ٽيهه راتيون قيد ۾
جھوڪون، جھوٻون منڌ کي، انگين ڏنئون اٽ،
جھِيريائون جھڻڪون ڏئي، جھوريائون جھٽ جھٽ،
ڪانه ڪيائون گھٽ، پڄندي کان پرتي ويا.
پهرين رات پهنوار کي، پهرن ۾ پيئي،
اندر انگ ونگي ويس، ڪوٽ، ڪٽڪ ڪيئي،
آجيائون، جيڏيون، ڀٽون، ٽول ٽٽس ٽيئي،
ڏاج ڏکيو ڏيئي، سارو سک کسي ويس.
*
ٻهگڻ تي ٻي رات اچي، ڪرڙائي ڪڙڪي،
سهائي سوگھي ٻڌي، اونداهي ٽهڪي،
سچي سُوڙي سونهن تي، ڪوڙن جي ڪٽڪي،
ڀڀڙ پيا ڀڙڪي، ساڙڻ ڪارڻ ست جي.
*
ڏوجھي رات ڏکيءَ، ڏوريو پنهنجي ڏيل سان،
ڪيڏو ڊوهه ڊگھو ٿيو، ويس کوٽ ککي،
اڃي آجي آب لئي، کائر کاڄ بکي،
جن جي ڪاڻ جکي، تن کان ڪوٽ ڪٽي وڌس.
*
ٽچڪياس ٽينءَ رات جو، ٽُڪ ڪري ٽاڻي،
سوگھي آهين سنگھرين، هاڻن وٽ هاڻي،
اڇليندءِ آڙاهه ۾ يا گھوٽيندءِ گھاڻي،
منڌ وري ماڻي، سانگي سگھندئين ڪينڪي.
*
چيڀاٽڻ چوٿين لڳس، سچيون سوچون سُورَ،
ڏاڙهڻ آيس ڏاڍ جا، بگھڙ، ڀُور، جنبور،
تڪڻ جون نوڪون تکيون، اکيون انگھه انبور،
ڪيڏا قهر ڪلور، هميراڻي حڪم ۾.
*
پنجينءَ پلٽيس پُور، اچيديس دلير جا،
هيڏا ويڙها هيترا، مارو ڇو مجبور؟
هيبتانڪ حشام هَت، غيرتمند غيور،
من مانيون منظور، قهر جون ڪيتر ڪندا؟
*
ڇهينءَ ڇوريءَ ساريا، ڇوها مڙس ڇڳير،
جوڌا جھونجھارا وڏا، دولھه شير دلير،
ورندا منهنجا واهرو، مانجھي مرد مٿير،
ويڙها وٺندا وير، پاند پراڻا ڪين ٿين.
*
ستينءَ ست ستاءَ، آمر جي مڃ آڻ،
قابو لوهي ڪوٽ ۾، تاهم تر ڏي تاڻ،
هرڪو پنهنجي هاج ۾، ڪُوڪين ڪنهنجي ڪاڻ؟
ٽاڻو ناڻو ماڻ، هيڏي هوڏ ڇڏي به ڏي.
ستين ٿيس ستوھه، سيڻ مٽائج سون تي،
سڱين سڃج سومرو، لڱين لهندءِ لوهه،
ڏاڍي کي ڏاڍو مڃڻ، ڏوٿڻ ناهي ڏوهه،
انهن جو اندوهه، جن کي جن نه ڪن ڪا!
*
اٺينءَ تي اوٺي، ڏٺئين سوچ سجاڳ ۾،
متان مڃين ”آمنا“، پهنوارن پوٽي!
رڱج ريٽي رت سان، قيدياڻي ڪوٺي،
جھونجھاريءَ جوٽي، چوٽي ڪندي سوڀ تي.
*
نائينءَ نهر ٿي چڪي، هاڻ نه ٿئي هاڪر،
ساگر، صحرا ٿي سگھن، صحرا پڻ ساگر،
نر ناريون ٿين ۽ ناريون بنجن نر،
گگن گاهه ڦٽي پون، پهڻ ڪڍن پر،
ڌڏِي ڦاٽي ڌر، مڃي مُور نه ماروي.
*
ڏهينءَ رات اهو ڏچو، سوچيو ڏيهان ڏيهه،
ڏاڍي جي ڏهڪار کان، دهڪي هرڪا ديهه،
ڪرٽجي ڪوٽن ڪيا، ڇپر ڇيهون ڇيهه،
سڪراتون ساڻيهه، اڳ نه ڀوڳيون ايڏيون.
*
ٻارهينءَ رات ٻرڻ لڳا، مارو منجھه ملير،
بنجي لوح قلم چڪا، جيڪي حڪم همير،
جن جي من تي ماروي، تن جي تَن تي تِير،
زوري ظلم زنجير، جُوءِ سڄي جڪڙي ڇڏي.
*
تيرهينءَ رات اڃا تکا، پاپن جا پڙلاءِ،
تارن ۾ تنبڻ لڳا، تاتارين جا تاءَ،
ڀَوَ سنگھي ويا ڀونءِ کي، وهم وڌايا واءَ،
جن کي لُوري لڄ جي، تن کي گهرا گھاءَ،
آمر جا انياءَ، پائر ۾ پکڙي ويا.
*
چوڏهينءَ رات اڃا چٽا، ظالم لاتا زور،
پِٽيو ڍنڍور ڍٽ ۾، چانگي چڙهي چور،
جيڪو حق لئه ڪوڪندو، ڪاتي ڪنديس ڪور،
ڏهر ڏهر کي ڏور، ويڌن وڌي ڪنڌ ۾.
