شاعري

ماندي ٿي نه مارئي

شاهه لطيف جي سورمي مارويءَ جي حب الوطني بابت هن شاعريءَ جي ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر استاد بخاري آهي.
”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استادُ بخاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئيءَ کي ڳايو آهي ۽ مارئيءَ کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي. محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. ڪتاب ۾ مارئيءَ جو درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت اٿس.
Title Cover of book ماندي ٿي نه مارئي

ناري پاران

ناري پبليڪيشن جو ٽيٽهون ڪتاب ”ماندي ٿي نه مارئي“ سنڌ جي موجوده دور جي عوامي ترجمان محترم استاد بخاري جو آهي. مهان شاعر جو هيءُ ڪتاب ناري پبليڪيشن طرفان پڙهندڙن لاءِ هڪ ناياب سوکڙي آهي. اڄ جڏهن هي ٻه اکر ناريءَ پاران لکي رهي آهيان ته لکڻ جي سگھه نه پئي ساريان. هٿ ڏڪي رهيا اٿم، اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار اٿم. پڇتاءَ جو ڏنگ من کي ڏنگي رهيو آهي. ڪاش! هي ڪتاب محترم استاد بخاري جي حياتي ۾ ئي شايع ٿئي ها. پر افسوس انسان ڪيترو نه لاچار ۽ مجبور آهي قدرت ۽ حالتن آڏو!!
محترم استاد لاڏاڻي کان تقريباً مهينو کن اڳ، محترم ڀاءَ عبدالحميد ابڙي صاحب جي مٿان مسودو ڏياري موڪليو هو. پر جيتر هي ڪتاب ڇپجي، محترم استاد هليو ويو انهيءَ پار جتان ڪير به نٿو موٽي. عورت ذات جو درد دل ۾ سمائي، پر ويندي ويندي عورت کي پيغام ڏيندا ويا ”ماندي ٿي نه مارئي“.
”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استاد، شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئي کي ڳايو آهي ۽ مارئي کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي.
محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت.
ڇا هڪ عورت؟ ڇا سندس جرائت ۽ طاقت؟ ڇا سندس بي باڪي ۽ بي باڪي ۽ بي پرواهي، نه ڊپ نه ڊاءُ، نه لوڀ نه لالچ، نه عيش نه عشرت. سندس حب ۽ سڪ، سندس استقلال ۽ محڪم مزاجي.
مارئي جي ماٺائي ۽ تن جي تڙپ جيئن پوءِ تيئن اڳري پر نا اميدي نه، اوهان کي جابجا اميدن جا ڪرڻا جڳ مڳ ڪندا هر شعر ۾ نظر ايندا.
محترم استاد کي عورت جي عظمت جي ڄاڻ هُئي، ۽ اُهو ئي سبب آهي جو هن عورت جي نازڪ ۽ لطيف جذبن جو اظهار ڪشاده دلي سان ڪيو آهي.
سنڌ جي عورت هميشه باهمت ۽ باوفا رهي آهي. هن جي قدمن کي ڪنهن به قسم جي لالچ لوڏي نٿي سگھي. پر عورت کي سمجھڻ لاءِ شاھ عبداللطيف جهڙو وسيع نظر شاعر هجي جنهن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي عورت کي اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏنو.
اهڙيءَ طرح ”ماندي ٿي نه مارئي“ ۾ پڙهي ڏسبو ته محترم استاد به عورت جي وجود کي مڃتا ڏني آهي. محترم استاد بخاري جو هي سمورو ڪلام عورت ذات لاءِ هڪ سوغات آهي.
محترم استاد هڪ خوددار انسان هو. هو ڪنهن جي آڏو نه جھڪيو، نه ڪامورن، نه وڏيرن، نه وقت جي حاڪمن ۽ نه وري بيماري آڏو.
محترم استاد سان مختلف پروگرامن ۾ ملاقات ته اڪثر ٿيندي رهندي هئي پر ڊگھيون ڪچهريون اسان جون ڪراچي ۾ ٿيون. ڪراچي ۾ هڪ ڪانفرنس هئي، گلف هوٽل ۾ منهنجي ڪمري جي سامهون محترم استاد جو ڪمرو هو، ايندي ويندي محترم استاد سان ملاقات ٿيندي هئي. منهنجا شعر اُستاد ٻڌا ۽ منهنجي شاعريءَ کي به پسند ڪيو، مون محترم استاد کي ناري پبليڪيشن جاڪتاب بطور سوکڙيءَ ڏنا. جن کي محترم استاد پسند ڪيو. تڏهين مون چيو ته مان اوهان پنهنجو ڪو ڪتاب ڏيو ته مان ڇپرايان. تڏهين محترم استاد مون سان واعدو ڪيو ته هڪ ڪتاب شاعريءَ جو هوندو جيڪا شاعري فقط عورتن لاءَ هوندي اُهو ڪتاب نذير! مان توکي ڏيندس.
