ريٻاري (سنڌ ۽ ڪڇ جي ھڪ مالوند برادري) : قاضي مقصود احمد
هنن نالن مان ريواڙي، وڌيڪ صحيح لڳي ٿو، جيڪو مالوند ۽ مال ڌاريندڙ قبيلو ھئڻ ڪري ھن قبيلي تي پيل آھي. يعني ريوڙ معنيٰ "ڌڻ" ۽ ريواڙي معنيٰ ڌڻ وارا. پر ھتي ان جي معنيٰ ڌنار نه بلڪه سنگھار يعني مالوند سمجھڻ گھرجي. جيئن چوڻي مشهور آهي ته "ريٻاري مال ڌاري". انهيءَ مال ۾ اٺ، ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون وغيره شامل آهن. "ريٻاري" لفظ جي اصليت اھا ئي آھي، باقي ھن قبيلي کي عام اصطلاح مطابق ريٻاري ئي سڏڻ گھرجي، جيڪو سماج ۾ مروج ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي ان کي ئي صحيح سمجھيو وڃي ٿو.
جيمس ٽاڊ، ريٻارن کي ڀٽين جي شاخ ڄاڻايو آھي ۽ ھن قبيلي جي شروعات ھن طرح ديوسي کان ٿيل ٻڌائي اٿس: "الڻ جا چار پٽ ھئا، ديوسي، ترپال، ڀاوني ۽ اڪيچو. ديوسيءَ جو اولاد ريٻاري يعني جت (ساربان، اوٺي) ٿيا (2)" . سندس ڪتاب ۾ ريٻاري قبيلي جو ڀٽيءَ تائين نسب نامو ھن طرح ڏنو ملي ٿو. ديوسي بن الڻ بن ڪيھر بن معظم رائو بن منگل رائو بن ڀٽي. ڪن ٻين محققن، ريٻارن جي مختلف شاخن جو تعلق ڀٽين کان سواءِ دراوڙن ۽ ھُنن سان به ٻڌايو آھي.
ريٻاري بنيادي طور تي گجرات، مھاراشٽر، راجستان، مڌياپرديش، پنجاب ۽ سنڌ ۾ آباد آھن. انھن سمورن راين کي سامھون رکندي چئي سگھجي ٿو ته "ريٻاري"، گھڻ نسلي بنياد رکندڙ ھڪ پيشه ور ذات آھي. جنھن ۾ ڀٽين جي نسل مان ڦٽي نڪرندڙ قبيلو بنيادي اھميت رکي ٿو. ريٻارين جون مک ذاتيون اندر، اھير، اپگول، مالڌاري، ڀارصادڙ، ريٻاري، ڀارصادر، ڍنگر، ڍنگڙ، ڌنور، ڌنڪ، ڌنگوڙ، ڏوڏ، گوئل، گڌريا، گدريا، گول، گدي، گادري، گولواڙ، گوندر، ھلمٿ، ھيگادس، ڳڍيار، کرڪ، ڪڏ، ڪرب، مرب، گوئل، ڪرمب، مرمر، ڪرمبر، ڪالور، ڪرما، ڪرمبر، ڪرکي، ڪرپ، ناڪر، نڪر، اوروڻ، پال، پالر، ٿادڀل، پشپلاڪ، رائيڪا آھن.
ريٻاري بنيادي طور تي مال جي چاري وغيره لاءِ قديم زماني کان ڪڏھن ھيڏانھن ته ڪڏھن ھوڏانھن ڀٽڪندا رھيا آھن. ان ڪري ئي مقامي محاوري ۾ کين وڻجارا به ڪوٺيو ويو آھي. ريٻارن جي باري ۾ اھو مجموعي تاثر ھئڻ جي باوجود ريٻارين جا ڪيترائي قبيلا قديم زماني کان مخصوص علائقن ۾ مستقل بنيادن تي آباد آھن.
سنڌ جي حڪمران سمن جي وڏي ڏاڏي ڄام لاکي گوراڙي جي ھڪ شادي ڪڇ ۾ آباد گوئل قبيلي مان ٿي ھئي. ان راڻيءَ کي گوئل ذات جي نسبت سان گوئل راڻي يا گوڙ راڻي سڏيو ويو آھي. تحفـﺔ الڪرام جي مصنف عام اصطلاح مطابق بوڻھي جارا (وڻجارا) لکي ڇڏيو آھي، پر حقيقت ۾ ان قبيلي جي سرداري ڪڇ جي ڪيراڪوٽ واري علائقي تي قائم ھئي. (اھو علائقو بعد ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي خاندان کي ورثي طور مليو). سنڌ جو پھريون سمون بادشاھه ڄام انڙ ان ئي راڻيءَ مان پيدا ٿيو ھو.