*
پندرهينءَ پَٽن مٿان، اچي ڪڙڪيا پاپ،
پهري کي دهرو ڪيو، آمر سوچي آپ،
ڏهرن تي ڏڪڻي مڙهي، ڪنڌن اتي ڪاپ،
ڇن ڇن مٿان ڇاپ، هميراڻي حڪم جي.
*
سورهينءَ تي سنڌو سڄي، ٿي وئي سُور ئِي سُور،
وانگين کي ونگي ويا، پهرين پويان پُور،
ڪوٽن ۾ قابو سَتي، مَنهَنَ ۾ مذڪور،
چادر چيهاڙيون، ادي چوديواري چور،
مِهڻن ۾ مجبور، مِٽن هُوندي ماروي.
*
سترهينءَ رات سَتيءَ اتي، سوچيا جوڌن سنگ،
سُڪڙجي ويا سورما، يا اُکڙي ويا انگ؟
پڪڙجي پڌرا پيا، جڪڙجي ويا جھنگ؟
سهڪي يا ساڻا ٿيا، ڏهه ڏهه کائي ڏنگ؟
نامين پنهنجا ننگ، ڪانئر تي ڪارا ڪيا.
*
ارڙهينءَ رات اروڙ، ڏيکاري اهڙي ڏنس،
هاڪ وري پيو هاڪڙو، گرجي گاج گروڙ،
وڌي کائر کوهه ڪا، جھنگن منجھه جھنجوڙ،
ڪاٿي قوم ڪروڙ، ڪاٿي آمر ايڪڙو.
*
اڻويهينءَ احساس ۾، ڪا آس وٽس آئي،
اونداهي انڌير ۾، ٿي سورج سهائي،
قيدڻ پڇيس ڪير تون؟ آکيس ”آجائي“:
”جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا، ٻهڳڻ ٻڌ ٻائي،
ڪنڌ بنا ڪائي، آزادي ايندي نه آ“.
*
ويهين تي وينگس ڏنو، پنهنجو خاص خمير،
پاڻي سنڌوءَ سير جو، مِٽي ماڳ ملير،
سَتر صحرائي سندس، ادّم عزم امير،
زنگيو آهي زنجير، ناهي زَنگ ضمير کي.
*
عمر ايڪيهين، آکايس راکن هٿان،
ڀونءِ ڀَرتي بيسود ٿي، بيزوري بيهين،
ڪهڙو پهتئي ڪڙم مان، ڪيڏو ٿي ڪِيهين،
پکا سڀ پينهين، ميدو ڪندس ماروي.
*
ٻاويهين ٻڙڪي، منڌ ٻڌايس مند جون،
پتو پوندءِ پاپ پو، ڀونءِ جڏهن ڀڙڪي،
قهري تنهنجي ڪوٽ تي، وڄّ اِجھو ڪڙڪي،
لڱ وڃن لڙڪي، سڱ نه ڇنبا سومرا.
*
ٽيويهين ٽهڪي، تڏي، حاڪم مُڪي ٽوڪ،
ٻيڙيون، ڦٽڪا، ڦاسيون، منهنجي نب جي نوڪ،
هيسيا هڪڙي حڪم سان، لکين ٿري لوڪ،
راجا ڪهڙي روڪ، جيڪي سوچي سو ڪري.
*
چيويهين پهچي چڪو، آمر جو اعلان،
مور نه پسي ماروي، وري ٿر جو ٿان،
ڪسڻ گھرجي ڪوٽ ۾، فيصلو فرمان،
ديس سڄو دهمان، ڏيهه سڄو ڏهڪي ويو.
*
پنجويهين پهنوار وٽ، پهتا ڪي پهنوار،
مجبورن مجبوريون، اوريون منجھه آجھار،
اُميدون، انصاف ٻئي، رنا زارو زار،
ڏاڍا ۽ ڏهڪار، پهرن تي پورا رهيا.
*
ڇويهين ”ڇوڇا“ پڇيو، سوچ ڀرئي سنسار،
ايڏي انڌ انڌير تي، چوڌاري ويچار،
پَڇم پاڻ پڇاڙيو، پورب ڏانهن پُڪار،
انساني آڌار، چؤطرفو چيخون اُٿيون.
*
ستاويهين سرت سان، سندرو ٻڌو ست،
چمڪڻ چيتي ۾ لڳس، تاريخن جا تت،
سوريءَ، ڪات، صليب سان سچن جي سنگت،
”جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا، غار نه ٿئي غيرت“،
جُڳن جي جيوت، ”مُوتُو“ موت منجھان ملي.
*
اٺاويهين اٺسٺا، باقي ڪين بچيا،
هيڏان همّت هوش ۽، هوڏان هوڏ هچا،
سوري سورهيه ست کي، ڏيندا ڏيهه _ ڏچا،
جيڪي سون سچا، ڪَچا ٿيندا ڪين ڪي.
*
اڻٽيهين اڌ رات، انڌارو انڌير،
موت متي ماحول ۾، جيوت پاتي جھات،
مارڻ آيو موت پر، مليس ويس مات،
جيتر جر ٿر تات، تيتر بات بچي وئي.
*
ٽيهين ٿر جي ٿاڪ، پهتي خاڪ خمير ڏي،
سورهيائي سرهاڻ جي، هوائن ۾ هاڪ،
سَتي تنهنجي سَتَ جي، ڌرتيءَ مٿان ڌاڪ،
وک وک وايون واڪ، لک لک منڌ مبارڪون.!
** ختم ٿيو **