پيش لفظ : قاضي مقصود احمد
لاکي ڦلاڻيءَ جي باري ۾ ملندڙ مواد جي سلسلي ۾ متضاد روايتن کي ڏسندي مون کي به اهو بهتر سمجهه ۾ آيو ته اسانجي جن دانائن، سندس شخصيت سان منسوب واقعن جي پرک ڪندي قلم ۽ قرطاس جو سهارو وٺندي اسانکي لاکي ڦلاڻيءَ جي شخصيت کان واقف ڪرايو آهي، انهن جو قدر لائق ڪم جيتري قدر ٿي سگهي، هڪ هنڌ سهيڙي پڙهندڙ آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ پنهنجو نقطهءِ نظر به پيش ڪيو وڃي. اهو سوچي لاکي ڦلاڻيءَ بابت اهڙو مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، جيڪو الڳ مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ جي لائق هو.
لاکي ڦلاڻيءَ جي حوالي سان شاعري ته ٻين به ڪئي آهي، پر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ غلام محمد خانزئي جي رسالن ۾ ملندڙ بيتن کي هن ڪتاب ۾ الڳ عنوان سان شامل ڪرڻ مناسب سمجهيو ويو. اهو سوچي هن مجموعي جا ٻه حصا ڪيا ويا آهن. پهرئين حصي ۾ منظوم تذڪري طور لطيف سائين ۽ غلام محمد خانزئي جا لاکي ڦلاڻيءَ سان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح منسوب ڪيل بيت ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ تاريخ طاهري کان وٺي اڄ جي دور تائين جن به ماخذن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو الڳ سان ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو بيان هن مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هتي اهو مناسب ٿيندو ته مختصر طور تي انهن مضمونن جا ڪجهه خاص نقطا بيان ڪبا هلجن.
[b]تاريخ طاهري جو بيان:
[/b] تاريخ طاهري، مغلن جي دور ۾ لکيل ماخذ آهي، جيڪو 1621ع ۾ لکيو ويو. هن ماخذ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن، اهي هن ريت آهن ته لاکو ڦلاڻي، ساموئيءَ جي سمن مان هڪ سورمو هو. ان کان علاوه ساموئي جي سمن پاران هندن جي هٿ جو کائڻ ۽ جوڳين جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ جو ذڪر ڪندي اڻ سڌيءَ طرح ٻڌايو ويو آهي ته لاکو ڦلاڻي مسلمان هو. ان بعد طلا پرس واري روايت ڏني وئي آهي. روايت سچي هجي يا ڪوڙي، هتي ان تي بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. باقي هيءَ روايت سڌيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جي سخاوت جو داستان ٻڌائي رهي آهي.
[b]رائچند هريجن جو بيان:
[/b] رائچند هريجن پنهنجي تاريخ "تاريخ ريگستان" جي نالي سان لکي، جيڪا پهريون ڀيرو 1956ع ۾ شايع ٿي. هن ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻيءَ جو قصو مختصر طور تي ڏنو ويو آهي. هن قصي جي حوالي سان جيڪا ڳالهه خاص طور تي قابل ذڪر آهي، سا اها آهي ته مصنف، مهر راڻيءَ جو تعلق سڌيءَ طرح هندو مذهب سان ڏيکاريو آهي، جنهن کي مرڻ بعد چکيا تي چاڙهيو ويو. هن سلسلي ۾ ٻين روايتن کي هن اهو چئي رد ڪري ڇڏيو آهي ته "مڪاني ماڻهو، مهر راڻي ۽ راءِ لاکي جي آکاڻي اور نموني ۾ بيان ڪندا آهن، جا مون به ٻڌي آهي. مگر اها اهڙي آهي، جنهن تي اعتبار ڪري نه ٿو سگهجي، جنهنڪري اهڙي ڏندڪٿا هتي لکڻ واجب نه سمجهي وئي آهي." هن ڪتاب "تاريخ ريگستان" جو ٻيو ڀاڱو 1975ع ۾ ڇپيو.
