سانگين، جھانگين لاءِ لُجھي ٿو
سانگين، جھانگين لاءِ لُجھي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
ڪوٺي ڪوٺي بيٺو ڪوٺي،
لانڍي_لانڍي لانڍ ڪڍي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
تارا، سورج لاءِ سهيڙي،
راتيون، ڏينهنِ ڪاڻِ ڪٽي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
صبح سويرو سَرهو سنرو،
سانجھيءَ سنجھي منجھه مُنجھي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
شاھ، سچل، دودي ۽ هوشو،
چئن چڱن جو چوڻ مڃي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
ڪارونجھر جي ڪوڪ ڪنائي،
ٻيلاين جا ٻول ٻڌي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
پِيلو پِيلو پاڻ تڏهن ڀي،
ڳاڙها ڳاڙها گيت لکي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
ميري مِتي، ماس پنوڙو،
وَستيءَ وستيءَ واس ونڊي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
ڏئونڪن ساڻ ته ڏول به وڄندو،
سهڪن سان هي ساز وڄي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
جنهن در گھر گھر ڌاڪ وڌايس،
پاڪ انهيءَ جي خاڪ چمي ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
انڌيءَ اوندهه منجھه ”بخاري“،
شعلو شعلو شوق ٻري ٿو،
هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
**