شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

مهر راڻي ۽ لاکو ڦلاڻي : رائچند هريجن

مٺي تعلقي ۾، نبي سر کان 6 ميل ڏکڻ طرف، ڍوري ناري جي کاٻي ڪپ تي نُـهٽي جو ڳوٺ آهي، جو اڄ به هڪ دڙي تي آهي. هتي لوهاڻا، مينگهواڙ، گرڙا، ميمڻ ۽ خاصخيلي رهندڙ هئا. بئريج جي اچڻ بعد ميمڻ لڏي ڍوري جي ساڄي ڪپ تي ويٺا آهن. 1947ع کان پوءِ پاڪستان ٿيڻ بعد، لڏپلاڻ جي اثر ڪري، نهٽي مان لوهاڻن جا ڪي ٿورا گهر هندستان ڏي لڏي ويا ۽ ٻيا لڏي وڃي مٺي شهر ۾ ويٺا، باقي مينگهواڙ، گرڙا ۽ خاصخيلي اڃا اتي رهن ٿا. ڀرسان ڍورو نارو وهي ٿو. ڳوٺ ڏاڍي ۽ ٿر جي دنگ تي هڪ دڙي تي آهي. ڳوٺ جي الهندي طرف هڪ ڦٽل ڪوٽ جا نشان اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن، جنهن کي اڄ ڪلهه اتي جا رهاڪو "ڀڙو" چوندا آهن. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي اڳي پڪين سرن جو ڪوٽ هو. ان جي اوڀر پاسي ڪچي مٽيءَ جي جاين جا نشان آهن. منجهانئن وقت بوقت ڪيتريون شيون، جيئن ته شيهو، چٽساليءَ وارن ٿانون جا ٽڪر، ماڻهن جا هڏا ۽ سڪن جا نمونا وغيره لڌا ويا آهن.
سن 1943ع ۾ گهڻي برسات جي پوڻ ڪري ڪوٽ جي اتر واريءَ ڀت مان هڪ وڏي توب هٿ آئي هئي، جا مون پاڻ ڏٺي هئي. ان جي ڊيگهه 9 فوٽ 4 انچ، منهن جو قطر ساڍا 4 انـچ، پٺيون گهيرو 4 فوٽ 8 انچ ۽ منهن جو گهيرو 3 فوٽ هو. اها توب مسٽر برنارڊ بڊ، ڪليڪٽر ٿرپارڪر، 26 ڊسمبر 1943ع تي ميرپور خاص ڏي کڻائي ويو، جا اڄ به ڊپٽي ڪمشنر هائوس ۾ نصب ٿيل آهي. مسٽر بڊ دڙو به ڪجهه کوٽايو، پر اهڙي پراڻي تهذيب جي ڪابه شيءِ هٿ ڪانه لڳي. خبر نه آهي ته اها توب ڪهڙي وقت جي آهي، مگر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته اڳي هتي ڪو وڏو راڄ هو. چون ٿا ته نهٽي جو ڳوٺ اڳي تمام وڏو وسندڙ ۽ آباد شهر هو ۽ جکرو حاڪم راڄ ڪندو هو. "نهٽي نو سو هٽ، جڏهن جکري واري" يعني جکري جي وقت ۾ نهٽي ۾ 900 دڪان هئا. اها چوڻي الاجي ڪيتري قدر سچي آهي. شايد ڪجهه وڌاءُ هجي، پر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته وڏو شهر هو. جکري بابت به وڌيڪ ڪا خبر ڪانهي.
ڪي چون ٿا ته عيسوي ڏهين صديءَ ۾ هتي "مهر" قوم جي راجپوتن جو راڄ هو. شايد مهراڻي ۾ رهڻ ڪري انهن راجپوتن کي "مهر راجپوت" چوندا هئا. ان وقت هتان ندي وهندي هئي، جنهن ڪري ملڪ سرسبز ۽ آباد هو.