[b]ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق:
[/b] ڊاڪٽر صاحب جو مختصر ڪتاب "لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)" ٻه ڀيرا ڇپيل آهي. هڪڙو ڀيرو 1958ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو 1963ع ۾ وڌيڪ روايتن سان. هن ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب روايتن کي سهيڙڻ سان گڏ پهريون ڀيرو انهن روايتن تي ڀرپور بحث ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ لاکي جي ڄمڻ واري دور، ساڻس منسوب ميڻ جي زبان ٺاهي ڪٽرائڻ واري روايت، جسمان اوڏڻ، مهر راڻي وارين روايتن، ڌاڙا هڻڻ واري روايت ۽ سندس موت بابت روايتن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ شاهه جي بيتن مان پڻ لاکي ڦلاڻيءَ جي سوانح مرتب ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد ورتي وئي آهي.
[b]محمد حسين ڪاشف جو بيان:
[/b] محمد حسين ڪاشف جو مضمون 1989ع ۾ شاهه لطيف جي 344 هين عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڇپرايل ڪتاب "سر ڏهر" ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هو شاهه جي ڪن ٻين ڪردارن جو مختصر ذڪر ڪرڻ بعد لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. سندس بيان ۾ مختصر انداز ۾ لاکي جي لوڙائو هئڻ واري روايت تي ڳالهائيندي ان لاءِ جواز پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن سڄي بيان جو بنياد پڻ شاهه جي بيتن تي آهي.
[b]حافظ ارشد انڍڙ جو مضمون:
[/b] حافظ ارشد انڍڙ جو مضمون پڻ 1989ع ۾ شاهه لطيف جي 344 هين عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڇپرايل ڪتاب "سر ڏهر" ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سر ڏهر جي ڪردارن مان لاکي ڦلاڻيءَ تي الڳ مضمون لکيو. سندس مضمون ۾ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي حوالي سان سڄي قصي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن مضمون ۾ خاص ڳالهيون هي آهن ته هن لاکي ڦلاڻيءَ کي راءِ همير جي پٽ راءِ کنگهار جو ڀاڻيجو ۽ ساڻس ٽڪراءَ ۾ آيل ڄاڻايو آهي. ان کان سواءِ هن لاکي بدران لاکن (يعني بطور ذات) جي لشڪر کي لوڙيون هڻندي ڏيکاريو آهي. ان کان علاوه ڪافي مبهم انداز ۾ لطيف سائينءَ جي ڪڇ ۾ وڃڻ جو ذڪر ڪيو اٿس. ڄڻ ته پاڻ، لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ لطيف سائينءَ کي ڪڇ ۾ وڃي لاکي ڦلاڻيءَ سان عوام کي وڙهڻ لاءِ تيار ڪرڻ جي تبليغ ڪندي ٻڌائي رهيو آهي.
[b]معمور يوسفاڻي جي تحرير:
[/b] معمور يوسفاڻيءَ جي ڪتاب "ست سورهيه ڏهه ڏاتار" ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت مواد ڏنل آهي. هن پنهنجي مضمون ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي لوڙائو هئڻ واري روايت مفصل انداز ۾ شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ڏني آهي. طلا پرس واري روايت نهايت مختصر انداز ۾ ڏني اٿس، جيڪا اصل روايت کان ٿوري هٽيل آهي. مهر راڻيءَ جو قصو به تفصيل سان شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ڏنو اٿس ۽ لاکي پاران مهر کي قبر ۾ پوري روايتي انداز ۾ سندس مسلمان هئڻ جي نشاندهي ڪئي اٿس. ان کان علاوه لاکي ۽ اوڏڻ وارو قصو به شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ سمجهايو اٿس. البته لاکي جي موت بابت هن جيمس ٽاڊ جي تحقيق تي آڌاريو آهي.
