ڪھاڻيون

عشقَ جو آسيب

رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2640
  • 722
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book عشقَ جو آسيب

روشنيون ۽ پاڇا

اڄ جڏهن سيور جي روشنيءَ ۾ لکي رهيو آهيان ته منهنجي حياتي به سيور جيان مختصر ٿي چڪي آهي، پر اها ڪڏهن ٽيوب لائيٽ جيان ڊگهي هئي. هتي ٽيوب لائيٽ واري زندگيءَ جو ذڪر نه ڪندس ڇو جو عشق جا داستان سڀني لاءِ نه هوندا آهن.
سيور جي روشينءَ ۾ لکندي ڏيئي وارا ڏينهن ياد ڪيان ٿو، جڏهن ڀانبڙا ڏيندوهيس ته منهنجو پاڇو ڏيئي جي سامهون واري ڀت تي هڪ وڏي بزرگ جي صورت ۾ ٺهندو هيو. منهنجي پاڇي سان ڀت ڍڪجي ويندي هئي، اهو ڇت کي ڇهندو هيو. پاڇا وجود جي گواهي ڏيندا اهن. هئڻ جو احساس ٺهندڙ پاڇي کي ڏسي گهرو ٿي ويندو آهي ـــ اوندهه ۾ روشنيءَ جو احساس پاڇي جو نه ٺهڻ آهي. سيور جي روشنيءَ ۾ پاڇو پاڻ وڃائي ويهندو آهي ـــ پاڇي بنا وجود ائين هوندو آهي جيئن توهان کان پاڻ کسجي ويو هجي ۽ وجود بنا پاڇو انهن جو هوندو آهي جيڪي پاڇي پويان لڪيل هوندا آهن، ڪي اهڙا به هوندا آهن جن کي نه وجود هوندا آهن ۽ نه پاڇا، اهي اندر ۾ لڪيل هوندا آهن. اسان جو اندر اهڙي پناهگاهه آهي جتي ڪيترا ان ڪري لڪيل آهن جو ٻاهر ڳوڙهن جو مينهن وسي رهيو آهي.
ڏيئي جي وٽ زندگيءَ جيان آهي ۽ تيل حياتي. جڏهن ننڍو هيس ته ڏيئي جي روشنيءَ ۾ پاڇو وڏو هيو. وڏو ٿيس ته پاڇو ننڍو ٿي ويو، ڇو جو ڏيئو وسامي چڪو هيو. ڪاري روشنيءَ جا هيڊا پاڇا ميسارجي چڪا هيا. اوندهه جي زماني ۾ ڪجهه ڳولهڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. اهو احساس ته ڪجهه آهي ئي ڪونه، صرف هئڻ جي احساس کي روشن ڪندو آهي.
ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ننڍپڻ جو آسمان ائين هيو جيئن رات بيماريءَ ۾ مبتلا هجي. ڪائنات جي منهن تي ستارا ڪنهن عيب جيان چمڪي رهيا هيا. اوندهه ۾ چنڊ ملاوٽ هيو. سڀ روشنيون هيڊيون هيون. هيڊاڻ ۾ چهرو ٻن حصن ۾ ورهايل هيو. هڪ حصو روشني، ٻيو حصو اوندهه ـــ انسان خلا ۾ گردش ڪندڙ گرهه آهي. هو لڪير جيان نڪري، چوڏهينءَ جيان چمڪي ۽ اوڻٽيهه اونداهه ۾ گم ٿئي ٿو.
جڏهن ڏيئي جو وقت پورو ٿيو ته سڀ اجھامي ويا. هيڊي چهري واري مرڪندڙ ماءُ ـــ سنهين مڇن وارو صحتمند پيءُ، هيڊيون ڀينر ـــ هيڊا مستيون ڪندڙ ڀائر ـــ هيڊو ڏاڏو، جيڪو ساڍاڇهه فٽ ڊگهو هيو ۽ گهرجي دروازن جون چوڪاٺيون ڇهه فٽ هيون. اهو چوڪاٺيون نوڙي لنگهڻ ڪري ڪٻو ٿي ويو ۽ جڏهن ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ان جو عڪس ڀتين تي ٺهندو هيو ته ائين لڳندو هيو ڄڻ ڏاڏو پنڌ ڪرڻ سان اڳتي نه وڌندو هجي پر ڀتيون پنڌ ڪنديون هجن. سڄو گهر ڏاڏي جي ڄنگھن سان هلندو هيو. شايد ان ڪري جو ڏاڏو گهر هلائيندو هيو. ڏيئي جي تيل جا پئسا ڏاڏو کيسي مان ڏيندو هيو.