محترم استاد انهن ڏينهن ۾ بيمار هئا. مونکي چيائين ته ڪتاب پوري ڪرڻ کان اڳي مرڻ نٿو چاهيان. ۽ مونکي يقين آهي ته ڪتاب پورو ڪري پوءِ مان هن دنيا مان ويندس. ڪيڏي پختي ارادي جا مالڪ هئا ۽ قول جا ڪيڏا نه پڪا هئا. ڪتاب مڪمل ڪري پوءِ ويا. اڄ محترم استاد موجود ناهي. پر جيئرو آهي اسانجي دلي ۾، ايندڙ نسلن جي دلين ۾، جيستائين هن ڌرتيءَ جو وجود آهي محترم استاد جيئرو رهندو.
محترم استاد هڪ خوددار انسان هئا مونکي ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ سنڌ سيڪريٽرٽ نمبر 2 ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، سيڪريٽريٽ جي گيٽ وٽ محترم استاد سان ملاقات ٿي. دعا سلام کانپوءِ محترم استاد شڪايت ڪندي چيو، ”نذير! اسان جي اديبن کي ڇا ٿي ويو آهي منهنجي علاج لاءِ چندو پيا وٺن، مونکي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کان چندو وٺي علاج ڪرائڻو ناهي. سنڌ واسي اڳئي غريب آهن. هنن وٽ ڇا آهي؟ مان ظاهر ظهور بيماريءَ ۾ ورتل آهيان پر سنڌ جا ڪل ماڻهو بيماريءَ ۾ ورتل آهن.
پوءِ محترم استاد کي ڪتاب وارو واعدو ياد ڏياريو. کلي چيائين، ”ڪتاب تيار آهي ٻاهران علاج ڪرائي موٽي اچي ڏيندس. ياد رک نذير! ڪتاب ڏيڻ کان اڳي هي دنيا نه ڇڏيندس.“
پاڻ پنهنجو وچن پاري ويا.
۽ مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا مارون پڌري پٽ سمهن.
عورت ذات جي دردن، مارن جو درد دل ۾ سمائي محترم استاد وڃي ڌرتيءَ ۾ پناه ورتي. انهيءَ ڌرتيءَ ۾ جنهن جو درد هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو، قوم پرستي، ترقي پسندي ۽ جديد لاڙن جو هو راهي هو. هو نه صرف هڪ اعليٰ پائي جو شاعر هو بلڪه علمي ۽ ادبي ماڻهو هو، نظريي، خيالن، سوچن ۽ مستقبل جي خوابن جي خيال کان هڪ منفرد مثالي انسان هو.
هُن پنهنجي ڄمار ۾ ڪيترائي انقلاب ۽ اڻ وڻندڙ واقعا ڏٺا. انهن واقعن ۽ دردن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ آهي. محترم استاد شاعريءَ ۾ عورت کي بيداريءَ جو درس ڏنو آ ۽ آخري پساهن تائين ڏيندو رهيو. پنهنجي اصولن ۽ آدرشن جو ساٿ نه ڇڏيندي انهن کي ساھه سان سانڍيندو رهيو آخري هچڪي تائين.
دوستو! انسان جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جڏهن ڪي با اصول ۽ آدرشي انسان پنهنجي ذات جي خوبين ۽ خصوصيتن سان ٻين کي فيض رسائي پاڻ دنيا مان ايئن اڪيلا هليا ويندا آهن. ڄڻ هو پيدا ئي ٻين کي ڪجھه ڏيڻ لاءِ ٿيا هئا. هنن پنهنجي دلين ۾ گهرا گھاءَ به صرف ٻين ڪاڻ برداشت ڪيا هئا. هنن زندگي جا درک ۽ سور سختيون به صرف ٻين لاءِ سٺيون هيون. محترم استاد به اهڙن آدرشي انسانن مان هڪ هو.