[b]بدر ابڙي جو بيان:
[/b] بدر ابڙي، لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب "سنڌ جو شاهه" ۾ ڪيو آهي. هن لاکي واري روايتي قصي بابت بنيادي سوال اٿاريا آهن. هو چوي ٿو ته لاکو هڪ نه پر وڌيڪ هئا. کيس هڪ ئي وقت لاکي جي لوڙائو ڪردار ۽ اوتاري صفت تي يقين ڪونهي. هو لاکي جي ڄم ۽ موت بابت جديد تحقيق جي دائري ۾ آيل روايتون به بيان ڪري ٿو ۽ پوءِ نهايت ڀلي ڳالهه ڪري ٿو ته "تاريخ جا ڪتاب راءِ کنگهار ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ تمام وڏا تضاد ٻڌائين ٿا، ان ڪري اسان ائين چوڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته تاريخ ۽ لوڪ ڪٿا، ٻنهي مان ڪا هڪ شيءِ بنهه غلط آهي يا وري تاريخ ۾ ڏنل تفصيل قصه گو شاعرن جي مبالغي جو شڪار ٿي ويا آهن يا ٻين واقعن سان گڏوچڙ ٿي ويا آهن." ان بعد بدر ابڙي به شعرن جي مدد سان لاکي جي سوانح مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
[b]سليم ڀٽي جا مضمون:
[/b] هن مجموعي ۾ سليم ڀٽي جي ٻن ڪتابن مان ٻه مختلف مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جن جو بنياد لطيف سائينءَ جي رسالي جو سر ڏهر آهي، جنهن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب بيت شامل آهن. پهرئين مضمون ۾ هو ٻڌائي ٿو ته لطيف سر ڏهر ۾ صرف لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪو ٻيو لاکو نه آهي ۽ هو هڪ ڳالهه محمد حسين ڪاشف واري دهرائي ٿو ته لطيف سائينءَ ڪنهن به غير ۽ غاصب، لٽيري ۽ ڦوروءَ کي ڪڏهن به مڃتا نه ڏني آهي، انڪري لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار مثبت آهي. ان سلسلي ۾ هو ڪجهه بيت به ڏئي ٿو ۽ ڪن بيتن جي پڙهڻيءَ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن عام طور تي پڙهجندڙ بيت آهي ته:
ڇنيل ڇڄ هٿـن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
پورهئي ڪارڻ پيٽ جـي، اٿين سوارا،
اوڏ بــــه ويــچارا، لاکـا وڃــن لـــڏئـو.
هن بيت جي پڙهڻي پاڻ هن ريت ڏئي ٿو ته:
ڇنيل ڇڄ هٿـن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اٿين سـوارا،
اوڏ بــــه ويــچارا، لاکـا اچـــن لـــڏئـو.
[b]سومار شيخ جو بيان:
[/b] سومار شيخ پنهنجي ڪتاب "ڪڇ جو رڻ" ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڪجهه روايتون نهايت اختصار سان نقل ڪيون آهن، جن ۾ هڪ لاکي ڦلاڻيءَ جي لوڙائو هئڻ واري روايت آهي، ٻي روايت پيءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌائڻ واري جي زبان ڪٽڻ واري آهي، ٽين روايت مهر راڻيءَ سان شاديءَ واري آهي، جيڪا هن اڌ روايت ڏني آهي ۽ لاکي جي ڇڏڻ بعد مهر راڻيءَ جو احوال نه ڏنو اٿس، ۽ چوٿين روايت طلا پرس واري آهي، جيڪا هن تاريخ طاهريءَ تان کنئي آهي.
[b]لاکي ڦلاڻيءَ بابت منهنجو موقف:
[/b] هن مجموعي جي آخر ۾ منهنجو مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ تاريخي ماخذن جي روشنيءَ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. لاکي ڦلاڻيءَ جي ڄم، سندس خاندان، ساڻس منسوب واقعن جي ڇنڊڇاڻ ۽ سندس موت جي معاملن کي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن مضمون ۾ اها وضاحت به ڪئي وئي آهي ته ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ جاڙيجن جو قبيلو موجود ئي نه هو. اهو قبيلو ته سندس ڀائٽئي ڄام پونئري کان پوءِ ڪڇ جو حڪمران ٿيو. شاعريءَ ۾ لاکي سان جوڙيل ڀڄ شهر جو لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ هئڻ مشڪوڪ آهي، جڏهن ته هيءُ شهر ڄام راول جي پيءُ ڄام لاکي جي دور ۾ به ننڍڙي ڳوٺ کان وڌيڪ حيثيت رکندڙ نه هو. ڀڄ جو شهر 1548ع ۾ راءِ کنگهار جي حڪمران ٿيڻ بعد گاديءَ جو هنڌ بنيو ۽ ترقي ڪيائين. ياد رهي ته جاڙيجن مان پهريون راءِ کنگهار اهو ئي هو، جيڪو 1548ع ۾ ڪڇ جو حاڪم ٿيو ۽ لاکي هالي جاڙيجي جو ٽڪراءُ ساڻس نه پر سندس پيءُ ڄام همير سان ٿيو هو. ان سلسلي ۾ منهنجي ٻئي مضمون "ڪڇ جا جاڙيجا سمان" ۾ به تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي، جيڪو مهراڻ نمبر 2، سال 2008ع ۾ شايع ٿيو.