جڏهن ڏيئي جو وقتُ ختم ٿيو ته مان هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ سج تي مضمون لکي رهيو هيس. ”سج کي مٿي تي سڱ هوندا آهن پر چار ٿڻ نه هوندا آهن ـــ سج کير جهڙي روشني ڏيندو آهي، جنهن کي اُسَ ان ڪي چوندا آهيون جو اهڙو کير ٻيو ڪو به جانور نه ڏيندو آهي ـــ سج جا ٻه قسم آهن. سياري جو ۽ اونهاري جو. سياري جو سج سوير سمهندو ۽ دير سان اٿندو آهي. اونهاري جو سج سوير اٿي سمهڻ جو نالو نه وٺندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن سج جي رويي کان ناراض ٿي ان سان گڏ سمهڻ ۽ جاڳڻ کان توبا تائب ٿي هٿ بتيون ايجاد ڪيون. ماڻهو سج جي خوف کان سياري ۾ ڪن ڍڪيندا آهن ۽ اونهاري ۾ مٿو، سج جا فائدا اهي آهن ته روشني ڏئي ٿو جنهن ڪري هٿ بتيون ڏينهن جو آرام ڪن ٿيون. ڏينهن نه هجي ها ته شايد رات نه هجي ها. رات ان ڪري نه هجي ها جو مستقل اوندهه ڪري رات وجود وڃائي ويهي ها. هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ اسين انسان سورج مکي هجون ها، سج جا نقصان اهي آهن ته سج چمڙي ڪاري ڪري ٿو ۽ ڪارا سدائين غلام رهيا آهن ـــ سج نا انصافي ڪري ٿو ڇو جو ان جي هوندي دنيا ۾ اڇي چمڙيءَ وارا موجود آهن.“
مان هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏسان ٿو، پويان اوندهه آهي. اوندهه منهنجي پاڇي جي آهي ـــ پاڇي تي ڪرڙي گهمي ٿي، مان جسم کنهان ٿو. منهنجي وجود ۾ هوءَ جاڳي ٿي. گول منهن واري ڇوڪري. جنهن مٿان کٻي پاسي کان ڀڳل اڌ گول چنڊ نهاري ٿو. چنڊ جي اڌ کليل وات مان چاندوڪي ماڪَ جيان ڳڙي ٿي. ڪائنات هيڊي آهي. ڀتيون ـــ گهرَ ـــ نم جو ٻور ـــ اڏامندڙ ڏينڀو. هٿن جي ميندي ۽ ننڍڙي ڄاول نور محمد جون اکيون. ڏاڏي نور محمد کي سج جي روشنيءَ ۾ سيڪي ٿي. نور محمد پتل جو آهي ۽ ڏاڏيءَ کي نور محمد جي......... سج ۾ سون جيان چمڪندي نظر اچي ٿي. روشني وڻ ويڙهيءَ جيان لاٽ مان نڪري هر شيءِ کي ويڙهي وڃي ٿي. سڀ چهرا هيڊا آهن. ٻاهر گهٽيءَ ۾ کٽ تي ريڊيو وڄائيندڙ هدايت الله جو وجود الغوزن، شهنائين ۽ دهلن ۾ دفن ٿي چڪو ٿي ـــ هزاري خانَ ڀنگ پي نچي ٿو، سندس هٿ ۾ جھليل ڏنڊي ۾ ڇير ٻڌل آهي ـــ شرارتي شفيع محمد مسجد جي ڪنڊ وٽ ويٺل انڌڙي فقير جي ڪن ۾ ”مولو ٽئون“ چئي ڀڄي وڃي ٿو. فقير الله ۽ رسول جا نالا وٺڻ بند ڪري گاريون ڏيڻ شروع ڪري ٿو. شفيع محمد ٽهڪ ڏئي هيڊي قميص جي پاند سان نڪ اگھي ٿو ـــ رحيم بخش هٽ وارو ٻُوري وڪڻي ٿو. ٻُوري کائڻ سان ڇيڳري تاجان جو وات هيڊو ٿي وڃي ٿو. گهٽيءَ ۾ ٻار ٽهڪ ڏين ٿا. ٽهڪ هيڊيون ڀنڀوريون آهن. جھڳڙائو مائي پٺاڻيءَ جي وات مان هيڊا ڏينڀو ٻاهر نڪرن ٿا. ان جو وات مانارو آهي.
هيڊي هٿ بتيءَ مٿان دونهي جي ڌار آهي. سياري جي رات ۾ بند ڪوٺيءَ اندر ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ سڀ سمهيل هيڊا خواب ڏسن ٿا. ديون جا ڏند هيڊا آهن ۽ ڏائڻيون هيڊن چپن سان مرڪن ٿيون. شهزادن جي جسم ۾ رت نه آهي. هيڊي طوطي ۾ سامريءَ جو روح آهي. خوابن جي دنيا ڪيڏي رنگين آهي پر سڀ رنگ هيڊا آهن. هٿ بتيءَ جي لاٽ مان نڪرندڙ دونهي ۾ سڀني جا نڪ ڪارا ٿي وڃن ٿا. سڀ جاڳن ٿا ته هڪ ٻئي جا نڪ ڏسي ٽهڪ ڏين ٿا.
