شاعري

ماندي ٿي نه مارئي

شاهه لطيف جي سورمي مارويءَ جي حب الوطني بابت هن شاعريءَ جي ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر استاد بخاري آهي.
”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استادُ بخاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئيءَ کي ڳايو آهي ۽ مارئيءَ کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي. محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. ڪتاب ۾ مارئيءَ جو درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت اٿس.
Title Cover of book ماندي ٿي نه مارئي

بيت

مِٽي ملڪ ملير جي، مون پنبڻين ۾ پاتي،
سرهي هير وطن جي، ڇاتيءَ سان لاتي،
اديون، دل آتي، ”ڌرتي _ ڌرتي“ پئي ڪري.!
*
سِر کان مِٺو هو گھڻو، هُن کان مِٺي هُوءَ،
اها منهنجي گھڻ_گُڻي، جيڏيون جاني جُوءِ،
کيتن ۾ خوشبوءِ، ڀينر، باغ بهشت جي!
*
مَهڪي ماروءَ کان گھڻو، ماروءَ مُهراڻو،
ٽهڪن ٻئي ٽهڪي پوي، ٿاڻو ۽ ٽاڻو،
ماروءَ جو ماڻو، سُهڻو ملڪ ملير سان.

*
مارُو ۽ ملير ٿيا، لازم ۽ ملزم،
مُٺي مون وانگر نه ٿئي، ملڪ ۾ مظلوم!
مِٽن کان محروم، ڪوٽن ۾ ڪُوڪون ڪريان.

*
ڪارونجھر تنهنجا پٿر، ڪل ئي ”ڪوھ _ نور“،
جهڙا تارا جرڪڻا، اهڙو ٻيلي ٻُور،
سُڪو ڍنگر پُور، اَمل ملڪ ملير جو.

*
سونا کائر کيٽ، ريتي موتي قيمتي،
کاڻيون کوڙ خزانا، پَلن پائر پيٽ،
سانوڻ، سياري، چيٽ، مونکي سوچون ماڳ جون.

*
برسيو ٿر بهشت ٿئي، نه ته بَرَ جو آهي بَرُ،
وٺو وطن ناهه پر، ڀٽون آهن ڀرُ،
عمر، آجو ترُ، ساريو، لڇان سنگھرين.

*
وطن مٿان وَسُ، مِٽن باغ بهاريون،
جهڙا گل گلاب جا: گھر، تڙ، ماڻهو، گَسَ،
خوشيون خوشبويون نيون سوچون، رمزون، رسَ،
تَسن مٿان تَسَ، کنڊون، کير، مبارڪون.

*
مارُو منجھه مليرَ، مِلن آجا مُنڌ سان،
ماڻيان موجون محبتون، ونڊيان کنڊون کيرَ،
ويتر خير خوشيءَ ۾، وڌي سِڪ سريرَ،
اديون پوءِ اُڪيرَ، هوندي جوت جيئڻ جِي!

*
اڃا عمر _ ماروي، اڃا ڪٽر _ ڪوٽ،
اڃا اَمُر اوٽ، مارُن ۾ ماها پون.

*
اڃا عمر_ماروي، اڃا قبر_ڪوٽ،
قلعي لڇن ڪامڻيون، گھٽيءَ ڪُسن گھوٽ،
مارُن وٽان موٽ، آمر ملندءِ موت جِي!

*
اڃا انڌ اُهي، اڃا هاڃا هيترا،
پيو ٿو ماڳ ملير کي، ڏاڍو روز ڏهي،
ڪينسر ڪير ڪُهي، ڪينسر ڪُٺا ڪيترا.!

*
اڃا عمر_مارئي، اڃا ڪڙا ڪوٽ،
ڇني، موري، ڇاڇري، ٻاٻاڻا ٻرڙوٽ،
چيخون ڪندءَ چوٽ، واڪا ڪرندءِ وڄَ ٿي.

