ست سورمي
ساڳي ٻولي سچّ جي، توڙي ڇاتي ڇيهه،
سُڪر ۾ ساڻيهه، هڏڪي ”حق“ ملير جي.
*
سنڌياڻيءَ جو سَتُ، ڪَٿي برج ڪنبي ويا،
”جِيتان_جِيتان“ جُوءِ کي، ڇِيٽان_ڇِيٽان رت،
ڏوٿياڻيءَ جو ڏت، سارو ڏيهه رنگي ويو.
*
سچائيءَ جي سگھهَ ڏسي ڏوهه ڏڪي ويا،
ڪيڏا ڏاڍا ڏگھه، سامهون سچّ جھڪي پيا.
*
سچائيءَ جي سوڀ، سدا جرڪي سج جان،
لالن جهڙا لوڀ، پِيلا، نِيلا ٿيو وڃن.
*
سدا سرخرو، سچائي سنسار ۾،
عمر کي آمر چوي، دهشت دوبدو،
هينئون هوبهو، ڌاريو منڌ حسين جو.
*
سو تون سرخرو، سدا پنهنجي ساٿ سان،
ٿُڪيئي ٿر_ويريءَ مٿان، توبن روبرو،
مڃيا تو مارُو، هڻي نعرا حق جا.
*
توکي صديون سڀ، ڏينديون جايون جيءَ ۾،
جيتر ٻج ٻني ڦُٽي، ڳوريون پائن ڳڀ،
جيترو رعيت ربُ، تيتر سَت اتامرو.