محترم استاد جي ندگيءَ جي تاريخ به اهڙن واقعن سان لبريز آهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي ادب ۾ به مفاد پرستيءَ، خودغرضيٰ، سازشين ۽ فريب ڪارين جي سياست رهي آهي. جنهن ۾ اصولن آدرشن ۽ حق طلبي لاءِ ڪابه جاءِ نه هوندي آهي. اهڙي سازشي، ادبي ماحول ۾ محترم استاد لاءِ ڪٿي ٿي جاءَ ٿِي سگھي. هڪ اها به حقيقت آهي ته ڪن ناعاقبت انديشن، آمرن محترم استاد جي آواز کي دٻائڻ چاهيو، پر هي ڪنهن کان به نه ڊنو. مستقبل جي نتيجن جي پرواهه نه ڪندي مارن لاءِ لکندو رهيو. اهڙن سازشن سان بي جگري سان ويڙهاند ڪئي جو اڄ به جھنگ جھر، هاري ناري، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ استاد جا گيت پسند ڪيا ٿا وڃن. سچ سان هميشه جنگ جاري آهي سچ جا دشمن انساني اندر جي جذبن، خواهشن حق پرستيءَ کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو آهي. بلڪه انهن کي ڪچلڻ، چيڀاٽڻ، گھاڻي ۾ پيڙڻ، زمين دوز ڪرڻ ۽ نپوڙي نستو ڪري ڇڏڻ ۾ ئي يقين رکيو آهي. ۽ ان کي پنهنجي سوڀ ۽ ڪامراني سمجھيو آهي پر درحقيقت اها سوڀ عارضي آهي تاريخ اهڙن ڪانئرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي.
هن دنيا مان هر ڪنهن کي هلڻو آهي. محترم استاد ه هليو ويو، زندگيءَ وانگر موت به هڪ اٽل حقيقت آهي. پر ڪي انسان موت کان پوءِ به جيئرا رهندا آهن ۽ موت کي شڪست ڏيندا آهن. محترم استاد به انهن امر انسانن مان هو، جن موت کي مات ڏني.
اسان لاءِ اِها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي جو محترم استاد عورت ذات لاءِ جيڪا شاعري ڪئي انهيءَ کي شايع ڪرڻ جو اعزاز به ناريءَ کي مليو، اڄ مان فخر سان ڳاٽ مٿي ڪري چئي سگھان ٿي ته جيڪو سفر مون شروع ڪيو هو اُهو سجايو ٿيو.
سال کان مٿي ٿيندو ته حيدرآباد جي ڏيالداس ڪلب ۾ هڪ تنظيم طرفان ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿي هئي. خان محمد پنهور جي گھر واري نسيم پنهور مون کان پڇيو ته نذير! ڇا توکي به ايوارڊ ملندو؟ مون جواب ڏنو. مون ڪيو ڇا آهي جو مونکي ايوارڊ ملندو؟ انهيءَ تي نسيم چيو، ادب جي دنيا ۾ ڇا آهي جو تو نه ڪيو آهي. سنڌ جي پهرين پبلشر عورت آهي ڇا اِها گھٽ ڳالهه آهي. اسين سمجھون ٿا ته هيل تائين سنڌ جي ڪنهن به عورت ادب جي واڌاري لاءِ ايترو ڪم نه ڪيو آهي جيترو ڪم تو ڪيو آهي حقيقت ۾ ايوارڊ جي حقدار تون آهين.
ڪير حقدار آهي ڪير ناهي اُهو وقت ثابت ڪندو، پر جيتري قدر سنڌي ادب ۾ مون ڏٺو آهي ايوارڊ ذاتي پسند تي ڏنا ويندا آهن ۽ مونکي اهڙن ايوارڊن جي ضرورت به ناهي.
حقيقي ايوارڊ منهنجي اُهي آهن جيڪي سنڌ جي مَهان هستين مونکي ڏنا.
سرزمين سنڌ جي قابل احترام شخصيت محترم قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن مونکي ”سرتيون“ جو ايڊيٽر مقرر ڪري ڏنو، اُهو اعزاز منهنجي محنت جي مڃتا هُئي، انهيءَ کان وڏو ٻيو ڪهڙو ايوارڊ ٿي سگھي ٿو، انهيءَ تي جيترو به ناز ڪريان گھٽ آهي.
