شاعري

ماندي ٿي نه مارئي

شاهه لطيف جي سورمي مارويءَ جي حب الوطني بابت هن شاعريءَ جي ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر استاد بخاري آهي.
”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استادُ بخاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئيءَ کي ڳايو آهي ۽ مارئيءَ کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي. محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. ڪتاب ۾ مارئيءَ جو درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت اٿس.
Title Cover of book ماندي ٿي نه مارئي

خوابن جي خوشبو

منهنجي سپني پنڌ ۾، ڏٺا اوٺيئڙا،
هونگارون بيگاهه ۾، ڏهرن ۾ ڏيئڙا،
لڳهه مان ليئڙا، تارا تڪن ڊاڳ ڏي.

*
ڏٺم ڏوٿيئڙا، سپني ۾، ساڀيان جيان،
ڳائن راڳ رچي مچي، جوڌا جانيئڙا،
جھولن روهيڙا، آجايون هيرون گھليون.

*
خوابن جي خوشبوءِ، واسي سال صديون وئي،
سمي ساٺ ڪَٺا ڪيا، سانگين لاٿي سُوءِ،
هيڏان هوڏان هوءِ، هوندي امن امان جي.

*
نئون چمڪيو نُور، اکين جي آڪاس مان،
مرڻي ناهين ماروي، مارو تنهنجو مُور،
سو پڻ تنهنجو تُورُ، آئيندي جيڪو اچي.

*
سوچن جي سنسار مان، پليو امر پُور،
مرڻي ناهين ماروي، مِٽي تنهنجو مُور،
ٻٻر، ٻيريون، ٻُورُ، سڀئي ساک سڃاڻ جي.

*
سپنا، تنهنجا سوجھرا، پائر سرڳ ڏسن،
ڳائن خوشيون، روشنيون، وايون واس وسن،
اتي قرب ڪڪوريا، اتي حُسن هَسن،
جيتر رنگ رسن، تيتر انگ تباهه ٿيا.

*
سپني جي ساڃاهه، مهند وڌائي ماروي،
سانجھي، سنجھي روبرو، ڏني صبح صلاح،
سورهيه خواب ثواب ٿيا، گيدي خواب گناهه،
ونگن وتان واهه، ڪوٽن منجھان ڪاهه ڙي!

*
سپنن جا سوداءَ، ڏوٿي، ڏٿ ڏڦيڙ ۾،
وڌيا پائر پٽ تي، دهشت جا ڏهڪاءَ،
ڏاڍو هيڻي کي ڏڌي، ٻيڻون توڻي ڀاءَ،
گگن ۾ گوگاءَ، آئيندو ايندو ڀلو.
*