ست دريون
هو ماهلقا کي ڏسي دل ڏئي ويٺو ۽ پوءِ بغير دل جي ائين هلڻ لڳو چڻ مئل هجي ۽ ماهلقا جي پيار سهاري هلندو هجي.
ماهلقا کي ٻين به ڏٺو، سڀني کي اندازو هيو ته اها مشهور آرٽسٽ آفتابيءَ جي اڪيلي ڌيءَ آهي، جيڪا گهڻو ڪري گهر کان ٻاهر ان ڪري نه نڪرندي آهي جو سندس خيال موجب دنيا ۾ ماءُ نه هجي ته پيءُ کانسواءِ ڪو به ايڏو پيار ڏئي نه ٿو سگهي جنهن جي توقع ڪنهن ٻئي مان رکي سگهجي ٿي.
ماهلقا مهيني ۾ هڪ دفعو به ظاهر نه ٿيندي هئي جو باغيچي جي بينچ تي ان جو پاڇو رهجي وڃي، ڇو جو کيس پاڇي وسارڻ جي عادت هئي. پاڇي جيان هر شيءِ وساري سگهجي ٿي سواءِ پيءُ جي ۽ مري ويل ماءُ جي، جنهن جون يادون ان پينگهه جهڙيون هيون جنهن تي ماهلقا کانسواءِ ڪو به نه ويٺو.
ان وڏي آرٽسٽ جو گهر فريم جهڙي در اندر اهڙي هنڌ هيو جِتي ندي وهندي هئي. ان نديءَ ۾ بدڪون ڳچي ڊگهي ڪري ائين ترنديون هيون جيئن گهر جي ستن درين مان ڪمرن ۾ اهو ڏسڻ چاهينديون هجن ته ماهلقا ڪهڙي ڪمري ۾ آهي جو اهي سندس ديدار ڪري پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي نديءَ مان مڇي کائي، خوش ٿي سگهن. ان محل نما گهر کي ست ساڳ جون دريون هيون ۽ ڇت ائين هئي جيئن ڪٻ ڪڍي بيٺل ڪنهن بکايل جون پاسيريون ڀتين تي رکيل هجن.
هو ماهلقا تي عاشق ٿيو ته ان کي ڏسڻ جي حسرت سندس ڪنڌ کڻي هر هر گم ٿيل دل کي ڳولهڻ لڳي. ماهلقا وري ان کي نظر نه آئي. هر گهڙي هڪ سال ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هر ڏينهن هڪ صدي. هن محسوس ڪيو انتظار ۾ انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي پر هو پوڙهي ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن جوان ٿئي ٿو. اهڙو جوان جنهن کان بک برداشت ٿئي ٿي انتظار نه.
ماهلقا کي ڏسڻ لئه بيتاب ٿي هو هڪ ڏينهن ان آرٽسٽ جي گهر ويو، کيس ڀت ٽپڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي ڇو جو ٻاهرين ڀت ايتري ننڍي هئي جيئن پنجن سالن جو ٻار، جنهن کي چاڪليٽ ڏئي پرچائي سگهجي ٿو.
هو اندر ويو ته رات هوندي به گهر جي درين مان روشني ٻاهر نڪري رهي هئي. ڊگهو ورانڊو جنهن ۾ هو موجود هيو، اهڙي ازدها جيئن هيو جنهن جي وجود تي ستن درين مان ايندڙ روشنيءَ جا چٽ هيا.
هو ڏاڍو محتياط هيو، کيس حيرت ٿي ته در ٻاهران ڪتو اڳين پيرن تي ڪنڌ رکي ائين ستل هيو جيئن کيس خبر هجي ته هو چور نه آهي پر چوري ٿيل دل ڳولهيندي پهتو آهي.
هن پهرين دريءَ مان ليئو پاتو ته کيس نرڙ تي پگهر اچي ويو. سياري جي رات هئي، ڀرسان وهندڙ نديءَ جو پاڻي ان ڪري شور نه ڪري رهيو هيو جو پاڻي برف ته نه ٿي ويو هيو پر پاڻي کي احساس هيو ته وهڻ ۽ نه وهڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي ڇو جو ان کي هڪ ڏينهن برف ٿيڻو آهي.
هن جي پيشانيءَ تي پگهر جو سبب رات هوندي دريءَ اندر نظر ايندڙ اڀرندڙ سج هيو. ڪمري ۾ ڪافي روشني هئي ۽ روشنيءَ ۾ ماهلقا نه هئي. آسمان زهر پيتل عاشق جيان نيرو هيو ۽ ان تي جھڙ ايئن هلي رهيو هيو جيئن آلي ڪپهه وجود جا زخم صاف ڪندي هجي.
هو اڳتي وڌي ٻئي دريءَ وٽ آيو. اندر ڏٺائين هر طرف چراگاهه هيا، پريان ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل پهاڙن جون لڪيرون هڪ ٻئي سان ائين ملي رهيون هيون جيئن دنيا جي سلسلي کي جوڙڻ لاءِ انهن لڪيرن جو ملڻ ضروري هجي. اڏرندڙ ڪارا پکي جن جي ڳچيءَ جا سونهري کنڀ اوڀر کان ايندڙ ڪرڻن ڪري نيراڻ مائل هيا. اٺ عورتون جيڪي تمام پري ٻنين ۾ بيٺل هيون ۽ انهن مان هڪ به ماهلقا نه هئي. هو اهڙو عاشق هيو جنهن جون اکيون محبوب کي ڪوهن تان سڃاڻي سگهن پيون. اکين جي نظر موقعي ۽ وقت جي مناسبت سان هوندي آهي. سونهن کي ڏسڻ کان وڌيڪَ موقعو ۽ وقت موت جي پڄاڻيءَ کانسواءِ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. ماهلقا کي نه ڏسي هو مايوس نه ٿيو ڇو جو اڃان پنج دريون پوئتي هيون ۽ ان اميد ۾ مرڪيو ته کيس جڏهن اها ڏسڻ نصيب ٿيندي ته هو پنهنجي قسمت تي ٽهڪ ڏيندو.
