بيت
سُک پکڙندا راڄ ۾، مڙڪي پوندا مُک،
ڏکن منجھان سک، سِگھي ملندءِ سورمي.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏُڪر، ڏول،
ڇڇڪي مينگھه ڇرون ڪندا، ٽهڪي پوندا ٽو،
رُتون رنگ رتول، موٽيون ڄاڻ ملير تي.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏَر مَ ڏَمر،
مري ويندا مامرا، مارُو ڀانءِ امر،
در در دهل ڌَمر، گھر گھر قومي_ڪاڄ ٿيا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي وڏا ڏولَ،
ٻهڪن ٻهران ڪنگرا، ٻانھيُن ۾ ٻڙڌول،
ڊڪي پهتا ڍول، ڀيلا هول ڀڳا وڃن.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏڪڻ لڳا ڏَنجَ،
روئن بيٺا رنج، خوشيون، کاوج کلڻ لڳا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي قلعا ڏگھهَ،
ڏُکي توسان گڏ آ، ساري ٿر جي سگھه،
لوهن منجھان لنگھه، ڪندا ڪٽڪ لوڪ جا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏوڻا ڏنڊ،
آمِر کان مارُو گھڻا ارڏا، اڻنگ، اهنڊ،
جوٽيا جوڌن جنڊ، پينهين ڏاڍ پِٿون ڪندا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي هي ڏهڪاءُ،
پِسجِي پاپ مڻين چڪا، باقي پِڻڪي پاءُ،
سارو ديس دٻاءُ، هيڻو هانءُ همير جو.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏک ڏچا،
پڪا پٿر پر اٿئي، ڪائي کان به ڪچا،
هي جي اڄ هچا، سُڀان سڀ سچيون ڪندا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏوٿين ڏَڪَ ،
ڏرڻي ڏڪڻي ناهه هي، جھجھڙ آهه جھَنڪ،
ڏيل ڏڪي، ڌرتي ڌڏي، لُڏن لوڙها لڪ،
پائر، کائڙ پڪ، سڀان سوڀ ملير جي.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏاڍَ ڏَيا،
مارِي، مُنڌ ڳڻيو ڏرين، مارُو تو نه ميا ،
ويندي، ايندي وقت کي، پڻ ڪي پئندا پيا؟
ويا وهم ويا، آيا اَهم اُها اِجھي.!
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏکا، ڏَر،
ڏاڍن جا ڏونگر اجھي، ڀُري ٿيا ڀوڀر،
لوڪاڻا لشڪر، ڪوٽن تي ڪڙڪي پيا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ملهبو مُهراڻو،
ڄمندو ڄرڪيل رات مان، سجھندو سڀاڻو،
هوا هاواڻو، آندو آجي دور جو.
*
ماندي ٿي نه ماروي، خوف اِجھو کاڻو،
اِجھو اوندهه پيٽ مان، سورج ساماڻو،
ٽهڪي ٿو ٽاڻو، پراڻي پِٽڪي منجھان.
*
ماندي ٿي نه ماروي، سعيو ڪج سياڻو،
سوڍا سنڌ سجاڳ جا، گھائيندا گھاڻو،
سچ نه ٿئي ساڻو، سج نه مرجھي سوجھرو.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي پيڙ پٿر،
پٿر کي پيهيون وڃن، بيشن وير بشر،
اُدَم رک اٽر، اڻ ٿيڻي ٿيڻي اٿئي.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي لوڙها _ ڳڙهه،
جوڌا انڌ جي جَڙ، ڌوڏي پَٽ پڌرا ڪندا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي اَنڌ_اڏا،
ڀِتيون، ڇِتيون جُڌَ ۾، اوٿر منجھه تڏا،
ڏونگر ڏاڍ وڏا، ڪَپَهه ڏينهن قيام جي،
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڪوٽ، قلعا،
ٺهڻ، ڊهڻ دور جا، چالو سلسلا،
ايندا زلزلا، ڌڌڙ ٿيندا دٻدٻا.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي لوها ڪوٽ،
آمِر هڪ اڻموٽ پر، مارُو سڀ اڻموٽ،
چوٽن مٿان چوٽ، جبل کي جھوريو وجھي.
*
ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي سمنڊ سُورُ،
ساگر کي به ڪنڌي آ، ڌرتي ناهي دور،
هي موقعو مجبور، باقي اڳتي آجپو.
*
سپنا سهاڻا، ڪامڻ ڏٺا ڪوٽ ۾،
قلعا ڊهندا ڪُوڙ جا، بنبا بهانا،
ظالم کان مظلوم ٿيا، زيرا زمانا،
وسندا ويرانا، آجا ٿيندا آجڪا .
*