ريٻارين جي نسل جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته "سمن کان سندن قومي حيثيت جدا ھئي، پر جنگ جھيڙي ۾ سمن جا ساٿي ھئا (3)" .
ڊاڪٽر صاحب جي راءِ جو پسمنظر شايد اھو آھي جو انگريز دور ۾ ٿيل تحقيق دوران ھاسيڪار سمن کي "سمه" نالي ڪنھن ويجھي نسبت واري ڏاڏي تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. جيئن جيمس برگس، سمن جو نسل جادم جي پٽ "سمه" کان شروع ٿيل ٻڌائي ٿو. حالانڪه سمان قبيلو انھن کان به آڳاٽو آھي. ھندستاني روايتن مطابق سمن جو نسل اتري جي پٽ چندر کان شروع ٿيل ڏسي سگھجي ٿو، جنھن جي اولاد کي چندرونسي سان گڏ سوم ونسي به چوندا ھئا. وچ ايشيائي روايتن مطابق اھو ساڳيو نالو ارفخشد بن سام کي ڏنو ويو آھي. بھرحال اھي نسبتون ته پري جون آھن. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن قبيلي جو ذڪر سدائين سمن سان گڏ آيو آھي. ريٻاري قبيلي جو ذڪر ڪڇ جي تاريخ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي دور کان وٺي ملي ٿو، جنھن مطابق لاکو ڦلاڻي، ڦل جي ريٻاري زال سونل جو پٽ ھو. ان بعد سندس ذڪر ٺٽي جي حڪمران سمن جي راڄ طور ملي ٿو، يا ڪڇ جي جاڙيجن سمن جي راڄ طور ملي ٿو. ان لحاظ کان ئي اھي سماٽ برادريءَ ۾ شامل آھن ۽ ڏک توڙي سک ۾ سدائين سمن سان ڀيڙا رھيا آھن.
سنڌ مان سمن جي حڪومت جو خاتمو ٿيڻ بعد ڪڇ جا حڪمران، ارغونن جي عتاب ھيٺ آيل ھئا، جيڪي کين سنڌ جي سمن جو ساٿ ڏيڻ ڪري سيکت ڏيڻ جون سٽون سٽي رھيا ھئا ۽ ان سلسلي ۾ شاھه حسن جي ڪڇ تي ڪاھه جو ذڪر پڻ تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آھي. ان دور ۾ ھڪڙي جاڙيجي شھزادي لاکي ھالي جاڙيجي ڪڇ ۽ سنڌ جي حدن ۾ لوڙيون ھڻڻ شروع ڪيون. سندس ڪارروايون چوٽ چڙھي ويون ھيون ۽ عوام وڏي آزار ۾ اچي ويو ھو. نيٺ ھڪ موقعي تي ھو ڪنھن جھڙپ ۾ مارجي ويو. اھو واقعو جاڙيجي راو ھمير جيءَ جي دور ۾ ٿيو ۽ شايد ان معاملي جي ذميداري ريٻارن تي عائد ٿي پئي. لاکي جي پٽ ڄام راول پنھنجي پيءُ جي مارجڻ جو بدلو وٺڻ لاءِ راءِ ھمير سان ٽڪريون کاڌيون ۽ ھو کيس مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. راءِ ھمير جا پٽ صاحب ۽ کنگھار، دربدر ٿي وڃي احمدآباد جي واليءَ وٽ پھتا، جيڪو سندن ڀيڻويو پڻ ھو. ھن، سندن مدد ڪئي ۽ کنگھارجيءَ کي راو جو لقب ڏئي پنھنجي فوج سندس مدد لاءِ ساڻس گڏ موڪليائين. ڄام راول اھا خبر ٻڌي ڪاٺياواڙ ڏانھن ڀڄي ويو. اھو 1539ع جو واقعو آھي. راءِ کنگھار 1948ع تائين علائقي جي سڀني ننڍن وڏن سردارن کي آڻ مڃرائي ڪڇ ۾ پنھنجو مضبوط راڄ قائم ڪيو. ھن سڄي واقعي ۾ بنيادي ڪردار ريٻارن جو ھو. اڳتي هلي ھيءُ واقعو ايترو ته مٽجي ويو جو ان واقعي جي مک ڪردار لاکي ھالي جاڙيجي جي جڳھه تي ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جو نالو اچڻ لڳو، جيڪو جاڙيجن جي راڄ کان اڳ ڪڇ جو راءِ رھي چڪو ھو ۽ سخاوت ڪري سندس شھرت ڏيھان ڏيھه مشھور ھئي.