هو وڌي ٽئين دريءَ وٽ آيو ته کيس پري کان ڇوليون هڻندڙ سمنڊ نظر آيو. سمنڊ جو منظر ماهلقا کانسواءِ ائين هيو جيئن ان جي هر ڇولي ڪناري سان ڏسڻ جي حسرت ۾ ٽڪرائجي، نظر نه اچڻ جي صورت ۾ مايوس ٿي موٽندي هجي. هن ڏٺو پري هڪ ٻيڙيءَ تي مهاڻا ڄار جھلي بيٺل هيا. پويان ڦهليل تيز روشنيءَ ۾ اهي پاڇن جيئن ايڏا ڪارا هيا جو ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڪهڙي نسل جا آهن! هن پنهنجي هٿ کي ڏٺو، سندس چمڙيءَ جو رنگ دريءَ مان ايندڙ روشنيءَ ۾ بي رنگ ٿي چڪو هيو.
جڏهن چوٿين دريءَ وٽ آيو ته کيس اندر عمارتون نظر آيون، شامَ ٿي چڪي هئي ۽ عمارتن جا پاڇا ائين پئجي رهيا هيا جيئن هڪٻئي کي سهارو ڏيندا هجن. هن محسوس ڪيو دنيا ۾ پاڇي کانسواءِ ڪو به سهارو نه آهي. اسين پاڇن جي سهاري جيئرا آهيون. هن ڏٺو عمارتن مان هڪ عمارت اهڙي هئي جنهن کي ست دريون هيون ۽ انهن جا تاڪ بند هيا. هڪ عمارت جي در وٽ ڪا عورت انتظار ۾ ويٺل هئي، ٿورو پري ڪو فقير لٺ سهاري بيٺل هيو. فقير جي لٺ جو پاڇو نانگ جيان انتظار ڪندڙ عورت ڏي وڌي رهيو هيو. هڪ فقير خيرات ۾ ڇا ڏئي سگهي ٿو؟ سواءِ ان جي ته انتظار ڪندڙ کي اهڙي عذاب مان ان ڪري ڇوٽڪارو ڏياري ته موت جو خوف، موت کان بهتر آهي.
هو پنجين دريءَ وٽ آيو. هن ڏٺو اندر مينهن وسي رهيو هيو. وڄ جي تجلن ۾ هن ماهلقا کي ڳولهيو. هن محسوس ڪيو، ماهلقا جو چهرو ڪاري جهڙ پويان لڪيل آهي ـــ جھڙ جا رنگ ماهلقا جي لباس جهڙا هيا. اهو ناسي هيو، ان ۾ اڇي جھالر هئي ۽ ڪارو لهرائيندر نقاب ـــ مينهن ۾ هڪ ڏاند گاڏيءَ وارو چهبڪ سڌو ڪري ڊوڙندڙ ڏاند مٿان ائين وسائي رهيو هيو جيئن ڏاندن کي پر نڪرندا ۽ اهي اڏامڻ لڳندا ـــ وڏ ڦڙي جاآواز هن جي ڪنن سان ٽڪرائجي جسم تي ڄڻ لَڦن جيان اڀري رهيا هيا. آسمان ۾ پوندڙ وڄ جا چير هن کي وجود تي محسوس ٿيا.
کيس مايوسي ورائي وئي. ايڏي گهر ۾ جنهن اندر ڪائنات سمايل هئي، ماهلقا ڪٿي به نه هئي. هو ان آسري ته اڃان ٻه دريون باقي آهن. اهو سوچي اڳتي وڌيو ته انهن ۾ضرور ماهلقا موجود هوندي، جنهن کي ڏسي کيس يقين ٿي ويندو ته چورن کي لڪائڻ لاءِ دنيا ۾ هر جاءِ محفوظ آهي.
جڏهن هو ان آسري وڌي ڇهين دريءَ وٽ آيو ته کيس اندر هڪ گھوڙو نظر آيو. گھوڙو ائين هيو جيئن ماهلقا کي ملڻ لاءِ دل ۾ ڊوڙيندڙ حسرتون. سندس من چاهيو ته اندرٽپي گھوڙي تي سوار ٿئي. چرا گاهن ۽ جبلن جي لڪيرن پويان وڃي ماهلقا کي ڳولهي لهي. هن دريءَ مان هٿ وڌائي گھوڙي جي پٺ کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ان کي ماهلقا جي گهر جو گھوڙو سمجھي پيار ڪري سگهي.
گھوڙو هڻڪيو ۽ پويون ڄنگهون هوا ۾ هنيون. انسانن گھوڙي تي سواري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي پر گھوڙو انسانن جي دماغ تي ائين سوار آهي جيئن پيار ـــ ٿڪاوٽ جو سبب ذهن تي سواري ڪندڙ گھوڙو آهي.
هو مايوس ٿي ويو ـــ جڏهن ذري گهٽ سندس اکين ۾ ڳوڙها اچڻ وارا هيا ته ستين دريءَ ۾ ڏسندي کيس ماهلقا نظر اچي وئي. اها باغيچي ۾ بينچ تي ويٺل هئي. سندس هڪ پاسي خالي پينگهه هئي. پويان سرنهه جا گل ۽ ٻئي پاسي ننڍا وڏا پوپٽ، جيڪي اڏامندي ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن ماهلقا جي حسن کي ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويا هُجن.