”اڙي نبي بخش جو نڪ ڏس“ ننڍڙو راهب چوي ٿو. سوٽ نبي بخش جو نڪ ويڪرو آهي. اهو ٻانهن سان نڪ صاف ڪري ٿو، سندس چپن مٿان ڪاري لڪير ٺهي وڃي ٿي. اهو دينو ديوانو نظر اچي ٿو. دينو ديوانو پٿر هٿ ۾ کڻي بئريج روڊ تي ڪجهه اهڙي انداز ۾ بيٺل هوندو هيو جيئن اهو هڻڻ وارو هجي، پر ان ڪڏهن ڪنهن کي پٿر نه هنيو. ڇهين ڪلاس جي شاگرد مبين مڪراڻيءَ دينو ديواني کي پٿر وهائي ڪڍيو ۽ دينو ديواني ان مڪراڻيءَ ۾ پنهنجي محبوبا جو مُنهن ڏٺو، مٿو مهٽيندي هٿ ۾ جھليل پٿر کيس ڏيندي چيو: ”وٺ هي به هڻ.“
دينو ديوانو رت وهڻ ڪري هيڊو ٿي چڪو آهي. نٽهڻ اس رنگ بدلائي ٿي. تيز اس هيڊي ٿي وڃي ٿي.
هٿ بتي وسامي ته بلب جو دور آيو. هيڊي بلب جي روشنيءَ ۾ ٻار پڙهن ٿا. ٽيبل چوڌاري ٽي ويٺل آهن پر ڇهه ڏسجن ٿا. ٽي لکن ٿا، ٽي ڪاپي ڪن ٿا. لٿل چوني واري ڀت تي ٺهندڙ ٽي پاڇا، ٽيبل چوڌاري ويٺل ٽن ڏانهن ڏسي کلن ٿا. پاڇن جا ڏند هيڊا آهن. لٿل چوني واري ڀت تي سوين چتر جيتن جيان چرپر ڪن ٿا. هيڊي بلب جي روشنيءَ ۾ سست وجودن جا پاڇا چست آهن. ڏاڏو، ڏاڏي، بابو امڙ، چاچو چاچي، ڀائر ڀينر، سؤٽ ماسات سڀني جون منڍيون هولڊرن ۾ ٽنگيل آهن. ڌڙ کٽن تي ننڊ ڪن ٿا. سينما اڳيان حليم وڪڻندڙ مهاجر جي گاڏي تي رکيل ديڳ مٿان هيڊو بلب ٻري ٿو ـــ ماڻهو پليٽ ۾ هيڊي روشني کائن ٿا. پوسٽر مٿان ٻرندڙ بلب ۽ سينما ۾ هلندڙ جنريٽر جو دونهون سگريٽ جهڙو آهي. جنريٽر دانهن ڪري ٿو ”هيڊي روشنيءَ ۾ دونهي جو رنگ ڪارو ڇو آهي؟“
جنريٽر وجود ۾ پيٽرول جي بوءِ کان روشنيءَ جون الٽيون ڪري ٿو. سئنيما ۾ سڌير تلوار بازي وڙهي ٿو. گلڻ اڳين سيٽ تي ڳنڍيريون کائي ٿو. نِيلو چيلهه لوڏي ٿي. رجب سيٽ تي ٽپا کائي ٿو، سندس اڳين سيٽ تي وڏي پڳ وارو شخص ويٺل آهي. رجب کي نيلو جو هيٺيون ڌڙ نظر نه اچي ٿو. هو اڳيان ويٺل جي مٿي کي هڪ پاسي ڪندي چوي ٿو ”ٿورو هيڏي“.
وڏي پڳ وارو مڙي هن ڏانهن ڏسي ٿو. اوچتو انٽرويل ٿئي ٿو. وڏي پڳ وارو کلي ٿو. ان جي هيڊن ڏندن مان بلب روشن ٿين ٿا. رجب اکيون بند ڪري ٿو، سندس دماغ ۾ هيڊو بلب پيل آهي.
لب مهراڻ تي آتش بازيءَ جو مظاهرو آهي. بئريج تي ٻرندڙ هيڊا بلب هيٺ پاڻيءَ ۾ لڏن ٿا ـــ پانيءَ ۾ هيٺ هيڊيون لڪيرون گھوڙين جيان آهن جن تي منڊيون ٻيڙيون ترن ٿيون. مهاڻا انڌي ٻلهڻ کي ڳولهيندي ٻوڙا ٿي چڪا آهن. سنڌوءَ جو پاڻي گونگو آهي. ان جا گجگوڙ صرف ٻوڙن ٻڌا آهن.