ٻيو اعزاز سنڌ جي سچار ليکڪ، جنهن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌي ادب جي چمن جي آبياري ڪئي آهي، اُن جاکوڙي ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي جي ڪتاب ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪتاب جي مهورت سائين نجم عباسيءَ جي چوڻ تي مونکان ڪرائي وئي. اها مهورت جي تقريب 10 جنوري 1992ع تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاھ جي حال ۾ ٿي هئي. هن تقريب جو اهتمام سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھ، خانواهڻ ۽ دڙو گڏجي ڪيو هو. اُهو ڏينهن منهنجي سڄي ڄمار جو سڀاڳو ڏينهن هو، ڊاڪٽر نجم عباسي سان گڏ بيهي انهيءَ جي ڪتاب جي مهورت مون ڪئي.
اُهو ڪيڏو نه وڏو ايوارڊ هو مون لاءِ، مون ته سوچيو به ڪونه هو ته اهڙي مهان ليکڪ جي ڪتاب جي مهورت ڪرڻ جو اعزاز مونکي ملندو.
ٽيون اعزاز اوهان جي آڏو آهي ”ماندي ٿي نه مارئي“ شايع ڪرڻ جو اعزاز ناريءَ وارن کي مليو. ڇا اُهو اعزاز گھٽ آهي. اِها منهنجي ڪم جي مڃتا آهي، سچي نيت جو ڦل آهي. مان ڪنهن به لالچ کانسواءِ خاموشيءَ سان ڪم ڪري رهي آهيان هي انهيءَ جو انعام آهي. مان ادب جي دنيا ۾ ڪنهن به سياست کان پري اڪيلي سر پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهان ٿي.
سچ پڇو دوستو! ته مان روحاني طور آسودگي محسوس ڪريان ٿي، ادب لاءِ جيڪي به ڪم ڪيو اٿم ۽ جيڪو وقت گذاريو اٿم سو سچائي ۽ خلوص سان، اُهو ئي سبب آهي ته مان ذهني روحاني طور تي مطمئن آهيان. ڇا ڪاڻ ته منهنجي پيش نظر فقط سنڌي زبان جي واڌ ويج رهي آهي ۽ آهي. انهيءَ ميدان ۾ حساب ڪتاب بلڪل صاف رکيو آهي. مان انسان آهيان، انسان کان خطائون ٿينديون آهن. يقيناً مون کان به ڪي ڪوتاهيون ٿيون هونديون پر ڄاڻي واڻي ڪابه غلطي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم. پبلشنگ جو سخت محنت طلب ڪم آهي ۽ اُهو ڪم ديانت داريءَ سان ڪيو اٿم، اهو سبب منهنجي روحاني آسودگي جو ڪارڻ آهي.
هي سڀ ڪجھه پڙهي اوهان ائين نه سمجھو ته اڳتي لاءِ مان ڪجهه نٿي ڪرڻ چاهيان. يا کڻي ائين ته منهنجون دلي تمنائون پوريون ٿيون آهن.
نه ائين هرگز ناهي مان جيترو گھڻو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي ايترو ڪري نه سگھي آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خال محسوس ڪريان ٿي. پر اُهو ضروري ناهي، انهيءَ خواهش ۽ خال خاطر چپ ڪري ويهي رهان ۽ ڪجهه به نه ڪريان. اهو ضروري ناهي ته هر انسان جي هر تمنا پوري ٿي وڃي ۽ انهي نامڪمل خواهشن پٺيان پنهنجو سک وڃائي ويهي رهان. اگر انسان جي هر تمنا پوري ٿي وڃي ته پوءِ تڙپ ڇا جي جستجو ڪهڙي؟محرومي جو گھاءُ ڪهڙو؟ انهي ڪري زندگي اڪيلي نه هجي ٻيو ساٿ کڻي نه سهي پر محرومي جو ساٿ هونئڻ به لازمي آهي. مان بيحد حساس طبعيت جي مالڪ آهيان. ذري ذري ڳالهه ۾ ٻين جو احساس ڪندي آهيان. پر جيڪي غلط آهن تن کي غلط سمجھندي آهيان. دوستو! اڄ مون سوچيو ته پنهنجي باري ۾ ڪجھه اوهان سان ڳالهايان ڪجهه ٻڌايان. ڪجهه دوستن جي باري ۾ ڪجهه دشمنن جي باري ۾ ، جيڪي منهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ ٿا رکن. حقيقت ته اِها آهي ته مان انهيءَ ڳالهه کي ايترو ضروري يا اهم نٿي سمجھان. ڇالاءِ مان اهڙن ماڻهن اڳيان ويهي صفائي پيش ڪريان. اهڙا ماڻهوءَ منهنجي آڏو ڪابه معنيٰ نٿا رکن. اهڙن ماڻهن جي نظر منهنجي نظرن ۾ ڪابه وقعت ناهي. مان پنهنجي باري ۾ پاڻ کي ڄاڻان ٿي.
