شخصيتون ۽ خاڪا

لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
Title Cover of book لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)

لاکو ڦلاڻي : محمد سومار شيخ

لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو اڙٻنگ جوان هو. پاڻ پنهنجي جوانيءَ ۾ هٻي جبل ۽ لوڻي جي ماڻهن کي خاص طرح تپائي (ڦرن سان) کنيو هئائين. پاڻ خاص ڪري اٺن جا وڳ هڻندو هو. هن جا جسو ۽ جسراج ٻه هاڻو (ڌاڙيل) ساٿي هئا، اهي کيس هاڻو (ڌاڙا) هڻڻ ۾ مدد ڪندا هئا.
هن جو چوڻ هو ته مون کي منهنجي پيءُ جي وفات جو، جيڪو به ٻڌائيندو، انهيءَ جي زبان وڍرائي ڇڏيندس. پر هڪ ڏاهي اهڙي طرح لاکي کي پيءُ جي وفات جو ٻڌايو جو اها خبر خود لاکي جي واتان نڪتي ۽ لاکي پوءِ ميڻ جي زبان ٺهرائي اها وڍرائي. هي پوءِ لوڙئيون (ڌاڙا) هڻڻ ڇڏي پنهنجي بادشاهي سنڀالڻ لڳو.
آخر شاديءَ جو خيال ڪري سنڌ جي مهراڻي ملڪ جي "مهر راڻي" سان پرڻيو. جيتوڻيڪ هن شاديءَ جي شرط ڏکيا رکيا هئا، پر لاکي پنهنجي وزير جي صلاح ۽ ڏاهپ سان سي سڀ پورا ڪيا. پنهنجي ڪنوار وٺي اچي ڍوري پراڻ تي پهتو ته اتي ڏاڍو مينهن پيو. آمريءَ جي ڀرسان ٽپڙ سڪائڻ لاءِ وڻن تي وڌا ويا، سي لاکي ڪونه لهرايا ۽ چيو ته اهي وڻ جن کي اسان ڏاج ڏنو آهي، سو ڪونه وٺنداسون. ڪنهن بزرگ انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي چيو ته:
جهوني تون پراڻ، جڳ ڇـهـه ٽيهه سنڀرين،
تـو ڪي ڏٺــا هــاڻ، لاکي جــهـڙا پــهــيــڙا.
اتي جيڪو آمريءَ جو وڻ هو، تنهن ۾ وري ڳهه ڳٺا ۽ لعل، موتي ٻڌا ويا هئا، پر لاکي اهي به ڪين لهرايا. انهيءَ واقعي کي اڳيان رکي ڪنهن سگهڙ آمري کان پڇيو ته "ڪَ تون ابل سندي آمري، ڪَ تون لاکي سندي لال؟"
تڏهن آمريءَ ان شاعر کي چيو ته:
مون ۾ لاکي لالون ٻڌيون، آئون لاکي سندي لال،
ابل اچي ڪالهه، لک سين مـانجـهـانـدو ڪـيــو.
ههڙي سخي مڙس، جنهن وڻن کي به ويس ڍڪايا، تنهن سان پراڻ جي پکين به ساٿ ڏنو ۽ لاکي جي ڄڃ جي مٿان ڇانو ڪري اڏرندي ٿي هليا ۽ سڄي پراڻ واري ملڪ تائين اهي پکي لاکي مٿان ۽ ڄڃ مٿان ڇانو ڪري پئي اڏاڻا، اڄ به انهن پکين کي "لاکي ڄاڃي" ڪري چئبو آهي. اهڙي طرح لاکو شان ۽ مان سان پراڻ کان لنگهي وڃي پنهنجي ڪوٽ ۾ پهتو.
لاکي کي ڪنهن ٻڌايو ته "مهر راڻي" جو ڪنهن چوڙيگر سان نينهن آهي، ان ڪري کيس هن تي شڪ رهندو هو. ٻيو وري مڱڻهار جو ساڻس گڏجي آيو هو، تنهن جڏهن مهرراڻيءَ جي اشاري موجب "هار" بدران "مهر راڻي" گهري ته مڱڻهار کي اها ڏئي ڇڏيائين. مهر راڻيءَ جي وڃڻ تي نيت ڪانه هئي. پر لاکي کيس ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ ڪري مٿس ميار رکي هئي ۽ ڪن ته ڪچن لفظن سان به لاکي کي ياد ڪيو هو. پر لاکي جي غيرت مهر راڻيءَ کي برداشت نه ڪري سگهي.

[b]سونو ماڻهو:
[/b] راءِ لاکي پٽ ڦل جي ڏينهن ۾ هڪ ڪيميا جو ماهر هڪ اهڙي ٻوٽيءَ جي ڳولا ۾ هو، جيڪا جيئري انسان کي سون ۾ تبديل ڪندي هئي. هڪ ڏينهن هن ٻڪريءَ جو منهن ڳاڙهو ڏٺو ۽ ان ٻوڙي کي ڳولي وڃي هٿ ڪيو ۽ ٻوڙي کي باهه ۾ وجهي هڪ ڌنار کي سڏيو. مرضي هيءَ هيس ته انهيءَ ڌنار کي باهه ۾ وجهي سونو ماڻهو بنائي، پر ڌنار کي شڪ پيو، سو جوڳيءَ جي پٺيان ٿيو ۽ هن کي ٿيلهو ڏيئي ان باهه ۾ ڪيرائي وڌو.
قدرتي طور اهو جوڳي سونو ٿي پيو. اهو ڌنار ان مان هڪ ڏينهن ٻانهن وڍي کڻي ويو. ٻئي ڏينهن اها سوني ٻانهن ٻيهر پيدا ٿي وئي. پوءِ ته هو هر روز ڪونه ڪو عضوو وڍيو ويندو هو ۽ اهو سونو عضوو مڪمل ٿي ويندو هو. اهڙيءَ طرح اهو ماڻهو شاهوڪار ٿي ويو. ڪنهن انهيءَ سوني ماڻهوءَ جي خبر سمي حاڪم کي ڏني، انهيءَ حاڪم کي ايترو ته سون ان مان حاصل ٿيو جو هو روز هڪ لک رپيا خيرات ڪندو هو ۽ لاکو خيرات ڪندڙ مشهور ٿيو.
جڏهن لاکي وفات ڪئي ته الله در سوال ڪيائين ته "هي سونو ماڻهو ٻئي ڪنهن کي حاصل نه ٿئي." الله سندس سوال ٻڌو ۽ ائين ئي ٿيو.
ميرزا شاهه حسن ارغون هن سوني ماڻهوءَ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ويو. ٻه کوهه کڻايا هئائين، هڪ مان پاڻي ڪڍي ٻئي ۾ ٿي وڌو ويو ته سونو ماڻهو ان مان نڪري ٻئي کوهه ۾ ٽپي ٿي پيو. ائين لاکي جي دعا ڪاميابيءَ جي درجي کي وڃي پهتي. ميرزا شاهه حسن اهو کوهه پوءِ لٽرائي ڇڏيو. (تحفت الڪرام، مير علي شير قانع، صفحو 153-155، 1957ع).


[b](ڪڇ جو رڻ، محمد سومار شيخ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006)
[/b]