*
بهاريون بي ڪئينت، ڀينر، منهنجي ڀونءِ تي،
جوتون، اوتون، جيوتون، خوشين ڀريا کيت،
نهرون ماکيءَ کيرَ جون، حورون سُونهن سميت،
سرتيون جي نه سچيت، سي ئي دوزخ دُونهن ۾.

*
وسيون جوڙ وڳر سان، مارن ساڻ ملير،
سائر_سير پکي کنڀن، ڳنڍين ساڻ ڳنڍير،
سمجھان ساھ_سرير، تڪيان ٻي تشبيھه ڇا؟

*
ڄارين پاس ڄمن، نوان تازا نُور ڪي!
ايندي شَم شعور، هي رهزن سُور رَمن،
چارا، چيٽ، چمن، ڏيئن ڏيھه مبارڪون.

*
واسيا ڪي ته وطن؛ آزاديءَ جي واس سان،
واڌايون ڪِرڻا کنيو، ورڇيندا به ورتن،
بنا جوت جتن، ڀينر، سوڀ نه سوجھرو.!

*
رنگيا انگ رچن، نئينءَ صديءَ نُور سين:
ڀيلا ڀونءِ ڀڃي ته پوءِ، ڀلا رنگ رچن،
مارُو پاڻَ مچن، موجُون ڄاڻ متيون اِجھو.!

*
جتي جھومن جھنگَ، اتي مارن مارڪا،
ڪڻڪون، جوئر، ٻاجھريون، ساريون سونا سنگ،
ڪلهن تيز ڪهاڙيون، چپن ٻُرن چَنگَ،
تنهنجا گھيرا تنگ، منهنجا ويڙها ويڪرا.

*
جتي آجو آجڪو، جتي آجو ٿر،
عمر توکي مون چيو، اتي منهنجو گھر،
منهنجو جيءُ ۽ مَرُ، جَڙيو ملڪَ مليرَ سان.

*
بکي جتي باکَ، ريڙهي شال شفق جي،
اُڀرندو اُسريو کڻي، سوجھري جي ساک،
عطر، عنبر آک، سُرهي هيرَ صُبوح جِي.

*
موتي ونڊي ماڪَ، ڍڪيءَ ويلي ڍَٽَ تي،
جھجھيون ٽڪن جيڏيون، ٻهڪن ٿر جا ٿاڪَ،
حُسن، هُڳاءُ، هاڪَ، ملڪان مُلڪ ملير جي!

*
ڀٽان هٽي ٻاٽ، اُڀان ٽِمي ماٽَ،
اُفق وٽان اُڀَ تي، ڳاڙها شفق ڳاٽ،
عُمرَ، انهيءَ مهل تي، وانگي ووڙِن واٽ،
چارن جا چِمڪاٽ، ڪاهي پوندءِ ڪوٽ ۾!

*
هئڻ تنهنج ومارئي، هينئر هِتي هيءُ،
توڏي تَڪي ڪينَڪي، سڏي وڏي ويءُ،
ٿَرَ جي گھورِي ٿيءُ، اِتان جُوھهِ جهان ڏي!

*
مارُن تي مارا، ڪري ڪوهه ڪندين تون؟
ڪارونجھر کي ڇا ڪندا، وڄون وسڪارا!؟
ڪئين ڪوڏارا ، سارو ٿَر پٽي سگھن.

*
گھوگھائين ٿو گھِٽ، وِجھي جنڊا واتَ تي،
اجھو موڳي ماٺ مان، اُٿيا منهنجا مِٽَ،
پکن واري پِٽَ، ڪيري ويندءِ ڪُنگرا!

*
مارئي مَنُ ملير، سَرڇو، سُلڇڻو گھڻو،
آمر اندر ميرُ، هوڏي ، مَدو، هِيسڻو.

*
مارُو ميرَ اَميرَ، پاڻهي پاڻ فقير ٿيا،
سگھا، سياڻا ٿي پيا، الائي ڪيئن اَسِير،
اچي ٿيا ”استاد“ چئي، هاڻي هيئن حقير،
تڻِيل هاٺيون تِيرَ، نِوِڙي نوڙي ٿي وَيون.
.