پر پنهنجي پيار ڪرڻ وارن آڏو ته مجبور آهيان جيڪي مونکي چاهين ٿا. جيڪي عزت جي نظر سان ڏسن ٿا مونکي پنهنجو سمجھن ٿا. مونکي احترام جي لائق سمجھن ٿا اهڙن هستين آڏو مان پڻ جھڪيل آهيان، پر جيڪي غلط آهن تن جي پرواهه ڪرڻ واري مان به ناهيان. ڪو به انسان خطائن کان خالي ناهي نڪي ڪو مان فرشتو آهيان نه ايڏي وسيع نظر جو ڪو دشمني ڪري مان انهيءَ سلوڪ کي نظر انداز ڪري ڇڏيان ۽ ايتري احسان فراموش به ناهيان جو ڪير مانُ ڪري انهيءَ کي فراموش ڪري ڇڏيان. مان ته تر جيترو به احسان وساري نه سگھندي آهيان. اڄ مان هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ انهيءَ مهاڳ جي ذريعي ناري جا ڪتاب پڙهڻ وارا پيسا خرچ ڪي ڪتاب خريد ڪرڻ وارا، منهنجا خيرخواهه منهنجا دوست، منهنجا دشمن مون ساڻ گڏ هلڻ وارا ۽ پنهنجي واٽ تي هلڻ وارا، اسان جي ڪجهه ادبي ٽولي کي ڪنهن نه ڪنهن کي هڪ احساس وڪوڙي ويو آهي ۽ هو ڪنهن ٻي جي وجود کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهن. هنن ۾ ادبي خدمت جو جذبو گھٽ پر ادب ۾ انتشار برپا ڪرڻ جو احساس وڌيڪ اٿن.
۽ اهڙي ٽولي جو ڪم آهي فتوا ڏيڻ. مثلاً هي ليکڪ يا ليکڪا فلاڻي گروپ جي آهي، فلاڻو اسان مان ناهي، هن جو بائيڪاٽ ڪريو وغيره وغيره.
اگر سچائي سان پرکيو وڃي ته اهڙي فتوا ڪندڙ ٽولي جو ادب سان ذرو به واسطو ناهي اهڙن شخصيتن ۾ ذري به ادبي حس ناهي.
ڇاڪاڻ جو اديب آزاد آهي اديب ڪنهن به گروپ جو نه هوندو آهي. هن جو ڪوبه مذهب نه هوندو آهي. اديب انسانيت جو پرچار ڪندو آهي ٻين کي ڏک ۾ ڏسي هن کي ڪهل ايندي آهي. هو ٻين جي ڏک ۾ ڀائيوار ٿي لکندو آهي هن جي آڏو هڪ انسان هوندو آهي. پوءِ هڪ ليکڪ کي ڪنهن گروپ سان منسوب ڪرڻ يا پابند ڪرڻ هنن جي لاعملي جو واضح ثبوت آهي. اُها ادب دشمني آهي، ٻيو وري اهڙن ادب دشمنن کي اهڙو روڳ لڳل آهي ته اگر ڪنهن ليکڪ يا شاعر جي مالي پوزيشن بهتر آهي ۽ هو پنهنجي محنت سان ڪنهن وڏي عهدي تي فائز آهي پوءِ وري دوستو! اهي روڳي لڳندا انهيءَ ڪڍ ته هي اديب وڪامل ۽ سرڪاري ڌر جو ايجنٽ آهي، پوءِ ڀلي هن ليکڪ نور نچوئي پنهنجو رت ست ڏئي گڏوگڏ طرح به ادبي خدمتون ڪيون هجن پر هي ڌر، هن کي سک جو ساهه پٽڻ نه ڏيندا ان لاءِ پيا کڏون کوٽيندا گلائون ڪندا.
ٻيو وري اهو هلائيندا ته هن جي پروگرام ۾ نه وڃو ڇاڪاڻ ته هي اسان مان ناهي وغيره وغيره.