ريٻارن جي سوءِ ڪرڻ واري واقعي جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو "ريٻارين جي وڏي قوم ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي آباد ھئي ۽ اڃا تائين سنڌ ۾ بدين ۽ ڏيپلي تعلقن جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. جڏھن ڄام گڙ راھو جي پٽ سومري کي ڪونريجن ماريو، تڏھن سمن سان گڏ ريٻارين به سوءِ ڪئي ۽ زالن نٿون بولا لاھي ڇڏيا. وقت گذري ويو، پر سمن مان ڪنھن به ريٻارين جي سوءَ ڪانه لھرائي ۽ اڄ تائين انھيءَ سوءِ سببان سندن زالون سھاڳ وارا ڳجھ ڪپڙا ڪين ڪن. ڀانئجي ٿو ته ريٻارين کي انھي ڳالھه جو رنج رھجي ويو ۽ ھنن به ڪڇ واري طرف سمن سردارن جي ڪاڻ ڪڍڻ ڇڏي ڏني (4)" .
ٻئي طرف بدر ابڙو پنھنجي ڪتاب "ڀٽ جو شاھه" ۾ ريٻارن جي سوءِ ڪرڻ بابت لکي ٿو ته "سندن عورتون سوءِ وارو ڪارو کٿو اوڍين ٿيون. ريٻاري لوڪن جو چوڻ آھي ته ھنن اھو کٿو پنھنجي راءِ جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪيو آھي ۽ قسم کنيو آھي ته جيسين پلئه نه ڪنداسين، ڪارو کٿو نه ڇڏينداسين. پر سوال اھو آھي ته سندن راءِ ڪير ھو؟ ڇا ريٻارن آخر وقت لاکي ڦلاڻيءَ کي پنھنجو سردار قبول ڪيو ھو؟ ڇا لاکي کي راءِ کنگھار ڪونه ماريو ھو؟ ڇا راءِ کنگھار ڪنھن ويڙھه ۾ قتل ٿي ويو ھو؟ يا اڃا به ڪو ٻيو سردار ڪنھن معرڪي ۾ مارجي ويو ھو؟ ان سوال جو جواب ھاڻي خود ريٻاري به ڪونه ٿا ڏيئي سگھن. سنڌ ۾ رھندڙ ريٻارين کان پنھنجي راءِ جو نالو ته وسري ويو آھي، پر اھو ياد اٿن ته ڪو پلئه باقي آھي (5)" .
مٿين حوالن مان ڊاڪٽر بلوچ جي بيان مان سوءَ واري روايت جي اصليت جي خبر پوي پئي، جڏھن ته بدر ابڙي جو بيان موجوده دور تائين پھچندي پھچندي روايت جي مٽجڻ جي نشاندھي ڪري رھيو آھي.
تاريخي واقعن ۾ ايندڙ ڦير، تاريخ جي سموري ڌارا کي الٽو پلٽو ڪري ڇڏيندو آھي. ريٻارن جي سوءَ واري واقعي جو تعلق سمن سان آھي، پر گھڻو وقت گذرڻ بعد واقعي جا جزئيات مٽجي ويا آھن. ويجھي دور ۾ غلام رسول اڪرم جو ڪتاب "سومرن جو اصل نسل" جي نالي سان 2008ع ۾ پڌرو ٿيو. ھيءُ ڪتاب اصل ۾ سمن ۽ سومرن جي تعلق بابت مخصوص زاوئي سان لکيو ويو آھي، جنھن ۾ مصنف، سمن ۽ سومرن جي ٽڪراءَ تي زور ڀريندي، سمن کي غاصب ڪوٺيو آھي. تخيل جي آڌار تي جوڙيل سندس ڪھاڻيءَ جو حاصل مطلب اھو آھي ته ريٻاري، سومرن جو راڄ ھئا ۽ انھن، دودي سومري جي شھادت بعد سوءِ ڪئي، جيڪا سومرن نه لھرائي. ان جو سبب دودي سومري جي شھادت بعد ڏينھان ڏينھن سومرن جي ڪمزور ٿيندڙ حالت ھئي. پروفيسر صاحب ان لاءِ ثبوت پيش ڪري ٿو ته "جڏھن سلطان دودي جي شھادت ٿي ته ريٻاري قوم جا ماڻھو، جيڪي سومرن بادشاھن جي حويلن تي ڪم ڪار ڪندا ھئا، اڄ (1969ع) تائين سوڳ منائيندا پئي آيا. انھن مان مرد ۽ عورتون مٿي تي ڪارو اوڇڻ اوڍيندا ھئا. سن 1968ع ۾ مان (غلام قادر سومرو رٽائرڊ جج) آل پاڪستان سومرا ائسوسيئيٽن