هن مجموعي ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت پيش ڪيل سموري مواد ۾ پڙهندڙن کي هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن:
1. تاريخ طاهريءَ ۾ موجود حقيقت جي قريب ترين مواد کان وٺي اڄ تائين لکيل مواد ۾ ٿيل وڌاءُ ۽ ڦيرڦار، جنهن سان اصل واقعو متاثر ٿيو آهي. تاريخ طاهري ۾ ڏنل طلا پرس وارو واقعو اڄ جي محققن وٽ جزوي اختلاف جو شڪار ٿيل آهي. جيئن محمد سومار جي ڏنل روايت تاريخ طاهري تان کنيل هئڻ جي باوجود ان ۾ ڪجهه قدر ڦير ڦار ٿيل آهي. يعني تاريخ طاهري وارو ٻڌائي ٿو ته ڌنار پاڻ وڃي لاکي کي طلا پرس جي خبر ڏني. پر شيخ صاحب، ڌنار بدران ڪنهن اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ سوا لک بدران هڪ لک روپيا خيرات ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو. مٿان وري اصل روايت کان بلڪل مختلف انداز ۾ جهرڪ ۽ جهرڪيءَ نالي چشمي ۾ طلا پرس کي لڪائڻ کي طلسم بدران لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪرامت ڪري ٿو ڏيکاري.
مهر راڻيءَ وارو واقعو به ڪافي قدر تبديل ٿي چڪو آهي. رائچند هريجن جي بيان ۾ هيءَ شيءِ وضاحت طلب آهي ته هن علائقي ۾ هندن جي آباديءَ جي گهڻائي هئي، ان صورت ۾ مهر جي ڏاگهه چڙهڻ واري جاءِ قبر جي صورت ڪيئن اختيار ڪري وئي؟ ڪٿي ائين ته نه آهي جو رائچند هريجن جو مذهبي رجحان هن روايت کي ترجيح ڏيڻ جو ڪارڻ بنيو هجي؟ ٻئي پاسي معمور يوسفاڻيءَ جي مهر راڻيءَ واري روايت ۾ لاکي پاران مهر راڻيءَ کي قبر ۾ پوري اڻ سڌيءَ طرح لاکي جي مسلمان هئڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٻنهي روايتن مان هڪ روايت ضرور غلط آهي. هتي انهن مان صحيح يا غلط روايت تي بحث ڪرڻ بدران آئون لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي ۾ ٿيل ڦير ڦار جي نشاندهيءَ کي ڪافي سمجهان ٿو. انهن روايتن تي بحث ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري ڪانهي جو مٽجي ويل ڪافي روايتون درگذر ڪرڻ جهڙيون آهن، پر لاکي جي لوڙائو هئڻ واري روايت سڌيءَ طرح ڌارين روايت آهي. تاريخ طاهريءَ ۾ لاکي بابت لوڙائو هئڻ واري ڪابه روايت نه ڏني وئي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جيڪو لاکو لوڙائو هو، اهو تاريخ طاهري جي تمام ويجهي دور ۾ ٿي گذريو آهي ۽ اٽڪل 35-1534ع ڌاري ماريو ويو هو. تاريخ طاهري جي تصنيف تائين سندس ڪردار، لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار سان گڏوچڙ نه ٿيو هو، پر تاريخ طاهري کان پوءِ ان روايت لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي کي پوريءَ طرح آلوده ڪري ڇڏيو آهي.