هي ماڻهوءَ سنڌ جا سڄڻ آهن ڇا؟ هي ماڻهو جو پاڻ کي ترقي پسند ٿا چون، جمهوريت جا علمبردار بنجن ٿا، پر سندس سوچ ڪيتري نه محدود آهي. هن محفل ۾ وڃو هن ۾ نه وڃو. اگر ڪو ويو ته هن جو بائيڪاٽ ڪريو هي سرڪاري ماڻهو آهي.
حالانڪه ڏٺو وڃي ته هنن جو پنجئي آڱريون سرڪار ۾ ٻڏل هونديون پر حسد کان ٻين لاءِ پابندي، چوندا آهن ته سائي کي سهن ڪونه بکيءَ کي ڏين ڪونه.
ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته ٽيگور لکيو هو ته جڏهن ڪو ليکڪ پنهنجي ذات جي خول مان ٻاهر نڪري ٿو ته کيس معلوم ٿئي ٿو ته هوا ڪيتري نه صاف آهي. فضا ڪيتري نه دل کي وڻندڙ آهي، ۽ انهيءَ ماحول ۾ رهندڙ ماڻهو ڪيتري نه محبت ۽ مروت وارا آهن. معاشري کان الڳ رهڻ وارا ليکڪ انسان جي مشاهدن تجربن ۽ جذبن کا واقف ٿي نٿو سگھي. اهو به ضروري آهي ته ٻيو نه سهي ليکڪ انسانيت جا غمگسار ۽ همدرد ٿي پون، ٽيگور وڌيڪ لکي ٿو ته :
جڏهن مکڙي ٽڙي ٿي ۽ فطرت جي قيد خاني مان آزاد ٿئي ٿي تڏهن ئي هوءَ فضا ۽ روشني کان واقف ٿئي ٿي. اهڙي طرح ڪنهن ليکڪ کي پابند ڪرڻ هن جي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ آهي.
بس انهيءَ ڪشمڪش انهيءَ گروپ بندي سنڌي ادب کي نقصان رسايو آهي. انهي نقصان جو ڪوبه ڪاٿو ئي ڪونهي. سمجھه ۾ نٿو اچي ته اسين ڇاڪاڻ پيا پنهنجو وقت وڃايون، اسين مثبت سوچ ڇو نٿا رکون. ادب ۾ گروپ بندي ڇاڪاڻ؟ اسين نئين ٽهيءَ جي ليکڪ کي گمراهه ڇو ٿا ڪريون صحيح دڳ ڇو نٿا ڏيکاريون، هنن جي سوچن کي محدود ڇو ٿا ڪريون، پنهنجي هٿن سان پنهنجي ادب کي سڃو ڪري رهيا آهيون.
مان انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ٿي ڪريان ته منهنجو ڪوبه گروپ ناهي، نه ئي ڪڏهين مون ناريءَ ڪنهن ميمبر تي ڪا پابندي لڳائي. روحاني ۽ ذهني طور آزادي سان ڪم ڪيو آهي. جيڪو به ڪم سنڌ جي ڌرتي لاءِ فائديمند آهي انهيءَ تي عمل ڪيو اٿم، مان ڪنهن محفل ۾ ڪنهن ليکڪ کي انهيءَ نظرن سان ڀيٽڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي ته هن جا پنهنجا نظريا ڪهڙا آهن مون فقط هن جي ڪمن کي ڏٺو آهي.
نه ذاتي پسند نه دشمني کي مون پنهنجو معيار ناهي بڻايو، اهڙي طرح گروپ بندي جي قائل ناهيان نه ئي مان ڪنهن گروپ سان ٻڌل آهيان. مونکي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪم ڪري رهي آهيان ۽ ڪندي رهندس. مونکي ڪنهن به سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، منهنجو ڪم سٺو هوندو ته وقت اُهو پاڻهي ثابت ڪندو، مون هميشه سنڌي ادب جي بهتري لاءِ سوچيو آهي منهنجي آڏو هميشه پنهنجي ڌرتيءَ جي عظمت پيش نظر آهي. بس پنهنجي محدود وسائل آهر ڪم ڪريان ٿي باقي ڪير ڇا ٿو چوي؟ ڇا ٿو سوچي ۽ مونکي ان ڳالهه سان ڪابه غرض ناهي، مان انهن ڳالهين جي پرواهه ڪرڻ واري ناهيان. سچ ڳالهه ته اها آهي ته مون وٽ ايترو وقت به ڪٿي آهي جو مان اجاين ڳالهين ۾ ويهي وڃايان.
وڌيڪ ڇا عرض ڪريان، سدائين گڏ.
[b]نذير ناز[/b]