽ رولن ۾ هوندا آهن. هي ته سنڌڙيءَ جا سپوت ۽ سرجڻهار آهن. لاکي جو ڪردار ذات پات جو فرق ختم ڪري محنت ۽ ڏات جو مان مٿانهون ڪري ٿو.
چوري چنجورن سين، کوٽي کنيائون کوهه،
لاکي سندي ڳالهڙي، رکيائون منجهه روح،
پڌر نـاهه پـاٻـوهـه، انـدر اورڻ پرينءَ سـيــن.
ڄام جي محبت نوريءَ سين نياءُ ڪيو ته نوريءَ کي هيءُ مان مليو:
جهڙي سونهن سندياس، تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻئو،
ريـس راڻـيـن ڇــڏي، وهـي ڪــانه وٽـانـــس،
مڏ مياڻيون مڪڙيون، مڙئـي معاف ٿيـاس،
مــورڇـل مـٿيـاس، اڀـو تـمـاچي ٿو هــڻي.

تخت بخت تماچي، سڀ نوريءَ کي نمن،
لڪئو لياڪا پاتا، ســـاري رات سـمـيـن،
ٻايون راڻيون دايون، تـنـهن جا پير چمن،
مـڃــــر مــلاحــن، مـــڙوئــي مـعـاف ٿــيـو.
پر لاکي جي لکين لکڻن ۽ لڇڻن ته اوڏڻ کي اڏي ڇڏيو. لاکي ته لک لائق ڪري اوڏڻ کي به لائق بڻايو:
اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
سنـدو مـٽـي مـامـرو، لـٿـو تو مٿاءُ،
راڻيون گهڻيون راڄ ۾، توتي ريڌو راءُ.

اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
مٽي ڀري هٿڙا، تو ڪيئن ريجهايو راءُ،
راڻيون گهڻيون راڄ ۾، تو جهڙي نه ڪاءُ،
اديون عبداللطيف چئي، سچي ساک سڻاءِ.
ڄام تماچي ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار ۾ هڪجهڙائي ته ڏسو ته هي ٻئي هستيون پيار ۽ محبت کي دائمي حيثيت ڏئي پاڻ کي محبت جا پيامبر ثابت ڪن ٿا. هنن جي نظر ۾پيار ۽ محبت ئي واحد جذبو آهي، جيڪو ڌڪار ۽ نفرت کي ختم ڪري امن ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري سگهي ٿو. هي اهو جذبو آهي، جنهن سڀ ننڍ وڏائي، ذات پات جي اونچ نيچ واري مت ڀيد، منافقت ۽ ذاتي وروڌ ۽ ڪروڌ جي زنجيرن کي ڪٽي انسان کي انهن ٻنڌڻن ۽ پابندين کان آجو ڪري ٿو. هنن ٻنهي ڪردارن، پورهيت طبقي سان پيار جو پيوند پائي هڪ ڪڌي سماجي رسم خلاف پڻ بغاوت ڪئي آهي ته سڱ ۽ سڱاوتي، اميرن ۽ غريبن، حاڪمن ۽ محڪومن درميان هئڻ ڪابه برائي يا گهٽتائي يا بيعزتي نه آهي. هي سنڌ جي تاريخ جو انوکو مثال آهي، جيڪي برابري ۽ مساوات جو شعور رکندڙ آهن، جن ۾ عوامي رهبر هجڻ جا اهڃاڻ آهن. هنن وٽ ڪردارن جي فرق جي صورت نه پر سيرت آهي. هي ٻئي ڪردار ڪيڏي نه دريا دليءَ جا داتا آهن. راڄ ڀاڳ هوندي به حسن ۽ سندرتا جا قدردان آهن. هنن جي نوازشن جو دامن ڪيڏو نه وسيع آهي. هي شرافت ۽ انصاف جو اهڃاڻ آهن، جيئن هڪ شاعر چيو آهي:
تماچي آندي گندري، لاکي آنـدي اوڏ،
سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇن جوءِ جي.
لطيف سائينءَ پڻ هن خيال جي تصديق هن طرح ڪئي آهي:
ڪجي جي ڪاموڏ، اچي سـاءُ سـرود جو،
ڪنڌي ڪؤنر ڪڪوريا، هيٺ لهرن لـوڏ،
جيئن سمي در گندريون، تيئن لاکي در اوڏ،
تـمـاچـي تـنــبوڏ، رات وڄايا ريــل ۾.
هن پوري بحث جي روشنيءَ ۾ لاکو ڦلاڻي، ڄام تماچيءَ سان هر طرح هم رڪاب ۽ هم پلئه نظر اچي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته ڄام وقت جو حاڪم آهي ۽ لاکو هڪ مشهور سورهيه ۽ سخي سردار هو، جيڪو وڏن جي غلط روش ۽ غلط فيصلن ڪري لوڙائو بڻجي جهنگ منهن ڪري ٿو. هي هڪ باغي ڪردار آهي، هڪ انقلابي ڪردار آهي، جنهن اقربا پروري ۽ نا انصافيءَ خلاف بغاوت ڪئي ۽ غريب غربي کي ڪونه ستايو ۽ نه ئي انهن سان ڪو هن جو وير هيو، پر هن جي بغاوت (Targeted) هر ماڻهوءَ جي خلاف ڪونه هئي. لاکي جي لوڙين کي اڄ جي گوريلا جنگ جون ڪارروايون ڪوٺي سگهجي ٿو. هن صرف ريٻارين، جاڙيجن ۽ راءِ کنگهار جي خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ زورآور زميندارن کي ڦرڻ ۽ مظلوميت کي انصاف ڏيڻ لاءِ پنهنجو طريقو اختيار ڪيو ۽ عام ماڻهن وٽ "گاڊ فادر" واري حيثيت وٺي ويو. لاکو اوتاري صفت انسان هو، جنهن کي دشمن ۽ تاريخ جي طوطن ڌاڙيل جي ڇاپ هڻي ڇڏي. لاکو باغي ضرور هو، پر اهڙو باغي، جيڪو طاقتور ڌر کي نقصان پهچائي ڪمزور ڌر جو ڀرجهلو ٿي پوي، جيڪو داد فرياد نه ٿيڻ تي بغاوت تي لهي آيو ۽ رڻ ٻاري ڏنائين، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي:
لاکا لـک هئا، تون اگـهونڻي گـهـون،
جي پري تنهنجي پون، سي واهڙ ڪنهن نه واريون.

[b](قدر ڪيميا ان جو، BLESS ۽ گلڙا پبليڪيشن ٽنڊو ڄام، 2004ع)
[/b]