2. وڌاءَ يا ڦيرڦار جو ڪارڻ راوين يا محققن جو ذهني رجحان، ذاتي خواهشون، غير محققاڻي انداز سان روايتن جي چونڊ ڪرڻ يا اڌوري تحقيق پيش ڪرڻ آهي. مهر راڻيءَ واري واقعي جو تفصيل رائچند هريجن مختلف انداز ۾ ڏنو آهي ۽ پاڻ به اعتراف ڪري ٿو ته مقامي ماڻهن وٽ اهو واقعو ٻيءَ طرح مشهور آهي. انهن مقامي روايتن کي هن مشڪوڪ سمجهي رد ڪري ڇڏيو آهي. طلا پرس واري واقعي جي سلسلي ۾ محمد سومار شيخ پڻ ساڳيءَ طرح روايت ۾ وڌاءُ ڪندي محسوس ٿئي ٿو. لطيف سائينءَ جا لاکي ڦلاڻيءَ بابت چيل بيت سر ڏهر ۾ شامل آهن. سليم ڀٽو نشاندهي ٿو ڪري ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکي سان منسوب ڪجهه بيت سر رپ ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن. وقت گذرڻ سان هن واقعي جي جزئيات ۾ تبديليءَ جو عمل جاري آهي. اهڙي عمل جي سلسلي ۾ حافظ ارشد انڍڙ جي تحقيق جون ڪي ڇلانگون خاص طور تي نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن. هڪ ته هن راءِ کنگهار جي نالي جي ڪري پيدا ٿيل مغالطي کان اڻ واقف هئڻ جي صورت ۾ لاکي ڦلاڻيءَ کي 1548ع ۾ ڪڇ جو راءِ رهندڙ راءِ کنگهار جو ڀاڻيجو ۽ ساڻس ٽڪراءَ ۾ آيل ڏيکاريو آهي(راءِ کنگهار جي باري ۾ پيدا ٿيل مونجهاري جي باري ۾ مهراڻ 2008ع جي شماري 2 ۾ ڇپيل منهنجو مضمون "ڪڇ جا جاڙيجا سمان" ڏسڻ گهرجي)، ٻيو ته لاکي جي ٽولي کي پهريون ڀيرو لاکن جو لشڪر ڪوٺي هڪ نئين مغالطي جو بنياد وڌو اٿس، ٽيون ته پنهنجي پاران حالتن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندي مبهم انداز ۾ لطيف سائينءَ کي به لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ کڻي ويندي نظر اچي رهيو آهي.
اهي سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي ۾ ڦيرڦار جو عمل اڃا تائين جاري آهي.
3. شاعري ڪيتري به موزون ۽ معتبر ڇو نه هجي، پر اها تحقيق لاءِ ڪڏهن به اولين ماخذ (Primary Source) نه ٿي بنجي سگهجي. لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو سوين سال گذرڻ بعد لطيف سائينءَ تائين تبديل ٿيل حالت ۾ پهتو، ان تي مستند ماخذن جي روشنيءَ ۾ تحقيق ڪرڻ بدران سر ڏهر کي ئي حتمي تاريخ سمجهندي، سڄي قصي جي تحقيق لطيف جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن سهيڙيل مواد جي سلسلي ۾ هڪ ڳالهه طئه آهي ته جيڪي ڪجهه به لکيو ويو آهي، اهو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي جذبي سان لکيو ويو آهي. جيستائين انهن شعرن ۽ روايتن مان داستان گوئيءَ جو ڪم وٺڻ جو سوال آهي ته ان لحاظ کان اهي سڀ ڳالهيون سهپ جوڳيون آهن. جس آهي انهن لکندڙن کي، جن سنڌي ماڻهن کي پنهنجن سورمن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جتن ڪيو، خلوص سان سوال اٿاريا ۽ محبت سان انهن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. آئون کين پنهنجو پيش رو يا قابلِ احترام همعصر سمجهندي سندن تحقيقي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،
[b]تاريخي تحقيق ۾ منفي رجحان:
[/b] ويجهڙ ۾ تحقيق جي دنيا ۾ هڪ نئون رجحان آيل ڏسجي پيو. يعني مسخ ٿيل روايتن جي بنيادن تي اڄ جي تاريخ کي آلوده ڪري سنڌ جي تاريخ کي قبيلائي تاريخ جو رخ ڏيڻ وارو رجحان، جنهن ۾ ذاتي پسند ۽ ناپسند يا ٻئي ڪنهن پسمنظر تحت ماضيءَ جي ڪردارن کي مسخ ڪرڻ سان گڏ حال ۽ مستقبل لاءِ سنڌ ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ. في الوقت منهنجو اشارو غلام رسول اڪرم سومري جي ڪتاب "سومرن جو اصل نسل" ڏانهن آهي، جيڪو 2008ع ۾ شايع ٿيو.