مهر قوم جي هڪ راجا کي هڪ تمام حسين ڇوڪري هئي، جنهن جي سونهن جي هر هنڌ هاڪ هئي. هن کي "مهر ڪماري" ڪري سڏيندا هئا. ان وقت ڪڇ ۾ راءِ لاکو ڦلاڻي راڄ ڪندو هو. هڪ دفعي راءِ لاکي جا پاليل روجهه رلندي رلندي اچي هتي پهتا ۽ رات جو مهرن جي باغ ۽ پوکن ۾ نقصان ڪيائون. باغ جي پهريدارن روجهن کي ٽاهه وڌو ۽ ڊوڙايو، جنهن ڪري ڪي روجهه مري ويا ۽ باقي موٽي ڪڇ ويا. راءِ لاکي کي روجهن بابت پڇا ڪندي نيٺ هن حقيقت جو پتو پيو، تڏهن لشڪر وٺي مهرن تي ڪاهي آيو. ڪجهه رتوڇاڻ بعد مهرن شڪست کاڌي ۽ راءِ کي مهر ڪماريءَ جو سڱ ڏيئي ساڻس صلح ڪيو. شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. راءِ موٽي ڪڇ ڏي ويو. اتان ڄڃ وٺي اچي شادي ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيل هو. مقرر ڏينهن تي راءِ لاکو ڄڃ سان اچي لٿو. نهٽي ڳوٺ جي اوڀر طرف ٻه ميل پنڌ تي هڪ وڏو ڏهر آهي، اتي راءِ جي ڪئمپ لڳي، شادي سک سان ٿي گذري.
شادي ٿيڻ کان پوءِ مهر قوم جي ڪن دشمنن راءِ لاکي جا ڪن ڀريا ته مهر راڻي ستي نه آهي، وغيره. راءِ کي انهن جي ڳالهين تي يقين اچي ويو، جنهنڪري پهرين ته خيال ڪيائين ته راڻيءَ کي ماري ڇڏيان، پر پوءِ خيال آيس ته استريءَ کي مارڻ راجپوت جو شان نه آهي، تنهنڪري راڻيءَ کي ڏهاڳ ڏيئي ڇڏي، پاڻ ڪڇ ڏي روانو ٿيو. راڻي حقيقت ڪري ستي هئي. سندس ڪو دوش ڪونه هو ۽ اها سڀ ڪن دشمنن جي سازش هئي، پر ويچاري ڇا ڪري؟ راءِ جي وڃڻ ۽ کيس ڏهاڳ ملڻ ڪري کيس ايترو دک ٿيو جو يڪدم انهيءَ هنڌ پراڻ ڏنائين. ڀرسان دڙي تي کيس چکيا تي چاڙهيو ويو. نشان طور اڄ تائين سرن جا ٽڪر پيل آهن، جي مهر راڻيءَ جي "قبر" چوندا آهن، جا حقيقت ڪري ڏاگهه چڙهڻ وار هنڌ جو نشان آهي. انهيءَ ڏهر کي "مهر جو ڏهر" چوندا هئا، جو لفظ بگڙجي هاڻي "ميهوئر جو ڏهر" چوڻ ۾ اچي ٿو ۽ عام مڪاني ماڻهو اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏيندا آهن. انهيءَ ڏهر ۾ هڪ تلاءُ آهي، جو چون ٿا ته راءِ لاکي کڻايو هو، جنهن کي اڄ "مهر جو تلاءُ" چوندا آهن.
مڪاني ماڻهو، مهر راڻي ۽ راءِ لاکي جي آکاڻي اور نموني ۾ بيان ڪندا آهن، جا مون به ٻڌي آهي. مگر اها اهڙي آهي، جنهن تي اعتبار ڪري نه ٿو سگهجي، جنهنڪري اهڙي ڏندڪٿا هتي لکڻ واجب نه سمجهي ويئي آهي.

[b](تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پهريون 1956ع)
[/b]