آتشبازي شروع ٿي چڪي آهي. نانو احمد خان اڏامندڙ ڦٽاڪي ڏانهن ڏسي ٿو. سندس اکيون چڻنگون ٿي ڦاٽي پيون آهن. اوچتو شهر جي مشهور مٽيءَ جي آنڌي اچي ٿي. نانو احمد خان ٻارن کي گهليندو ٻاهر نڪري ٿو ــ آنڌيءَ سان گڏ وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو آهي. نانو احمد خان ٻارن سان گڏ بَڙَ جي هيٺان بيٺو آهي. سنڌوءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿو آسمان مان وڄ ڪري ٿي. ٽڙڪاٽ ٿيا آهن، ڪو ڏار ڪريو آهي. جھرڪيون دربدر آهن. واپسيءَ ۾ ناني احمد خان جي ٽارچ اوندهه ۾ هلندي ڌرتيءَ تي هيڊي لڪير ٺاهي ٿي. ناني احمد خان جي ٽارچ روشنيءَ مان ٻوڙيل برش آهي. سڀ ٻار هيڊي لڪير جا فقير آهيون. هلندي هلندي هڪ ٻار سوال ڪري ٿو.
”نانا، آسمان جي آتش بازي ۽ ڌرتيءَ جي آتشبازي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
نانا جواب ڏئي ٿو ”پٽ ڪڏهن آسمان خوش هوندو آهي، ڪڏهن ڌرتي خوش هوندي آهي. ٻئي هڪ وقت خوش نه هوندا آهن. جڏهن هڪ وقت خوش ٿيندا آهن ته مصيبت نازل ٿيندي آهي جيئن اڄ.“
ناني جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ اسين ان پويان ائين هلي رهيا هياسين جيئن ڌنار پويان رڍون.
پوءِ وقت ائين گذريو جيئن وقت هيو ئي نه. ڪڏهن وقت صفا نه گذرندو آهي، ڪنهن بکايل فقير جيان در جي چائنٺ وٺي ويهندو ۽ سين هڻندو آهي.
”خدا جي نانءَ تي وقت جي خيرات ڏيو جيئن وٺي گذري وڃان.“
جيسين خير نه وٺندو آهي ڍيڍ جيان چانٺ تي پيو هوندو آهي ۽ ڪڏهن وقت جو پيٽ ڀريل هوندو آهي. اهو زماني جو پيتل هوندو آهي. سندس توانو وجود ائين ڊوڙندو آهي جو ان جي رفتار روشنيءَ کان به تيز هوندي آهي. وقت جو رنگ هوا جهڙو هوندو آهي ـــ ڊوڙندو آهي ته پويان ڌوڙ کانسواءِ ڪجهه نه اڏامندو آهي.
پيلو بلب هيڊن ڏندن سان ٽهڪ ڏيندو هليو ويو ته سيور جي سفيد روشنيءَ ۾ ڪفن کانسواءِ ڪجهه نه هيو. ڪفن جو رنگ اڇو آهي. گهر جون ڀتيون، ڇت ۽ فرش سڀ سفيد ٿي چڪا آهن. سج جهڙي تيز روشنيءَ ۾ اسين سڀ ڌنڌلڪا ٿي چڪا آهيون. گهر جي وڏي اڱڻ ۾ کٽون پيل آهن. هر کٽ تي هڪ سفيد لاش رکيل آهي. سفيد ڪفن ۾ اهو اڇي جهڙ جهڙو آهي. سيور جي سفيد روشني اسان جي وجود ۾ اندر داخل ٿي چڪي آهي. شهر جي گهرن کي چونو لڳل آهي. هر رنگيني هڪ رنگ ۾ سمائجي چڪي آهي. ڪلهه جا ٻار سيور جي روشنيءَ ۾ ڪلف لڳل اڇا ڪپڙا پائي بيٺل آهن.
اهي ڏاڏا آهن، نانا آهن، ماما آهن، چاچا آهن، انهن جا ٻار، ڀائر آهن، ڀينر آهن، سوٽ آهن، ماسات آهن، ماروٽ آهن. سيور جي روشني سفيد پيڙهيءَ جي علامت بنجي شهر جي گهٽين ۾ جاڳي رهي آهي.
اڄ جڏهن سيور جي روشنيءَ ۾ لکي رهيو آهيان ته منهنجي حياتي به سيور جيان مختصر ٿي چڪي آهي، پر اها ڪڏهن ٽيوب لائيٽ جيان ڊگهي هئي. هتي ٽيوب لائيٽ واري زندگيءَ جو ذڪر نه ڪندس ڇو جو عشق جا داستان سڀني لاءِ نه هوندا آهن.