اڪرم سومري صاحب هن کان پهرين شهيد مخدوم بلاول جي شهادت کان انڪار تي مبني موقف پيش ڪيو هو. ان جي موٽ ڏيندي ڪن ٻين محققن جو اهو نقطهءِ نظر سامهون آيو ته سومري صاحب، قاضي قادن تي پي. ايڇ. ڊي. ڪرڻ پئي چاهي، جنهن ۾ هن قاضي قادن کي هيرو ڪري پيش ڪيو، جنهن تي مٿس اعتراض اٿيا ته هن پي. ايڇ. ڊي. اڌ ۾ ڇڏي ۽ ضد ۾ اچي مخدوم بلاول جي شهادت کان انڪار ڪرڻ ۽ ارغونن سان پاڻ وڙهڻ بدران سازشي انداز ۾ ٻين کي (جهڙوڪ دريا خان جي پٽن کي) ان ڪم لاءِ ڀڙڪائڻ جهڙا الزام هنيا.
2008ع ۾ ڇپيل سندس ڪتاب "سومرن جو اصل نسل" مان پتو پوي ٿو ته مخدوم بلاول بابت اهڙا رايا ڏيڻ جو ڪارڻ اهو نه هو، بلڪه پاڻ سمن کي سومرن کان حڪومت ڦرڻ جو ذميدار سمجهي ٿو ۽ ماضي پرستيءَ جو اهو رجحان نه رڳو مخدوم بلاول جي قربانيءَ کي لوڙڻ جو ڪارڻ بڻيو آهي، بلڪه سندس ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ لاءِ "بي ديد، ڪم ظرف، طوطا چشم، وحشي ۽ درنده صفت" جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جو سبب پڻ سندس اهڙو ئي جذباتي ۽ هڪ طرفو موقف آهي. ڇو ته هو لاکي ڦلاڻيءَ کي نسلي طور تي سمون ۽ سومرن جي حمايتي ريٻارن جو دشمن سمجهي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ اهو موقف اختيار ڪيو اٿس ته لطيف سائينءَ، لاکي ڦلاڻيءَ کي صرف ۽ صرف لوڙائو ڄاڻايو آهي. سندس بقول لاکو ڦلاڻي سومرن جو راڄ رهندڙ ريٻارن کي ڦريندو لٽيندو هو. هي سڀ ڪجهه لکندي سندس ڌيان ان طرف نه ويو آهي ته لاکو ڦلاڻي ته ريٻاري قبيلي جو ڏهٽاڻو هو.
تحقيق ۾ تنقيد به ٿيندي رهندي آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانهي، پر افسانوي قصن کي ٽوڙي مروڙي ٺاهيل داستانن جي بنياد تي قائم ڪيل اها راءِ سراسر اڻ سوهندڙ ۽ غير حقيقت پسنداڻي آهي، جيڪا مئلن جي گلا ڪري جيئرن کي رنجائڻ جي دائري ۾ اچي ٿي. مهدي شاهه ڳڙهي ياسين واري جي ڪتاب "ابڙو وڏ وڙو" کان پوءِ، غلام رسول اڪرم سومري جو ڪتاب، ٻيون ڪتاب آهي، جنهن مون کي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل غير ذميواراڻي ۽ جانبدار تجزئي جي ڪري، انتهائي درجي جو صدمو رسايو. هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل منهنجي مضمون ۾ اڻ سڌيءَ طرح اڪرم سومري جي موقف جي ڇنڊڇاڻ پڻ ٿي رهي آهي، البته سمن ۽ سومرن جي تعلق جي باري ۾ سندس ذهن ۾ پيدا ٿيل غلط فهميءَ جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪنهن الڳ تحرير جي ضرورت آهي، جنهن جي هتي گنجائش ڪانهي.
هن مجموعي جي آخر ۾ جيمس برگس جي ڪتاب Antiquities of Kutch & Kathiawar ۾ ڏنل سمن جي شجري کي سنڌ ۽ ڪڇ جي سمن جي نسلي تعلق کي چٽو ڪندڙ بنيادي شجرو سمجهندي هتي شامل ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ هن شجري کي بنياد بنائي سمن جي شجري تي ڪم ڪرڻ سان سمن جو نسلي سلسلو نهايت چٽائيءَ سان سامهون اچي سگهي ٿو، جيڪو سمن جي عروج ۽ زوال ۽ انهن جي ڦهلجڻ جي تاريخ لکڻ جي سلسلي ۾ ۾ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو.
طالب العلم
[b]قاضي مقصود احمد
[/b]مٽياري
01 فيبروري 2009ع