پاران سلطان دودي شھيد جي پھرئين عرس جي ملھائڻ واري پروگرام مرتب ڪرڻ لاءِ بدين ويس ته اتي محترم محمد سومار شيخ، انھيءَ قوم (ريٻاري) جي 700 سؤ ورھين کان سوڳ ۾ رھڻ لاءِ ٻڌايو پوءِ مان انھيءَ قوم جي ماڻھن سان ملڻ لاءِ ٽنڊي باگي ويس. جتي انھن جو وڏو پٽيل رھندو ھو. اتي پھتس ته پٽيل ۽ ٻيا ڪيترائي انھيءَ قوم جا ماڻھو مليا. پٽيل اھو ظاھر ڪيو ته سومرا قوم به ھينئر سلطان دودي جي سوءِ ڪانه ٿي رکي ۽ ھينئر سومرا، عورتن کي نٿ پارائين ٿا ۽ شادين ۾ دھل وڄائين ٿا ته پوءِ ٻيا شھيد جي سوءَ رکي ڇا ڪندا؟ ھنن جي پٽيل مون کي چيو ته جيڪڏھن ڪو سومرو ھنن جي پٽيل ۽ پٽيل جي عورت کي مٿي تي اوڇڻ اوڍي سوءَ لھرائي ته پوءِ سندس ٻي ساري ريٻاري قوم اھا سوءَ لاھي ڇڏيندي (6)" . اڳتي غلام قادر سومري جو بيان ھن ريت لکيو ويو آھي ته "پوءِ مون سال 1969ع واري پھرئين عرس شريف ۾ سڀني ڀائرن کي ان ڳالھه جي حقيقت ٻڌائي. انھيءَ کان ڇھه مھينا پوءِ سردار سيٺ ولي ڀائي سومري، ھزارين وال سفيد ڪپڙي جا مھيا ڪيا. ريٻاري قوم جي ھزارين مردن، عورتن ۽ ٻارن جي سوءَ لھرائي (7)" .
ھن واقعي جي مطالعي مان مٿين روايت محمد سومار شيخ صاحب جي حوالي سان ئي سامھون آيل نظر اچي رھي آھي. شيخ صاحب، سمن ۽ سومرن جي تعلق جي حوالي سان ٻيون به ڪي اھڙيون ڳالھيون لکيون آھن، جن جي تحقيق ٿيڻ گھرجي. منھنجي خيال ۾ ھيءُ تخيل جوڙڻ ۾ ڄام ڳھڙ جي پٽ سومري جو نالو ڪم آيو آھي، جنھن کي "سومرا" حڪمران سمجھي ريٻارن پاران دودي سومري جي سوءَ ڪرڻ واري روايت جوڙي وئي آھي. جنھن کي پروفيسر غلام رسول "اڪرم" سومري پنھنجي تحقيق ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آھي.
1 ڪرنل جيمس ٽاڊ، تاريخ راجستان (اردو)، حصو ٻيو، صفحو 374، انڊس پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو ٻيو، سال 1990ع.
2 ڪرنل جيمس ٽاڊ، تاريخ راجستان (اردو)، حصو ٻيو، صفحو 273، انڊس پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو ٻيو، سال 1990ع.
3 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي، سنڌ جو سورھيه سردار"، صفحو 22، سنڌي مجلس شعبه سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، سال 1958ع.
4 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي، سنڌ جو سورھيه سردار"، صفحو 22، سنڌي مجلس شعبه سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد.
5 "ڀٽ جو شاھھ"، ۾ بدر ابڙي جو لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل مضمون ڏسو.
6 پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، "سومرن جو اصل نسل"، صفحو 12 ۽ 13، شاھه لطيف ويلفيئر ايسوسيئيٽن ميرپور ماٿيلو، سال 2008ع.
7 پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، "سومرن جو اصل نسل "، صفحو 3، شاھه لطيف ويلفيئر ايسوسيئيٽن ميرپور ماٿيلو، سال 2008ع.